تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول

هي ڪتاب ”سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول“ جنهن جو ليکڪ برٽرينڊرسل آهي اهو ليڪچرن تي مشتمل آهي، سنڌي ترجمو عامر عطار/احسان “فائق” پنهور ڪيو آهي.
انهن ليڪچرن کي تحريري صورت ۾ پيش ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته هڪ اهڙو نظريو سامهون آندو وڃي، جنهن ۾ سياست جي فلسفي کي نئين انداز ۾ پيش ڪري سگهجي؛ جنهن جو بنياد يقين ۽ جوش تي هجي ۽ جيڪو انساني زندگي جو رُخ تبديل ڪرڻ تي قادر هجي.
Title Cover of book سماج کي نئين سر اڏڻ  جا اصول

باب چوٿون : ملڪيت ۽ جائيداد

هڪ عظيم ۽ بهترين ناول نگار گسنگ (Gissing) آخرڪار گمنامي جو موت مري ويو. ان جي زندگي هميشه ٻين کي سمجهائڻ ۽ سڌارڻ ۾ گذري پر ڪنهن ان جو قدر نه ڪيو. ان ڪيتريون ئي لازوال ڪهاڻيون لکيون جن مان هڪ ناول (Eve's ransom) (حوا جو ڀُنگ) آهي. ان جي ڪهاڻي هن طرح آهي ته هڪ نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪري يعني هيروئن (اداڪاره) جيڪا هڪ غريب شخص کي اشارن ۽ نخرن سان پاڻ ڏانهن مائل ڪندي آهي ۽ ڪجهه عرصي تائين ان سان خوب محبت ڪندي آهي. ايستائين جو هڪ بيحد دولتمند ماڻهو ان جي زندگي ۾ داخل ٿيندو آهي. ٻئي هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ شادي ڪري وٺندا آهن. غريب ماڻهو جي دل ٽٽي پوندي آهي، ان کي هن حقيقت جو ادراڪ ٿي ويندو آهي ته دنيا ۾ دولت ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ دنيا ۾ قدر ۽ قيمت انهيءَ جو آهي جنهن وٽ دولت آهي. غريب ماڻهو دلشڪستو ٿي دنيا کان ڪناره ڪشي ڪري ٿو ۽ پنهنجي بدقسمتي جي سزا پاڻ کي ائين چئي ٿو ڏئي ته هي پاڻ ان جي مستحق هيو.
گسنگ جيڪي حقيقتون بيان ڪيون آهن. اهي رد نه ٿيون ڪري سگهجن. هي دنيا دولت وارن جي آهي هميشه ائين ٿيو آهي، ٿي به رهيو آهي ۽ ٿيندو به رهندو. دولت کان محروم ماڻهو انهيءَ طرح ڌڪاريا ويندا رهندا. پر هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن عام ماڻهن جا جذبا ڀڙڪي پوندا ۽ دولتمندن جي خلاف هڪ بغاوت اچي پوندي. ان جا ڪجهه اثر هاڻي معاشري ۾ نظر اچي رهيا آهن ۽ ڪراهت ۽ نفرت جا جذبا بيدار ٿي رهيا آهن.
موجوده دؤر ۾ اهو انسان جيڪو دولت جو پوڄاري آهي. اهو خوشين کان محروم نظر ٿو اچي. حالانڪه اها دولت هن پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان حاصل ڪئي آهي، توڙي منفي انداز ۾. انهيءَ جي چوڌاري زندگي جون خوشيون حاصل ڪرڻ جي خواهش ڦرندي رهندي آهي. اهو هر شي حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندو آهي جيڪا دولت سان حاصل ڪري سگهي ٿو.
ٻئي طرف جيڪڏهن هڪ فنڪار جي زندگي تي نظر وڌي وڃي ته اها حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته ان جي زندگي ۾ ان جو فن ئي سڀ ڪجهه آهي. ان کي مادي دولت جي پرواه نه آهي، هو بس پنهنجي ئي ڌُن ۽ لگن ۾ مست رهندو آهي. ان کي بس اهوئي فڪر ستائيندو رهندو آهي ته ڇا دنيا ۾ هن جي فن جو قدر آهي. عزت ۽ وقار ئي ان جي دولت هوندي آهي.
