تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول

هي ڪتاب ”سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول“ جنهن جو ليکڪ برٽرينڊرسل آهي اهو ليڪچرن تي مشتمل آهي، سنڌي ترجمو عامر عطار/احسان “فائق” پنهور ڪيو آهي.
انهن ليڪچرن کي تحريري صورت ۾ پيش ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته هڪ اهڙو نظريو سامهون آندو وڃي، جنهن ۾ سياست جي فلسفي کي نئين انداز ۾ پيش ڪري سگهجي؛ جنهن جو بنياد يقين ۽ جوش تي هجي ۽ جيڪو انساني زندگي جو رُخ تبديل ڪرڻ تي قادر هجي.
Title Cover of book سماج کي نئين سر اڏڻ  جا اصول

باب اٺون : نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ انسانيت سان محبت آهي ته، هي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان پنهنجي صلاحيتن سان دنيا کي ڪهڙو فائدو پهچائي سگهون ٿا. گهڻائي ماڻهو انسانيت جي خدمت ۽ فلاح و بهبود جو ڪم ڪرڻ چاهن ٿا. پر چؤطرف مشڪلاتن ۽ ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن ۽ ڪنهن نتيجي تي ناهن پهچي سگهيا ته آغاز ڪيئن ۽ ڪٿان ڪن. مايوسي انهن کي گهيري وئي آهي. اهي ماڻهو بيوسي ۽ الجهن مان نڪري نٿا سگهن. يقيناً اسان جنگ کي بند نٿا ڪرائي سگهون، پر ان لاءِ پنهنجي حڪومت تي زور ته وجهي سگهون ٿا. بين الاقوامي طور تي پنهنجي آواز کي ته پهچائي سگهون ٿا. چڱو، ڇڏيو ان ڳالهه کي، پنهنجو فرض هتان کان ٿا شروع ڪريون ته تعليم جي ميدان ۾ نوان رستا تلاش ڪرڻ گهرجن ۽ انهن سڀني معاشي ۽ معاشرتي معاملن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. جن مسئلن ۾ گهڻيون خرابيون نظر اچي رهيون آهن، انهن جو هن مهل اسان وٽ ڪو به علاج نه آهي. اسان کي هي مڃڻو پوندو ته هيءَ دنيا غلط انداز سان هلي رهي آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن تبديلي جي اميد نه آهي. پر ان جو مطلب هي به ناهي ته اسان هٿ هٿَ تي رکي ويهي رهون. اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟ ان جو فيصلو اڄ ئي ٿئي ته بهتر آهي. جيڪڏهن اسان جي اندر همت ۽ برد باري اچي وڃي ته اسين اهي ڳالهيون سوچي سگهون ٿا ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا جيڪي اسان جي تصور ۾ آهن. سڀ کان پهريان ڪم هي ڪرڻو آهي ته پنهنجي ذهنن مان سموري سوچ مٽائي ڇڏيون ۽ جيڪي ڪجهه اسان کي صحيح لڳي ۽ جيڪي جذبا اسان سمجهون ته دنيا لاءِ مفيد آهن، اهي کڻي اڳتي وڌون. بلند حوصلو ۽ پيش قدمي رکندڙن جي بنيادي طاقت هڪ اهم حيثيت ٿي رکي. اهي ماڻهو بيحد عظيم آهن جيڪي نيڪ مقصد کڻي اڳتي وڌن ٿا ۽ پنهنجي فرضن تي جان قربان ڪن ٿا. سياسي۽ مذهبي رواداري الڳ الڳ نظريا آهن. بي خوف ۽ بهادر فرد ئي ان ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي همت ڪري سگهن ٿا.
جمهوريت هڪ نظريو آهي جيڪو پهريون دفعو آڱرن تي ڳڻڻ جيترن فردن ۾ پيدا ٿيو، جن جو تعلق ڪرامويل جي فوج (Cromwell's army) سان هيو. انهن کي آمريڪا پهچايو ويو. جتي انهن آزادي جي جنگ ۾ حصو ورتو. ان فوج ۾ گهڻا ئي فرينچ به هئا. جيڪي لفائيٽ (Lafayette) سڏرائيندا هئا. اهي ماڻهو جڏهن فرانس ۾آيا ته پاڻ سان گڏ جمهوريت جو نظريو کڻي آيا ۽ هتي جمهوريت مستحڪم ٿي. ان کان سواءِ روسو (Rousseau) جي تعليم ۽ انقلاب کان به متاثر ٿيا.
شوشلزم هڪ عظيم طاقت آهي، جيڪا معاشي ۽ سياسي زندگي ۾ حالتن بدلائي سگهي ٿي. انهيءَ نظريي هيٺ عورت جي محڪومي جي تحريڪ هلائي وئي، جيڪا هاڻي ناقابلِ مزاحمت بڻجي چڪي آهي ۽ ان جي ڪاميابي گهڻو پري نه آهي. ان تحريڪ کي شروع ڪندڙن جا ڪجهه نالا هي آهن. ماري وولسٽن ڪرافٽ (Mary Wollstone craft) جان اسٽوراٽ ملز (John Stuart mills) ۽ شيلي (Shelley).
سوچ جي طاقت وڏي عظيم طاقت آهي. اهي ماڻهو جن کي سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ٿوري وڌيڪ هوندي آهي، سي پنهنجي نصب العين مطابق عظمت حاصل ڪري سگهن ٿا. هي اهي ناياب فرد هوندا آهن جيڪي جيستائين زنده رهندا آهن، انسانيت جي خدمت ڪندا رهندا آهن. انهن جي ابتڙ اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جيڪي عام زندگي گذاريندا آهن ۽ ڪنهن بگاڙ ۾ پوڻ کانسواءِ دنيا مان گذاري ويندا آهن(بقول شاه عبداللطيف رحه ”جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي“). جيڪو ڪجهه انهن تي گذرندو آهي بس ان کي تقدير سمجهندا آهن.
