باب ستون : مذهب ۽ ڪليسا
چرچ جي مخالفت تقريباً هر جاءِ تي جاري رهي ۽ ان تلخي جي ڪري ترقي جي رفتار متاثر ٿي. ڪليسائي عقيدا، کڻي اهي سٺا هجن يا خراب، مهذب دنيا جي ضرورت آهن. انهن جا اثر هاڻي شروع ٿيا آهن مگر، يقيناً اهي خيال بلند ۽ پائدار هوندا. سينٽ فرانسس (St. Francis) ۽ انوسينٽ III (Innocent III) ٻه اهڙا ڪنارا آهن، جن جا چَرچ اڄ تائين رهنمائي ڪري رهيا آهن. مگر اصطلاحن کان پوءِ انفرادي نظريو ڪيٿولڪ چرچ جي هٿن مان نڪرندو پيو وڃي. نتيجو هي ٿيو ته ان تڪرار ۽ فساد ۾ مذهب جي طاقت ڪمزور ٿي وئي. مذهبي تنظيمن ۾ اڃا اهو جوش ۽ جذبو پوري طرح بيدار نه ٿيو آهي جيڪو مذهب کي مظبوط بڻائي سگهي. تنهن هوندي به ڪليسائي ادارا طاقت وٺندا پيا وڃن.
قرونِ وسطى ۾ ڪيٿولڪ چرچ هڪ اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اهي سڀ کان وڏي نامياتي سوسائٽي جو قيام عمل ۾ کڻي آيا. ان سوسائٽي جي انتظام هيٺ وجدان جي باطني ۽ روحاني طاقت جي هم آهنگي حاصل ڪري ورتي جنهن کان مغربي دنيا اڃا تائين بي خبر ۽ لاعلم هئي. سينٽ فرانسس (St. Francis)، دانتي (Dante) ۽ ٿامس اڪوئناس (Aquinas Thomas) ان معراج جي نمائندگي ڪندا آهن.
جنهن حد تائين ذاتي ترقي جو تعلق آهي، ڪيٿڊرل (وڏو گرجا) وچئن درجي يا حلقي (Mendicant Orders) جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ پاپائيت جو نظام (Papacy) ملڪ ۾ رائج آهي. پر اڃا ان کي تڪميل جو درجو نٿو ڏئي سگهجي. اها محدود ڪاميابي آهي جنهن ۾ مهارت، ذهن ۽ روحاني طاقت سڀني شين جي ضرورت آهي.
چرچ جي اڳواڻن عوام کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو ته جيئن اهي مذهبي اثر کان پري وڃي نه سگهن پر پوءِ هي ٿيو ته چرچ اها طاقت پنهنجي حرس، حوس، ظلم ۽ ستم لاءِ استعال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. جلد ئي عوام انهن کان بيزار ٿي پيو. دانتي جي دؤر کانپوءِ جيڪو ڪجهه دنيا ۾ رهجي ويو ، ان کي فرسوده خيالن جي خلاف هڪ جدوجهد ڪرڻي پئي. اها جنگ اڃا جاري آهي ۽ رڳو ان وقت ختم ٿيندي جڏهن سياست ۽ انسان جي سوچ جو ڪو نتيجو نڪرندو.
پادرين جي پيشي ۾ ڪجهه جعلي پادري به داخل ٿي ويا جن ان پيشي جي تقدس کي نقصان پهچايو. جلد ئي اهو تاريخي اجتماع ٿيو (انگلستان جي پارليامينٽ جو اجتماع 1660ع ۽ 1668ع ۾)جنهن ۾ پادرين مقدس ۽ نيڪ سيرت هئڻ جي دعوى ڪئي ۽ چيو ته باقي سڀ گنگهار آهن. اهڙي طرح چرچَ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. ان جهڳڙي ۾ شهزادا به دخل اندازي ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا ۽ پنهنجو پاڻ کي ”عظيم“ قرار ڏيڻ تي زور ڀرڻ ۽ ضد ڪرڻ لڳا. انهن جهڳڙن ۽ اقتدار جي جنگ ملي جلي چرچ جي اخلاقي قوت کي ڪافي نقصان پهچايو. پر ان جي باوجود اهو صحيح ناهي ته چرچ جو رستو ۽ دستور غلط آهي ۽ ان کي بلڪل ناقص قرار ڏنو وڃي. عام ماڻهن ۾ هڪ خيال ٻيو به پلجي رهيو آهي ته انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکي حڪومت جو اهڙو فيصلو سامهون اچڻ گهرجي جيڪو سڀني لاءِ قابلِ قبول هجي. انهن جو هي به چوڻ آهي ته جيڪي خرابيون سياست ۾ موجود آهن، اهي ئي خرابيون مذهب ۾ به داخل ٿي ويون آهن.
