تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول

هي ڪتاب ”سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول“ جنهن جو ليکڪ برٽرينڊرسل آهي اهو ليڪچرن تي مشتمل آهي، سنڌي ترجمو عامر عطار/احسان “فائق” پنهور ڪيو آهي.
انهن ليڪچرن کي تحريري صورت ۾ پيش ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته هڪ اهڙو نظريو سامهون آندو وڃي، جنهن ۾ سياست جي فلسفي کي نئين انداز ۾ پيش ڪري سگهجي؛ جنهن جو بنياد يقين ۽ جوش تي هجي ۽ جيڪو انساني زندگي جو رُخ تبديل ڪرڻ تي قادر هجي.
Title Cover of book سماج کي نئين سر اڏڻ  جا اصول

باب پنجون : تعليم ۽ تربيت

ٻارن جي تعليم ۽ تربيت هڪ نهايت اهم ۽ نازڪ ذميواري آهي. هي ذميواري والدين جو فرض آهي پر حڪومت به ان ڪم ۾ برابر جي شريڪ هوندي. ڪهڙو تعليمي نظام ترتيب ڏنو وڃي جيڪو قومي نقطه نظر رکندڙ هجي؟ ان ڳالهه جو فيصلو اسان کي هڪ گڏيل ۽ متفق راءِ سان ڪرڻو آهي.
مان مختلف ذريعن سان جائزو وٺڻ بعد هي نتيجو حاصل ٿيو آهي ته اڪثر ڪري تعليم جا ماهر يا ته بي اولاد هوندا آهن، ان ڪري اهي ٻارن جي نفسيات کان واقف ناهن هوندا يا وري اهي ڪنهن نه ڪنهن سياسي يا مذهبي اداري سان وابستا هوندا آهن ۽ ٻار کي پنهنجي نظريي مطابق سمجهائڻ چاهيندا آهن.
بهرحال اها ته منهنجي پهرين راءِ هئي. ٻي راٰءِ هي آهي ته گهڻا ماڻهو بيحد ذهين به هوندا آهن ۽ ڪو خاص ڪارنامو ڏيکارڻ جي صلاحيت رکندا آهن جيئن ڪنڊر گارٽن (Kinder garten) (ٻارن جو مدرسو) ۽ مونٽيسوري سسٽم (Montessori system) وارن ڏيکاريو. مان نٿو سمجهان ته اهي ماڻهو ايتري گهڻي سوچ سمجهه رکندا هوندا ۽ تعليم جي بنيادي مقصدن کان گهڻي قدر آگاه هوندا. ايتري ڪاميابي سان تعليم جي مقصد کي اڳتي کڻي هلڻ ڪنهن عام ماڻهو جو ڪم نه آهي ۽ قوم جي مسقبل جي معمارن کي اهڙو ئي شاندار هئڻ گهرجي جو اهي تعليمي مقصد کي پيش قدمي سان کڻي اڳتي وڌن.
هونئن ته مونکي پاڻ به ٻارن جي تعليم ۽ تربيت بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪانهي ۽ نه ئي مونکي ان قدر اهليت آهي جو مان ٻين بابت ڪا راءِ ڏئي سگهان ۽ هي نشاندهي ڪري سگهان ته ڪهڙو خراب ۽ ڪهڙو سٺو آهي. پر ڪجهه سوال جيڪي منهنجي ذهن ۾ اُڀرن ٿا اهي هي آهن ته جن ادارن جو تعلق ڪنهن طرح سياست سان آهي اهي ڪهڙي قسم جي تعليم ٻارن کي ڏيندا هوندا؟ ظاهر آهي ته اهڙن استادن پنهنجا فرض انصاف سان نه نڀايا هوندا ۽ پنهنجي پوري توجهه تعليم ۽ تربيت تي نه ڏني هوندي، بلڪه پنهنجي ذاتي ۽ سياسي خيالن کي ٻارن جي نابالغ ذهنن ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.
