تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول

هي ڪتاب ”سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول“ جنهن جو ليکڪ برٽرينڊرسل آهي اهو ليڪچرن تي مشتمل آهي، سنڌي ترجمو عامر عطار/احسان “فائق” پنهور ڪيو آهي.
انهن ليڪچرن کي تحريري صورت ۾ پيش ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته هڪ اهڙو نظريو سامهون آندو وڃي، جنهن ۾ سياست جي فلسفي کي نئين انداز ۾ پيش ڪري سگهجي؛ جنهن جو بنياد يقين ۽ جوش تي هجي ۽ جيڪو انساني زندگي جو رُخ تبديل ڪرڻ تي قادر هجي.
Title Cover of book سماج کي نئين سر اڏڻ  جا اصول

باب ٽيون : جنگ اداري جي حيثيت سان

جهڙي طرح پارليامينٽ هڪ مستقل ادارو آهي، انهيءَ طرح جنگ به هڪ مستقل اداري جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. سڀني سرڪاري ادارن ۾ اڄ ڪلهه جنگ جو موضوع ئي بحث هيٺ آهي. جنگ جو مطلب آهي ٻن قومن ۾ اهڙي طرح ٽڪراءُ جو هر ملڪ هڪٻئي کي قتل ڪري ڇڏڻ يا گهٽ ۾ گهٽ اپاهج ڪري ڇڏڻ جي گهڻي کان گهڻي ڪوشش ڪندو آهي. ته جيئن هو ٻئي جي ملڪ تي قبضو ڪري سگهي ۽ ان ملڪ جي دولت کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي سگهي. ان کان سواءِ فتح حاصل ڪرڻ جو فخر ۽ غرور ته هن فلاڻي ملڪ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي.
ٻين قدرتي سرگرمين وانگر جنگ جو مقصد فقط پنهنجي جوشيلن جذبن ۽ غير فطري انداز جي تسلي نه آهي. انساني خواهشون اڪثر نيچ جذبن تي مبني هونديون آهن. انسان چاهيندو آهي ته ٻين جي خرچ تي عيش ڪري. يعني ٻين جي جان ۽ مال جي ڪا به پرواهه ناهي، بس منهنجو مقصد پورو ٿيڻ گهرجي. آخرڪار اهو ئي جذبو انسان کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جنهن جو ان کان پهريان ڪو اندازو ئي ناهي هوندو. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ اها ڳالهه ظاهر ٿيندي آهي ته اسان ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو. جنگ جي حق ۾ اڄ تائين ڪو به معقول دليل پيش نه ٿي سگهيو آهي.
جيڪڏهن جنگ کي اڀارڻ واري جوش ۽ جذبن تي ڪا پابندي لڳائي سگهجي ته اهوا نسانيت لاءِ تمام عظيم ڪارنامو چيو ويندو ۽ ان کي تاريخ جي اندر سنهرن اکرن ۾ لکيو ويندو. جنگ جو سڄو دارومدار فوجي قوت ۽ طاقت تي آهي. جيڪڏهن جنگ نه ڇيڙي وڃي ته فوج جي به ضرورت نه آهي. جنگ ۾ ٻه ٽولا فوج کي پنهنجي ماتحت هلائيندا آهن جيڪي جهڳڙي جو حل پنهنجي مرضيءَ مطابق چاهنيدا آهن، پر جڏهن هڙتال ڪرڻ وارا گولين جو کاڄ بڻجندا آهن ته ان وقت رياست ڪارخانيدارن ۽ سرمائيدارن جي حمايتي بڻجي ويندي آهي ۽ پوءِ جڏهن فساد ۽ فتنو وڌندو ويندو آهي ته حڪومت جا اندازا غلط ثابت ٿيندا آهن، جنهن جو نتيجو رياست کي ڀوڳڻو پوندو آهي. اهڙي موقعي تي رياست هڪ ٽولو بڻجي ويندي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته خانه جنگي پکڙجي ويندي آهي.
ان معاملي تي مون ڪافي غور ويچار ڪيو آهي ۽ مان نٿو سمجهان ته فوج جو هتي ڪو ڪم آهي. پوليس ئي انهن سڀني معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. في الحال معاملو بين الاقوامي اصولن جي چوڌاري چڪر ڪٽي رهيو آهي ۽ اهو فيصلو نٿو ٿي سگهي ته هڪ قوم کي ٻي قوم جي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي يا نه. سفارتي قاعدا قانون ان ڳالهه جي تقاضا ڪن ٿا ته دخل اندازي رڳو بين الاقوامي قانونن هيٺ ڪئي وڃي. جڏهن جرمنن آمريڪي شهرن کي ٻوڙي ڇڏيو تڏهن اهو موقعو هيو جو آمريڪا احتجاج ڪري سگهي پيو، پر هن ائين نه ڪيو. جيڪڏهن گڏيل رضامندي سان ڪو اصول واضح ڪيو وڃي ته رياستن جا تعلقات خوشگوار رهي سگهن ٿا ۽ جنگ کي روڪي سگهجي ٿو.
لڙائي جهڳڙي جو رجحان رکڻ وارا ماڻهو هر ملڪ ۾ تمام گهٽ هوندا آهن. اڪثريت انهن ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي امن پسند هوندا آهن. پر جڏهن جنگ شروع ٿي ويندي آهي ته جنگ جو بخار هر هڪ جي دل ۾ ڀرجي ويندو آهي. اهي جيڪي پهريان ويڙهو، بدمزاج ۽ جڳهڙالو ذهن رکندا آهن. سي گهڻا ظالم ۽ بي رحم ٿي ويندا آهن ۽ دل تي پنهنجي اندر جي باهه ڪڍندا آهن. تعليم يافته ۽ مهذب ماڻهو عام حالاتن ۾ لڙائي ۽ جهڳڙي کان پري رهڻ پسند ڪندا آهن. اهي تصورن جي دنيا ۾ گم رهندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته دنيا ۾ سڀ امن پسند آهن. پر اها به انهن جي غلط فهمي آهي، نه اها فطرت آهي، ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي جنگ جا حامي هجن. مان ان ڳالهه کي واضح مثال سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. جنگ کان پهريان جيڪڏهن جرمنن جو رويو انگلينڊ سان دوستاڻو نه هيو ته معاهداڻو به نه هيو. ان کي مناسب، معقول يا دورانديشي جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.