جيستائين چرچ جو تعلق آهي، ان جي اهميت گهڻي آهي؛ ڇاڪاڻ ته مذهب کي سياست تي فوقيت حاصل آهي ۽ مذهب کي سڀني براين کان پاڪ هجڻ گهرجي. هن وقت جيڪا بنيادي خرابي فڪر هيٺ آهي اها مذهب جي هڪ اهم ڪردار جي متعلق آهي، يعني پادري جو پيشو، دنيا ۾ بدلجندڙ حالتن ۾ ان مسئلي کي دوستن جي معاشري (Society of friends) جو نالو ڏنو ويو آهي. انهن ماڻهن کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته هو ان سلسلي ۾ ڪجهه قانون ٺاهن ۽ نافذ ڪن.
اهي پادري جيڪي ان پيشي جي بدنامي جو باعث بڻجي رهيا آهن، انهن آمدني ۾ اضافي لاءِ هيڏي هوڏي به هٿ هنيا آهن. اهڙا ماڻهو سمجهندا آهن ته انهن جي خلاف هڪ غلط فهمي ڦهلائي وئي آهي، جنهن جو ازالو ڪرڻ بيحد مشڪل آهي. اصل راز هي آهي ته اهي ماڻهو اڌ پادري آهن يعني مذهبي معلومات ۾ ڪچا آهن، پر گهٽ ۾ گهٽ ايتري قابليت ته ضرور اٿن ته اخلاق ۽ مذهبي ڳالهين کي ڪنهن حد تائين سکن ۽ سوالن جا معقول جواب ڏئي سگهن.
ان سلسلي ۾ گهڻي قدر اعتراض انهن ماڻهن جي طرف کان اڀري رهيا آهن، جيڪي اخلاقيات ۽ مذهب تائين پهچ رکندا آهن ۽ معاشري ۾ به هڪ نمايان مقام رکن ٿا. گهڻا ئي ماڻهو يقيناً مخلص آهن ۽ عيسائي جوش ۽ جذبي کي وڏي شدت سان محسوس ڪندا آهن. اهڙا اڪثر ماڻهو انهن ملڪن ۾ پنهنجو فرض سرنجام ڏئي رهيا آهن جيڪي هن وقت جنگ ۾ مصروف آهن. اهڙن سڀني ماڻهن کي گذارش آهي ته حضرت عيسى جي نالي تي پيار ۽ محبت جي تبليغ به ڪندا رهن.
پر اهو ايتريقدر آسان ناهي. ان لاءِ ڀرپور محنت ۽ توجهه گهربل آهي. اهي مخلص ۽ باهمت ماڻهو جيڪي ان تي يقين رکندا آهن ته هڪ نئين زندگي وجود وٺي سگهي ٿي، اهي اڳتي وڌن ۽ ان خواب کي ساڀيان ۾ بدلائي ڇڏين. اهي ماڻهو جيڪي ٽالسٽائي کي پسندا ڪندا آهن، مڪمل سنجيدگي سان سان ڪوشش ڪندا آهن ته زندگي ۾ رهنمائي لاءِ ان جي عقيدي کي قبول ڪري وٺن ۽ اهڙا مجبور ۽ محتاج بڻجي رهجي نه وڃن ته انهن کي ڳوٺاڻو، جاهل ۽ ڳنوار هجڻ کانسواءِ حڪومت جو باغي به قرار ڏنو وڃي.