پر هاڻي دنيا بابت نوان خيال جنم وٺي رهيا آهن ۽ هي تصور زور وٺي رهيو آهي ته هاڻي مسئلا ۽ حالتون اهڙا ناهن رهيا جو انهن جي رضا تي راضي رهجي. هاڻي دنيا کي ضرورت آهي اهڙن ذهين، بي لوث ۽ باهمت فردن جي جيڪي آزادي جي زبردست لهر کڻي اچن ۽ دنيا تي حڪومت ڪن.
ڪو به اجتماعي مقصد تنها حاصل نٿو ڪري سگهجي. ڪجهه انساني مسئلا ايترو قدر ڳنڀير آهن جو اهي رڳو رسمي نظريا قائم ڪري بي جان ۽ بي ثمر رهجي ويندا آهن. صحيح سوچ ڇا آهي؟ان جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي. پر اها ڪا مجبوري به نه آهي جو انسان مايوس ٿي هٿيار ڦٽا ڪري يا خوف وچان اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري.
جيڪڏهن اسين اميد جو نئون ڪرڻو روشن ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪنهن سياسي نظريي جي ڳولا ۾ پنهنجو پاڻ کي گم ڪري ڇڏيون يا اسان کي ڪا اهڙي شي ايجاد ڪرڻ گهرجي، جيڪا يوٽوپيا واري نظام جهڙي هجي. اهو رستو اسين ڪيئن تلاش ڪري سگهون ٿا؟ ان لاءِ بهترين سوچ ۽ اعلى خيالن جي ضرورت آهي، جيڪي صحيح رستي لاءِ رهنمائي ڪري سگهن. پر جڏهن اسين عقل ۽ شعور جي روشني ۾ ڏسون ٿا ته سوچڻ لڳون ٿا ته صحيح رستي مان اصل مراد ڇا آهي؟ انهيءَ لاءِ ٻه عام اصول سامهون اچن ٿا جيڪي عمل جي قابل آهن:
1. معاشري جي مخصوص افرادي واڌ ويجهه ۽ قوتِ حيات کي وڌ ۾ وڌ ترقي ڏني وڃي.
2. اهو تعداد هڪ حد تائين رهي. ايترو گهڻو نه وڌي جو ٻيا ان جي ضد ۾ اچن.
اهي ٻئي اصول تعظيم ۽ احترام سڏائبا آهن. چوڻ جو مطلب هي آهي ته ٻين جي زندگي به ايتري ئي اهميت رکندي آهي، جيتري اسان جي. انهن اصولن ۾ سٺي صلاح ۽ دورانديشي جي ذريعي آزادي جي به ترويج ڪئي وئي آهي. فرض ڪريو ته ٻئي اصول اطيمنان بخّش آهن ته هاڻي انهن ٻنهي کي جوڙڻ يا انهن جي پورائي ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟ سڀ کان پهريان ته اسان کي پنهنجي زندگي جو خيال رکڻو آهي، تنهن کانپوءِ معاشري جو ۽ پوءِ سڄي دنيا جو.
دنيا جون اڪثر شخصيتون ڪيترن ئي ڏکين ۽ پيچيده رستن تي عمل ۾ سرگرم آهن. جرمنن پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪيو آهي ته هو زندگي جي قوت ۽ توانائي سان غير معمولي طرح ڀريل آهن. پر بدقسمتي اها آهي ته اهي هڪ اهڙي گس تي عمل ڪري رهيا آهن جيڪو انهن جي ان دعوى جي نفي ڪري ٿو. يورپ، آفريڪا جي نسبت ۾ وڌيڪ قوت ۽ توانائي رکي ٿو، پر ان پنهنجي توانائي آفريڪا جي صنعتي نظام کي غلام بڻائڻ تي خرچ ڪري ڇڏي ۽ ڏکڻ اڀرندي يورپ هنن ڏينهن ۾ آفريڪا مان شيدي مزدورن کي اغوا ڪري آمريڪي واپارين جي حوالي ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي هنن کي غلام بڻائن ۽ انهن جي رت جو هڪ هڪ ڦڙو نپوڙي پنهنجي ٽجوڙي ڀريندا وڃن.
عورتن جي ترقي جي راه ۾ جيڪي رڪاوٽون هيون، اهي مستقبل ۾ پري ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي رهيا آهن. هاڻي انهن هن اصول کي اپنايو آهي ته عزت ۽ عظمت جي لاءِ جيڪڏهن جان به قربان ڪرڻي پوي ته به اهي ان قرباني کان انڪار نه ڪنديون. انهن جو هي عزم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ڪيتريون ئي سياسي تبديليون جلد ئي اچي سگهن ٿيون. انفرادي زندگي کي دراصل معاشري جي زندگي بلڪه سڄي انسانيت جي زندگي ۾ ضِم ٿي وڃڻ گهرجي. ان جي عليحده ڪا حيثيت ناهي.
واڌ ويجهه اهو عنصر آهي جيڪو دٻائي نٿو سگهجي، پر اهو لازم آهي ته ان کي مثبت انداز سان استعمال ڪيو وڃي. اڪثر ڪري ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ويندي آهي۽ تڏهن نشوونما جو ٻيڙو غرق ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ بيوسي جا احساس پيدا ٿيندا آهن، جيڪي جذبن تي اثر انداز ٿيندا آهن. مسئلو ان وقت خراب ٿيندو آهي جڏهن علم جي کوٽ وچ ۾ ايندي آهي.