بلند ڪردار بنائڻ ۽ خيالن جي بلند اڏام لاءِ علم جي طاقت تمام وڏي طاقت آهي ۽ ان کي هر سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. حقيقي عقيدو ڇا آهي؟ جيتوڻيڪ ان کي عام طور تي ڪو باضابطه فرمان تسليم ناهي ڪيو ويو پر چيو ويندو آهي ته والدين ۽ استادن جي درميان غير شعوري طرح هڪ ٺاهه جو نالو عقيدو آهي. اڳتي هلي اهي انهن عقيدن کان انڪار ڪرڻ چاهن ته پوءِ ڪجهه به باقي نه رهندو. عقيدي جو جذبو وڏي گهرائي سان انهن جي اندر سمائجي ويو آهي ته جيئن جڏهن ڪا مشڪلات پيش اچي ته تعليم ان جو مقابلو ڪري.
گهڻا ادارا اهڙا آهن جيڪي دٻاءَ ۽ ڌمڪي سان پنهنجي پسند جي تعليم ڏيندا آهن ۽ انهيءَ انداز ۾ ٻارن کي جيئن چاهن استعمال ڪندا آهن. پر ٻارن ۾ ڪجهه اهڙا ضدي ۽ مڃائيندڙ به هوندا آهن جيڪي اهڙن استادن جو اثر ناهن قبوليندا ۽ خود داري قائم رکندي پنهنجا الڳ رستا ٺاهيندا آهن.
اهي ٻار جيڪي استاد جي نظر ۾ مقبول هوندا آهن، اهي ئي ٻار فوج جي به معيار تي پورو لهندا آهن. جيڪڏهن اهي پنهنجن صلاحيتن کي سڃاڻي آرمي يا نيوي ۾ وڃن ته ملڪ جو قيمتي سرمايو ثابت ٿي سگهن ٿا. تعليم انهن جي نصب العين جي وچ ۾ نه ايندي ۽ نه انهن کي ڪنهن سياسي پارٽي ۾ اچڻ وڃڻ کان روڪي سگهندي. پر جنهن وقت اهو مرحلو ايندو آهي ۽ جڏهن ٻارن جي رهنمائي ڪئي ويندي آهي ته انهن کي ڪهڙي پارٽي جو اثر قبول ڪرڻو آهي تڏهن اهي پنهنجي ذهانت ۽ عقل جو مظاهرو ڪندي ڪو فيصلو ڪندا آهن.
منهنجي خيال مطابق سياست ۾ دخل اندازي تعليم لاءِ فائديمند نه آهي. شاگردن جي ذهني نشو و نما لاءِ ضروري آهي ته انهن جي ذهنن کي آزاد ڇڏي ڏجي. تعليم جو مقصد هي آهي ته ٻارن جي دماغي صلاحيت ۾ واڌارو ۽ اضافو ڪيو وڃي ۽ انهن جي عادتن کي سنوارڻ سان گڏ سندن اخلاقي تربيت به ڪئي وڃي.
انصاف ۽ آزادي ٻه اهڙا نصب العين آهن جيڪي سماجي انقلاب جي وڏي حصي جي حفاظت ڪندا آهن. پر انهن لاءِ تعليمي معيار به اعلى درجي جو هئڻ گهرجي. انصاف ادبي معنائن ۾ برابري جا حق ادا ڪندو آهي ۽ جيستائين آزادي جو تعلق آهي ته اها هر قسم جي قابلِ پرهيز دخل اندازي کي رد ڪندي آهي. تعليم يقيناً تعميري هوندي آهي ۽ هڪ شاندار زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. تعليم سان گڏوگڏ آزادي جو به قدر ڪيو وڃي.
هيءَ ڳالهه واضح آهي ته آزادي کان ڪڏهن ڪڏهن انڪار به ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ٻارن کي ڪجهه سيکارڻ جو مطلب آهي. استادن جي ذميواري آهي ته هو منجهيل ٻارن کي الڳ رکي انهن جي تربيت ڪن. ٻارن تي هي فرض عائد ٿو ٿئي ته هو پنهنجي بزرگن جي عزت ڪن. تعليم ڪيئن ۽ ڪهڙي ڏني وڃي ان جو اختيار والدين ۽ استادن وٽ برابر هوندو آهي. انهن ٻنهي ڌرين کي گهرجي ته گڏجي ملڪي ضرورت ۽ آزادي جي روح مطابق هڪ متوازن رستو تلاش ڪن. ٻارن جي دلين ۾ احترام ۽ تعظيم جو جذبو پيدا ڪرڻ ضروري آهي. هڪ شخص جيڪو صحيح معنى ۾ سٺي تعليم ڏئي رهيو آهي ۽ نوجوانن کي اڀارڻ يا ترقي ڏيارڻ ۾ پوري سگهه سان فرض ادا ڪري رهيو آهي، اهو سون ۾ تورڻ جي لائق آهي.