جيڪڏهن مذهبي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ته اها آزاد خيالي، جنهن جا اسين عادي آهيون، ان ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. سڀ کان پهرين ۽ عظيم تبديلي جنهن جي ضرورت آهي، اها هيءَ آهي ته اخلاقي قدرن کي زنده ڪيو وڃي. اسين سمورو وقت دنيا جي گمراهين ۾ گم رهندا آهيون ۽ سمجهون ٿا ته خدا جي قهر ۽ غضب کان بچي وينداسين؟
هي دنيا اسان جي آهي تنهن ڪري اسان تي ئي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اسين ان کي جنت بڻايون يا جهنم. اقتدار اسان جو آهي. سلطنت ۽ شان شوڪت به اسان جو ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسين همت کان ڪم وٺون ۽ عقل و فهم پيدا ڪيون، مذهبي زندگي جنهن جي اسين ڳولا ۾ آهيون، ان لاءِ اسان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. ضعيف الاعتقادي يعني عقيدي جي ڪچائپ جي روڪ ٿام ڪرڻي پوندي. اسين افسوس ناڪ حد تائين دنياوي تعلقات ڇڏڻ وارا بڻجي رهي نٿا سگهون. اسان جو تعلق زندگي ۽ سمورين ريتن ۽ رسمن سان هوندو ۽ تڏهن اسان جي جسمن ۾ هڪ تحريڪ پيدا ٿيندي ۽ اسين اهو ثابت ڪري سگهنداسين ته زندگي ڪيتريقدر خوبصورت ۽ خوشين سان ڀرپور هوندي. اسين هڪ آزاد فضا ۾ رهنداسين جتي انسانيت سان محبت هوندي ۽ امن ۽ سڪون هوندو.
”مذهب“ هڪ اهڙو لفظ آهي جنهن جون ڪيتريون ئي معنائون آهن ۽ هڪ طويل تاريخ آهي. اصل ۾ مذهب جو تعلق مختلف رسمن ۽ معاشري سان آهي. هڪ مذهبي شخص جيڪو باقائدگي سان چرچ ويندو آهي، اهو رباني عملن ۾ شريڪ ٿيندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪيٿولڪ سڏرائي خوش ٿيندو آهي، پر ٻئي طرف ان جو ذاتي رويو ڪهڙو آهي؟ تڏهن هو پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندو آهي ته ڇا هي واقعي مذهبي آهي؟ چرچ سان ٿورو وڌيڪ تعلق هن جي اندر ۾ غرور پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. پر حقيقت ۾ هي مذهب جي تاريخ کان بي خبر ۽ لاعلم آهي. پر گوسپل (Gospel حضرت عيسى جي ٻارنهن انصارن مان هڪ) انهن عقيدن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان جو چوڻ آهي ته اهي مصيبتون دائمي نه آهن ۽ اهي هميشه نه رهنديون.
انساني جسم ۾ ٽن قسمن جا جذبا گردش ڪري رهيا آهن 1. جبلت 2. ذهن 3. جوش ۽ جذبو. ۽ اهي ٽئي گڏجي روح جي زندگي سڏبا آهن. جبلت اهو جذبو آهي جيڪو سڀني انسانن ۾ ملندو آهي. ان ۾ ذاتي تحفظ سان گڏوگڏ خواهشون ۽ جوش شامل هوندو آهي. وڌيڪ هي ته خود پسندي، مال ۽ دولت سان محبت، خاندان سان محبت ۽ ان کان به وڌيڪ ملڪ سان محبت. ساڳئي طرح ان ۾ اهي سڀ جذبا شامل آهن جيڪي حياتياتي ڪاميابي لاءِ بيحد ضروري آهن. پر اهي ماڻهو جن جي ڪاميابي جو محور تخليق آهي (فرينچ Raison D'etre) ظاهر ڪري ٿو ته انسان جي حيواني فطرت ۽ ان جي حيثيت کي دنيا جي مخالفت ۽ مقابلي کان ڪير نٿو روڪي سگهي.
ذهن جي زندگي جي معنى آهي علم ۽ دانش جي صلاحيت، ننڍ پڻ جو شوق تجسس يعني جستجو جي شوق کان وٺي ذهني واڌ ويجهه ۽ افزائش تائين. شوق ۽ تجسس جانورن ۾ به هوندو آهي ۽ هڪ واضح نامياتي مقصد لاءِ ڪم ڪندو آهي، پر اها صرف انسانن جي خصوصيت آهي ته اهي مقصدن جي حدن کان به اڳتي ٻاهر نڪري وڃن ٿا. جيڪو رڳو نقصان نه ڏيندڙ بلڪه زهريلو به ٿي سگهي ٿو. تحقيق ۽ تجسس اهو جذبو آهي جنهن جي بنياد تي سائنسي علمن جي سڄي عمارت بيٺي آهي. شوق بيشمار محرڪن کي ڦڙت ۽ تيار ڪري ڇڏيندو آهي ۽ زندگي ۾ روشن خيالي غذا جي طور تي شامل ٿي ويندي آهي.