جڏهن کان هيءَ دنيا وجود ۾ آئي آهي اخلاق جي عالمن دولت جي پرستش کي آفت ۽ زندگي ختم ڪندڙ زهر قرار ڏنو آهي. هتي مان اخلاقي پاسي کي گهڻو وڌائڻ نٿو چاهيان، رڳو اهو ٻڌائڻ گهُران ٿو ته دولت جي پوڄا سخت نقصانڪار آهي ۽ اها زندگي جي قوت کي بتدريج گهٽ ڪندي ويندي آهي. هاڻي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته اسين ڪهڙي طرح دولت جي تمنا گهٽ ۾ گھٽ ڪري سگهون ٿا.
اهو چيو ويندو آهي ته دولت جي پرستش جو اظهار پهريون دفعو انهن خوشحال آمريڪين ڪيو جن وٽ بيشمار دولت جمع ٿي وئي هئي. اڄ به آمريڪي دولت جي نمائش ڪري بي انتها خوشي محسوس ڪندا آهن. جڏهن ته دولت سان محبت جي باري ۾ انگلينڊ جا نظريا هي آهن ته دولت پرستي هڪ حد تائين جائز آهي، بس هڪ خاص سماجي رتبو رکڻ لاءِ جنهن حد تائين گهربل آهي.
مرد ماڻهو پنهنجي شادي کي ان وقت تائين ملتوي ڪندا آهن جيستائين اهي ايتري آمدني حاصل ڪرڻ جي قابل نه ٿين ته ڪيترن ئي ڪمرن وارو گهر ۽ ڪيترائي ملازم رکڻ جو بندوبست ڪري سگهن، جيڪي سٺي حيثيت ۽ باوقار زندگي لاءِ لازمي آهن. ان جو نتيجو هي آهي ته جواني ۾ ئي اهي دورانديش بڻجي پنهنجو مستقبل سنواري وٺندا آهن، بجاءِ ان جي جو دورانديشي نه ڪن ۽ بعد ۾ ڪنهن مالي مشڪلات جو شڪار ٿي وڃن.
اهي عورتون جن جو خاندان سماجي حثيت سان مضبوط آهي، جڏهن انهن جي شادي ڪنهن گهٽ حيثيت واري مرد سان ڪئي ويندي آهي ته اهي احساسِ ڪمتري جو شڪار ٿي وينديون آهن. اهي انهيءَ سوچ ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن ته والدين انهن جي شادي انهن ماڻهن سان ڇو ٿا ڪرائن جن جي حيثيت اسان جي سطح مطابق نه آهي. قدرت جي عنايت کي دولت جي تارازي ۾ توريو ناهي ويندو. والدين هٿ سان پنهنجي اولاد کي اونهي کوهه ۾ ناهن اڇلائيندا.
ڪڏهن ڪڏهن مرد به ان احساسِ ڪمتري جو شڪار ٿي ويندا آهن ته انهن جي شادي ان عورت سان ٿي آهي جيڪا انتهائي سنگدل ۽ بي رحم آهي ۽ جنهن ڪڏهن پنهنجي مڙس جو قدر ناهي ڪيو. اهي ڀلائي ڪري چپ رهندا آهن پر انهن جا جذبا ۽ احساس مري چڪا هونداآهن. انهن حالتن مان ڪڏهن ڪڏهن عورتن کي به گذرڻو پوندو آهي. عورت کي هي سيکاريو ويو آهي ته سٺي ڪم يا ڀلائي جي معنى اها آهي ته صبر ۽ شڪر سان ڪم ڪندي گذارو ڪري.
انهيءَ قسم جي جذبن هيٺ مرد ۽ عورت ٻنهي کي اتساهيو ويو آهي ته شادي دير سان ڪن ۽ شادي کانپوءِ پنهنجي خاندان کي محدود رکن. ڌندي وارا ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پبلڪ اسڪول ۾ موڪلڻ گهڻو پسند ڪندا آهن، جيتوڻيڪ جيڪا تعليم اتي ڏني وڃي ٿي، اها ڪنهن گرائمر اسڪول کان بهتر ناهي هوندي. پبلڪ اسڪولن ۾ ٻار هڪٻئي کان وڌيڪ وائڙا ۽ بدتميز هوندا آهن پر دولتمندن جو خيال آهي ته هر حال ۾ پبلڪ اسڪول ئي بهتر آهي. اهي اسڪول خرچ به گهڻو وٺندا آهن ۽ تعليمي معيار کي هڪ خاص ڊيگهه ڏانهن وٺي ويندا آهن. اهي هي جذبو پيدا ڪندا آهن ته سماجي جدوجهد جو مقام ڇا آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سٺيون اخلاقي سرگرميون ڏسيندا آهن ۽ برداشت جي قوت جو حيرت انگيز مظاهرو ڪندا آهن. پر هتي هي ڪم به ڌيان طلب آهي ته انهن جون اهي سرگرميون ۽ انهن جي برداشت جي قوت انهن کي ڪنهن تخليقي انجام جي طرف ناهي وٺي ويندي، پر اڃا به انهن جي اندر جيڪي صلاحيتون لڪيل آهن انهن کي خشڪ ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انهن کي منجهيل، لاپرواه ۽ نڪمو بڻائي ڇڏيندي آهي.