اهي اقتدار جا مالڪ جيڪي جرمن پاليسي مرتب ڪندا آهن، انهن جو نظريو حب الوطني جي جذبي سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪو انگلينڊ ۽ فرانس ۾ اڻ لڀ ۽ نابيد آهي. جرمني جو مفاد ڪنهن ڏکيائي کان سواءِ ئي واضح ڪري ٿو ته اهو ئي اهو واحد مقصد آهي جنهن جي انهن کي ضرورت آهي. ٻين قومن ۾ به اهو احساس پيدا ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن کي اهو احساس ٿي وڃي ته تباهي ۽ بربادي تهذيب تي ڪيئن اثر انداز ٿيندي آهي ۽ انهن کي ڪهڙو نقصان پهچائي سگهي ٿي ته اهي جرمني جي فڪر جي انداز کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪن. جرمن پاليسي جو ٻيو نقطه نظر هي آهي ته قومي فلاح ۽ بهبود جي معاملي ۾ اهي ڪنهن سان صلح جا قائل ناهن. انهن جي خيال ۾ دولت مادي هجي توڙي ذهني، هر حال ۾ اها تمام ئي اهم شيءَ آهي. اهو آهي ان جو رويو ٻين مهذب قومن سان. ان جو سبب هي آهي ته ٻاهرين دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو تباهه ۽ برباد ڪندڙ ڪم ٿيندو آهي ته اهو انهن جي خيال ۾ ائين ئي آهي ته اهو نقصان خود انهن جو ٿيو آهي.
سڄي دنيا ۾ فرانسيسن جو سڀ کان وڌيڪ مهذب ۽ شائسته قوم جي حثيت سان قدر ڪيو ويندو آهي. انهن جا فن ۽ انهن جو ادبي چاهه ۽ ذوق ٻاهرين دنيا جي رهڻ وارن جي لاءِ ڪشش رکي ٿو. انگريزن سياسي طور تي ترقي ڪئي آهي ۽ هڪ مضبوط سلطنت قائم ڪئي آهي جنهن جي دهشت ۽ خوف ويٺل آهي. هي آهن اهي ريس ڪرڻ جوڳا بنيادَ جن جي ٻين ملڪن کي پيروي ڪرڻ گهرجي. جرمني اندازو لڳائي ورتو آهي ته فرانس ۽ انگلينڊ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سٺيون شيون آهن جن کي هن جنگِ عظيم ۾ تباه ۽ برباد ڪرڻو آهي، مون نون پيدا ٿيندڙن ۽ نوجوان فرينچ فنڪارن ۽ اديبن جي هڪ فهرست ڏٺي آهي جيڪي جنگ ۾ ڪم اچي چڪا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو انهيءَ طرح جاري رهيو ته ايندڙ سال تائين فرانسي ادب ايتريقدر تباهه ٿي ويندو جو ڪيترن ئي نسلن تائين ڪنڌ به نه کڻي سگهندو.
اسان جي ميڊيا ۽ اخبارون جنگ جي حق ۾ عوام جي جذبن کي گهڻي کان گهڻو ڀڙڪائي رهيون آهن، جڏهن ته جرمن اسان تي هٿيار وسائي رهيا آهن ۽ اسان کي وڌيڪ خوفزده ڪري رهيا آهن. جرمن سمجهن ٿا ته انهن جي ڪاميابي ان ڦرلٽ ۾ ئي آهي. اهي اسان جي سڀني شين کي تباه ۽ برباد ڪري ۽ اسان ئي مجبور ڪري رهيا آهن ته اسين به اهو ئي ڪيون جيڪو پورشيا (Prussia) ۾ ڪيو ويو هيو ۽ جيڪو تاريخ ۾ بدترين انتقام جي طور تي يادگار رهندو.
جيڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو وڃي ته جرمني جي حڪمرانن ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جنهن تي ريس ڪري سگهجي، ته اسين ڏسون ٿا ته اهي رڳو دولت ۽ طاقت جا پوڄاري آهن، ان کانسوءِ ٻيو ڪجهه به ناهن. انهن جو سڄو شان ۽ شوڪت فوجي قيادت جي رحم ڪرم تي آهي جيڪو سخت گيري ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي سهاري زنده آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اصل دولت صنعت و حرفت ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ آهي ۽ انهن ان فن ۾ به مهارت حاصل ڪري ورتي آهي. آهستي آهستي هو هر ميدان ۾ برتري حاصل ڪري رهيا آهن ۽ سمجهن ٿا ته انهن معاملن ۾ انگريز سواءِ ٻارن جي ڪجهه به نه آهن.
اهو صحيح آهي ته اسين هاڻي ئي ان ڊوڙ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو آهي ۽ جيتوڻيڪ هڪ وڏي سلطنت به حاصل ڪري ورتي آهي، پر هن وقت ڪجهه نٿو چئي سگهجي جيستائين جنگ ختم ٿئي. انهن سڀني احساسن جي باوجود گهڻا ئي جرمن رهاڪو اهڙا به آهن، جيڪي اسان جي فطرت کي صحيح طرح ڄاڻيندا آهن. انهن کي اندازو آهي ته اسين انهن سان ڪيتريقدر نفرت ۽ عداوت رکندا آهيون ۽ جيڪو ڪجهه اسين ڪري رهيا آهيون اهو اسان جي غرور جي عياري ۽ چالاڪي آهي. اڄ جڏهن اسين جنگ ۾ ڪجهه ڪمزور نظر اچي رهيا آهيون ته پوءِ شايد اسان کي اهو احساس ٿيڻ لڳي ته اهي به انسان آهن. تڏهن يقيناً اسان کي انهن سان محبت ۽ الفت ٿي ويندي ۽ پوءِ هڪ حقيقي باهمي صلح جو سفر شروع ٿيندو.