اڄ جي دنيا ۾ علم جي ساک، قدر و قيمت بيمثال آهي ۽ جهالت کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. ڪير ڪيترو ذهين ۽ دولتمند ڇو نه هجي، ان وقت تائين علم ۽ شعور حاصل حاصل نٿو ڪري سگهي جيستائين اهو پنهنجي تعليم کي مڪمل نه ڪري وٺي. پر ان جو نقطه نظر علم حاصل ڪرڻ ۽ ان کي انسانيت جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ هجي، نه ڪي ان جي ناجائز استعمال جو. علم حاصل ڪرڻ جو جنون ذهن جي زندگي جو جوهر آهي ۽ انهن خيالن جي طرف مائل ڪري ٿو. جيڪي اعلى ۽ بلند خيالن تي مشتمل آهن.
روح جي زندگي خيالي احساسن جي چوڌاري ڦرندي آهي. جيتوڻيڪ ان جي عظمت جوش ۽ جذبي جي زندگي سان گڏيل ۽ لاڳاپيل آهي. فن شروع ٿيندو آهي جذبي کان ۽ اڀرندو آهي روح جي اندر مان. مذهب شروع ٿيندو آهي روح کان ۽ زندگي تي ڇائنجي ويندو آهي. هي عين ممڪن آهي ته دلچسپي، جوش، ناپسنديدگي ۽ نفرت، اهي سڀ جذبا ساڳئي وقت موجزن هجن، پر اسان کي انهن سمورن جذبن کي الڳ ڪري، سوچي سمجهي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙي ڳالهه اسان جي لاءِ فائديمند آهي ۽ ڪهڙي نقصان ڏيندڙ. عظمت ۽ وڏائي، عبادت ۽ انسانيت؛ هي اهي اصول آهن جيڪي مذهب عطا ڪيا آهن ۽ خداداد يعني خدا جا ڏنل، قدرتي (Devine) آهن. جيڪڏهن دلچسپي ۽ مذهبي احساس ختم ٿي وڃن ته زندگي جو سمورو حسن ڍنوان ڍول ٿي ويندو.
هڪ ڀرپور زندگي لاءِ وجدان (شعور)، ذهن ۽ روح بيحد ضروري عنصر آهن. هر هڪ جي پنهنجي پنهنجي خوبصورتي ۽ بدصورتي آهي. پر خوبصورتي کي ڳولي ان کي اجاگر ڪرڻو پوندو آهي ڇاڪاڻ ته اهي ٽئين گڏجي ئي ترقي ڪري سگهن ٿا. جڏهن اهي گڏيل طور تي اڳتي وڌندا ته لازوال بڻجي ويندا. انسانن لاءِ وجدان اهم ترين آهي. ان کان پوءِ ذهن ۽ روح جو وارو اچي ٿو.
تعليم يافته ماڻهن ۾ ذهن اڄ ڪلهه نهايت تيزي سان وڌي ويجهي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ وجدان ۽ روح کي به ساڻ ڪري اڳتي وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته زندگي عجيب و غريب ۽ بي ڪيف ٿي ويندي. اصولاً وجدان ۽ ذهن هن وقت روح سان جنگ جي حالت ۾ آهن ۽ جوش ۽ جذبا گڏوگڏ وڙهي رهيا آهن. اها جنگ و جدل ماڻهن کي احساس ڏياري ٿي ته هو خواه مخواه پنهنجي طاقت ضايع ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اها ئي طاقت هڪ خاص مقصد لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته هڪ انسان خواهش جي برخلاف ڪا خاص صلاحيت حاصل ڪري وٺندو آهي ته نتيجي ۾ ان جي قوتِ حيات ڪمزور ٿي ويندي آهي ۽ ان جي نشوونما متاثر ٿيڻ لڳندي آهي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي قوت ۽ طاقت بحال رکڻ چاهن ٿا ته ضروري آهي ته اهي جوش ۽ جذبي، ذهن ۽ روح جو ميلاپ حاصل ڪري وٺن.
وجدان، روح ۽ ذهن ٽئين هڪٻئي جا مددگار آهن جڏهن ته انهن جي ترقي آزاد آهي. پر جڏهن انهن ٽنهي مان ڪنهن هڪ ۾ اخلاقي خرابي داخل ٿيندي آهي ته نه رڳو اهو ناڪام ٿي ويندو آهي پر ان سان گڏوگڏ ٻيا ٻئي عنصر به زهريلا بڻجي ويندا آهن. انهن ٽنهي کي گڏ اڀرڻ ۽ وڌڻ گهرجي.