فرانس ۾ دولت جي پرستش بچت ڪرڻ جو هڪ قسم آهي ۽ اتي پنهنجي قسمت کي اجاگر ڪرڻ آسان ڪم نه آهي. ورهاست ۾ حصي وٺڻ جو رجحان عام آهي ۽ جتي به اهڙو معاملو پيش ايندو آهي، زندگي جو معيار وڌندو ويندو آهي.
فرينچ رينٽير (Rentier) بين الاقوامي سياست ۾ هڪ وڏو نالو آهي. هي اها قوت آهي جنهن فرانس جي سازش واري سياست کي انتهائي مضبوط ڪيوآهي، پر جنگي لحاظ کان ڪمزور تر. هي اها فوج آهي جيڪا فرانسيسي دارالحڪومت ۾ لشڪرن لاءِ سامان آڻڻ ۽ کڻي وڃڻ جو ڪم ڪندي آهي.
جرمني ۾ دولت جي حوس جو اندازو فرانس، انگليند ۽ آمريڪا جي نسبت ۾ گهڻو وڌيڪ آهي. درحقيقت فرانڪو پرشين جنگ کان پهريان ائين نه هيو پر جرمني پنهنجي خالص عقيدي جي بنياد تي ان کي شدت ۽ فراخ دلي سان اپنايو. فرانس ۾ به دولت جي پرستش خاندان سان جڙيل آهي ۽ انهيءَ طرح جرمني ۾ پڻ.
لزٽ (Liszet) جي انقلابي قانون جي مطابق هي ثابت ٿيو آهي ته جرمنن اقتصاديات ۾ ترقي جو راز ڄاڻي ورتو آهي ۽ انهن کي هن ڳالهه جو به احساس آهي ته پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪيئن ڪئي وڃي. جرمنن کي يقين آهي ته انگلينڊ جي عظمت صنعتي ترقي ۾ لڪيل آهي ۽ جرمنن جي ڪاميابي ان ڳالهه ۾ پوشيده آهي ته هو قوميت تي گهڻو زور ڏين، جرمني جو مذهب دنيا وارن لاءِ بيحد اهم آهي، ان لاءِ ته جرمن هڪ زبردست عقيدو رکندا آهن ۽ انهن وٽ نيڪي ۽ برائي کي سڃاڻڻ جي قوت موجود آهي. اهي پنهنجي ان صلاحيت کي ملڪي بچاءَ لاءِ استعمال ڪندا آهن. پر دولت جي پرستش جي بيماري انهن کي ختم ڪرڻي پوندي ۽ ان عادت کي پاڙن کان ئي پٽڻو پوندو.
دولت جي پرستش ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر هي ايترو ته نقصانڪار آهي جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ان جا ڪيترائي سبب آهن. صنعتي نظام ڪم کي بيحد محنت طلب ۽ سخت بڻايو آهي. اهو ماڻهو جيڪو دولت جي حاصلات لاءِ پريشان رهندو آهي ۽ قسم قسم جون مصيبتون سهندو آهي، اهو بجاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي زندگي جي بيشمار خوشين کان محروم رهجي ويندو آهي.