جيڪڏهن دنيا جو مستقبل بهتر بڻائڻو آهي ته انگلينڊ ۽ جرمني کي جنگ کان روڪڻو پوندو. هي ٻه قومون جيڪي لڙائي جهڳڙي ۾ مصروف آهن، انهن کي اهي بيهوديون ڳالهيون ۽ بڪواس بند ڪرڻي پوندي ۽ انهن کي فخر، غرور ۽ ساڙ و حسد جي جذبن کي لگام ڏيڻو پوندو. جرمني جي هڪ فوجي آفيسر پنهنجي هڪ جوشيلي تقرير ۾ چيو. ”توهان! انگلينڊ جا رهواسيو، ڪمزور، مفلس، بيوس ۽ لاچار قوم آهيو، توهان اسان جي واڌاري ۽ ترقي کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي. توهان جي ناقص ۽ نڪمي عمل اسان جي ترقي ۽ خوشحالي جي پهچ کي روڪي ڇڏيو آهي ۽ رحمتن ۽ سهولتن کان اسان کي محروم ڪيو آهي. توهان جي نڪمي ۽ ناقص عمل کي روڪڻ گهرجي. توهان جي سٺي بيهڪ ۽ مناسب ۽ موزون جسم کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏڻ گهرجي، ته جيئن اسان کي به اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي واڌ ويجهه کي سانڍي تاتي وڏو ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ۽ توهان جي ڪڌن عملن سان اسان جي ماڻهن، طاقت، مان شان ۽ ڪنهن ٻئي وسيلي کي وڌيڪ نقصان نه پهچي. “
ڇا ڪو اهرو طريقو آهي ته اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪميڻپ، گهٽ سهپ ۽ هلڪڙائپ تي قابو پائي سگهون ۽ مستقبل ۾ هڪٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون؟ منهنجو خيال آهي ته ٻئي قومون اهو سوچڻ جي صلاحيت رکن ٿيون ته عوام جي ڀلائي ڪٿي ۽ ڪهڙي عمل ۾ لڪيل آهي. اسين پنهنجي قومي فخر ۽ غرور کي هڪ پاسي رکي گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. مثبت فڪر جي انداز ۽ امن ڏانهن قدم وڌائي سگهون ٿا. عقلمندي ۽ ذهانت جي گهرج اها آهي ته اسين گڏجي ويهون ۽ شيطان جيڪو اسان جي وچ ۾ جيڪو فساد جو ٻج پوکيو آهي ان کي تباهه ڪري ڇڏيون. اسان کي جنهن ڳالهه انڌو ڪري رکيو آهي، اها درحقيقت فخر، غرور ۽ احساسِ برتري جي ڪجهه به نه آهي. اهو جذبو ماڻهو کي خود فريبي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ماڻهو ڪا معقول ڳالهه ٻڌڻ تي راضي ئي ناهي ٿيندو. جيڪڏهن اسين احساسِ برتري، احساسِ ڪمتري، ذلت، تذليل ۽ فخر ۽ غرور وغيره جهڙن جذبن تي قابو پائي سگهون، ان کانسواءِ اسان کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته جنگ هڪ غلطي هئي ته شايد اسان پنهنجي نقصان جو ازالو ڪري سگهون. ڪا اهڙي قيادت سامهون اچي جيڪا امن پسند هجي ته اسان جي زندگي گهڻي خوشگوار ٿي وڃي.
جرمني ملڪي حالاتن کان مجبور ٿي جنگ ۾ لهي پيو، جيتوڻيڪ اهو نظريو غلط هيو پر اها به هڪ حقيقت آهي ته اسان کي به پنهنجي طاقت ڏيکارڻي هئي ۽ اهو ٻڌائڻو هيو ته ڏسو اسين هندستان ۽ آفريڪا ۾ ڪيتريقدر عظيم فتحون حاصل ڪيون آهن. جيڪڏهن اسين انهن ڪالونين ۾ ڪو فخر جي قابل ڪارنامو سرانجام ڏنو هجي ها ۽ انهن ماڻهن کي انهن جي ئي دولت جو ڪجهه حصو عطا ڪري ڇڏيون ها ته جرمنن کي اها همت نه ٿئي ها ته اهي اسان جي غيرت کي للڪارن. هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن جرمنن خواهش ظاهر ڪئي ته جنگ کي روڪيو وڃي. اسان جي رهنمائن کي ورغلايو ۽ ڀڙڪايو ويو ته اسين برتر ۽ مقدس قوم آهيون ۽ اسان جو مقام شاندار ۽ باوقار آهي. اهڙي طرح اسان اهو مڃڻ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته اسان کان به غلطي ٿي سگهي ٿي. دنيا ۾ قومون صدين ۾ ٺهنديون ۽ بگڙجنديون آهن. پر جتي فوجون امن ۽ سڪون، ٻني ۽ ٻارن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين ٿيون، اتي ان قسم جو تصور ئي محال آهي ته اسين ترقي ڪري سگهنداسين. جيڪڏهن امن کي قائم رکڻو آهي ته سڀني کي گهرجي ته گڏجي جنگ جي مسئلي جو حل تلاش ڪريون.
ضابطي پرستن ۽ دوستن جو اهو خيال آهي ته امن جو شاندار ۽ باوقار مقام حاصل ڪرڻ لاءِ جرمني کي فوجي نظام ۽ سپاهياڻي چال چلت جي طرف ڄاڻي واڻي ڌڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح جرمني کي اهو حق حاصل ٿي ويو آهي ته ان جو شمار به وڏين طاقتن ۾ ڪيو وڃي. امن سان محبت جو تصور بين الاقوامي تعلقاتن سان لاڳاپيل آهي. اقتصادي جهڳڙن مان نڪرڻ کان پوءِ اسين ڄاڻينداسين ته روزي ڪمائڻ واري طبقي جي ضرورت ڪهڙي ۽ ڇا آهي. دولت جي ورڇ ”صنعتي امن“ لاءِ غير معقول تسليم ڪئي وئي آهي، انڪري اهي ماڻهو جن کي سڀ آسائشون ميسر آهن، سي امن قائم ڪرڻ جو دعوى ڪندا آهن ۽ انهن ماڻهن کي بدنام ڪندا آهن جن مختلف طبقن جي وچ ۾ جهڳڙو پيدا ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي آهي. ان ڳالهه جو انهن کي ڪو به فڪر ناهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه انصاف جي مطابق آهن.