وجدان جي زندگي تمام ئي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته اهو مختلف حرڪتن کي سئين سڌي تحريڪ ڏيندو آهي. پر جيڪڏهن اهو غير مطمئن آهي ته انفرادي زندگي برباد ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن باهمي دلچسپي جو عنصر قائم آهي ته معاملو درست طور تي هلندو رهندو آهي نه ته ممڪن آهي ته تنهائي يا وجدان مذهب پرستي جو نقاب اوڍي ڇڏي. پر مذهب پرستي اهو جذبو نٿي بڻجي سگهي جيڪو ماڻهو کان ماڻهو جدا ڪري.
في الحال اهي سڀ هڪ خاص مقصد هيٺ پاڻ ۾ وڙهي ۽ جهڳڙو ڪري رهيا آهن. اهي اختلاف معاشي مسئلو ڏسڻ ۾ اچن ٿا. خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن وجدان جي اهميت ۽ سنجيدگي تي غور ڪيو وڃي ته پوءِ ان جي تڪميل جي طلب وڌي ويندي آهي. پر اهو هڪ اهڙو سلسلو آهي جيڪو هلندو ئي رهي ٿو. انهن مان ڪجهه لمحا اتساهه ڏيندڙ هوندا آهن ۽ ڪجهه حوصلو ٽوڙيندڙ.
ذهن جي زندگي بهترين ۽ اعلى ڪارڪردگي کي ظاهر ڪندي آهي. ان کانسواءِ وجدان زندگي کي به صحتمند بڻائي ٿي ۽ جڏهن ان جو نتيجو نڪري ٿو ته هڪ دنيا اهو ڏسي حيران رهجي وڃي ٿي ته وجدان روانگي ۽ پيداوار جو تمام عجيب، نئون ۽ خالص رستو دريافت ڪيو آهي. نتيجو هي نڪري ٿو ته ان جي واڌ ويجهه ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي ۽ وجدان جي راهه ۾ رڪاوٽ باقي ناهي رهندي. تنهن هوندي به اها بي لوثي ۽ غير جانبداري ان سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهي پر جيستائين اهي ٻئي عروج تي نه پهچي وڃن جنگ جاري رهندي. اهو آهي بنيادي سبب حياتيات جو، مستقبل جي ٻين معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جو ۽ ڪجهه ٻين فلسفن جي جيڪي نمائندگي ڪندا آهن هڪ خاص قسم جي سوچ جو ۽ ان جو فائدو وجدان کي ملندو آهي. اها ڪوشش ان جي قابل آهي ته ان جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. اها سوچ ۽ خيال جيڪي انسان کي حيوان جي معيار کان بلند ڪري ڇڏيندا آهن، اهي ان ڳالهه تي مدار رکن ٿا ته وجدان جي مڪمل واڌ ويجهه ۽ ذهانت جو ميلاپ جلد کان جلد مڪمل ٿي وڃي.
جڏهن صاف سٿرا خيال ۽ وکريل وجدان پاڻ ۾ ملندا آهن ته ان جو نتيجو اختلاف جي صورت ۾ نڪرندو آهي. ڪيترائي ذهين ماڻهو انهن تفاوتن کي ڪڍي اڇلائينداآهن يا وري دنياوي تعلقات ڇڏڻ وارا بڻجي ويندا آهن. ڪيترن ئي موقعن تي وجدان جي راهه ۾ رڪاوٽ وڌي ويندي آهي ۽ ٻنهي طرف هڪ اپسمنڊ رنڊڪ ٿي پوندو آهي. هڪ طرف ذهن جو مطالبو هوندو آهي ۽ ٻئي طرف روح جو، جڏهن ته ٻنهي جو پاڻ ۾ رابطو ناهي هوندو.
