ممبئي هڪ نظر ۾...
راجا اشوڪا جي مرڻ بعد هنن ٻيٽن تي مختلف هندو راجائن جو سن 1343ع تائين قبضو رهيو. ان سال گجرات جي مسلمان هنن ٻيٽن تي قبضو ڪيو ۽ ايندڙ ٻن صدين تائين گجرات صوبي جا مسلمان حاڪم هنن ٻيٽن جا مالڪ ٿي رهيا. اڄ به انهن ڏينهن جي هڪ مسجد ماهيم ۾ موجود آهي.
1534ع ۾ پورچو گالين، جن جي قبضي ۾ انڊيا جي اولهه ڪناري جا پانجم، دمان، ديو ۽ گوا جهڙا شهر اڳئين هئا مسلمان حاڪمن کان بمبئي زوريءَ کسي ورتي. هنن ٻيٽن تي جتي جتي رومن ڪئٿولڪ (عيسائي) هئا، اتي گرجا گهر ٺاهيا ويا، جن مان اڄ به هڪ “سينٽ ائنڊريو چرچ” باندرا ۾ موجود آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو مڃيو وڃي ٿو. بمبئي جي هنن ٻيٽن جي چوڪيداري خاطر پورچوگالين سيان، ماهيم ۽ باندرا جهڙا علائقن ۾ ڪوٽ ٺاهيا، جيڪي اڄ به ڊٺل حالت ۾ موجود آهن. هنن مختلف ٻيٽن جو بمبئي نالو هنن پورچوگالين رکيو. هو هنن ٻيٽن کي بام-بائيا(Bom- Baia) سڏڻ لڳا. جنهن جي پورچوگالي زبان ۾ معنيٰ آهي سٺو خليج (Good- Bay) پوءِ اهڙي طرح هي ٻيٽ بامبيا مان بامبي ۽ بمبئي سڏجڻ لڳا.
پورچوگالين جي قبضي ۾ هي ٻيٽ 1534ع ۾ آيا. پورن 128 سالن بعد سن 1662ع ۾ سندن پورچوگالي شهزادي ڪئٿرين جي انگريز شهزادي چارلس ٻئي سان شادي ٿيڻ تي کيس ڏاج ۾ ڏنا ويا. چارلس صاحب کي پنهنجي زال کي وقت ڏيڻ جي فرصت نه هئي، سو هنن مهاڻن ماڇين جي رهائش وارن ٻيٽن تي ڇا ڌيان ڌري سگهيو ٿي. 1668ع ۾ هن هي ٻيٽ يعني بام بائيا (بامبي) ڏهه پائونڊ سالياني مسواڙ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيا ته هنن جي دماغ ۾ ڪو ڪارآمد شغل هجي ته ڪن. اهو هو قدر ان وقت هنن ٻيٽن جو! ظاهر آهي ته جتي ڀر ۾ احمد آباد، بڙودا، سومناٿ، حيدرآباد دکن ۽ پوني جهڙا شهر هجن، اتي هي گپ ۽ مڇرن هاڻا ويران ٻيٽ ڪهڙي ڪم جا. ڪنهن کي نئين گهر ٺاهڻ جو شوق هو، ته هو گنگا، جمنا يا مُولا ۽ موٺا جهڙين ندين جي ڪناري تي ٺهرائيندو، جتي هر وقت مٺو پاڻي موجود رهيو ٿي ۽ سواري لاءِ ٻيڙيون هليون ٿي يا هيڏانهن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ جتي کٻڙ ۽ تمر جهڙا جهنگلي ٻوٽا هئا.
هنن ٻيٽن (بام بيا يعني بمبئي) جي سڀني نگيٽو نقطن جي باوجود هڪ پازيٽو ۽ فائديمند ڳالهه ضرور هئي، جيڪا ايسٽ انڊيا ڪمپني جي دماغ ۾ هئي. اها هيءَ ته وقت سان گڏ هاڻ جهازن جي سائيز وڏي ٿي رهي هئي. گجرات وارا بندرگاهه سورت، ڀاؤنگر، مانڊوي وغيره ننڍن جهازن لاءِ ته صحيح هئا، پر يورپ کان ايندڙ نون جهازن لاءِ سورت جهڙا بندرگاهه تانگها ثابت ٿي رهيا هئا. ان مقابلي ۾ بمبئي قدرتي طور اونهو هو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني هونءَ ئي ڪنهن اونهي بندرگاهه جي ڳولا ۾ هئي، سو هنن ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ سندس پورچوگالي نالي بام بائيا کي بدلائي بامبي رکيو. ٻيٽ تي رهندڙ مڪاني مهاڻا ۽ ڪولهي ذات جا ماڻهو هن کي ممبا سڏڻ لڳا، جيڪو ممبا ديوي جي نالي تي هو، جنهن لاءِ بابل ناٿ وارو مندر منسوب ٿيل هو. هي مندر اڄ به چوپاٽي وٽ آهي.