سرمائيدار، ذات پات جي جنگ کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري وٺندا آهن. هاڻي انگلينڊ به ان رستي تي هلي پيو آهي، پر ان جو ذميوار جرمني کي قرار ڏئي ٿو. جيڪڏهن جنگ ان مسئلي جو حل ناهي ته پوءِ سياسي طريقه ڪار اپنائڻو پوندو ۽ اهو طريقه ڪار ڪهڙو هجي؟ ان جو فيصلو جنگ جي خاتمي تي ئي ممڪن آهي. پارليامينٽ جي ذريعي اهو قانون پاس ڪرايو وڃي ته سڀ علائقا ويڙهه ڪندڙ گروپن ۾ ورهايا وڃن ۽ فوجي طاقت ان جو ڪنٽرول سنڀالي وٺي. موجوده جنگ کي ڏسي ڪجهه اهڙو نظر اچي رهيو آهي ته اها جنگ مزاج جي تبديلي ۽ هڪ مختلف رنگ ۽ ڍنگ کڻي ايندي.
اڄ دنيا تي اهي ماڻهو حڪومت ڪري رهيا آهن جيڪي گهڻي قدر شيطاني ذهن جا مالڪ آهن. انهن جون ٽي خواهشون هونديون آهن. پهرين هي ته ڪمزورن تي پنهنجي طاقت جو رعب ڄمائن ۽ زور ۽ زبردستي جيڪو مال ۽ دولت حاصل ڪرڻ چاهن، اها لٽي وٺن. ٻي اها ته پنهنجي مخالفن جي سچائي کي تباه ڪري ڇڏين ته جيئن آئينده انهن کي ڪير به اکيون ڏيکاري نه سگهي ۽ ٽئين اها ته پنهنجو اقتدار کي ايترو مضبوط بڻائي وٺن جو انهن کي ڪنهن ٻاهرين طاقت کان به خطرو نه هجي.
انهن جي برخلاف گهڻا ئي ماڻهو اهڙا به گذريا آهن جيڪي اقتدار ۽ دولت ۽ ملڪيت کام محروم هجڻ جي باوجود پنهنجي زندگي تي راضي ۽ مطمئن هئا. بس اهو فخر جو حساس انهن لاءِ ڪافي هيو ته جيڪا ڪجهه ڪاميابي انهن حاصل ڪئي آهي، اها صرف پنهنجي ڀروسي ۽ طاقت تي حاصل ڪئي آهي. پر جيستائين انساني جبلت جي تقاضا آهي، ٽئي جذبا ڪنهن نه ڪنهن حد تائين انسان جي دل ۾ پلجندا پيا رهندا آهن. گهڻن ماڻهن جي صلاحيت ڪنهن خاص ميدان ۾ وڌيڪ هوندي آهي ته قدرت به انهن جي مدد ڪندي آهي ۽ پوءِ شهرت ۽ نيڪنامي ان جو مقدر بڻجي ويندي آهي.
عام قسمَ جا ماڻهو جن جي پوري دنيا ۾ گهڻائي آهي، انهن جو حال هي آهي ته هر قسم جي جوش ۽ جذبي کان عاري آهن. انهن جي زندگي ۾ ڪا خوش طبعي نه آهي. بس صبح سوير اُٿي آفيس هليا ويندا آهن يا ٻني ٻارو ڪندا آهن. شام جو ٿڪيل هاريل واپس ايندا آهن ۽ گهر وارن کان بيزار ٿي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي رهندا آهن. انهن کي بس ايترو اطمينان رهندو آهي ته انهن جي زندگي محفوظ آهي ۽ انهن کي هڪ اهڙي ملازمت ملي وئي جنهن سان هو پنهنجي گھر جو خرچ پورو ڪري سگهن. خطرن سان کيڏڻ ۽ مهم جوئي پنهنجو حق وٺندي آهي. زال، ٻارن جا حق ۽ ٻيون ذميواريون به ضروري آهن پر زندگي بسر ڪرڻ جا آداب به نڀائڻا پوندا آهن. زندگي زنده دلي جو نالو آهي. مرده دل ماڻهو ڪٿي جيئندا آهن.
جنگ جو بخار وڏي هم آهنگي سان هڪ قوم کي پنهنجي ڄار ۾ گرفتار ڪري وٺندو آهي ۽ پوءِ ان کي اهو به يقين اچي ويندو آهي ته اسان ئي فاتح ٿينداسين. بنا شڪ ۽ شبهي جي ائين به ٿيندو آهي ته جوش ۽ جذبن جي اثر هيٺ ماڻهو پنهنجي ڪاميابي جي باري ۾ خوش فهمي جا شڪار ٿي ويندا آهن، پر بعد ۾ جڏهن انهن کي مشڪلات جو اندازو ٿي ويندو آهي تڏهن اهي سوچيندا آهن ته اهو اسان ڇا ڪيو.
هالينڊ، انگلينڊ وانگر بلجيم جي حمايت ۾ بناخوف جي جنگ ۾ ٽپي پوڻ لاءِ تيار نه آهي. اهو لنڊن جي بربادي جو نظارو ڏسي چڪو آهي ۽ ان کي اهو اندازو ٿي ويو ته جنگ جيئن جيئن اڳتي وڌندي، تيئن تيئن وڌيڪ تباهي ڦهلجندي. ڪجهه ئي ڏينهن اڳ بينڪ هوليڊي جوحادثو به گذري چڪو آهي. هڪ قوم جيڪا هاڻي ئي جنگ جي تجربي مان گذري آهي، اها ان نتيجي تي پهتي آهي ته جنگ هميشه دهشت ناڪ هوندي آهي ۽ ايتريقدر تباهي ۽ بربادي آڻيندي آهي جنهن جو اندازو نٿو ڪري سگهجي. اهو جنگي جنون نئين نسل ۾ به منتقل ٿي ويندو آهي. جنگي بخار ۾ بغض ۽ ڪيني جو عنصر ڪهڙو رنگ لائي ٿو، اهو صرف حڪومتون ئي سمجهنديون آهن ۽ اهي جنگي جنون ۾ مبتلا آهن.