هڪ سٺي استاد جي پوري ڪوشش هوندي آهي ته هو ٻارن جي اندر عقل ۽ ڏاهپ جي جذبن کي اڀاري ۽ سندن خوداعتمادي ۾ واڌارو پيدا ڪري. گهڻن ئي والدين ۽ استادن جي وچ ۾ هڪجهڙائي ناهي ٿي سگهندي، جنهن جو منفي اثر ٻار جي ذهانت ۽ تعليم تي پوندو آهي ۽ انهيءَ ڪري ان جي ذهني صلاحيت کي واڌ ويجهه ناهي ملندي. جيڪو استاد پوري دلچسپي سان ٻار جي تعليم تي توجهه ڏيندو آهي، اڳتي هلي ان کي خود بخود احساس ٿي ويندو آهي ته ان جي ذهني سوچ ڇا آهي ۽ اڳتي هلي ڇا ٿيندو، نيڪ يا بدمعاش؟ جيڪڏهن بدمعاشي جي طرف ٻار جو لاڙو آهي ته ان جو رُخ ڪيئن ٿو تبديل ڪري سگهجي.
تعليم جي مسئلي تي وڏن ادارن، چرچ ۽ رياست جي اجاره داري نه هئڻ گهرجي، انهيءَ طرح تعليمي ادارا انهن جا غلام ٿي رهجي وڃن ٿا. تعليم جي حاصلات جي باب ۾ جنهن ڳالهه کي اهميت ڏني وئي آهي اها هي آهي ته سڀ شاگرد مقرر حڪمن جي پيروي ڪن.
اهي اعلى ۽ نيڪ قدر جيڪي تعليم جي ڪري حاصل ٿيا آهن انهن کي برقرار رکڻ گهرجي ۽ ٻارن کي هي احساس ڏياربو رهجي ته لکڻ پڙهڻ جا اصول ڪهڙا آهن، خاص طور تي ڌندي سان لاڳاپيل علمَ مثلاً انجنيرنگ، طب ۽ قانون وغيره. سائنس به سڀ کان اهم موضوع آهي، ان سان گڏ تاريخ ۽ مذهب تي پڻ توجهه ڏني وڃي.
اسان کي هڪ اهڙو ادارو به تعمير ڪرڻو پوندو جتي روحاني علمَ به سيکاريا وڃن. پر هي خيال رهي ته قديم دقيانوسي خيالن ۽ مرده رسمن ۽ رواجن کي اهميت نه ڏني وڃي. بهرحال هر صورت ۾ اسان کي هڪ سٺو تعليمي نظام تعمير ڪرڻو پوندو. تاريخ ۽ مذهب ۾ اسان جو مختلف فسادي مضمونن سان واسطو پوندو، پر اسان کي گهرجي ته جتي به اهڙي صورتحال پيش اچي ته اسان ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيون
جيڪي اسڪول ڪنهن خاص فني تعليم لاءِ وجود ۾ آيا هجن، اتي رڳو اهي ئي علم سيکاريا وڃن. مختلف مضمونن جي ملاوٽ جي ڪري توجهه ٽٽي پوندو آهي. اڪثر ڪري ملڪن ۾ تاريخ جو موضوع بيحد اهم آهي ۽ ان کي ايتري اهميت ۽ چاهه سان پڙهيو ويندو آهي جو سموري ماضي جي صحيح واقفيت ٿي ويندي آهي. ٻار اها معلومات ان يقين سان حاصل ڪندا آهن ته تاريخ نويس ڪٿي ڪا بي ايماني نه ڪئي هوندي. پنهنجي عظيم سورمن جا ڪارناما پڙهندي انهن جا ڳاٽ فخر سان بلند ٿيندا آهن ۽ انهن جي دلين ۾ هي خيال پيدا ٿيندو آهي ته هر جڳهه تي فتح اسان جو مقدر آهي. ان تصور ۽ يقين ڪيترين ئي عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو آهي ۽ اها ئي ڳالهه اسان جي ملڪ لاءِ اعزاز جو سبب آهي. جيئن ته اهڙا عقيدا وطن جي محبت سان ڀرپور هوندا آهن، ان لاءِ به آساني سان هضم ٿي ويندا آهن ۽ تاريخ ۾ امر ٿي رهجي ويندا آهن.