خاندان کي محدود رکڻ جي ضرورت هڪ ٻيو رستو کوليو آهي. اهو رستو آهي بچت ڪرڻ جي عمل جو. تعليم جي ميدان ۾ ترقي ۽ پاڻڀرائي ماڻهن کي ان جي قابل بڻايو آهي ته اهي لالچ جي بدران مقصد تي مستقل نظر رکن. صنعتي نظام محنت ۽ مزدوري جو عادي بڻائڻ سان گڏوگڏ سٺي رقم ڪمائڻ جو موقعو به مهيا ڪيو آهي. ان کان سواءِ هن نظام اسان کي چار رستا ٻڌايا آهن، جن مان ڪنهن هڪ جي تحت اسان کي پنهنجي زندگي گذارڻ گهرجي.
1. گهڻي کان گهڻي پيداوار.
2. برابري واري ورڇ يعني انصاف.
3. ٺيڪيدارن ۽ قبضاگيرن جي ظلم و ڏاڍ کان ڇوٽڪارو.
4. گذران جي سگهه ۽ ترقي جي وڌ کان وڌ آزادي.
پهرين مسئلي تي مزدورن کي ڪجهه اعتراض آهن، جڏهن ته اشتراڪي نظام ٻئين ۽ ٽئين مسئلي کي نشانو بڻايو آهي. جيڪي ماڻهو چوٿين مسئلي جي حق ۾ نه آهن، انهن جو چوڻ آهي ته اهو رڳو سرمائيدارن جي حقن جو تحفظ ڪري ٿو، نه ڪي مزدورن جو .
منهنجي پنهنجي راءِ هي آهي ته چوٿون نمبر سڀ کان وڌيڪ اهم آهي ۽ ان تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو. موجوده نظام ان لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ نقصان وڌيڪ آهن ۽ فائدا گهٽ.
اقتصادي نظام بابت جيڪي سڀ کان وڌيڪ سوال ڪيا ويندا آهن اهي هي آهن ته هٿرادو شين جو وڪرو ڪيئن وڌايو وڃي ۽ انهن جي پيداوار ۾ ڪيئن واڌارو ڪيو وڃي؟ ڇا جديد مشينن جو استعمال وڌايو وڃي؟ٻارن ۽ عورتن کي وڌ ۾ وڌ ملازم رکيو وڃي؟مزدورن جي ڪم واري وقت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي؟
وچ آفريڪا ۾ رهڻ وارا، جن پنهنجو پاڻ کي محنت جو عادي بڻايو آهي، رڳو ڪچا پڪا ميوا کائي گذارو ڪندا آهن. مانچسٽر ۾ اهو حال آهي جو اتان جا مزدور اڌ اگهاڙا رهڻ تي مجبور آهن. انهن وٽ پنهنجي جهوپڙي جو ڪرائو ڏيڻ لاءِ رقم ڪانهي، انڪري انهن کي يورپي سرمائيدارن جي ملازمت ڪرڻي پوندي آهي ۽ انهن جا ظلم و ستم سهڻا پوندا آهن.
پيداوار جي رفتار وڌيڪ تيز ڪرڻ جو مقصد ان وقت تائين حاصل نٿو ٿي سگهي، جيستائين موجوده پيداواري نظام جاري آهي. هي نظام بلڪل مادي پرستاڻو ٿي رهجي ويو آهي ۽ صنعتي مزدورن، خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن لاءِ صحت جي حوالي سان سخت نقصانڪار آهي. ان معاملي تي غور ڪرڻو پوندو ته بهترين مزدور اهو اهي جيڪو ننڍي خاندان جو قائل آهي، ان جا مالي ۽ ٻيا مسئلا گهٽ ۾ گهٽ ٿي وڃن ٿا.
هر وڏو شهر ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي ڌڪجي رهيو آهي. دولت جو بحث بيشمار مسئلن کي جنم ڏئي رهيو آهي. ان جي تفصيل انگين اکرين سر ايڇ ليولن سمٿ(Sir H. liewelyn smith) پيش ڪئي آهي. ان ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي ته سڀ مادي وسيلا، معدنيات، خوبصورت ٻيلا، اَنُ پيدا ڪرڻ واريون آباد ٻنيون ۽ ان جا اسٽاڪ دولت جي حاصلات لاءِ بيدردي سان اجاڙيا ويا، ان جو نتيجو هاڻي ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻو پوندو.
اشتراڪيت کي مڃڻ وارا رياست جي زميني ملڪيت ۽ سرمايي جي گڏيل ورڇ کي مد نظر رکندا آهن، جيڪا گهڻي فائديمند نه آهي. ورهاست جي نظام کي قانون جي مطابق بلڪه وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي اندازن سان تبديل ڪري سگهجي ٿو. سڀ کان پهريان خانداني نظام ۾ تبديلي لازم آهي. اسين ان کي چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا.