بمبئيءَ کي پارسين به ڏاڍو ٺاهيو. پارسي ايران جي شهر پارس جا رهاڪو هئا. هو اڄ کان 900 سال کن اڳ گجرات لڏي آيا، جتان پوءِ بمبئي ۽ ڪراچيءَ ۾ به اچي رهيا. پنهنجا مندر ‘Fire Temples’ ۽ مُردن جي نيڪال لاءِ “خاموشيءَ جا کوهه”(Tower of Silence) ٺهرايائون. ڪراچي ۾ به سندن هڪ مندر صدر ۾ آهي ۽ ٽاور آف سائلينس ڊفينس مارڪيٽ جي ڀرسان آهي. هيءَ واپاري ڪميونٽي آهي جنهن جو انڊيا ۾ ۽ انڊيا کان ٻاهر واپار هليو ٿي. انگريزن جي سڏ تي جيڪو پهريون پارسي بمبئي لڏي آيو، سو سن 1640ع ۾ دورابجي نانا ڀائي پٽيل هو. پوءِ ته ڪيترائي ممبئي ۾ اچي رهيا ۽ نه فقط رهيا پر انگريزن سان بيحد وفادار ٿي رهيا. هنن پنهنجا طور طريقا، زبان، ڪپڙو گندي، ويندي کائڻ پيئڻ انگريزن جي اسٽائيل جو رکيو. ايتري قدر جو 1689ع ۾ جڏهن جتي ڪٿي پليگ جي بيماري پکڙجي وئي، ته مڪاني راجائن ۽ يورپين بمبئي وارا هي ٻيٽ وڌيڪ سلامت ۽ هائيجنڪ ڏسي مٿن قبضي ڪرڻ لاءِ حملا ڪيا، پر هن پارسي واپاري جي پٽ رستم جي دورابجي پٽيل (جنم 1667ع، وفات 1763ع) بمبئي ۾ رهندڙ ڪولهي قبيلي جي ماڻهن کي ساڻ وٺي هر حملي ڪندڙ جو مقابلو ڪيو ۽ انگريزن پاران بمبئي جي حفاظت ڪئي. هنن مهاڻن ماڇين جي قبيلي ڪولهين جون ڪجهه اڏاوتون اڄ به ماهيم، باندرا ۽ کار وغيره ۾ نظر اچن ٿيون.
سر جارج آڪسنڊن بمبئي جو پهريون انگريز گورنر ٿيو، جنهن بعد مسٽر گرالڊ اونگر (Gerald Augier) ٿيو، جنهن گجراتي واپارين، پارسي جهاز سازن ۽ مسلمان ۽ هندو ڪاريگرن کي اوسي پاسي جي علائقن مان لڏي بمبئي ۾ اچي رهڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪئي، جنهن ڪري بمبئي يڪدم مشهور ٿيندو ويو. هن اڄ واري فورٽ علائقي ۾ بمبئي قلعو ٺهرايو، جيڪو هينئر صفا ڊهي ويو آهي، پر قلعي (فورٽ) ڪري اڄ به بمبئي جو هي علائقو فورٽ سڏجي ٿو. ان کان علاوه هن گورنر امن امان خاطر قاعدا قانون سخت ڪيا، جيئن هر امير واپاري توڙي غريب پورهيت بمبئي ۾ سڪون ۽ امن محسوس ڪري.
هن شهر جي وڪٽوريا ٽرمينس ريلوي اسٽيشن (جيڪا هاڻ CST يعني ڇترا پتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿي) جي سامهون جيڪو آزاد ميدان آهي، اهو اڄ کان 200 سال اڳ چراگاهه هو، جنهن تي فورٽ واري علائقي جا ماڻهو پنهنجا ڍور چارڻ لاءِ ايندا هئا، پوءِ 1838ع ۾ انگريز سرڪار چارڻ جي في “Grazing Fee” لڳائي، جيڪا ڪيترا غريب ماڻهو ڀري نٿي سگهيا. سندن مجبوري ڏسي سر جمشيد جي جيجا ڀائيءَ سامونڊي ڪناري ڀرسان ٺاڪر دوار واري علائقي ۾ پنهنجي کيسي مان 20 هزار رپيا خرچ ڪري، چارڻ لاءِ زمين هٿ ڪئي، جتي غريب غربو بنا ڪنهن في ڏيڻ جي پنهنجا وهٽ چاري سگهيو ٿي. وقت سان گڏ اهو علائقو “چرني” سڏجڻ لڳو. ايتري قدر جو پوءِ جڏهن پڪا ڏامر جا روڊ ٺهيا ته هتان لنگهندڙ روڊ جو نالو چرني روڊ رکيو ويو ۽ ريلوي لائين وڇائڻ بعد اسٽيشن جو نالو به چرني رکيو ويو.