هڪ معمولي مثال توهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. واٽرلو جي جنگ بابت گهڻا حق واضح طور تي اسان جي اسڪولن م پڙهايا وڃن ٿا. جڏهن ته فرانس ۽ جرمني ۾ مختلف واقعن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ٿو وڃي. انگريز طالبِ علم کي (Prussians) پروشينس جي ڪردار تي شڪ آهي. جرمن طالبِ علم سوچي ٿو ته ويلنگٽن عملي طور تي ان وقت شڪست کائي چڪو هيو جڏهن بلوچرز جان بازن (Blucher's Gollantry) ملڪ تي ٻيهر قبضو ڪيو هيو. جيڪڏهن سڀني حقيقتن کي پوري سچائي ۽ ايمانداري سان بيان ڪيو وڃي ته ڪنهن جي قومي اعزاز ۾ ڪا ڪمي نه ايندي. ٿي سگهي ٿو ته ان صورت ۾ جنگ جي خواهش گهٽ ٿيندي وڃي.
هر رياست چاهيندي آهي ته قومي فخر، غرور ۽ حب الوطني جي جذبي کي طاقت ڏني وڃي. بيشڪ ائين ٿيڻ گھرجي پر شرط آهي ته ان جو بنياد تاريخ تي هجي. پر مختلف ملڪن ۾ جيڪا تاريخ پڙهائي وڃي ٿي، ان ۾ گھڻو وڌاءُ ٿيل آهي. جنگ و جدل جي ڪهاڻين جي حوصله افزائي ڪئي پئي وڃي ۽ حڪومتون اها ڪوشش ڪري رهيون آهن ته اهو تعصب برقرار رهي.
جيڪڏهن رياستن جي وچ ۾ خوشگوار تعلقات قائم رهن ته پهريون قدم هي کڻڻو پوندو ته تاريخ جي تعليم هڪ اهڙي بين الاقوامي ڪميشن جي سپرد ڪئي وڃي جيڪا غير جانبداراڻي طور تي ڪتابن کي ترتيب ڏئي جيڪي حب الوطني جي رجحان سان ڀرپور هجن.
۽ اها ئي صورت حال مذهب تي به اختيار ڪرڻ گهرجي. ابتدائي تعليم ۽ اسڪول عملي طور تي ڪنهن مذهبي اداري يا حڪومت جي هٿن ۾ هوندا آهن. انهن جي مذهبي سوچ هڪ خاص نقطه نظر رکي ٿي. مختلف مذهبي گروهه گهٽ عمر وارن ٻارن کي صحيح معلومات مهيا ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن ۽ اهي ئي ڳالهيون ڪندا آهن جيڪي، انهن جي ذاتي راءِ مطابق ۽ ذاتي خيالن سان ملندڙ هجن. جڏهن ته رياست سخت قسم جي غير مذهبي يعني سيڪيولر آهي. فرانس ۾ اسڪول ڪليسا جي تعليم تي زور ڏيندا آهن جيڪي چرچ جي اثر هيٺ هوندا آهن. انهن مسئلن جي آزاداڻي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ ٻارن جي ذهنن ۾ جيڪي مذهبي عقيدا مڙهيا ٿا وڃن، انهن تي به ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي.
اهو رڳو بنيادي تعليم جو مسئلو نه آهي، ان ۾ سڀ جا سڀ شيطاني معاملا موجود آهن. مٿئين سطح تي به وڏا باريڪ انداز اختيار ڪيا ويا آهن ۽ انهن سڀني کي پوشيده رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ايٽن ۽ آڪسفورڊ (Eton and Oxford) تعليم جي معيار تي هڪ خاص مهر لڳائي ڇڏي آهي جيئن يسوعي ڪاليج Jesuit college ڪندا آهن. اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڇا ايٽن ۽ آڪسفورڊ ڪنهن خاص ۽ فڪري اداري کي وٺي اڳتي وڌي رهيا آهن يا ڪو غيرملڪي ضابطو انهن جي پيش نظر آهي. هاڻي اتان جي تعليم يافته طبقي ۾ ”پرستش جي بهترين نظريي“ جي گهڻي ڳالهه آهي. اهو نظريو قرونِ وسطى جي چرچ ۾ رائج هيو ۽ هاڻي نئين سِر نروار ٿي رهيو آهي.