1. پنهنجي محنت جي ڪمائي تي مڪمل حق.
2. ان دولت تي منافعو جيڪا وياج تي ڏنل آهي.
3. زمين جي ملڪيت.
4. وراثت.
زمين تي قبضي جو حق اڄ ڪلهه تلوار جي زور تي هلي رهيو آهي. اهي ماڻهو جيڪي ذاتي فوج ۽ هٿيار رکن ٿا، اهي بي هٿيار، مجبور ۽ بيوس ماڻهن کي زبردستي انهن جي زمين کان بي دخل ڪن ٿا ۽ وڌيڪ ستم هي ته انهن مان ئي ڪجهه ماڻهن کي قيدي بڻائي مجبور ڪندا آهن ته اهي قبضي ڪيل جاءِ تي غلام جي حيثيت سان ڪم ڪن، خاص طور تي عورتون ۽ ٻار. فاتح يا قبضو ڪندڙ پنهنجي رعيت کي رڳو ايتري اجازت عطا ڪندا آهن ته هو پنهنجي زمين تي رهڻ چاهن ته ڪرايو ادا ڪري رهي سگهن ٿا. انصاف جي نقطه نظر سان ان ڳالهه جي بلڪل اجازت نه آهي ته زبردستي قبضو ڪيل جاٰءِ قبضي ڪرڻ واري جي جائيداد بڻجي وڃي. پر فسادي ۽ نافرمان ماڻهو قانون جي پرواه ڪٿي ڪندا آهن ۽ قانون به اهڙن بدمعاشن جي سامهون ائين بي وس هوندو آهي جو هو جيئن چاهن کيس استعمال ڪن. هاڻي ئي ڌاڙيلن ۽ لٽيرن تازو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. انهن ڪمبرلي ۾ هيرن جي کاڻن ۽ جوهانسبرگ ۾ سون جي کاڻن تي قبضو ڪري ورتو آهي.
پراڻي ۽ نا انصافي جي لحاظ سان موجوده نظام جي شهرت وڌندي پئي وڃي. عوام جي ذميواري هيءَ آهي ته اهو اڳتي وڌي ۽ سڀني برائين جي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪري. پر حالتون ايتريون ته خراب ٿي ويون آهن جو اهو ڪم مشڪل ئي نظر ٿو اچي.
ورهاست، ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ انتهائي مقدس هجڻ سان گڏوگڏ انهن جو قدرتي حق آهي. انگلينڊ ۾ ان کي بنا محنت جي ڪمائي جو سڀ کان وڏو ذريعو قرار ڏنو ويو آهي. فرانس ۾ اهو قانون معمولي ترميم سان رائج آهي، اهو هي آهي ته وارثن کي ان مان هڪ حصو ڇڏڻو پوندو جيڪو حڪومت کڻندي.
ورهاست جو موجوده نظام ڪنهن اصول جي بنياد تي قائم ناهي ڪيو ويو. جڏهن فاتحن فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجا اصول بڻايا، جيڪي انهن جي فائدي ۾ هيا ته بعد ۾ ڪنهن تبديلي جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪنهن سوچيو ته ورهاست جو بنياد اصولن تي هجي.
اشتراڪيت جيڪا هڪ وسيع ترين نظام جي حمايت ڪري ٿي ۽ خاص طور تي انصاف جي ڳالهه ڪري ٿي، ان جو چوڻ آهي ته دولت جي موجوده ناهموار ورهاست سراسر نا انصافي آهي ۽ اشتراڪي نظام ۾ ان جي ڪا گنجائش ناهي. هڪ ڳالهه جو ٻيو به خيال رهي ته اشتراڪي نظام ۾ هي ضروري ناهي ته سڀ ماڻهو هڪ جهڙي آمدني جا مالڪ هجن. بس ايترو ضرور خيال رکيو ويندو آهي ته هر معاملي ۾ مناسب توازن قائم رهي ۽ ڪجهه حالتن ۾ اجوري يا آمدني مطابق به رکي سگهجي ٿو.
