تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول

هي ڪتاب ”سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول“ جنهن جو ليکڪ برٽرينڊرسل آهي اهو ليڪچرن تي مشتمل آهي، سنڌي ترجمو عامر عطار/احسان “فائق” پنهور ڪيو آهي.
انهن ليڪچرن کي تحريري صورت ۾ پيش ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته هڪ اهڙو نظريو سامهون آندو وڃي، جنهن ۾ سياست جي فلسفي کي نئين انداز ۾ پيش ڪري سگهجي؛ جنهن جو بنياد يقين ۽ جوش تي هجي ۽ جيڪو انساني زندگي جو رُخ تبديل ڪرڻ تي قادر هجي.
Title Cover of book سماج کي نئين سر اڏڻ  جا اصول

باب ڇهون : شادي ۽ آبادي جا مسئلا

عيسائي آبادي گذريل هڪ صدي کان يورپ ۾ گھٽجي رهي آهي. پر هڪ معاشرتي ادارو اهڙو آهي، جنهن عيسائي روايتن جو هڪ گهرو تاثر قائم ڪيو آهي. منهنجو مطلب شادي جي رسم و رواج ۽ دستور جي اداري سان آهي. چرچ جي تعليم جي ذريعي هڪ وڏي علائقي ۾ ۽ تمام وڏي پيماني تي شادي جي مسئلن تي ماڻهن کي معلومات مهيا ڪئي پئي وڃي ۽ ماڻهن ۾ آگاهي ڦهلجي رهي آهي. جنهن موضوع تي ٿوري تفصيل سان ڳالهه ڪرڻ چاهي رهيو آهيان، اهو هي ئي معاملو آهي. شادي رڳو هڪ انفرادي مسئلو نه آهي بلڪه شادي کي قانون جي تحت نافذ ڪرڻ ۽ تسليم ڪرڻ لازمي آهي. شادي هڪ تمام ئي نازڪ پر نفيس مسئلو آهي ۽ سڀئي ماڻهو ان جو قدر ڪندا آهن. پر ڇا اسان جو موجوده رويو معاشري يا زندگي سان ڪا مشابهت رکي ٿو؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ڪٿي تبديلي آڻڻي پوندي ۽ ان لاءِ ڪهڙا طريقا استعمال ڪرڻ پوندا؟
شادي جي نظام ۾ ٻه سوال ٿيندا آهن جن کي سمجهڻ نهايت ضروري آهي. پهريون، ان کي ڪيئن ترقي جي راهه ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو پڻ ته ان جو مزدورن ۽ عورتن جي ڪردار سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ٻيو، ان جي پهچ ڪيستائين آهي ۽ ٻارن تي ان جا اثر ڪيتري حد تائين پوندا؟ اهي ٻئي سوال الڳ الڳ نقطه نظر رکن ٿا. منهنجي خيال ۾ پهريان موجوده برطانوي قانون ۽ عوام جي خيالن کي بيان ڪيو وڃي ۽ جنسي تعلقاتن جي وضاحت ڪئي وڃي ۽ پوءِ انهن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي جن جو تعلق ٻارن سان آهي. ان کان پوءِ اهو نقطو کڻي سگهجي ٿو ته خرابين جو تدراڪ ڪيئن ڪري سگهجي ٿو ۽ پوءِ انهيءَ طرح ٻين موضوعن تي به ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي.