هڪ فنڪار جڏهن ڪو شاهڪار تخليق ڪندو آهي ته ان جو فن خود پنهنجي وات سان سچ ڳالهائيندو آهي، پر اهو شخص جيڪو فنڪار يا مصور نه آهي، ان کي گهرجي ته پنهنجي اندر ۾ لڪيل فن کي ٻاهر ڪڍي اچي ۽ تلاش ڪري ته هو ڪهڙو ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿو. اهڙن ماڻهن کي همت نه هارڻ گهرجي. انهن کي پنهنجي زندگي ۾ تبديلي ۽ سڌارو آڻڻو پوندو ۽ پوءِ اهي پاڻ ئي محسوس ڪندا ته انهن جي زندگي ڪيتري نه شاد آباد ٿي وئي آهي.
خارجي ۽ ظاهري پابنديون ايترو ته نقصانڪار آهن جيترو ٻاهريان عنصرَ خواهشن کي ورغلائيندا آهن. محبت ۾ ناڪامي هڪ وڏي مايوسي ۽ نااميدي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پر باهمت هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهو جيڪڏهن پوري ڪوشش سان گڏ پاڻ تي اعتماد به رکي ته اهو دولت به حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ محبت به.
جڏهن بنيادي جوش ۽ جذبي کي خواهش رد ڪندي آهي ته ان کي نااميدي جو احساس ٿيندو آهي. اميد کي دل ۾ ايترو گهڻو نه ويهارجي جو جڏهن ٽٽي ته انسان جي دل به چڪنا چور ٿي وڃي. خارجي تحريڪ اهو نقصان نٿي پهچائي جيڪو بيوسي ۽ شڪست کائڻ سان پهچندو آهي. جيڪڏهن جذبو مضبوط آهي ته هڪ اهڙو ڏينهن به ايندو جڏهن اهو مقصد حاصل ڪري وٺندو. ڪجهه ماڻهن جو خواهشون جڏهن پوريون ناهن ٿينديون ته اهي تباهي جي طرف گامزن ٿي ويندا آهن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کي پنهنجو لباس بڻائي ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن معاشرو صحيح رستي ڏانهن رهنمائي ڪري ها ته نيپولين جنگ جي راهه اختيار نه ڪري ها، هڪ مهم جي حيثيت سان هو مغربي آمريڪا ۾ گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهي پيو، جيڪو هن ظلم ۽ ڏاڍ ۽ خونخواري مان حاصل ڪيو.
انفرادي زندگي جي ظاهري طرح هي خوبي هئڻ گهرجي ته ڏسڻ وارا هر قدم تي ان جي تعريف ڪن. ان جا تخليقي جذبا، تعليم، اخلاق ۽ دماغي صلاحيتون ۽ اميدون اڳتي ئي اڳتي وڌنديون وڃن. اها زندگي ان صورت ۾ مڪمل ٿي سگهي ٿي، جڏهن مردن ۽ عورتن ۾ تخليقي جذبا هڪ ٿي ڪم ڪن. انهن جي زندگي جو مقصد هڪ گڏيل زندگي لاءِ هجي. ضروري ناهي ته سڀ ميمبر معاشري ۾ انفرادي طرح تي هڪٻئي لاءِ مددگار ثابت ٿين پر جيئن جيئن معاشرو ترقي ڪندو ويندو آهي، تعاون جو راهون کلنديون وينديون آهن. اها طاقت ٻن حصن تي مشتمل آهي، هڪ تخليقي ۽ ٻيو غير تخليقي، جنهن کي آمد ۽ تڪلف به چئي سگهون ٿا.
سترهين صدي ۾ ”مذهبي اخلاقي مسئلن ۾ احتياط“ (انگلينڊ ۾ هڪ نظريو Puritanism) پيدا ڪيو ويو آهي. هي نظريو جوش ۽ جذبن کي اڀاريندو آهي ۽ زندگي جي قوت کي نقصان پهچائيندو آهي. جنگ جڏهن آغاز تي هجي ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ قوم جي زندگي پوري ٿيڻ جي طرف گامزن آهي. پر اڳتي هلي دنيا کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آهي. جيئن موجوده جنگ جي صورتحال ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
جنگ هي ثابت ڪيو آهي ته مهذب ملڪن جي وچ ۾ جيڪو نظم و ضبط هلي رهيو هو، ان جي اندر نقصان ڏيندڙ انداز ۽ شڪ شبهن جي فضا قائم ٿي وئي آهي. اهڙي طرح ظاهر ٿيو ته اصلاح جي ڪا طاقتور تحريڪ عالمگير پيماني تي آڻڻي پوندي. اهي ماڻهو جن جي خواهش آهي ته دنيا وڌيڪ بهتر بڻجي، انهن کي ٻين ملڪن ۾ موجود پنهنجي هم خيال ماڻهن سان تعاون ڪرڻو پوندو. هي هڪ وقتي مسئلو نه آهي، ان کي پوري طرح اپنائڻو پوندو ۽ اهو ڪم حب الوطني جي ذريعي ٿي سگهي ٿو. هاڻي رهيا ڪجهه قومي ۽ عالمي سطح جا سوال، جيڪي ڪجهه هن قسم جا آهن ته نوجوانن جي رڳن ۾ جيڪا تخليقي قوت ڪارفرما آهي، اها مثبت انداز ۾ وڃڻ بجاءِ تباهي ڏانهن وڌندي پئي وڃي.