هي ڳالهه هاڻي نروار ٿي چڪي آهي ته موجوده نظام سراسر ناانصافي تي آهي ۽ ڪجهه جايون ايتريون تڪليف ڏيندڙ آهن جو انسان حيران رهجي وڃي ٿو. هن نظام ۾ انصاف ئي واحد مقصد آهي جنهن تي اقتصادي نظام قائم آهي. انصاف جي گهرج هي آهي ته هر شخص غير مطمئن هجي يا وري هر شخص برابري سان شاد آباد هجي. مارڪسي (ڪارل مارڪس جا پيروڪارMarxian) شهزادن ۽ شهزادين وانگر صرف تصورن جي دنيا ۾ گم رهندا آهن. پر اها ڳالهه انساني فطرت جي خلاف آهي. خواهش، مقصد ۽ چستي هڪ درمياني زندگي لاءِ ضروري شيون آهن.
تهذيب يافته اشتراڪي، مذهبي جوش و جذبي ۽ انهن احساسن کان محروم ٿي چڪا آهن جيڪي اعلى اخلاق ۽ ڪردار جو مظاهرو ڪرڻ وارن ڏيکاريا هيا ۽ هي ثابت ڪيو هيو ته سوشلزم هڪ عظيم مقصد آهي. اڃان تائين انهن اهو نظريو قائم رکيو آهي، جيڪو گهڻي قدر سياسي اهميت رکندڙ آهي. مزدور جي معاوضي ۽ آمدني ۾ اصافو، جمهوري سياست ۾ انهن ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري آهي.
هي سچ آهي ته صنعتي دنيا ۾ آبادي جو وڏو تعداد غريب آهي ۽ هڪ سٺي زندگي جو تصور به ان وٽ نه آهي. پر هيءَ به حقيقت آهي ته سٺي زندگي پاڻ هلي ڪونه ايندي. پر ان لاءِ محنت ضروري آهي. اشتراڪيت اهڙين خرابين کي بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پر ٻين ڌرين کي به پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي.
موجوده مزدور تحريڪ ۾ ڪيترائي اهڙا رجحان موجود آهن جيڪي ڪا به هڪ تبديلي آڻي سگهن ٿا. مزدور تحريڪ هن وقت پنهنجي عروج تي آهي ۽ انصاف جي حاصلات لاءِ ڪيترين ئي تجويزن تي عمل ڪري رهي آهي. اهو دؤر گذري چڪو آهي جڏهن مزدور آمدني گهٽ حاصل ڪندو هيو ۽ تعليم به ان قدر عام نه هئي. ان صورت ۾ هي امڪان موجود هيو ته گهڻا فرد ملي ڪجهه ماڻهن جي زندگي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ۽ انهن کي فني مهارت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏين. پر وقت تيزي سان گذري رهيو آهي ۽ اڃان تائين ڪو مهذب يا موزون رستو نظر ناهي آيو. مزدور تحريڪ اخلاقي طور تي پنهنجي دلڪشي ۽ دلربائي جي ڪري هڪ زبردست قوت آهي ۽ هاڻي نهايت سنجيدگي سان مزاحمت ڪري رهي آهي. پنهنجي دعوى کي مڃرائڻ لاءِ روشن خيال ماڻهو ان جي حمايت ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته جيتوڻيڪ هي هاڻي ڪمزور ۽ ڄڻ ته اڌ مئل آهن پر ياد رکڻ گهرجي ته چراغ جو شعلو ڪنهن وقت به ڀڙڪي سگهي ٿو.
مزدور هن مهل سياسي سوچ تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن انهن پوري توجهه سان ڪم ڪيو ته تمام جلد اهي هڪ مضبوط طاقت بڻجي ويندا. تعليم يافته طبقو مزدو تحريڪ جو سخت مخالف بڻيل آهي. ان جو خيال آهي ته انهن جي مهذب ۽ جديد طرز جي زندگي ۾ سخت رخنو پئجي ويندو ۽ انهن جي پرسڪون زندگي ۾ بگاڙ اچي ويندو.