پارسي جتي به رهن اتي پنهنجو مندر ٺاهين، جنهن ۾ ڏينهن رات باهه ٻرندي رکن ۽ ان کان علاوه “خاموشيءَ جو ٽاور” ٺاهين. هو پنهنجن عزيزن مائٽن جي لاشن کي ساڙڻ يا دفن ڪرڻ بدران “Tower of Silence” تي ڇڏي اچن، جيئن سرڻيون، ڪانگ ۽ ٻيا گوشت کائيندڙ پکي هنن کي کائي ختم ڪري ڇڏين. مالابار ٽڪريءَ تي جيڪو پارسين جو ٽاور آهي، اهو 1672ع ۾ پارسي سيٺ ’مودي هِيرجي واچها‘ ٺهرايو ۽ ساڳي سال هن سيٺ پنهنجي گهر مودي خانا جي سامهون باهه جو مندر ٺهرايو. اڄ اهي ٻئي عمارتون قائم آهن جن کي اڃان به وڌيڪ بهتر ۽ وڏو ڪيو ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته آدمشماري وڌڻ، وڻن جي ڪپجڻ ۽ بسين لارين ۽ هوائي جهازن جي آواز ڪري وڏن پکين جو تعداد گهٽجي ويو آهي ۽ اهو مُردو جنهن کي هڪ ڏينهن اندر سرڻيون، ڳجهون، ڪانگ ڪٻرون چٽ ڪري ويون ٿي، ان کي ختم ٿيڻ ۾ هاڻ ٽي ٽي ڏينهن به لڳيو وڃن.
ممبئي جو نئون علائقو جيڪو “نَوي ممبئي” سڏجي ٿو Salsette ٻيٽ جو حصو آهي. ان سان بمبئي جي ستن ٻيٽن کي سيان وٽ 1803ع ۾ ڪازوي ذريعي ڳنڍيو ويو.جيئن سنگاپور ڏيڍ ميل جي پُل ذريعي ملائيشيا سان ڳنڍيل آهي. اڄ وارو ڪولابا ڪازوي جيڪو ڪولابا ٻيٽ کي بمبئي جي باقي ٻيٽن سان ملائي ٿو. اهو 1838ع ۾ ٺاهيو ويو. ماهيم ۽ باندرا ٻيٽن کي ملائڻ وارو ڪازوي (پل) 1845ع ۾ ٺاهيو ويو. جنهن تي ٽوٽل خرچ ڏيڍ لک رپيا آيو جيڪو سمورو خرچ جمشيد جي جيجا ڀائي جي زال ليڊي هوا ٻائيءَ ڏنو.
سر رابرٽ گرانٽ (سندس ڄم جو سال 1779ع ۽ وفات جو 1838ع هو.) 1835ع کان مرڻ تائين هو بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. هن صاحب جي ڏينهن ۾ بمبئيءَ کي اوسي پاسي جي شهرن سان ملائڻ لاءِ ڪيترائي روڊ ٺهيا. بمبئي جو مشهور گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج به هن صاحب جي ياد ۾ چندا جمع ڪري ٺهرايو ويو.
اپريل 1853ع ۾ انڊيا جي پهرين ريل گاڏي بمبئي جي وڪٽوريا ٽرمينل (CST) کان ٿاني 21 ميلن جو سفر طئي ڪرڻ لڳي ۽ 1860ع ڌاري بمبئي کان گجرات جي مختلف شهرن تائين ريل گاڏيون هلڻ لڳيون. ان سان گڏ اسٽيمر سروس به شروع ٿي وئي. بمبئي کان انگلينڊ جي مختلف بندرگاهن تائين آگ بوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهاز) هلڻ لڳا. گجرات ۽ آس پاس کان ريل رستي ڪپهه بمبئي پهتي ٿي، جتان پوءِ ڪَلَ تي هلندڙ جهازن ذريعي انگلينڊ جي بندرگاهن ۾ آندي وئي ٿي ۽ اتان جي ڪارخانن ۾ ڪپڙو ٺهي واپس انڊيا آيو ٿي. 1861ع ۾ آمريڪا ۾ سِول جنگ لڳڻ ڪري آمريڪا کان يورپ ڏي ڪپهه اچڻ بند ٿي وئي، ان ڪري انڊيا جي ڪپهه جي ڊمانڊ وڌي وئي، ان ڪري انڊيا جي زميندارن ان فصل مان خوب ڪمايو.