تعليم جنهن جو رضاعي رشتو سچائي جي خواهش سان آهي، رڳو ڪجهه خاص عقيدن سان نه آهي. ڇو جو هي ئي اهي عقيدا آهن جيڪي ماڻهن کي ناپسنديده تنظيمن سان ڳنڍي ڇڏيندا آهن. ان ۾ رياست، چرچ ۽ سياست سڀئي شامل آهن. ڪجهه ئي عرصي ۾ اهي عقيدا ٻارن جي ذهنن ۾ ويهي وڃن ٿا ۽ پوءِ فسادي لڙايون ۽ جهيڙا شروع ٿي ويندا آهن ۽ اها لڙائي ۽ جهيڙا ٻار جي فطرت ۾ نفرت جو جذبو پيدا ڪندا آهن ۽ وري انهن جو آزادي وارو نظريو محدود ٿي ويندو آهي.
اهڙا فرد جيڪڏهن تعليم جي شعبي سان ڳنڍجي وڃن ته اهي شاگردن سان توهين وارو سلوڪ ڪندا آهن ۽ سنگدلي جي انتها ڪري سندن خوشين کي ضايع ڪري ڇڏيندا آهن. پر ڪجهه استاد ۽ والدين سمجهندا آهن ته اهي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن سو بلڪل صحيح آهي. تابعداري ۽ خوشامنداڻي رويي جي بدران اسان کي هڪ اهڙو نصب العين اپنائڻ گهرجي جنهن ۾ جوش، جذبي ۽ آزادي جي اميد کي محفوظ رکيو وڃي. سنگدلي ۽ بي رحمي جي جاءِ تي اعلى تعليم کي رواج ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. سٺن، نيڪ خيالن ۽ فراخ دلي کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ احترام ۽ تعظيم سان گڏوگڏ ٻين جي خيالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. اهو ضروري نه آهي ته هر ڳالهه توهان جي خيال ۾ قابلِ قبول هجي پر خواه مخواه جو بحث به نٿو سونهين.
هڪ سٺي بلند ظرف استاد جوفرض آهي ته هو پيار محبت سان گڏوگڏ مهم جوئي، خيالن جي وڏي اڏام ۽ ڪردار جي عظمت ذريعي دنيا کي فتح ڪرڻ جي خواهش، پنهنجي شاگردن جي دلين ۾ پيدا ڪري. سياسي ارادا بيدار ڪرڻ ۽ انهن جي ذهنن کي مختلف خيالن جو مرڪز بڻائي ڇڏڻ هڪ سٺي استاد جو مقصد نه آهي. ڪجهه منفي ذهن رکڻ وارن استادن جو نظريو هي هوندو آهي ته اهي شاگردن تي پنهنجو بي سبب رعب ۽ داٻو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ۽ انهن جي شخصيت کي برباد ڪري ڇڏن. استاد جو حقيقي معنائن ۾ هي فرض آهي ته هو مختلف شاگرن ۽ ڪارآمد صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ۽ انهن جي علمي طاقت کي فروغ ڏين. جيڪي استاد منفي انداز اختيار ڪري ويٺا آهن اهي نه رڳو ايندڙ نسلن جي تباهي جا ذميوار آهن بلڪه خود پنهنجو پاڻ کي به ذلت جي وڏين گهرائين ۾ ٻوڙي رهيا آهن.