ڏکڻ آفريڪا جي جنگ ۾ سر وليم بٽلر کي سَٺ هزار فوجي ۽ ٽن مهينن جو راشن ڏئي جنگ ۾ لاٿو ويو، پر اهو بربر جمهوري حڪومتن کي مات ڏيڻ لاءِ ڪافي نه هيو. جنگ ڊگهي ۽ مشڪل ٿيندي وئي ۽ مٿان وارن کي احساس ٿيو ته انهن کان غلطي ٿي وئي آهي ۽ انهن کي شڪست سامهون نظر اچڻ لڳي. پر فيصلو ڪرڻ وارن لاءِ اهو به مشڪل هوندو آهي ته اهي پنهنجو قدم واپس کڻن. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي هر حال ۾ پنهنجو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ چاهيندا آهن، توڙي نقصان جيتريقدر به ٿي وڃي. جيڪڏهن امن پسند قومون ايتري قوت حاصل ڪري وٺن ته اهي حملي ڪندڙ ملڪ کي شڪست ڏئي سگهن ته پوءِ ڪنهن کي همت نه ٿيندي ته اهي انهن تي حملو ڪري سگهن.
موجوده جنگ کان اڳ بين الاقوامي مجلس (International council) جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو ۽ ان جي ذميواري اها هئي ته اها امن جي قيام جي جدوجهد ڪندي. پر جرمني جي فوجي قوت ان جي هر ڳالهه کي هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي ڏانهن ڪڍي ڇڏيو ۽ جنگ جو توتارو وڄائي جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ممڪن آهي ته آئينده به آمريڪا جي طرف کان ڪا اهڙي تجويز پيش ڪئي وڃي ان جو به اهڙو ئي حشر ٿئي.
سياسي قوتون جن جنگ جو رستو اپنايو، جيڪڏهن چاهن ها ته جنگ کي به آساني سان روڪي سگهن پيون، ان شرط سان ته امن جي خواهش جاڳي ها. پر ٿيو اهو جو جيڪي طاقتون جنگ جون ذميوار آهن، اهي ان کي وڌيڪ اڀارڻ ۾ لڳيون پيون آهن. انهيءَ ڪري جنگ روز بروز ڀڙڪندي پئي وڃي. پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سياسي ۽ اقتصادي قوتون هڪ ڊگهي تباه ۽ برباد ڪندڙ جنگ کان بازِ اچي وڃن. بهرحال ڳالهه اتي ختم ٿئي ٿي ته اخلاقي انداز ۽ تعليم جي نظام کي تبديل ڪيو وڃي.
اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي دلين ۾ يوٽوپياز (Utopias) وسايون ويٺا آهن، (هڪ ڪتاب جيڪو سر ٿامس مور 1516ع ۾ شايع ڪيو. تنهن ۾ هڪ اهڙي فرضي ٻيٽ جو ذڪر آهي جنهن ۾ هڪ مثالي تمدني، معاشرتي ۽ سياسي نظام رائج هيو) انهن اڳتي وڌڻ جي ڪوشس ڪئي، پر جيڪا ڳالهه ناممڪن هجي ان کي اهي ڪيئن ٿا تبديل ڪري سگهن. يوٽوپياز جي تصور ۾ رهڻ وارا اهو وساري ڇڏيندا آهن ته هي سڀ ڪجهه هوا ۾ اڏيل هڪ قلعو آهي ۽ حقيقت سان ان جو ڪو به واسطو نه آهي.
رومن هڪ امن پسند قوم هئي، اٿينز هڪ سرسبز ۽ شاداب شهر هيو. سائنس جي ترقي سان هي ملڪ مالامال هيو. اڄ جنهن دؤر مان اسين گذري رهيا آهيون، اهو سائنس جو ئي ڪارنامو آهي. پر سائنس وڏين طاقتن کي جنگ جو تحفو ڏنو آهي ۽ دنيا جو امن ۽ سڪون تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. ان ڳالهه کان انڪار ممڪن ناهي ته زندگي رکڻ واريون طاقتون جيڪي بهترين نتيجا ڏينديون آهن، اهي ئي جنگ سان محبت ڪرڻ به پيدا ڪنديون آهن.
ان مسئلي تي سر وليم جيمز توجهه ڏنو ۽ پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ بيان ڪيو، جنهن جو عنوان هيو ”جنگ جي اخلاقي مساوات“ 1898ع ۾ آمريڪا ۽ هسپانيا جي جنگ جي دؤران امن پسندن جي هڪ انجمن سان خطاب ڪندي هن فرمايو ”يقيناً ڪا ٻي وضاحت قابلِ قبول نه آهي، پر بهرحال اهو مسئلو هڪ خاص مقام رکندو آهي. جيڪڏهن امن جي ضرورت آهي ته انهيءَ لاءِ ان قوت تي قابو پائڻو پوندو جيڪا جنگ جي طرف مائل ڪندي آهي ۽ جنگ جي جوش ۽ جنون ۾ اضافو ڪندي آهي. هاڻي سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته ان جي حل لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ اهو سوال اڃا حل طلب آهي. “
هر فسادي ۽ شر پسند جي دل ۾ اها خواهش هوندي آهي ته ان کي ڪو نه ڪو جهڳڙو پيدا ڪرڻ يا بحث مباحثي ڪرڻ جو موقعو ملي، ڪجهه خون خرابو ٿئي ته جيئن ان کي ذهني سڪون ۽ دلي خوشي ميسر ٿئي. اڄ ڪلهه اهو نقطه نظر اوج تي آهي. عام طور تي اهڙي حيواني صفت رکندڙن جو اصل مقصد زمين ۽ عورت هوندي آهي. معاشري جا گهڻا ماڻهو دولت کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ ڦرلٽ جي باوجود انهن جي دل ناهي ڀرڀي. پر باصلاحيت ۽ ذهين ماڻهو جيڪي قسمت جا مالڪ ۽ ڌڻي هوندا آهن، اهي ڪڏهن به پاڻ کان مطمئن ناهن هوندا ۽ اقتدار حاصل ڪري وٺڻ جي باوجود پنهنجي سلطنت کي وڌيڪ وسيع ۽ ڪشادو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن.
سچ جو عنصر اقتصادي نقطه نظر سان هي آهي ته اهي ماڻهو دولت جي لالچ جي ڪري بيشمار مشڪلاتن ۾ ڦاسي پيا آهن. دولت جي حوس هڪ ڪاميابي جي طور تي تسليم ڪئي وئي آهي، پر اها ان صورت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي جڏهن هڪ خاص انداز سان پيش قدمي ڪئي وڃي. ان مقصد لاءِ جهڳڙالو، بي ضمير ۽ وحشي صفت وارن ماڻهن کي اڳتي وڌايو ويندو آهي.