هي آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهاز) جيڪي بمبئي ۽ لنڊن وچ۾ هلڻ شروع ٿيا هئا، تن کي لنڊن پهچڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي پر پوءِ 1869ع ۾ سوئيز ڪئنال کلڻ تي لنڊن ۽ بمبئي هيڪاندو ويجها ٿي پيا ۽ اٽلي، يونان ۽ فرانس جا بندرگاهه ته اڃا به ويجها ٿي پيا ۽ بمبئي ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿي ويو. جهازن جي بيهڻ لاءِ بندرگاهه ۾ ڪيترا Wharf (ڌِڪا) ٺهڻ لڳا ۽ ٻين ملڪن جا جهاز به اچڻ لڳا. ويندي حاجين جا جهاز جيڪي پهرين سورت بندرگاهه مان ويندا هئا. اهي هاڻ بمبئي مان وڃڻ لڳا. بمبئي جنهن جي 1780ع ۾ 13700 آدمشماري هئي، ان جي پورن سئو سالن بعد 1880ع ۾ ست لک ٿي وئي ۽ 26 سالن بعد 1906ع ۾ ڏهه لک ٿي وئي.
سگهوئي (1958ع ۾) پهرين آزادي جي جنگ (1957ع واري سپاهي بلوي) بعد، جڏهن جهانسي جي راڻي پٺيءَ سان ٻڌل ٻار سميت مارجي وئي، ايسٽ انڊيا ڪمپني تي غلط انتظام هلائڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ هاڻ انڊيا تي انگلينڊ جو شاهي گهراڻو Direct حڪومت ڪرڻ لڳو. 1862ع ۾ سر بارٽل فريئر پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1867ع تائين گورنر ٿي رهيو. 1864ع ۾ سندس ياد ۾ هارن بي روڊ تي ڦوهارو ٺـهرايو ويو، جيڪو پوءِ يونان جي ديوي فلورا نالي منسوب ڪيو ويو. هن گورنر جي اچڻ کان اڳ 1860ع ۾ بمبئي شهر کي تلسي ۽ ويهار ڍنڍن مان نلڪن ذريعي پاڻي سپلاءِ ڪيو ويو ٿي. بعد ۾ تانسا ڍنڍ مان به پائيپ لائين ڪڍيو ويو.
اوڻهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ يعني 1850ع کان 1900ع تائين بمبئي ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون عمارتون ٺهيون، جن کي اڄ به سياح ڏسڻ اچن ٿا ۽ بمبئي لاءِ باعثِ فخر آهن. انهن عمارتن مان ڪجهه هن ريت آهن: وڪٽوريا ٽرمينس، جنرل پوسٽ آفيس، ميونسپل ڪارپوريشن، پرنس آف ويلس ميوزيم، راجا ٻائي ٽاور، بامبئي يونيورسٽي، ايلفنسٽن ڪاليج، ڪواسجي جهانگير پارڪ، ڪرافورڊ مارڪيٽ، ڪسٽم هائوس، پبلڪ ورڪس ڊپارٽمنٽ (PWD) بلڊنگ وغيره وغيره جيڪي بمبئي جي سڃاڻپ (Land Marks) آهن.
بادشاهه جارج پنجين ۽ سندس راڻي مئري جي دهلي ۾ اچڻ جي ياد لاءِ 1911ع ۾ گيٽ وي آف انڊيا ٺاهيو ويو. بمبئي بندرگاهه جا ڪيترائي Docks واڍيا فئملي ٺهرايا، جيڪا انگريزن جي چوڻ تي سورت کان لڏي بمبئي اچي رهي. 1870ع ۾ بمبئي پورٽ ٽرسٽ قائم ڪيو ويو. 1885ع ۾ پرنسيز ڊاڪس ٺهيا ۽ 1891ع ۾ وڪٽوريا ڊاڪس ۽ ميري ويدر ڊراءِ ڊاڪس ٺهيا.
اوڻهين صديءَ جي آخر وارن سالن ۾ بمبئي ۾ ببونڪ پليگ (وبا) پکڙجي وئي، جنهن ۾ انسانن جي زندگي جو ڪافي نقصان ٿيو. بهرحال ان مان اهو فائدو ضرور ٿيو ته بمبئي شهر جي صفائي سٿرائيءَ تي سخت ڌيان ڏنو ويو.