انساني زندگي ۾ جذبا ۽ خواهشون مختلف ٿيندا آهن. هڪ اهي جيڪي تعميري ۽ ٻيا زوال جا چئي سگهجن ٿا. اسان جا ڪجهه فعل تعمير جي طرف اشارو ڪن ٿا، پر گڏوگڏ تباهه ڪندڙ خواهشون به منهن ڪڍن ٿيون ۽ ٻين جي مال ۽ جائيداد تي قبضو حاصل ڪري وٺن ٿيون. بهترين زندگي اها آهي جنهن ۾ تعميري جذبا اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. هي تسليم ڪرڻو پوندو ته جرمن جي قانون تحت اهو انتهائي نفرت جي قابل آهي ۽ مڪروه آهي. جيڪي مجرم ان ۾ ملوث آهن اهي عبرتناڪ سزا جي لائق آهن. پر مسئلو هي آهي ته مجرم انتهائي طاقتور ٿي ويا آهن ۽ جيستائين حڪومت غيرجانبداري ۽ انصاف سان ڪم نه ڪري، انهن مان جند نٿي ڇڏائي سگهي. حقيقت ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن خطرناڪ مجرمن جي پاڙ تڏهن ئي پٽي ڇڏڻ گهرجي جڏهن اهي ڪر کڻڻ جي ڪوشش ڪن.
هاڻي اسين ڳالهه ٿا ڪريون تخليقي جذبن جي. هي چئي ته اسين ڇا کائينداسين، ڇا پئنداسين يا اسان لاءِ ڪپڙا ڪٿان ايندا؟ خواه مخواه رڳو اهو سوچي پنهنجو پاڻ کي پريشان نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن هڪ رياست جنگ جي ذريعي ٻئي ملڪ تي قبضو ڪري وٺندي آهي ته ان کي ڇا چيو ويندو آهي؟ قبضي جو مطلب آهي ڪنهن بهتر يا عمده شي تي قبضو ڄمائڻ، ان کي قابو ۾ رکڻ ۽ ٻين کي خوشين کان محروم ڪري ڇڏڻ. تخليق جو مطلب آهي دنيا کي ڪو خاص تحفو ڏيڻ جيڪو انسانن لاءِ خوشي جو سبب بڻجي سگهي.
جڏهن کان آبادي جي وچ ۾ مادي شيون ورهائجي ويون آهن ۽ جڏهن کان ڦرلٽ جو رجحان وڌي ويو آهي، اتي حڪومت جو رعب هئڻ گهرجي. ان طرح باضابطه هڪ سٺو معاشرو وجود ۾ ايندو. پر اهوسڀ ڪجهه ابتدا آهي هڪ سٺي زندگي جي آغاز جي، جنهن ۾ تخليق کي آئيني حيثيت حاصل هوندي آهي ۽ ناانصافي جو قلعو پَٽِ پئجي ويندو آهي.
سياست سان گڏ ذاتي زندگي جو به اصول هي آهي ته هر قسم جي تخليق جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ۽ ان طرح اهي جذبا ۽ خواهشون گهٽ ڪيون وڃن، جيڪي ٻين جي جان و مال تي قبضي لاءِ پيدا ٿين. پر هاڻي ڇا ڪجي جو هن وقت رياست خود جنگ ڇيڙي مادي فائدن تي قبضي ڪرڻ جو جنون ڏسيو آهي. ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته غريبن جي مقابلي ۾ رياست دولتمندن جي حمايت ڪري ٿي ۽ انهن جي هر خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ٻين رياستن سان مقابلو ڪري عوام ۾ احساسِ ڪمتري پيدا ڪري رهي آهي.
اسان جو مڪمل معاشي نظام،ايتريقدر جو مختلف شين جي پيداوار تي به، جيڪو تخليق جو ذريعو آهي، قبضا گيري تي قائم آهي. اهڙي وقت ۾ بغاوت جو جذبو منهن ڪڍي سگهي ٿو ۽ ڪو به جوش وارو جذبو رنگ لائي سگهي ٿو. جيڪڏهن حڪومت چاهي ته صنعت ڪارن جي هڪ تنظيم قائم ڪري، مزدورن ۽ صنعت ڪارن جي وچ ۾ هڪ سودو ڪري سگهي ٿي، جيڪا تجارت جي فروغ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ان تنظيم جو بندوبست ۽ انتظام حڪومت وٽ ئي رهندو.
تعليم، شادي ۽ مذهب کي فطري ۽ لازمي تخليق چئي سگهجي ٿو. پر اهي ٽئي شعبا بي سبب مداخلت جي ڪري تباهه ڪيا ويا آهن. تعليم کي عام طور تي انهن معنائن ۾ فروغ ڏنو وڃي ٿو، جو اهي ادارا دولت ۾ اضافي جو سبب بڻجندا آهن ۽ معاشري ۾ جاري خرابين کي ختم ڪرڻ جي بدران شيطاني خيالن ۾ غير اخلاقي تصورن کي جنم ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته اسان جي قومي ذميواري هئي ته اعلى اخلاق ۽ بلند ظرفن جي جذبن کي بيدار ڪيو وڃي. اسان جو فرض هيو ته اسين ذهانت سان ڀرپور شخصيتون ۽ مثالي انسان بنايون ها جيڪي دنيا ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.
شادي جي مسئلي ۾ محبت ۽ دلچسپي هڪ تخليقي ڪم آهي. پر اسين حسد ۽ ساڙ جي بندشن ۾ جڪڙيل آهيون. مذهب، جنهن جي ذميواري آهي ته آزاد خيالي ۽ جذبن کي ڏاهپ عطا ڪري، گهڻن فسادي معاملن ۾ الجهي رهجي ويو آهي. ان ڪري انهن سڀني گڏيل مليل خيالن غير اخلاقي ۽ ناجائز قبضي جا تصور اڀارڻ ۾ ڪافي مدد فراهم ڪئي آهي ۽ تعميري قوت گهڻي تيزي سان زوال پذير ٿي رهي آهي. قومي نظريي جي خلاف اهڙين خواهشن کي فروغ ڏنو پيو وڃي، جيڪي ٻين کي ڪمزور تر ڪرڻ تي زور ڏين. اها ڪا سٺي ڳالهه ناهي. پر اهو ان خوف کان بهتر آهي ته ڪٿي ٻيو ان کي تباهه نه ڪري ڇڏي. اهي ٻئي محرڪ اهڙا آهن جيڪي سياست جي ڪشمڪش ۽ ذاتي زندگي جي چوڌاري گردش ڪندا رهندا آهن.