بيشمار ماڻهن ۾ حب الوطني جو جذبو چڱي طرح ڀريل آهي. جنگ جي شروع ٿيڻ سان ئي انهن جو پهريون وجدان هي هيو ته ٻين سان اتحاد جو جذبو پيدا ڪيو وڃي. وجدان ۽ جذبو جڏهن ته ٻئي هڪٻئي کان متفق نه هئا، ان ڪري ٻنهي جي وچ ۾ ڪجهه معمولي بي رُخي ۽ رُکائي پيدا ٿي وئي ۽ ان سوچ کي قبول نه ڪيو. اتحاد جو اهو جذبو جيڪو هي خيال کڻي آيو ته پرجوش زندگي لاءِ زندگي کي معاشري جي قوت ۽ نشوونما لاءِ ٻج فراهم ڪري سگهجن ٿا، خاموش ٿي هڪ طرف ويهي رهي ٿو.
ذهن جي زندگي پنهنجي راءِ جي آزادي جي ڪري ڳجهه ئي ڳجهه ۾ هڪ کي ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ان جو سبب هي آهي ته ذهن بنا روح جي وجدان کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح وجدان زندگي جي ڪاڪردگي ۾ ڪو اضافو نٿو ڪري سگهي. انهيءَ بنياد تي ڪجهه ماڻهو جيتوڻيڪ معاهداڻي سوچ رکندا آهن پر ڪو اعلى ذهن ان ضد کي ڪو نيڪ مقصد عطا ڪري سگهي ٿو ۽ اها ئي سوچ ”ديوتائن“ جي خيال ۾ پسنديده بڻجي سگهي ٿي.
جيڪڏهن ان خيال کي ذهن ۾ رکيو وڃي ته انساني زندگي ۾ همت ۽ حوصلو هجڻ گهرجي ته اهو ضروري آهي ته وجداني جذبا بيحد مضبوط هجن. پرجڏهن اسين سوچيون ٿا ته زندگي کي خوشگوار هئڻ گهرجي ته اسان کي ڪجهه وڌيڪ ذميواري قبول ڪرڻي پوندي ۽ انفرادي واڌ ويجهه جي جذبن کي اڀارڻو پوندو. بس ائين سمجهي وٺون ته هر شي روح جي زندگي لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي، ان کي استعمال ۾ آڻڻو ئي پوندو.
حب الوطني هڪ نهايت عظيم جذبو آهي. ان جي اندر اهڙا بيشمار عمل لڪيل آهن جيڪي انسان کي بلندي ڏانهن وٺي وڃن ٿا ۽ انتهائي عظمت عطا ڪن ٿا. ان جذبي ۾ قرباني جو جوش، گهر جي محبت ۽ انهن سان پيار محبت جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ذريعي اسان سان ڳنڍيل آهن. انهن سڀني جنون ۽ خواهشن جو رشتو وجدان جي زندگي سان آهي ۽ اهي جذبا سڀ ملي جلي پنهنجي وطن سان محبت ۽ رغبت پيدا ڪندا آهن. پر جيڪڏهن ان محبت ۾ روح شامل نه هجي ته اهو جذبو ايترو گهرو نٿو ٿي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ اڪيلائي پسندي ۽ بيزاري پيدا ٿي ويندي آهي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ٻين ملڪن سان نفرت ۽ عداوت جو جذبو بيدار ڪري ڇڏيندي آهي.
اهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو اسان کي اهو ٻڌائي ٿو ته ٻيا ملڪ به اسان جي توجهه ۽ محبت جا حقدار آهن. هي پيار جو اهو شديد جذبو آهي، جيڪو اسان جي دل ۾ انسانيت لاءِ آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اسان جو ذهني افلاس به اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن اسين ڄاڻي وٺون ته انساني قدر ڪيتريقدر بلند آهن ۽ انهن جي عظمت کي ڪيستائين سانڍي تاتي وڏو ڪري سگهجي ٿو ته اهو خوشگوار احساس زندگي ۾ هڪ تحريڪ پيدا ڪري ڇڏيندو ۽ هڪ اهڙو جوش ڀريندو جيڪو هن وقت ٿورو ڪمزور آهي.
ٻين محبتن کي وڌائڻ ۾ به اها ئي فراخدلي ۽ قلب جي ڪشادگي ضروري آهي. پيار محبت جو اهو ئي جوش ۽ جذبو دنيا جي بهترين نعمتن مان هڪ آهي ۽ جڏهن مرد يا عورت يا قومن جي وچ ۾ اختلاف وڌندا آهن ته ان موقعي تي وجدان ۽ خوش قسمتي جي ضرورت هوندي آهي، ته جيئن انهن جي تعلقات کي هڪ خاص حد ۾ رکيو وڃي ۽ انهن کي تهذيب جي دائري ۾ آندو وڃي.