آمريڪا ۾ هڪ ڪروڙ پتي ڪنهن وڏي فنڪار جي ڀيٽ ۾ قابلِ احترام آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ماڻهو ڪروڙ پتي بڻجڻ جي ڌن ۾ مگن رهندا آهن. ان جي ابتڙ اٽلي ۾ فنڪارن جي عزت دولتمندن کان وڌيڪ آهي.
ڪجهه امن پسند ماڻهو ۽ گهڻي قدر جنگي جنون ۾ مبتلا ماڻهو سماجي ۽ سياسي اختلافن کي ناپسند ڪندا آهن. منهنجو خيال آهي ته ان معاملي ۾ جنگ پرست صحيح طرف وڃي رهيا آهن ۽ امن پسند غلطي تي آهن. سياسي جماعتن ۾ اختلاف، سرمائيدارن ۽ مزدورن ۾ اختلاف عام طور تي ذاتي مفاد ۾ ٿيندا آهن. اهي ماڻهو پُر امن مقصدن کي نظر ۾ رکي عوام جي مفادن لاءِ ڪم ڪندا آهن. هر اها شي جيڪا سياسي زندگي کي ۽ پُر امن مفادن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪندي آهي، اها ئي شي ڪڏهن ڪڏهن جنگ جي خواهش کي اُڀاريندي آهي.
هڪ جمهوري معاشري ۾ سياسي سوالَ هر ووٽر کي عقل، طاقت ۽ حوصلو عطا ڪندا آهن، جيڪي زندگي گذارڻ ۾ آسانيون فراهم ڪندا آهن. امن پسندي جو پهريون اصول هي هجڻ گهرجي ته ماڻهن کي پنهنجي زندگي تي وڌ کان وڌ اختيار هجي ۽ صنعت ۽ ڪاروبار جي انتظاميه ۾ جمهوريت کي فروغ ڏنو وڃي. سنجيده شهرين جو به مسئلو اهو آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ امن ڪيئن قائم ڪيو وڃي ۽ ڪيئن دنيا جو امن به محفوظ رهي.
جيڪڏهن مختلف ملڪ جنگ جي طرف مائل ٿيندا ته امن ڪيئن سلامت رهندو؟ امن انهيءَ وقت ممڪن آهي جڏهن گڏيل ڳالهه ٻولهه سان ٻئي ڌريون ان ڳالهه جون قائل ٿي وڃن ته جنگ ضروري نه آهي. موجوده جنگ جي ڊيگهه کي نظر ۾ رکندي گهڻن ئي ذهنن ۾ اهو سول اٿي ٿو ته ڇا قومي آزادي جي جيڪا قيمت اسين ادا ڪري رهيا آهيون، اها ڪافي آهي يا اڃا ڪا وڌيڪ چڪائڻي پوندي؟ ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته عالمي امن جي ضمانت تمام وڏين طاقتن جي طرف کان مهيا ڪئي وڃي ۽ بهتر آهي ته ڪنهن عالمي تنظيم کي اها ذميواري سونپي وڃي. پر ڇا ان جي حاصلات لاءِ جرمني کي يورپ تي فيصلو نافذ ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويندو؟
اسين برطانيه وارن”قابل تعظيم بريٽانيڪا “ لکي هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي اسين ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻندا آهيون. پر هندستان ۾ جنگ جاري آهي. جيڪڏهن اسين سمجهون ٿا هندستان تي امن مڙهي اسان مقصد حاصل ڪري ورتو آهي ته پوءِ جرمنن کي به اهو حق حاصل آهي ته اهي ”قابلِ تعظيم جرمينڪا“ يورپ تي نافذ ڪري سگهن. جنگ کان اڳ اهو چئي سگهجي پيو ته هندستان ۽ يورپ ۾ هڪجهڙائي ڪانهي. ڇو ته هندستان غير ترقي يافته ملڪ آهي ، پر هاڻي ڪنهن ۾ اها همت ڪانهي ته اهو ديده دليري سان ائين چئي سگهي.
اسان کي يورپي اتحاد جو موقعو مليو هيو پر انگلينڊ ان جي راهه ۾ رنڊڪ ۽ مزاحمت ڪندڙ بڻجي ويو ۽ پنهنجي ان حثيت کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو جنهن کي اسان جي ترجمانن ”يورپ جي آزادي“ جو نالو ڏنو. فرانس جي انقلاب جو معاملو وڏو عجيب ۽ انوکو آهي. جيڪڏهن ان انقلاب جي دوران فرانس برصغير ۽ عظيم برطانيه تي قبضو ڪري ورتو هجي ها ته اڄ دنيا گهڻي آزاد، مهذب ۽ پرامن هجي ها. جڏهن ته فرانس جو فتحون آزادي جي نالي تي حاصل ڪيون ويون هيون، ان ڪري فرينچ آرمي جتي به وئي، ان کي خوش آمديد چيو ويو. فلپ II جي مسئلي تي اسين يقيناً درست هئاسين، پر 1793ع ۾ غلطي تي هئاسين. بهرحال ٻنهي معاملن کي نفعي ۽ نقصان جي بنياد تي نه جاچڻ گهرجي. انهن کي ”زمانه ساز تصور“ ۽ ”يورپ جي آزادي“ چئي سگهجي ٿو. پر حڪومت جو نصب العين صرف طاقت جي نمائش هئي. ان کي اِن ڳالهه سان ڪا به دلچسپي نه هئي ته انسان جي بهتري ۽ ڀلائي تي به ڪجهه توجهه ڏيڻ گهرجي.
”نصب العين“ هڪ نهايت ئي غير واضح لفظ آهي اهڙي طرح ان جي تلاش ۾ انسان کي سڄي زندگي ڀٽڪڻو پوندو آهي. انهيءَ طرح هر ڳالهه جو بنياد هتي اچي بيهي ٿو ته آزادي ۾ دخل اندازي جي حيثيت ڇا آهي. مثال طور اٽلي سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ اسپين ۽ آسٽريليا جي برتري جي ڪري تباهه ٿي ويو. جيڪڏهن جرمن چاهن هان ته ان وقت فرينچ صوبن کي پنهنجي مملڪت ۾ شامل ڪري وٺن هان. پر اهو ئي ڪم انهن 1871ع ۾ ڪيو. اهو هڪ لحاظ کان سٺو ئي ٿيو، نه ته انهن صوبن تي تمام خراب اثر پون ها ۽ انهن جي تهذيب ختم ٿي وڃي ها. اهڙا واقعا ۽ حادثا قومي آزادي ۾ بيحد اهميت رکن ٿا.