انسان جڏهن کان تعميري جذبن جي نظريي کي اپنايو آهي تڏهن کان ان مختلف قومن جي وچ ۾ فرق ختم ڪيو آهي. اهي جذبا مختلف قومن ۾ هڪجهڙا آهن ۽ ٻين جي تعميري خواهش ۾ ڪا رڪاوٽ نٿا وجهي سگهن. پر بس اهي بالا دستي جا جذبا، جيڪي هر وقت فساد پيدا ڪندا رهندا آهن ۽ ڪنهن به وقت سڪون حاصل ڪرڻ ناهن ڏيندا.
حالتن ۽ حادثن جي مدِنظر جذبن جي ابتدا ۽ سببن، جيڪي انهن کي تبديلي تي اتساهيندا آهن، انهن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. تعليمي ۽ سماجي ادارا انهيءَ طرح تعمير ڪرڻ گهرجن جو اهي انهن جذبن کي اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائن، جيڪي مختلف فردن ۾ هڪجهڙا جذبا پيدا ڪن ۽ انهن جذبن کي ڪمزور ڪن جيڪي تضاد ۽ فساد جي فضا پيدا ڪن ٿا.
هي مڃيل ڳالهه آهي ته جذبي جي ذريعي، انفرادي زندگي ۽ معاشري جي زندگي جي ذريعي سان اتحادي قوت ۽ هدايتن جي راهه تلاش ڪري سگهجي ٿي. خواهشون ٻن قسمن جون هونديون آهن، انهن ما هڪ بيروني ۽ ٻي اندروني سڏبي آهي. پهرين جيڪا بيروني آهي، ان کي بيروني رڪاوٽ چئبو آهي. اها رڪاوٽ کڻي ٻين جي مخالفت تي مبني هجي يا فني مشڪلات يا ڪنهن عزم ۽ ارادي جي هجي. خواهش جو اهو قسم مضبوط جذبي جو اظهار آهي، جڏهن ڪا فوري ڪاميابي ناممڪن لڳي رهي هجي ته اهو جذبو انهن جي مدد ڪندو آهي. وڌيڪ هي ته اهو جذبو سڀني ماڻهن ۾ درجه بندي سان اُتم موجود هوندو آهي، جن جي زندگي تضادن سان ڀريل هجي ۽ رڳو ان وقت زوال پذير ٿيندو آهي، جڏهن انهن جي زندگي جي قوت ڪمزور ٿي ويندي آهي.
هن مسئلي ۾ اندروني طور تي خواهشون ۽ جذبا هڪ فساد ۾ ملوث آهن ۽ هڪجهڙي فطرت وٽ ڪو موقعو نه آهي ته انهن تي قابو پائي سگهي. اندروني خواهش ان وقت اڀرندي جڏهن موقعو ملندو ۽ اها رڳو انهن ئي ماڻهن جي خاصيت آهي، جيڪي پنهنجي زندگي کي خاص مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن. ان مسئلي جو ڪو حل ڪڍڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن خواهش جذبن جي جاچ پڙتال ڪندي آهي ته اها پنهنجي طاقت جو رخ موڙي وٺندي آهي. جيڪڏهن جوش جي جاچ پڙتال وڌيڪ مضبوط ۽ سنجيده آهي ته، خواهش ان جي طاقت کي وقتي طور تي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي.
هڪ زندگي جيڪا مسلسل مزاحمت ۽ هچڪچاهٽ جو شڪار هجي، اها هڪ ڀرپور ۽ خوشگوار زندگي نٿي چئي سگهجي. جذبا ان وقت مرڻ لڳندا آهن جڏهن اهي مستقل نگراني ۾ هجن. جيڪڏهن نه به هجن ته اندر ئي اندر غائب ٿي ويند آهن ۽ ڪنهن ٻئي انداز ۾ ٻاهر ايندا آهن. انهن سببن جي بنياد تي اندروني خواهش کي ٿورو پري پري رکڻ گهرجي ۽ جوش جي خواهشن ذريعي انهن تي قابو پائڻ گهرجي.
زندگي کي هڪ رنگ ڏيڻ لاءِ خواهش تي قابو پائڻ نهايت ضروري آهي. انهن نفسياتي خواهشن کي ضبط ڪرڻو پوندو جيڪي خوشگواري ۽ مستي جي طرف لاڙو ٿيون ڏيارن. گندا خيال، شراب نوشي، بيهوشي جي دوا، دردناڪ مذاق ۽ دل لڳي اخلاقي معيار جي خلاف آهن. دنيا ۾ اهڙا بيشمار وندر آهن جيڪي مهذب ماڻهو پسند ڪندا آهن ۽ انهن کان لطف اندوز ٿي غم کان بي نياز ٿيندا آهن. هاڻي ضرورت ڇا جي آهي؟ نه ئي دنيا کي ڇڏڻ جي ۽ نه ئي مذهبي احتياط (Puritanism) جي.
يقيناً دنيا جون دلچسپيون، رنگ ۽ مهم جوئي به زندگي جو حصو آهن. پر هي ناممڪن آهي ته خوشگوار زندگي گذارڻ لاءِ جن شين جي ضرورت هوندي آهي انهن کي نظر انداز ڪيو وڃي، داخليت جو فلسفو (Subjectivism)، جيڪو اسان جي سوچ ۽ خواهش کي هدايت ڏيندو آهي ۽ هي سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي ته ڪا خارجي شي زندگي کي نامڪمل بڻائڻ ۾ جوش سان ڀريل آهي. اهڙو شخص جنهن جي زندگي ئي خوشين سان ڀريل آهي، اهو آهستي آهستي انهن شين کي ڇڏي ڏئي ٿو، جن جي ذريعي هن خوشيون ۽ خوشحالي کي پنهنجي زندگي جي حاصلات بڻايو هيو. اهي انداز ۽ جذبا جيڪي ڪڏهن هن جي دل ۾ جاڳندا هئا، جيڪڏهن انهن جو قدر نه ڪيو ويو ته پوءِ ان زندگي جو ڪهڙو فائدو؟ سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته هاڻي اهي ڳالهيون ان شخص کي ڇو نٿيون ڀائن جن تي ان جي زندگي جو مدار هيو. هاڻي بددلي ۽ اُداسي ان جي زندگي برباد ڪرڻ ۾ لڳيون پيون آهن. هڪ مقصد جيڪو زندگي کي متحد ڪري ٿو، اهو آهي طويل دلچسپي ۽ مسلسل مصروفيت ۽ واري جي گهر بجاءِ ڪا يادگار تعمير.
داخليت جي فلسفي جا الڳ انداز آهن. جڏهن ڪجهه ماڻهو عشق ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ته اهي اڃا به وڌيڪ خوش مزاج ۽ خوش اخلاق ٿي ويندا آهن. پر اهي ناهن ڄاڻيندا ته محبت اندر ئي اندر انهن کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهي آهي. جيئن جيئن جوش اڀرندو آهي، محبت جو رُخ هڪ ٻئي زاويي جي طرف مڙي ويندو آهي ۽ ماڻهو سوچڻ لڳندو آهي ته ڇا اهو ئي سندس زندگي جو مقصد آهي؟ آهستي آهستي هي احساس وڌيڪ گهرو ٿيندو ويندو آهي ته ڇا هو محبت ڪرڻ لاءِ ئي پيدا ڪيو ويو آهي يا ان جون ڪجهه ٻيون به ذميواريون آهن.
پروٽيسٽنٽ مذهب ۽ اخلاقيات جي ميلاپ سان جيڪي ڳالهيون پيدا ٿيون هيون، اهو رستو روح جي رستي جي بجاءِ بيروني دنيا جي طرف رهنمائي ڪري رهيو آهي ۽ گناهه جو رستو ڏسي رهيو آهي. داخليت جي فلسفي ۾ خوشين جي سيرت جي ڳولا هڪ ئي طرح پريشان ڪندڙ هوندي آهي ۽ فلسفو ايپي ڪورس (Epicureanism) (نالي حڪيم انساني عضون کي لذت جي حاصلات جو ذريعو قرار ڏنو هيو) ۽ (Stoicism) (ان مذهب جا پيروڪار جنهن ۾ صرف ڀلائي کي زندگي جو مقصد قرار ڏنو ويو هيو ۽ ڏکن سورن کان آزاد ٿيڻ جي تلقين ڪئي ويندي هئي) اِهي اُهي نظريا آهن جن جي اندر هڪجهڙا اخلاقي فساد موجود آهن. انهن جي ابتڙ مارڪوس اورليئس (Marcus Aurelius) جيڪي قانون واضح ڪيا آهن، اهي جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين بهتر آهن مگر گهڻا دلڪش نه آهن.
عورت ۽ مرد جي وچ واري زندگي کي جيڪڏهن ترتيب ۾ آڻڻو آهي ته انهن جي اندر پوشيده تعميري جذبن کي بيدار ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي هڪ مقصد جي تعين لاءِ گهڻا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.
اسان جون خواهشون ڪهڙيون آهن ۽ اسين ڇاٿا حاصل ڪرڻ چاهيون. اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ادارن جا نظريا ۽ خيال ڪهڙا آهن. دستور جي ذريعي نوان رستا تلاش ڪيا وڃن ۽ انهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
اسان جي سوچ ان وقت تائين بي لاڀ رهندي جيستائين اسان ان کي ڪنهن مضبوط سياسي دائري ۾ شامل نه ڪريون. اها سياسي جماعت ضرورت وقت امداد مهيا ڪري سگهي، جنهن جي اسان کي ضرورت آهي ۽ اها ضرورت آهي امن ۽ انصاف جي. اها تبديلي وڏي پيماني تي هئڻ گهرجي. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ مزدورن جون شڪايتون بيحد اهم ۽ عام ٿي وينديون ۽ انهن جو احتجاج يورپ ۾ ڦهلجي ويندو.
جيڪڏهن مهذب دنيا کي، معاشي ڍانچي ۽ زندگي جي فلسفي ۾ به، زوال کان بچائڻو آهي ته ان کي بنيادي تبديلي جي ضرورت آهي. اسان مان اهي ماڻهو جن کي هي احساس آهي ته اها تبديلي ڪيئن هئڻ گهرجي، جيڪڏهن چاهن ۽ پسند ڪن ته مستقبل تي گهرا اثر وجهي سگهن ٿا. اسان دريافت ڪري سگهون ٿا ۽ تبليغ ڪري سگهون ٿا ان تبديلي لاءِ جنهن جي اسان کي ضرورت آهي. اهو مضبوط عقيدو اپنايون جيڪو مثبت آهي ۽ انهن شين کان بچڻ جي ڪوشش ڪريون جيڪي غير مهذب ۽ غير ضروري آهن. اسان کي هڪ اهڙي هم آهنگي ۽ ان جذبي جي ضرورت آهي جيڪو نيمڪ حلالي پيدا ڪري سگھي.
جيئن ئي اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته ڪنهن قسم جي تبديلي جي ضرورت آهي ته ان لاءِ ڪم ڪرڻ آسان ٿي ويندو. پر جيستائين جنگ ختم ٿيندي تيستائين خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون برباديون ٿي چڪيون هونديون، ان جي تفصيل ۾ وڃڻ فضول آهي. هڪ شي جيڪا يقيني آهي اها هيءَ آهي ته اسان کي نئين سوچ ۽ خيالن جي ضرورت پوندي. سياسي فلسفي ۾ تحريڪ جو جيڪو مقصد نمايان طور تي بيان ڪيو ويو آهي، اهو اسان لاءِ ڪو خاص مفيد نه آهي. اهي جوش ۽ جذبا جيڪي جنگ جي ڪري اڀري آيا آهن، اها آهي جذبن بابت واضح سوچ، جيڪا اڃا اندر دٻيل آهي ۽ عوام کي معلوم هئڻ گھرجي ته ان کي فائديمند ڪيئن بڻايو وڃي.
زندگي کي سنوارڻ يا بگاڙڻ ۾ معاشي نظام هڪ اهميت رکي ٿو. موجوده صنعتي نظام زندگي جو سڀ کان وڌيڪ تباه ڪندڙ عنصر آهي. مشينون ۽ بي شمار ناقابلِ استعمال پيداوار، انهن سڀني کي ڪنهن بهتر نظام جي دائري ۾ آڻي سگھجي ٿو. زندگي جو اهم ترين نظريو هن وقت هي آهي ته اهي ڪهڙا معاملا آهن، جيڪي انسان کي ان جي حد اندر مڪمل خوشيون مهيا ڪري سگهن ٿا. پر اهو فلسفو نقصان ڏيندڙ به آهي چاڪاڻ ته اهو انسان کي ان طرف وٺي ويندو آهي جنهن جو نتيجو ڪنهن تباهي جي طرف وڃي نڪري ٿو.
بهتر هي آهي ته هڪ تعميري جذبي کي بيدار ڪيو وڃي، جيڪو هر هڪ جي انفراديت کي اجاگر ڪندو آهي. اعلى قدر ۽ بهترين فلسفا وڏي اعلى تعليم کانپوءِ ذهن نشين ٿيندا آهن. بهترين خيال ماضي جي بجاءِ مستقبل جي طرف ڇڪيندو آهي ۽ هڪ صحيح رستي تي هلڻ جي تلقين ڪندو آهي. هي ڳالهه ناهي ته ماڻهو انهن نيڪ ڳالهين کي نٿا سمجهن؛ پر انهن کي هڪ اهڙي قيادت جي ضرورت آهي جيڪا کين سڌو رستو ڏيکاري سگهي.
هي دنيا هڪ فلسفي جي تلاش ۾ آهي يا هڪ مذهب جي جيڪو زندگي کي اجاگر ڪري سگهي. پر زندگي کي اڀارڻ سان گڏوگڏ هي به ضروري آهي ته زندگي جي طرف کان عنايت ڪندڙ ٻين قدرن جو به احترام ڪيو وڃي. زندگي کي رڳو زندگي سمجهي گذارڻ سراسر بي وقوفي آهي. جيڪڏهن زندگي مڪمل طرح انسانيت لاءِ آهي ته ان کي ڪو خاص ڪارنامو سرانجام ڏيڻو پوندو، جيڪو هڪ روشن مناري وانگر نظر اچي. اهي ماڻهو جيڪي زندگي جو قدر ڪندا آهن، اهي خود غرض ناهن ٿي سگھندا. انهن جو نصب العين ايترو ته اعلى ۽ بلند هوندو آهي جيئن ڪو نوراني ڪرڻو، جيڪو آسمان کان لهي سڌو دل ۾ سمائجي ويو هجي.
زماني جي رنگ (Time)، رابطي ۽ تعلق کي جيڪڏهن اسان جوڙي ڏسنداسين ته معلوم ٿيندو ته ان سان قوت، امن جو پيغام ۽ جدوجهد جي طاقت به جڙيل آهي. اسان جي دنياوي زندگي جو اهو خوشگوار تصور جيڪو (Spinoza) جي قول مطابق خدا سان محبت جو هڪ روشن مثال آهي. اهي ماڻهو جن جي دل ۾ هي جذبو هڪ دفعو سمائجي وڃي، اهي تسليم ڪندا ته اها دور انديشي جي چاٻي آهي.
اسان کي عملي طور تي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ انفرادي طور تي هر هڪ لاءِ اهو فيصلو گهڻومشڪل آهي. ان لاءِ اسان جون مصروفيتون ۽ موقعا اجازت نٿا ڏين. پر جيڪڏهن روح جي عظمت اسان جي اندر موجود آهي ته اسان پاڻ ئي ڄاڻي وٺنداسين ته اسان کي ڇا اپنائڻو آهي ۽ ڪهڙين شين کان پرهيز ڪرڻي آهي.