هڪ انسان جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا خوش قسمتي نه آهي ته ان جو مطلب ۽ پسند جي شي ان کي حاصل ٿي وڃي. جيئن جيئن هو پنهنجي خوش نصيبي تي رشڪ ڪندو ويندو آهي، اوترو ئي هن جي خوشي وڌندي ويندي آهي ۽ دنيا ان کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت ۽ رنگين نظر اچڻ لڳندي آهي. تنهن هوندي به جوش جو جذبو ان جي ذهني زندگي لاءِ تمام ئي فائديمند آهي. مرد ۽ عورت جي محبت ۽ وطن سان محبت، ٻئي جڏهن وجداني ڪيفيت ۾ اچي ويندا آهن ته پوءِ بيروني دنيا سان انهن جي بيزاري ۽ عداوت وڌندي ويندي آهي. ان جو سبب هي آهي ته انهن جو سوچ جو رُخ مزاج جي نسبت، ٺٺول ۽ کل مذاڪ جي طرف گهڻو هوندو آهي. طنز و مزاح کي هڪ خوبصورت جذبو قرار ڏئي سگهجي ٿو پر ان سان گڏوگڏ هي به ضروري آهي ته وجدان کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ ان کي ايترو ته بهتر انداز ۾ پيش ڪيو وڃي جو هر شخص واه واه ڪري.
اهو شخص جيڪو روح جي زندگي جو قائل آهي، ٻين جي دلين جو صحيح اندازو ڪري سگهي ٿو. هو ڏسي ٿو ته هر انسان جي اندر پيار ۽ محبت جا جذبا پرورش وٺي رهيا آهن ۽ تڏهن ان تي پيار جي وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ اهو ان جذباتي ڪيفيت کي پنهنجي اندر محسوس ڪندو آهي. جن سان ان ڪڏهن محبت ڪئي هئي.
اهو ڪهڙو وجدان آهي جيڪو ان کي ٻڌائيندو آهي ته هو ڪهڙي سوچ ۾ گم آهي، ان جي روحاني ڪيفيت تصديق ڪندي آهي. بهرحال ذهن کي هر حال ۾ هوشيار رهڻ گهرجي. جيتوڻيڪ گهٽ ٻڌڻ ۽ چؤديواري جي حد بندي روح کي طاقت بخشڻ کان روڪي ڇڏيندي آهي. پر ان سان گڏوگڏ روح اڳڪٿي ڪندو آهي ته ان جو وجدان ڇا ڪري رهيو آهي.
پيءُ ماءُ جي محبت جو جذبو ٻارن لاءِ انهيءِ طرح قلبِ ماهيت جي تقاضا ڪري ٿو. سئو سيڪڙو خالص وجداني محبت ۽ انهن کي ڪو نقصان نه پهچڻ ڏيڻ جو جذبو. روح اهو ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿو. ٻارن جي وجداني محبت بلڪل صاف شفاف ۽ روشن هوندي آهي ۽ اڳتي هلي اهو جذبو، خدمت، انصاف، احترم ۽ تعظيم جهڙا بلند خيال عطا ڪندو آهي.
روح جي زندگي روايتي مذهب سان تعاون ڪري اڄ ڪلهه سخت مشڪل ۾ گرفتار آهي. روح جي زندگي مثبت ۽ خوشگوار خيالن جو مطالبو ڪندي آهي. ان جو وجدان چوندو آهي خوشين ۽ پاڪيزه خيالن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. سڀ کان اهم ڳالهه هي ته خوشي، مسرت، پيار، محبت ۽ خلوص آرس ۽ سستي پيدا ڪندا آهن، ٻين انسانن سان خوشگوار تعلقات کي فروغ ڏيندا آهن، بي بنياد سوچ ۽ تصورن جو خاتمو ڪندا آهن ۽ ذهن ۽ وجدان جي وچ ۾ اتحاد ۽ ٻڌي پيدا ڪندا آهن. ان کان سواءِ مختلف شين کي پنهنجي جاءِ تي واپس آڻڻ ۾ مدد ڪندا آهن. اهي ماڻهو جيڪي خيالن جي دنيا ۾ قدم رکي چڪا آهن، انهن جي لاءِ اهو ئي واحد رستو آهي جيڪو روح جي ذريعي خوشي، مسرت ۽ امن ۽ سڪون کي واپس آڻي سگهي ٿو.