جيڪڏهن مسئلن کي اهليت سان اڳتي وڌائي حل ڪرڻو آهي ته ان لاءِ ضروري آهي ته تابعداري ۽ قاعدن قانونن کي هڪ توازن سان قائم رکيو وڃي. اهي ماڻهو جيڪي تابعداري جو قدر ڪن ٿا ۽ اصولن کي معزز سمجهن ٿا، انهن جي خيال ۾ اطاعت، قانون جو هڪ جزو آهي. مختلف مسئلن ۾ ڪجهه ڳالهيون تمام اهم آهن. باغي، اڌ مغزي ۽ مجرماڻي ذهن وارن ٻارن کي دٻاءَ ۾ رکڻو پوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي مارڻو به پوندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اها هڪ مصيبت بڻجي ويندي آهي، انهيءَ طرح ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته شاگردن ۽ استادن کي هڪ حد تائين آزادي حاصل هئڻ گهرجي ۽ انهن کي هڪٻئي جي مسئلن ۾ بي سبب مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. رڳو تعليمي اصلاحن ئي ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن انهن اصولن تي پابند رهيو وڃي ته ان سان ڪافي بهتر نتيجا ظاهر ٿيندا آهن ۽ جيڪي والدين، استاد ۽ شاگرد انهن تي عمل ڪري رهيا آهن اهي ڪافي مطمئن آهن.
اطاعت جو فلسفو اسڪولن ۾ ڇو ضروري آهي؟ پهرين ڳالهه هي ته اسڪول ۾ گنجائش کان وڌيڪ شاگرد داخل ڪيا ويندا آهن ۽ انهن لاءِ ڪلاسن جو بندوبست بيحد مشڪل ٿي وڃي ٿو، استاد انهن تي پوري توجهه نٿا ڏئي سگهن ۽ نه ئي کين ايترو وقت ڏئي سگهن ٿا. انتظاميه کي گهرجي ته انهن مسئلن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪري.
اسان وٽ سفارش ۽ رشوت تي ڪجهه اهڙا استاد به رکيا ويندا آهن جن ڪڏهن به ان شعبي جو علم حاصل ناهي ڪيو. انهن کي هي اندازو نٿو ٿي سگهي ته هدايتون ۽ پابنديون عائد ڪرڻ جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن. اهي بس ڪلارڪ وانگر پنهنجو وقت گذاري هليا ويندا آهن. علم کي شاگردن تائين منتقل ڪرڻ هڪ اهڙو اعلى فرض آهي جيڪو ڪنهن مشيني انداز ۾ نٿو نبري سگهجي. جيستائين ان کي پوري دلچسپي ۽ ذميواري سان قبول نه ڪيو وڃي.
هڪ سچي استاد جي ذميواري آهي ته هو پوري دلچسپي ۽ دل سان پنهنجا فرض ادا ڪري. ان کي هن ڳالهه جو به ڌيان رکڻ گهرجي ته شاگردن جون ذهني صلاحيتون ڪهڙيون ۽ ڪيتريقدر آهن ۽ انهيءَ مطابق مسئلن کي کڻي اڳتي هلڻو آهي. ان جو نتيجو هي نڪرندو ته ٻنهي جا تعلقات خوشگوار ٿي ويندا ۽ پڙهائي جو سلسلو تيز رفتاري سان جاري رهندو.
شاگردن کي هي حقيقيت تسليم ڪرڻ گهرجي ته انهن جي زندگي کي بهتر ۽ خوشگوار بڻائڻ لاءِ تعليم بيحد ضروري آهي. وقت جو زيان ۽ کيڏي ڪڏي واپس گهر وڃڻ جو نالو تعليم نه آهي. ان مُند ۾ والدين ۽ حڪومت جي گهڻي رقم خرچ ٿيندي آهي جنهن جي محنت جو شاگردن کي هاڻي ڪو احساس نه آهي. اڄ ڪلهه تربيت جا جيڪي اصول اسڪولن ۾ سيکاريا وڃن ٿا، انهن اندر گهڻيون برايون ۽ خرابيون لڪيل آهن. تربيت جو بهترين انداز اهو آهي جيڪو اندر کان اڀرندو آهي ۽ رستي ۾ اچڻ واري هر رڪاوٽ کي ٽوڙيندو اڳتي وڌندو رهندو آهي. انهيءَ طرح تابعداري جي جذبن ۾ آس پيدا ٿيندي آهي. تربيت ائين ڪجي جو شاگرد جي دل ۾ جذبن جو سمنڊ موج تي هجي، جوش دل کي چيري نڪرڻ لاءِ بيچين هجي ۽ ان جا شعلا اکين ۾ نمايان نظر اچن.