1885ع ۾ بمبئي جو چارلس فارجيٽ نالي هڪ پوليس سپرنٽنڊنٽ جڏهن نوڪريءَ جو مدو پورو ڪري پنهنجي وطن انگلينڊ وڃي رهيو هو، ته بمبئي جي ماڻهن هن لاءِ روئي ڏنو. هن کي ايڏو پسند ڪيو ويو ٿي! اهو ان ڪري جو هن امير توڙي غريب کي برابر ٿي سمجهيو ۽ ڏوهاريءَ کي نٿي بخشيو. هڪ انگريز ڪانسٽيبل مڪاني ماڻهن سان کرو ڳالهايو ته ان کي به هن نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. هن امير پارسي مافيا کي به موچڙا هنيا، جن فاڪلينڊ روڊ واري علائقي ۾ شراب جو ڌنڌو هلايو ٿي ۽ ’پلي هائوس‘ (جيڪو پوءِ Pillhouse سڏيو ويو) ۽ ڇوڪرين جو ڌنڌو هلايو ٿي.
لارڊ سئنڊهرسٽ 1895ع کان 1900 تائين بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. هن صاحب جي ڏينهن ۾ به بمبئي ۾ ڪافي سڌارا ۽ رونقون آيون. سندس وڃڻ بعد سندس ياد ۾ 1910ع ۾ سئنڊ هرسٽ روڊ ٺاهيو ويو ۽ 1921ع ۾ سندس نالي Sandhurst ريلوي اسٽيشن ٺاهي وئي. اهي ٻئي اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. 1915ع ۾ پورٽ ٽرسٽ وارن جي ريلوي بالارڊ پيئر کان وادالا تائين ٺاهي وئي جنهن جي پاسن تي اناج ۽ تيل جا وڏا گدام (ڊيپو) ٺاهيا ويا. 1927ع ۾ انگلينڊ جي ميٽرو پوليٽن ورڪرس جي ٺهيل لوڪو موٽو اليڪٽرڪ ريل گاڏي بمبئي ۽ پوني جي وچ۾ هلائي وئي. بمبئي جيم خانا 1875ع ۾ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ فقط انگريزن ۽ يورپين کي وڃڻ جي اجازت هئي. هن جيم خانا کي ڏسي بمبئي جي ٻين ڪميونٽين به پنهنجا پنهنجا جيم خانا ٺاهيا جيئن ته هندو جيم خانو، پارسي جيم خانو، مسلم جيم خانو وغيره.
7 آگسٽ 1942ع تي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي پهرين تاريخي سيشن گوواليا ٽئنڪ ميدان تي ٿي، جنهن ميدان تي 1885ع ۾ ڪانگريس جنم ورتو هو. اها هيءَ سيشن هئي جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ Quit India (انڊيا جي پچر ڇڏيو) جو اعلان ڪيو. ان بعد انگريزن ڪيترن ئي انڊين ليڊرن کي جيل ۾ وڌو پر “انڊيا ڇڏيو” تحريڪ جي جوش (Momentum) کي ڪو به ٺاري نه سگهيو ۽ آخر انگريزن کي ننڍو کنڊ ڇڏڻو پيو. 15 آگسٽ 1947ع تي انگريز فوجي بمبئي جي “گيٽ وي آف انڊيا” واري دروازي مان نڪري انگلينڊ ڏي روانا ٿيندڙ جهازن ۾ وڃي ويٺا ۽ هن سرزمين کي گڊ باءِ چيو، جنهن تي هنن جا وڏا 282 سال اڳ داخل ٿيا هئا. اڄ اهو ميدان، جنهن تان انگريزن خلاف Quit India جو سڏ ڏنو ويو هو، “آگسٽ ڪرانتي ميدان” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
1960ع ۾ بامبي رياست کي ٻن رياستن ۾ ورهايو ويو. مهاراشٽرا رياست (جنهن ۾ مرهٺي ڳالهائي وڃي ٿي) ۽ گجرات رياست (جتي گجراتي ۽ ڪڇي ڳالهائي وڃي ٿي.) بمبئي جو شهر مهاراشٽرا رياست ۾ آيو. 1994ع ۾ جيئن ئي BJP شِوسينا وارن جي مهاراشٽرا ۾ حڪومت آئي ته هنن 1995ع ۾ هن شهر جو نالو بمبئي مان بدلائي ممبئي رکيو.