جيڪڏهن نصب العين جو معنائون هي آهن ته آفريڪا ۾ وڌيڪ فتحون حاصل ڪيون وڃن، ۽ ڪوئلي جي کاڻن تي قبضو ڪيو وڃي ها ته ايترو وڏو نقصان نه ٿئي ها، جيترو موجوده جنگ ۾ ٿي رهيو آهي. جنگ جا اثر وڌندا پيا وڃن ۽ وڌيڪ خطرا نظر اچي رهيا آهن. ڇا ائين ممڪن آهي ته يورپ جي جنگ جرمني ۾ وڙهي وڃي ۽ سڀ نقصان اٽلي ۽ فرانس جي جابر ۽ ظالم حڪومتن کي پهچن. جنگ اڃا جاري آهي ۽ هر رياست هڪٻئي جي خلاف جنگ ۾ رُڌل آهي. پر جيڪڏهن عالمي تنظيم ڪوشش ڪري ته جنگ مستقل طور تي بند ڪري سگهجي ٿي. دنيا ۾ جيتريون رياستون موجود آهن، اوترو ئي فوجي قوت به موجود آهي ۽ جيستائين فوج ۽ طاقت، انهن ملڪن وٽ آهي، جنگ نه ڪرڻ جي ڪا به ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. ڇا اهو نٿو ٿي سگهي ته دنيا جي هڪ ئي عالمي تنظيم هجي ۽ سموري آرمي ۽ نيوي ان جي ماتحت هجي. جيڪڏهن جنگ تي قابو پائڻو آهي ته ائين ئي ڪرڻو پوندو.
هر رياست جي ذميواري، معاشري تي عدالتي، انتظامي ۽ قانون سازي تائين محدود رهڻ گهرجي. فوجي معاملن کي هڪ بلڪل الڳ حيثيت ڏني وڃي ٿي. ان جي باوجود انهن ٻنهي جو هڪ مختصر تعاون قائم به قائم رهڻ گهرجي. بين الاقوامي حڪومت جو تعلق قومي رياست جي اندروني معاملن ۾ نه هجي. ان جو ڪم صرف هي هجي ته پنهنجن تعلقاتن کي خوشگوار رکڻ تي توجهه ڏئي ۽ جڏهن ڪٿي قانون جي خلاف ورزي ڪئي وڃي ته پنهنجو فيصلو نافذ ڪري ۽ ان تي عمل ڪرائي.
عملي طور تي ڪجهه معاملن ۾ معاشرتي ۽ فوجي رياستون بلڪل مختلف آهن، ڏکڻ آمريڪا جي جمهوري رياستن کي سڀ اختيار حاصل آهن سواءِ ان جي ته اهي يورپ سان تعلق نه رکن. يورپ سان لاڳاپا رکڻ لاءِ اقوامِ متحده رياست آمريڪا جي فوج موجود آهي. اسان جون خودمختيار رياستون پنهنجي دفاع لاءِ آمريڪا جون محتاج آهن. انهن کي پنهنجي فوج استعمال ڪرڻ جو به اختيار نه آهي.
ڪيتريون ئي حڪومتون اڄ ڪلهه ٻئي ملڪ سان لاڳاپي يا تعلق رکڻ تي يقين ناهن رکنديون، ته جيئن عوام فوج جي ماتحت رهي. اهڙي خودمختياري عملي طور تي نامڪمل آهي. ڇاڪاڻ ته اها زيرِ انتطام ملڪن کي تحفظ نٿي ڏئي سگهي. ٻي انتها هي آهي ته هڪ قسم جو تماشو به ٿي سگهي ٿو، جيئن مصر ۾ ٿيو. اتي هڪ متحده محاذ ٺاهيو ويو جنهن ۾ ڪيترائي ملڪ شامل هئا.
هڪ وڏي فوجي رياست جو تمام وڏو فائدو هي آهي ته ملڪ جي ايراضي ۽ پکيڙ ڪافي وسيع ۽ ڪشادي ٿي ويندي آهي. اندروني جنگ جو خطرو سواءِ انقلاب جي ختم ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن انگلينڊ ۽ هالينڊ اختلاف رکن ٿا ته ان کي هڪ عام معاملو سمجهي سگهجي ٿو ۽ انهن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي صلح ۽ ٺاهه جو امڪان موجود آهي، بلڪل ائين جيئن مانچسٽر ۽ ليور پول جو جڳهڙو. هاڻي ڪو گهٽ عقل وارو شخص ئي سوچي سگهي ٿو ته ليور پول کي نوبتِ جنگ تائين وٺي وڃڻ گهرجي يا مانچسٽرشپ ڪينال جي تعمير تي پابندي لڳائي ڇڏهڻ گهرجي. بيشڪ ان قسم جا معاملا جيڪڏهن وڏين طاقت جي وچ ۾ هجن ته جنگ ڇڙي سگهي ٿي. پرشيا جي مسئلي تي انگلينڊ ۽ روس بيشڪ جنگ ڇيڙي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي اتحادي نه آهن. انهن کي گهرجي ته حڪمت عملي سان معاملي کي حل ڪري وٺن، جيڪو اهي جنگ جي ذريعي ڪرڻ چاهن ٿا. آسٽريليا ۽ جاپان ضرور وڙهندا جيڪڏهن اهي ٻئي آزاد ۽ خودمختيار هجن، پر جيئن ته اهي ٻئي برطانيه جي ماتحت آهن، ان ڪري انهن کي پنهنجا مسئلا امن جي طور حل ڪرڻا پوندا.
هڪ وڏي فوجي رياست جو سڀ کان وڏو نقصان هي آهي ته جڏهن ٻاهرين جنگ ڇڙي پوندي آهي ته نقصانڪار اثرَ گهڻا علائقي تي پوندا آهن. آسٽريليا ۽ سربيا جي وچ ۾ معمولي اختلاف ٿيو پر ان جي نتيجي ۾ بلجيم اُجڙي ويو ۽ ڊراڊنل جا (Dardanells) آسٽريلين ماريا ويا. ٻيو نقصان هي آهي ته اهي ظلم ۽ ستم جا رستا ۽ آسانيون فراهم ڪندا آهن. هڪ وڏي فوجي رياست عملي طور طاقتور هوندي آهي ۽ هڪ ننڍي رياست تي پنهنجي مرضي نافذ ڪري سگهي ٿي.