رابطو ۽ تعلق، فاني ۽ غيرفاني ڇا آهن؟ جيڪڏهن اسين پنهنجي زندگي وقف ڪري ان مصيبت زده دنيا کي خوبصورت بڻائي سگهون ٿا ۽ ڪو مقدس (Devine) تحفو عطا ڪري سگهون ٿا ته اهو هڪ ڪارنامو ٿيندو. اسان کي زندگي کي تعميري حيثيت ڏيڻي پوندي. اڄ ڪلهه بغض ۽ ظلم ۽ ڏاڍ عروج تي پهتل آهن ۽ دنيا هڪ بدصورت روپ ۾ ڏند ڪڍي اسان جي سامهون بيٺي آهي. ڇا اسان ان کي تباهي جي کڏي ۾ اڇلايون؟ ڇا اهو ئي اهو فرض آهي جيڪو انسانيت اسان کان چاهي ٿي؟
اسان جو فرض واڪا ڪري چئي رهيو آهي ته معاشري کي ان قابل بڻايو جنهن ۾ انسان رهي سگهن. هڪ اهڙو معاشرو جيڪو مهذب ۽ فخر جي قابل هجي. اهو ڪو ايترو مشڪل به ناهي بس همت ۽ جذبي جي ضرورت آهي. اهي ماڻهو جيڪي هڪ نئين نسل کي نئين سر تعمير ڪرڻ چاهين ٿا، دنيا ۾ انهن کي غربت، مفلسي، اختلاف راءِ، تنهائي ۽ طرح طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. پر انهن کي زندهه رهڻو پوندو سچائي سان، پيار ۽ محبت سان، اعتدال پسندي ۽ ناقابلِ شڪست يقين ۽ اعتماد سان، تڏهن ئي اسين ڪنڌ کڻي هلي سگهنداسين. انهن کي ايماندار ۽ روشن خيال ٿيڻو پوندو، بي خوف، دلير ۽ صرف اعلى ۽ وسيع خيال رکندڙ ٿيڻو پوندو. هڪ اهڙي تنظيم يا ادارو قائم ڪرڻو پوندو جنهن ۾ عورتون ۽ مرد ٻئي شامل هجن، جيڪي پڪو ارادو ڪري ڇڏين ته اهي هر مشڪل جو مقابلو ڪندا، رڳو اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن ٿا.
عقل، ڏاهپ ۽ اميد اهي شيون آهن جن جي دنيا ۾ ضرورت آهي. جڏهن گوٿس (Goths) روم کي تباهه ۽ برباد ڪيو ته ان وقت سينٽ آگسٽائين هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو نالو ”خدا جو شهر“ (City of God) هيو. هن ڪتاب ۾ اميد جو هڪ ڪرڻو نظر اچي ٿو. ته رڳو ايترو ٿيو جو ماڻهو صدين تائين خواب ڏسندا رهيا ۽ پوءِ روم هڪ تنگ ۽ تاريڪ ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويو. هاڻي اسان تي فرض آهي ته هڪ نئين اميد کي آواز ڏيون ۽ ان کي جاڳايون. جڏهن ته وقت تمام خراب آهي، انڪري اسان کي گهرجي ته گهڻي کان گهڻو ڪم ڪريون. رڳو هڪ اعلى سوچ ۽ همت ئي اسان جي ايندڙ نسلن کي تباهي کان بچائي سگهي ٿي.
هي منهنجي خوش قسمتي آهي ته ليڪچرار جي حيثيت ۾ مونکي مختلف ملڪن جي ذهين فردن کي خطاب ڪرڻ جو موقعو مليو. هنن ۾ اهي نوجوان به شامل آهن جن ۾ اميد جي شمع روشن آهي. اهي ماڻهو جن جون تعميري صلاحيتون زنده آهن ۽ جيڪي ڄاڻي ويا آهن ته دنيا جو گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه حصو سڌاري ۽ سنواري رهڻ گهرجي، جنهن ۾ انهن کي زنده رهڻو آهي.
بيشمار فرد هن جنگ ۾ زندگي تان هٿ کڻي ويٺا آهن. خبر ناهي ڪيترائي محتاجي ۽ مفلسي جي حالت ۾ پريشان ۽ نارض آهن ۽ انهن جو ڪو به سهارو ناهي. جيڪي زنده آهن اهي به نالي ماتر. انهن جون دليون وساميل آهن ۽ انهن جو اميدون ۽ خوشيون دم ٽوڙي چڪيون آهن. جذبا مري چڪا آهن ۽ انهن دردناڪ حالتن ۾ قوم پنهنجي رهنمائن ۽ سربراهن جي طرف ڏسي رهي آهي. اسان جي انهن کي التجا آهي ته خدا ڪارڻ هاڻي بس ڪيو. جنگ جي فضا کان ٻاهر نڪرو ۽ انهن نوجوانن سان ملاقات ڪيو جيڪي مايوسي ۽ حسرت وچان آسمان جي طرف نهاري رهيا آهن.
اهڙي ناسازگار حالتن ۾ جيڪڏهن اڳتي وڌي انهن ماڻهن کي ڳلي لڳايو وڃي ته اهي اڌ مئل ماڻهو وري جيئڻ لڳندا. انهن کي وري نئين زندگي ملي ويندي. انهن کي ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ ته اهي وري والدين جي محبتن سان آباد ٿي ويا هجن ۽ تڏهن ئي اهي ماڻهو جيڪي تباهي جا ذميوار آهن، انهن جي دلين مان هڪ تڙپ ۽ هڪ اواز اٿندو.
”نه! اهو سڀ ڪجهه درست نه آهي، اها ڪا سٺي ڳالهه نه آهي ۽ جنگ ڪو مقدس ڪم نه آهي. جيڪا تباهي ۽ بربادي ٿي آهي سا اسان جي ڪرتوتن جو نتيجو آهي. اسين نالائق ماڻهو آهيون جن بيشمار غلطيون ڪيون آهن. اسان هنن ٻارن کي جنگ جي ميدان ۾ موڪليو آهي، پنهنجي شيطاني ۽ خراب ارادن تان قربان ٿيڻ لاءِ. اهو اسان جو روحاني موت ۽ ناڪامي آهي. اهي نوجوان جيڪي اسان جي زندگي بچائڻ لاءِ سر ڏئي ويا، تمام عظيم هئا. جيڪڏهن اسين پهريان انهن جو قدر نه ڪيو ته هاڻي موت کان پوءِ انهن کي هن صورت ۾ خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جو روح خوش ٿئي. اسان کي هڪ نئين دنيا جي شروعات ڪرڻي پوندي جتي هر طرف امن، خوشحالي ۽ هڪ شاندار مستقبل هجي.