ذهانت هڪ اعلى فطرتي صلاحيت آهي ۽ جيڪڏهن اعلى تعليم ان سان ملي وڃي ته پوءِ اهو سون تي سهاڳو آهي. اهڙن ماڻهن جو يقيناً وڏو لحاظ رکڻ گهرجي. تعليم اڄ ڪلهه مشڪل ۾ ڦاٿل آهي ۽ ممڪن آهي ته مصيبت اڃان وڌيڪ جاري رهي. والدين چاهيندا آهن ته انهن جاٻار جلد کان جلد ڪمائڻ قابل ٿين پر معمولي تعليم جي ڪا به حيثيت ڪانهي. مزدور تحريڪ جو فرض آهي ته ان برائي کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ قدم کڻي ۽ تعليمي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ والدين کي ڪجهه سهولتون ڏئي. ان جي بدلي ۾ هي ضمانت حاصل ڪري سگهجي ٿي ته هو پنهنجي آمدني جو هڪ حصو مزدور تحريڪ جي فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا.
سڀ کان وڏو مقصد جيڪو سياسي ادارا حاصل ڪري سگهن ٿا، اهو هي آهي ته انفرادي تخليقي قوت کي زنده رکيو وڃي. انسان ۾ اهو حوصلو، همت، طاقت، ذهن جي تازگي ۽ خودي جو موجود هئڻ ضروري آهي. مثال طور تي ملڪه الزبٿ (پهرين) جو دؤر سامهون ٿا رکون. ماڻهو هر ان ڪم ۾ دل کولي حصو وٺندا هئا ۽ پنهنجي جان ڏئي ڇڏيندا هئا، جنهن سان برطانيه جي عظمت ۽ شهرت جو مان مٿي ٿئي. مثلاً مهم جوئي، شعر و شاعري، علم و ادب، موسيقي ۽ نفيس تعمير جو فن. قوم جي ان شاهڪار انداز قومي زندگي کي هڪ ڀرپور رنگ عطا ڪيو هيو.
مردن جي زندگي جي طاقت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪهڙين شين ضرورت هوندي آهي؟ موقعا، سڪون ۽ اطمينان ۽ اميد جو ڪرڻو. اهي زندگي ۾ انسان کي بامقصد بڻائينديون آهن ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جون خاص ٻه شرطون آهن، پهرين هي ته انسان ذاتي خواهشن کي محدود نه ڪري. ٻي جوش ۽ تخليق جي صلاحيت آهي. اهي شخص جن جا جذبا ڀرپور ۽ خواهش ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي آهي، اهي ماڻهو ئي سائنسدان، سياستدان، فنڪار، معمار ۽ ڪارخانن جا مالڪ بڻجندا آهن.
موجوده سرمائيداري نظام ۾ هي خرابي آهي ته اهو ڪم اجورو وٺي يا ڏئي ڪيو وڃي. ان ۾ تخليق جي جذبي جي گنجائش ناهي هوندي. جيڪو شخص اجوري تي ڪم ڪندو آهي. ان وٽ ايترو وقت ناهي هوندو جو هو ان ڪم ۾ پنهنجو هنر وجهي سگهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن ڪم مڪمل ٿيندو آهي ته ان ۾ طرح طرح جا نقص نظر اچڻ لڳندا آهن. پيداوار جو اهو سلسلو جيڪو هڪ دلي جذبي سان پورو ٿيڻ گهرجي ها، اهو نه ٿي سگهندو.
ان جو الزام اسان جي اقتصادي نظام تي عائد ٿيندو آهي ۽ گڏوگڏ اشتراڪي نظام تي پڻ. هڪ اشتراڪي معاشري ۾ رياست ئي آجر هوندي آهي ۽ انفرادي ڪارڪن کي اهو ئي ڪرڻو پوندو آهي جنهن جي ذميواري کيس سونپيل هوندي آهي.
ارڙهين ۽ اوڻويهين صدي ۾ غلامي واري رسم جي روڪ ٿام هڪ عظيم ڪم آهي، جنهن جو مطالبو ڪارل مارڪس جي اشتراڪي تنظيم جي طرف کان ڪيو ويو هيو. ان ڪم ۾ گهڻن ٻين انهن عملدارن کي به شامل ڪيو هيو جيڪي سرمائيداري تي پابندي لڳائيندا آهن. هي نظام جمهوري ڪاڪردگي کي ٻڏڻ کان بچائي سگهي ٿو ۽ دنيا ۾ صنعت ۽ ڪاريگري جا ڪارخانا ان ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. موجوده معاشي نظام ۾ هڪ بنيادي خرابي هيءَ آهي ته اهو سٺن ڪاريگرن جي حوصلا افزائي ناهي ڪري رهيو بلڪه انهن کي نقصان پهچائي رهيو آهي. شايد ان جو سبب هي آهي ته عام شخص برابري کان تنگ ٿي چڪو آهي ۽ سخت بيزاري محسوس ڪري رهيو آهي. هن ماحول ۾ ان کي گُهٽ محسوس ٿي رهي آهي، هن عالم ۾ اهو شخص بغاوت جي طرف مائل ٿي رهيو آهي ۽ ان جي بغاوت جي نتيجي ۾ جيڪا تبديلي اچي، تنهن کي هو خوش آمديد چوڻ لاءِ تيار آهي.