جيڪو قانون برطانيه ۾ رائج آهي، اهو هنن اميدن تي قائم آهي ته شادي شده جوڙو سڄي عمر اهو رشتو نڀائيندو. پر جيڪڏهن ٻنهن مان ڪو الڳ ٿيڻ چاهي ته کيس ثابت ڪرڻو پوندو ته ان سان ٻئي ساٿي بي وفائي ڪئي آهي. طلاق جا خرچ گهڻا وڌيڪ آهن انڪري ٻئي سوچي سمجهي فيصلو ڪندا آهن ۽ تڏهن قانوني فرياد طرف قدم وڌائيندا آهن. خرچن کي مدِ نظر رکندي ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي کي درگذر ڪرڻ کان ڪم وٺڻو پوندو آهي ۽ معاملي کي درگذر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن. اهڙن مسئلن ۾ قانون به سندن مدد ڪندو آهي. سرڪار قانوني الجهن کي سلجهائڻ لاءِ وڪيل جو بندوبست ڪيو آهي جيڪو ٻنهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٻنهي کي راضي ڪندو آهي. ان ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ هڪ خاص فيس مقرر ٿيل آهي.
هي دلچسپ اصول چرچ آف انگلينڊ تقريباً 50 سال اڳ انهن ماڻهن لاءِ واضع ڪيو جيڪي ڪنهن جا پوئلڳ نه آهن. (اهي پروٽيسٽنٽ عيسائي جيڪي ڪليسائي انگلستان جا ڪارڪن نه پهريان هئا نه هاڻي آهن) هي به اعلان ڪيو ويو ته بدڪاري گناه نه آهي. پر شادي کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ساٿي گناه ڪري ٿو ته ٻئي کي حق حاصل آهي ته هو به بدلو وٺي، يعني هو به ڪنهن ٻئي سان دوستي ڪري وٺي.
اهو قانون جيڪو ٻين مسئلن ۾ گهڻو واضع نظر ايندو آهي، هن معاملي ۾ بلڪل بي وس آهي، ڇو جو چرچ جي معاملن ۾ اهو دخل اندازي نٿو ڪري سگهي. هتي چار تجويزون پيش ڪيان ٿو جيڪي عام زندگي ۾ ٻنهي جي مدد ڪري سگهن ٿيون.
1. شادي کان پوءِ ڪنهن غير سان جنسي تعلقات کي جرم قرار ڏنو وڃي ۽ ڪا سخت سزا تجويز ڪئي وڃي.
2. بدڪاري ڪرڻ واري مرد کي ظالم تسليم ڪيو وڃي جنهن پنهنجي ساٿي سان ظلم ڪيو (کڻي اهو سڀ ڪجهه رضامندي سان ٿيو هجي)
3. مظلوم کي معاوضو ادا ڪيو وڃي ۽ ان کي تلقين ڪئي وڃي ته ان ڳالهه تي غم ڪري پنهنجي زندگي تباهه نه ڪري.
4. جيڪڏهن دولتمند شخص جرماڻو ادا ڪري ان گناهه کان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو ته ڇا غريب ماڻهو کي هي حق حاصل نه آهي ته هو خوشگوار احساسن کي پنهنجي قريب اچڻ ڏئي؟
عوام جو هڪ مختصر طبقو دل سان هي يقين رکي ٿو ته شادي کان سواءِ جنسي تعلق سراسر بدمعاشي آهي. جڏهن ته ٻيو وڏو طبقو چوي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه دوستن جي درميان ذاتي مسئلو آهي جنهن کي عام طرح اڇلائڻ نه گهرجي. ڌنڌي وارن سياستدانن کي اهو مسئلو دارالامرا (House of lords) ۾ کڻڻ گهرجي.
شادي شده زندگي جي دوران ٻارن جا خرچ وڌي ويندا آهن، جيڪي ان ڳالهه جو مطالبو ڪندا آهن ته خاندان کي محدود رکڻ گهرجي. عورتن جي اڪثريت پنهنجي باري ۾ فڪرمند رهندي آهي. انهن جي اها خواهش هوندي آهي ته جيڪڏهن ٻار هجن ته هڪ يا ٻن کان وڌيڪ نه هجن. اهي ٻارن کي پنهنجي جسماني خوبصورتي جي لاءِ ماريندڙ زهر سمجهنديون آهن. هڪ فڪر جو انداز هي به آهي ته ٻار انهن جي مستقبل جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ويندا آهن، اهڙي طرح اهي ٻارن کان پري رهنديون آهن. ڪجهه عورتون اهڙيون به آهن جيڪي رڳو عيش ۽ عشرت جون ڪوڏيون آهن ۽ ڪجهه مردن کان پنهنجي حسن جي ساراه ۽ تعريف جون خواهشمند هونديون آهن. اهي سڀ عورتون ان وقت تائين ٻارن کان پري رهنديون آهن جيستائين اهي جوان آهن ۽ سندن ڪشش برقرار آهي. هي اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته عورتن ۾ خانگي ۽ قومي زندگي بابت ڪهڙا تاثر آهن، پر اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ جيڪو رجحان هلي ٿو اهو معاشري کي برباد ڪري ڇڏيندو. (Tolstoy's Natacha) ان فلسفي جي وضاحت هيئن ٿو ڪري ته هوءَ هڪ دلڪش، بيقرار ۽ عياش (Gay) آهي.
ها، هڪ فلسفو عورتن ۾ به موجود آهي ته عورت زندگي جي وهڪري جي محافظ آهي ۽ زندگي جو اصل مقصد ماءُ بڻجڻ آهي. انهيءَ سان عورت جي وجود جي تڪميل ٿئي ٿي، ان جون سڀ فطري ۽ جنسي خواهشون ان ڳالهه جي طرف رهنمائي ڪن ٿيون.
هاڻي اچون ٿا انهن گڏيل معاشي حالتن جي طرف جيڪي پيدائشي شرح جي مسئلي ۾ هڪ خاص توجهه جي مستحق آهن. فرانس جي آبادي عملي طرح ساڪن آهي، يعني هڪ ئي مخصوص تعداد تي رڪجي وئي آهي. جڏهن ته انگلينڊ ۾ اضافي جي طرف وڌي آهي. ان جو سبب هي آهي ته انگلينڊ جا رهاڪو گهڻا ڪيٿولڪ مذهب جا پيروڪار آهن. آئرلينڊ، بريٽن (Bertons) ۾ ڪيٿولڪ جو تعداد گهڻو آهي ۽ ڪيٿولڪ مذهب خاندان کي محدود رکڻ جو قائل نه آهي.
وچين درجي جا ڇوڪرا اڪثر ڪري هي چاهيندا آهن، ته انهن جون شاديون اعلى ۽ تعليم يافته طبقن ۾ ٿين ته جيئن انهن جو نسل ترقي جا موقعا حاصل ڪري، پر انهن جي اها خواهش تمام گهٽ پوري ٿيندي آهي. اعلى خاندان وارا انهن کي اڪثر ڌڪاري ڇڏيندا آهن، جنهن جو نتيجو هي آهي ته غريبن جو بهترين عنصر جبر جو شڪار آهي.
ڌنڌي واري طبقي ۾ نوجوان عورتون جيڪي پيش قدمي، توانائي ۽ ذهني قوت رکنديون آهن، شادي جي طرف مائل ناهن يا جيڪڏهن شادي ڪنديون به ته هڪ يا ٻن کان وڌيڪ ٻار ڄڻڻ پسند ناهن ڪنديون. ماضي ۾ شادي ظاهري طرح عورت لاءِ معاشي تحفظ جو نالو هيو، يا وري والدين جي طرف کان دٻاؤ جنهن ۾ انهن جي پوڙهي ٿيڻ جو خطرو نه درپيش هيو. پر هاڻي هڪ عورت جيڪا معمولي صلاحيتن جي مالڪ آهي، اها به آساني سان روزي ڪمائي سگھي ٿي، ڪنهن سهاري کانسواءِ زندگي گذاري سگھي ٿي. اها هن مسئلي ۾ آزاد آهي ته جڏهن چاهي شادي ڪري يا نه ڪري.
ورهاست جي باري ۾ جيڪو قانون هن وقت رائج آهي، ان جو اثر آبادي جي اخلاق تي ڪيتري حد تائين پئجي سگهي ٿو؟ پر هاڻي ان مسئلي کي هڪ طرف رکي اچون ٿا ٻارن جي تعليم طرف. والدين کي پنهنجي ٻارن جي اخلاق، ڪردار ۽ تعليم تي پورو توجهه ڏيڻ پوندو. ان طرح نه رڳو انهن ٻارن جا اخلاق مهذب ۽ بلند ڪردار ٿيندا بلڪه پورو خاندان مثالي ثابت ٿيندو ۽ اهو قوم ۽ ملڪ جو سرمايو ثابت ٿيندو. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ يا شبهو ناهي ته ذهانت، کڻي ورثي ۾ ملي هجي يا اعلى تعليم ذريعي، اها خاندان ۽ خانداني وقار جي نگهداشت ڪندي آهي. اسان کي ڪمتر ۽ ڪمزور ذهني صلاحيتن وارن فردن جي ضرورت ناهي.
جيڪڏهن اسان جو معاشي نظام ۽ اخلاقي ڪردار تبديل نه ٿي سگهيو ته ايندڙ نسل اڃان وڌيڪ پسماندگي جو شڪار ٿيندو ۽ اخلاق جا معيار تيزي سان ڪرندا ويندا. تاريخ جو جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اهڙي ئي صورتحال رومن سلطنت کي به پيش آئي هئي. سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته آبادي جو گهڻو حصو ان معاملي ۾ ناڪام نظر ٿو اچي ۽ اسان جو نسل قانون ۽ حالاتن مطابق ترقي ڇو نٿو ڪري سگهي؟ ان جي جان بازي، جوش ۽ ولولو ڇو گهٽ ٿيندو پيو وڃي؟ جيڪڏهن اهو فرض ڪيو وڃي ته هڪ خاص بلندي تي پهچڻ کانپوءِ تهذيب تباهه ٿيڻ لڳي ٿي ته ان جو سبب به معلوم ڪرڻ گهرجي.
ڪجهه ناڪاميون شديد ذهني مونجهارن جو سبب بڻجنديون آهن ۽ پوءِ قوم سنڀالجندي ناهي. پر ان قسم جي غيرواضع نظريي جو رڳو هڪ ئي دليل ڏئي سگهجي ٿو، اهو هي آهي ته سڀ ڪجهه بي سبب پاڻ پڏائڻ ۽ عقيدي جي ڪچائپ جي پيداوار آهي. ان کان سواءِ اسان سائنسي ميدان ۾ به ڪا ترقي ناهيون ڪري رهيا ۽ نه ئي ادبي يا اخلاقي زندگي ۾ جيڪڏهن اسين پنهنجي ڪمزورين تي نظر وجهون ۽ پنهنجي خامين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ته هڪ مناسب رستو تلاش ڪري سگهجي ٿو.
سڀ کان پهريان اسان کي هيءَ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته آخر اسين چاهيون ڇا ٿا. يورپ جي آبادي ۾ اضافو ناهي ٿي رهيو ان صورتحال ۾ اسان لاءِ اڃا به آسان ٿيندو ٿو وڃي ته معاشي اصطلاحن کي وڌيڪ فروغ ڏنو وڃي ۽ جنگ کان پري رهجي. مستقبل ۾ اسان کي ٽن خوفناڪ مسئلن سان منهن ڏيڻو پوندو. پهريون، انگريز، فرينچ ۽ جرمنن جي تعداد ۾ ڪمي. ٻيو، ذهني صلاحيت جو زوال. ٽيون، تهذيبي ۽ اخلاقي قدرن جي کوٽ. جيڪڏهن اسين ان نتيجي کي بهتري جي طرف وٺي وڃڻ ٿا چاهيون ته اسان کي پيدائش جي شرح تي وڌيڪ قابو پائڻو پوندو. اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو پوري مغربي معاشري جو احاطو ڪري ٿو.
ماضي ۾ مردن ۽ عورتن جي جبلت انهن کي هن طرف مائل ڪيو ته پيدائشي شرح تي قابو پائڻ لاءِ ڪو قدم کڻڻ گهرجي. ٽي . آر . مالٿيوس (T. R Malthus _وفات 1835ع) هي نظريو پيش ڪيو هو ته آبادي جو تيزي سان وڌڻ تمدن لاءِ تباهي جو مقدمو آهي. تنهن ڪري ضابطي کان ڪم وٺي ان ۾ ڪمي آڻڻ گهرجي. جڏهن مالٿيوس اهو لکيو هيو ته ان وقت جي لحاظ سان هي نظريو درست هيو ۽ اڄ به سچ پچ آهي. پر اسان جي هيٺين جاهلن ۽ ڳنوار طبقي کي اهي خيال نٿا ڀائن ۽ اهي پوري جنسي مزاج کي حاصل ڪندا رهيا ۽ ذرو به نه ٿا سوچين ته ان جا نتيجا قوم کي ڀوڳڻا پوندا.
اڄ جي جديد دؤر ۾ اسان جائزو وٺڻ کانپوءِ جيڪي نظريا قائم ڪيا آهن ۽ جن جو معاشري ۾ هر طبقي تي لاڳو ڪرڻ ضروري آهي، اهي ڪجهه هيئن آهن.
1. جيڪڏهن ٻارن جو مستقبل شاندار بڻائڻو آهي ۽ انهن کي ملڪ جي لاءِ فخر جي قابل بڻائڻو آهي ته انهن تي بيحد خرچ ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن ٻار گهڻا هوندا ته انهن تي پورو توجهه نه ڏئي سگهنداسين.
2. عورتن جو هڪ خاص تعداد جيڪو هڪ يا ٻن ٻارن کان وڌيڪ ٻار ڄڻڻ پسند نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته ٻارن جي ڪري انهن کي ملازمت حاصل ڪرڻ ۾ يا ڪٿي ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون.
3. ٻارن ۾ ڇوڪرين جو تناسب وڌيڪ آهي، تنهن ڪري جڏهن اهي جوان ٿينديون آهن ته اڪثر ڪري غير شادي شده رهجي وينديون آهن جيڪي معاشري ۾ بگاڙ جو سبب بڻجنديون آهن.
4. سرڪاري ۽ خانگي طور تي ادارا قائم ڪيا وڃن جيڪي ضرورتمند عورتن ۽ سندن ٻارن جي نگهداشت ڪن. هڪ عورت جيڪا ڪمائڻ جي صلاحيت رکندي آهي پر حمل جي صورت ۾ مزدوري نٿي ڪري سگهي ته رياست ۽ ادارن طرفان ان جي خرچن کي پورو ڪرڻ گهرجي.
5. جسماني ۽ ذهني طور معذور ٻارن جي پيدائش جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. هڪ سٺي ۽ عمدي نسل جي افزائش لاءِ اها ڳالهه بنيادي اهميت جي حامل آهي.
6. هڪ انجمن يا تنظيم قائم ڪئي وڃي جيڪا زال مڙس جي وچ ۾ طلاق جي معاملن جو جائزو وٺي. اهي عورتون جيڪي ٻارن جي جهنجهٽ کان آزاد رهڻ چاهن ٿيون ۽ ان بنياد تي طلاق جون خواهشمند آهن ته انهن کي آزاد ڪيو وڃي.
ماضي ۾ اها ئي شادي ڪامياب هوندي هئي جنهن ۾ سڀني اختيارن جو مالڪ مڙس هوندو هيو ۽ زالن ان سماجي ڳانڍاپي اڳيان سر جهڪايو هيو. انهن حالتن ۾ مڙس کي مڪمل خودمختياري حاصل هئي ته هو جيڪو چاهي ڪري ۽ زال سر جهڪائي هڪ غلام جهڙي زندگي گذاريندي هئي. جن مسئلن ۾ ٿورا گهڻا اختلاف ٿيندا هئا اتي مڙس جو فيصلو اٽل هوندو هيو. زال جو فرض هيو ته هوءَ وفادار ۽ مخلص رهي. مڙس جي هر برائي کي پوشيده رکڻ به زال لاءِ اولين فرض هيو.
اهو سلسلو صاف سٿري انداز ۾ گهڻي عرصي تائين هلندو رهيو ۽ هڪ طرفي ٽريفڪ روان دوان رهي. عورتن کي شروع کان ئي اهوٻڌايو ويندو هيو ته مڙس جي پسند انهن جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي. نتيجو هي نڪرندو هيو ته زال رضا ۽ مرضي سان پنهنجو پاڻ کي قربان ڪندي هئي. ان پنهنجي ڀلائي لاءِ ڪڏهن ڪجهه ناهي چاهيو ۽ پنهنجي ذميواري فرض سمجهي نڀائي. جڏهن ته ان کي ڪڏهن اميد ئي نه هئي ته ڪا خوشي ان جي قسمت ۾ لکيل آهي. انڪري کيس ڏک به نه ٿيندو هيو. ان جي مزاج مان ڪاوڙ يا حسرت جو عنصر ئي غائب ٿي ويو. ان جي دل ان قدر مري چڪي هئي جو هوءَ هر ڏک ۽ غم کان آزاد ٿي چڪي هئي.
راهباڻي طور تي پنهنجي زندگي گذاريندڙ عورت جنهن جي تعريف ۾ اسان جي بزرگن زمين ۽ آسمان جا پلؤ ملائي ڇڏيا آهن، اها معاشري ۾ هڪ خاص حيثيت رکندي هئي. ان جي باري ۾ هڪ اهڙو تصور قائم ٿي ويو هيو جيڪو ماورائي انتها تائين پهچي چڪو هيو. اها اڄ به انهيءَ احترام جي نظر سان ڏٺي ويندي آهي. هاڻي اهي خيال پراڻا سمجهيا وڃڻ لڳا آهن ۽ اميد آهي ته رسم و رواج مهذب دنيا مان خارج ٿي ويندا.
هاڻي اچون ٿا مذهب معاشري جي طرف. هي حقيقت اسان کي تسليم ڪرڻي پوندي ته شادي ۽ خاندان اسان جي سماج جو حصو آهن. ان تعلق ۾ اڪثر هي سوال ذهن ۾ اٿندو آهي ته هڪ عورت کي ڇو مرد جو فرمان بردار ٿيڻ لازمي آهي. پر بائبل تابعداري جي ان بيهوده خيال کي رد ڪيو آهي. بائبل جي فيصلي مطابق عورتن جا حق واضح طور تي اهي ئي آهن جيڪي مردن جا آهن. زندگي ۾ سٺو يا خراب ٻنهي کي گڏ سَهڻو آهي.
هڪ مهذب معاشري ۾ ٻنهي کي سوچ سمجهه سان ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو حل نه ٿيندڙ مسئلو آهي ته بائبل مان رهنمائي ملي سگهي ٿي. هي ياد رهي ته انفراديت ۽ خود پسندي کان هٽي معاشري ۽ انسانيت جا به مطالبا آهن. انسانيت جو مستقبل، ڪائنات جو اڻ کٽ ڦهلاءُ ۽ عظمت، جنهن ۾ خبر ناهي ته ڪيتريون اميدون، خوفَ ۽ راز لڪيل آهن.
زال مڙس سڄي عمر ادب ۽ تعظيم جي روح سان برابري جي بنياد تي زندگي گذاري سگهن ٿا. انفرادي آزادي ۽ خود غرضي کي پوئتي رکي فطري تعاون حاصل ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته شادي جي پراڻي انداز تي مذهب حاوي آهي، تنهن هوندي به مهذب زندگي کي نئون نظريو پيش ڪرڻ گهرجي. هڪ اهڙو نظريو جنهن ۾ آزادي، انصاف ۽ پيار محبت جو اقتدار شامل هوندو.
محبت هڪ اهڙو لازوال جذبو آهي جيڪو انسان کي خوشيون بخشي ٿو ۽ شادي جي لاءِ تحريڪ پيدا ڪري ٿو. اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته محبت کانسواءِ شادي ڪامياب ناهي ٿيندي. محبت جي ڪاميابي ٻنهي لاءِ خوشي ۽ مسرت جو سبب آهي ۽ شادي کانپوءِ اطمينان ۽ ذهني سڪون ملندو آهي. انساني زندگي ۾ سڪون ان وقت تائين اچي سگهي ٿو جيستائين پاڻ ۾ محبت ۽ تعاون جي جذبو ڀرپور هجي ۽ هي سوچ جاڳي ته اسان کي وقت دلچسپ ۽ خوشگوار بڻائڻو آهي.
زال ۽ مڙس جي پهرين خواهش هي هوندي آهي ته ٻار به ٿيڻ گهرجن. اها هڪ فطري خواهش آهي. ٻار ضرور ٿيڻ گهرجن پر هاڻي معاشرو گهڻن ٻارن جو بار کڻڻ جي قابل نه آهي. ڪجهه ماڻهو ان جي حق ۾ آهن ته ٻار هڪ ئي سٺو ۽ اهو به ان وقت دنيا ۾ اچي جڏهن والدين جي عمر پوري ٿيڻ تي هجي ۽ جوش و جذبا هلڪا ٿيڻ لڳن. منهنجي ذهن ۾ اهو خيال غلط آهي. ٻار شادي جي فوراً بعد اچڻ گهرجي ته جيئن اهو ٻڍائپ ۾ ماءُ پيءُ جو سهارو بڻجي سگهي.
اڄ دنيا ۾ دولت جي خواهش وڌندي پئي وڃي. انهيءَ شوق ۽ خواهش گهڻين مشڪلاتن کي جنم ڏنو آهي ۽ ڏکيائيون پيدا ڪيون آهن. قديم ۽ سادي زندگي کي جيڪڏهن خوش دلي سان اپنايو وڃي ته بيشمار مونجهارن مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. شادي جا موجوده قانون هڪ طرح سادي زندگي جي طرفداري ڪن ٿا ۽ انهن سڀني خدشن کان دور رهڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا جيڪي زندگي ۾ ايندا ويندا آهن.
ڪجهه ماڻهن ناجائز تعلق به قائم ڪيا آهن ۽ ظاهر آهي ته اهي ٻئي (زال مڙس) طور نه رهي سگهندا. ائين ٻارن جي به گهجائش ناهي هوندي. اهي ماڻهو قانون ۾ مجرم آهن ۽ مسلسل ذهني دٻاؤ ۾ رهندا آهن. ان صورت ۾ جنسي آرام به حاصل ناهن ڪري سگهندا. شادي ته هڪ اهڙي اتحاد جو نالو آهي جيڪو پيار محبت ۽ ٻارن تي مشتمل هجي ۽ اها شادي هڪ جوڙي جي اندار ئي رهي ڪامياب ٿي سگهي ٿي.
جيڪڏهن يورپي قومون زوال ڏانهن مائل ٿيڻ نٿيون چاهن ۽ عورت ۽ مرد جي تعلقات کي منظم ۽ خوشگوار رکڻ چاهن ٿيون ته انهن کي شادي جي نظريي کي اپنائڻو پوندو. ٻارن جي نشوونما معاشري لاءِ بيحد اهميت رکي ٿي. خفيه تعلقات جي ڪري ئي طلاق جا واقعا وڌندا پيا وڃن. ان ڪري اهڙن واقعن جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ لازمي آهي. ان کانپوءِ جيڪا ڪجهه خواهش باقي رهي ٿي، ان کي مردن ۽ عورتن جي انفرادي ضمير ۽ ايمان تي ڇڏي ڏجي.