جيتوڻيڪ ابتدائي تعليم مجهول تابعداري جي حوصلا افزائي ڪندي آهي. پر اخلاقي تربيت ۽ بااصول سوچ ان کي طاقت بخشيندي آهي. خالص ذهني تربيت لاءِ هڪ مخصوص طريقو اپنايو ويو آهي، جيڪو هي آهي ته ڪو فرد پنهنجي خيالن کي گڏ ڪري ۽ پوءِ ڪنهن هڪ خواهش يا ڪنهن خاص مسئلي تي لڳائي ڇڏي. اهو خصوصي توجهه ذهانت کي اعلى پيماني تي اجاگر ڪندو آهي ۽ ذهن کي طاقت بخشيندو آهي. ان جذبي کي هڪ ساز جي حيثيت ڏئي سگهجي ٿي جنهن کي هر شخص وڏي شوق سان سکڻ چاهيندو هجي.
ضابطي جو اصل نچوڙ هي آهي جنهن ۾ پيشي جي انتخاب کي اهميت ڏني وئي آهي. اهڙو پيشو جيڪو ٻارن کي دلچسپ محسوس ٿئي ۽ سندن خواهش جي مطابق هجي. عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته راند روند جي ذريعي به علم ۾ واڌارو ٿيندو آهي. ميڊم مونٽيسري جو تعليمي نظام ننڍي عمر جي ٻارن لاءِ بهترين آهي، پر ٻالڪپڻ جي عمر گذرڻ کانپوءِ قابلِ عمل نه آهي. ڪڏهن ڪڏهن هي سوچيندو آهيان ته گهڻيون شيون وقتي طور تي سٺيون ناهن لڳنديون پر بعد ۾ احساس ٿيندو آهي ته اها شي بيحد ضروري هئي. انڪري ثابت ٿيو ته توجهه جي طاقت حاصل ڪرڻ تمام گهڻي ضروري آهي. ڪجهه ٻار حقيقت ۾ مضبوط تخليقي صلاحيت رکندا آهن ۽ اهي چاهيندا آهن ته پنهنجي آزاداڻي مرضي مطابق تعليم جاري رکن، جنهن ۾ ڪا ٻاهرين دخل اندازي نه هجي.
ذهني تربيت لاءِ ضروري آهي ته هر وقت ٻارن تي نگاهه رکي وڃي نه ته اهي ٻاهرين اثرن کي کڻي پنهنجي ذهني دلچسپي ۽ جذبن کي برباد ڪري سگهن ٿا. جيستائين ذهني تربيت جي اهميت کي ناهي سمجهيو ويندو، ان وقت تائين شاگردن جو پورو ڌيان حاصل نٿي ڪري سگهجي. اها سنگدلي ۽ بيدردي معاشي جنگ ۾ ان وقت تائين قائم رهندي جيستائين اسان جو موجوده نظام برقرار رهندو.
استادن کي گهرجي ته پيپرن جي سٺي طرح جاچ پرتال ڪن. قابل ۽ ذهني ٻارن لاءِ ڊپلوما يا ڊگري جي باري ۾ سوچڻ جي ضرورت ناهي. ان جو سبب هي آهي ته جيڪڏهن گهڻي سختي ڪئي وڃي ته ذهين ترين شاگرد به علم سکڻ ۽ ڪجهه حاصل ڪرڻ کان بيزار ٿي ويندا آهن ۽ عملي زندگي مان ڀڄڻ کي نجات سمجهندا آهن.
امتحاني نظام ۽ هدايتون، بحيثيت تربيت جي نوجوانن کي ان طرف وٺي وينديون آهن جتي علم جي تعظيم ڪئي ويندي آهي ۽ جتي خالص مفاد پسند نقطه نظر دولت جي طرف رهنمائي ڪندو آهي. هي ڪو اهڙو وڏو مسئلو نه آهي، جيڪر اهو صرف استعمال ٿئي ها انهن ماڻهن جن وٽ ذهانت جا ڀرپور مثال موجود آهن، پر بدقسمتي سان اهو استعمال ٿي رهيو آهي انهن فردن لاءِ جن جي ذهني صلاحيت مشڪوڪ آهي. هتي مان هڪ دفعو ٻيهر حوالو ڏيندس سر ٿامس مور جي ڪتاب يوٽوپيا (Utopia) جو (اهو ڪتاب هن 1516ع ۾ لکيو، هن ڪتاب ۾ هڪ تصوراتي ٻيٺ جو ذڪر ڪيو ويو آهي جتي هڪ مڪمل مثالي، تمدني ۽ سياسي نظام رائج هيو).