جيڪڏهن اسان کي قوم جو حوصلو قائم رکڻو آهي، جيڪڏهن نون خيالن جي طاقت کي بحال ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن لڪير جو فقير بڻجي ناهي رهڻو ته اسان کي هاڻي ئي صنعت ۽ ڪاريگري جو شاهي نظام ختم ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته موجوده نظام اجوري تي مزدوري ڪرڻ وارن لاءِ سماجي نا انصافي توڙي مقصدن ۽ نظريي جي حوالي سان ناپسنديده آهي.
سڀ نگراني ڪندڙ ادارا سرمائي تي دارومدار رکندا آهن. اجوري تي مزدوري ڪرڻ وارن کي طاقت ڏيڻ انهن جو مقصد نه آهي، سواءِ ان جي ته اهي مزدورن جي ڪم جو اجورو ادا ڪن. انهن جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اجورو ڏئي گهڻو ڪم ورتو وڃي، جڏهن ته مزدورن جو نظريو هي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪم ڪري وڌيڪ اجورو حاصل ڪجي. يعني ٻئي هڪٻئي سان مطمئن نه آهن. ان انداز جي نظام مان هي اميد ناهي ته اهو ڪاميابي ۽ اهليت سان قائم رهندو. يا انهن ٻنهي جي ڀائيواري مان معاشري کي ڪا اهڙي شي ملي سگهندي جنهن تي فخر ڪيو وڃي.
هن وقت ٻه تحريڪون ميدان ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هڪ پهريان کان ئي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪافي ترقي يافته آهي. جڏهن ته ٻي اڃان شروعاتي مرحلن ۾ آهي. مگر اميد آهي ته جلدي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي قابل ٿيندي. انهن ٻنهي کي گڏجي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ضرورت ڪهڙي شي جي آهي ۽ ڪهڙا اصول اختيار ڪرڻا پوندا. گڏيل امدادي تحريڪون اجوري جي نظام کي تبديل ڪرڻ جي قابل آهن پر هي ڪم ان قدر آسان نه آهي جو ٻين ادارن تي ان کي لاڳو ڪري سگهجي. مثلاً ريلوي لائنيون جيڪو هڪ وڏو ادارو آهي، انهن قسم جي پيچيده معاملات ۾ اشتراڪيت جا اصول گهڻي آساني سان لاڳو ڪري سگهجن ٿا.
جيڪڏهن تنظيمون انفراديت کي ختم ڪرڻ نٿيون چاهن ته انهن تنظيمن کي گهرجي ته ميمبرشپ جو آغاز ڪن ۽ انتظاميا ۾ پنهنجي آواز کي هڪ مقام ڏيڻ جي ڪوشش ڪن. مزدورن کي غلامي مان نجات ڏيارن، انهن کي هي حق ڏين ته جيڪڏهن هو بهتر مستقبل لاءِ ڪنهن ٻي جڳهه تي ڪم ڪرڻ چاهن ٿا ته اتي وڃي سگهن ٿا ۽ ان کان سواءِ پارٽ ٽائيم ڪم ڪري اهي مطمئن ۽ شادآباد زندگي گذاري سگهن.
فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ به هڪ اهڙو پرسڪون ماحول ميسر ڪيو وڃي جنهن ۾ اهي هر طرح کان بي فڪر ٿي پنهنجا فن اجاگر ڪري سگهن. جيڪي نوجوان ڪاليج ۽ يونيورسٽي کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ چاهن ٿا يا ڪنهن خاص شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ چاهن، اهي ڇا ڪن؟ اهڙا فرد يقيناً حوصلي افزائي جي لائق آهن ۽ مختلف فني ۽ تعليمي ادارن جو فرض آهي ته اهي انهن نوجوانن لاءِ سهولتون مهيا ڪن. سڀاڻي اهي ئي ملڪ ۽ ملت جو نالو روشن ڪندا.