جهڙي طرح انگلينڊ ۽ روس پرشيا ۾ ڪيو، آسٽريليا ۽ هنگري گڏجي سربيا ۾ ڪيو. ويسٽ منسٽر ۾ آئرش ميمبرن جي موجودگي جي باوجود انگلينڊ کي آئرلينڊ لاءِ هيٺان ڪرڻ يقيناً آسان آهي، پر جمهوري ۽ حڪومتي نمائندن ان معاملي کي روڪي رکيو ۽ انگلينڊ کي مجبور ڪري ڇڏيو ته هو ڪو جارحاڻو قدم نه کڻي. جنگ کي روڪڻ لاءِ آزادي جي حفاظت بيحد ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن دنيا ۾ رڳو هڪ فوجي رياست هوندي ۽ مختلف ملڪن جي وچ ۾ فساد اٿي کڙا ٿيندا ته مرڪزي طاقت جي فيصلن موجب عمل ڪرڻو پوندو. پر اهو ان وقت ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن هڪ عالمگير تنظيم جي طرف کان مرڪزي فوجي رياست جو قيام عمل ۾ آندو وڃي.
هڪ قوم جو اتحاد ان جي عادتن تي مدار رکي ٿو. اهي عادتون گڏيل تاريخ ۽ گڏيل فخر جو احساس ٿي سگهن ٿيون. اصلي رشتو شهرين جو پاڻ ۾ هجڻ گهرجي پر ٻاهرين دنيا جو اثر ۽ اختلاف به اثر انداز ٿيندو آهي. جيڪڏهن هڪ قوم هڪٻئي کان ڪٽيل ۽ الڳ الڳ آهي ته اِن جو مطلب اهو ٿيو ته اهي ماڻهو هڪجهڙي ڳانڍاپي جي ڪشش ۽ هڪجهڙي حب الوطني جا گُرَ ناهن رکندا. انگلينڊ ۽ آمريڪا جرمني جي خلاف متحد ٿي ويا آهن ۽ انهن گڏيل مفاد پاڻ ۾ طئي ڪري ورتا آهن. جيڪڏهن جرمني قدرتي آفت جي ڪري نيست ۽ نابود ٿي وڃي ٿو ته اهي فوراً هڪٻئي سان نفرت شروع ڪري ڇڏيندا. جيئن اهي پهريان به ڪندا رهيا آهن. ان جي ڪري جرمني جي خلاف انگلينڊ ۽ آمريڪا جو تعاون چئي سگهجي ٿو.
جنگ هڪ دائرو آهي حسين و دلفريب منظرن جو، روايتن جو، هومر ۽ پراڻي عهد نامي جو، (انجيل جو اهو حصو جنهن ۾ شريعت عيسوي جو ذڪر آهي) علم جي دولت سان، ديوتائن جي ڪهاڻين سان، قربانين، بهادري ۽ جوان مردي جي ڪارنامن سان. ۽ اهي ئي ڳالهيون گڏجي جنگ جي حسن کي ٻيڻو ڪنديون آهن.
جيف ٿاهه (Jephthah) هڪ نوجوان مرد هيو جنهن ديوتائن تي پنهنجي ڌيءُ کي قربان ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن هي چاهي ها ته ان کي بخشي سگهي پيو، جيڪڏهن هي ڪنهن خيالي قصي جي ڌوڪي ۾ نه اچي وڃي ها. مائرون پنهنجي ڳڀرو پٽن کي جنگ جي ميدان جي طرف روانو ڪري ڇڏينديون آهن. اهو به هڪ قابلِ فخر جذبو ۽ بهادري جو شان آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو به دلفريب ڌوڪي ۾ اچي ويندا آهن، جيئن جيف ٿاهه سان ٿيو. اهڙي بهادري ۽ بي فائدي جوان مردي جا جذبا جن جو تعلق بيدردي ۽ سنگدلي سان هجي، ختم ڪري سگهجن ٿا. پر شرط اهو آهي ته انهن جي دلين مان بربريت جو جذبو ڪڍيو وڃي، جن ۾ شيطاني قوتن جو هٿ هوندو آهي.
صرف اهي ئي ماڻهو اهڙي شيطان ديوتا جي پرستش سان خوش ٿي سگهن ٿا، جيڪي معصوم ڇوڪرين جون قربانيون وٺي انهن جون مرادون پڄائيندو هجي. اهڙي مڪروه ۽ ناجائز خواهش رکڻ وارو خدا مقدس نٿو ٿي سگهي. ڇا هڪ عظيم قوم جيڪا پنهنجن بزرگن تي فخر ڪندي آهي، ان ڳالهه جو ادراڪ ناهي رکندي ته قومي فلاح ۽ بهبود جي گهرج ڇا آهي؟ اسان کي مادي آسائشن کان، طاقت، ڪوڙي شان، شوڪت ۽ قتل و غارت کان پرهيز ڪرڻو آهي.
اسان جو مذهب هڪ مضبوط انسانيت جو مذهب آهي. پر قديم مذهبن وانگر هي به بي رحم جذبي، ناڪاره قرباني، جبر ۽ اذيت ۽ غير فطري جوان مردي جهڙي بيهوده رستي تي هلي پيو آهي. اسان جي تهذيب ۽ ثقافت ته اخلاق، تميز ۽ تهذيب جي ذريعي دلين کي کٽي وٺڻ جو فن آهي. جيڪڏهن دنيا کي تباهي کان بچائڻو آهي ته اسان کي گهرجي ته ذهانت ۽ خلوص کي اجاگر ڪريون. نفرت ۽ وحشي پڻي کي دل مان ڪڍي پيار ۽ محبت جي ٻولي ڳالهيون ۽ عظيم مقصد پنهنجي اڳيان رکون. اهي نقلي خدا جيڪي اسان جي ذهنن تي ڇائنجي ويا آهن ۽ جن اسان جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو آهي، اسان کي انهن کان جلد کان جلد نجات حاصل ڪرڻي پوندي، ته انهيءَ ۾ ئي اسان جي ڀلائي ۽ بهتري آهي.