استادن جو مثبت فڪر جو انداز ٻارن لاءِ تمام ضروري آهي. ان لاءِ ظاهر ٿئي ٿو ته استاد پنهنجي ذميواري کي سمجهي ٿو ۽ ان کي پوري طرح نڀائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. استاد جي شفقت کي حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو هي آهي ته جيستائين هو ڪا مصيبت پيدا نه ڪري، توهان به ان کي تنگ نه ڪريو، آئينده زندگي ۾ توهان کي هڪ رهنما جي تلاش هوندي ۽ ان وقت اهو ئي استاد توهان جي رهنمائي ڪندو. اهڙا ماڻهو جيڪڏهن مذهبي خيال رکن ٿا ته اهي چرچ لاءِ به مفيد آهن ته حڪومت لاءِ به.
هي دنيا انتهائي حيرت انگيز رنگن ۽ نورن سان ڀريل آهي. ڪجهه شيون ڏسڻ ۾ بلڪل بي رنگ ۽ صاف شفاف نظر اينديون آهن پر جڏهن انهن جون ڳنڍيون کلنديون آهن ته انسان دنگ رهجي ويندو آهي. مهم جوئي اها شاندار ۽ دلچسپ وندر آهي، جنهن ۾ ماڻهو گم ٿي ويندو آهي ۽ انهيءَ ڌن ۾مست ٿي اتر قطب کي به سَر نگون يا تباه ڪندو آهي، اهو ئي جذبو جنگ جي طرف به رهنمائي ڪندو آهي.
جيڪي ماڻهو مهم جوئي جي شوق ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، اهي ئي ان جو صحيح مزو ۽ لطف ڄاڻيندا آهن. ان جي اهميت سمجهڻ ۽ ذهني سڪون حاصل ڪرڻ تعليم يافته ماڻهن جو ڪم آهي. گهٽ پڙهيل ماڻهو ان جي صحيح قدر و قيمت جو اندازو نٿا لڳائي سگهن. انسان هڪ هيڻو ۽ ڪمزور ذرو آهي جنهن جي چئني طرفن کان گهري ۽ خوفناڪ خاموشي ڇانيل آهي، پر اهو فخر ۽ غرور جي جذبي سان ڀرپور ۽ ائين خاموش ۽ ساڪن آهي تنهن هوندي به خدا پنهنجي ٻاجهه ان تي قائم رکي آهي. خدا تمام عظيم آهي، سڀني مفڪرن کان بي نياز، دنيا جو روشن مينار ۽ غطمت جو نوراني ستارو آهي.
اميد ۽ بي خوفي، انساني فطرت ۾ قدرت تخليق ڪيا آهن ۽ انهن گڏجي انسان کي عظيم بڻايو آهي. هتي هڪ ڳالهه چوڻ ضروري آهي ته رڳو جدوجهد نه بلڪه برن ۽ گندن خيالن جو رُخ موڙڻ به ضروري آهي، ۽ اهو سڀ ڪجهه تعليم سان ئي ممڪن آهي.
تعليم جو نصب العين مرده خيالن جي بدران مثبت زندگي ۽ جاڳرتا جي طرف هئڻ گهرجي، هڪ اهڙي جرئت ۽ ڦڙتي سان هجي جيڪا اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ته اسين ڪو تخليقي ڪم ڪري رهيا آهيون. هي به تحرڪ جو ذريعو هئڻ گهرجي نه ڪي معذرت واري انداز ۾، نئين دؤر جي سجاڳي جي خواهش رکندي لاوا جي طرح ڀڙڪندڙ هجي.
ڪاميابي جو اهو احساس ۽ اها سوچ ته وقت اچڻ تي اسين سڀ ڪجهه حاصل ڪنداسين ۽ اميد جي خوشي، مستقبل جي آس، هي اعتماد ته انسان جي محنت رنگ لائيندي ۽ اسين پنهنجي عظيم مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين.