مهاڳ
ڏٺو وڃي ته هر ماڻهو گهمندڙ ڦرندڙ سفر نامو آهي، ڪو ننڍو ته ڪو وڏو. پنهنجي اندر ۾ سفر ڪري ٿو ته ڪو ٻاهر ۽ ڪو ٻنهي رُخن ۾، حقيقت ۾ سفر ذات ۽ صفات جي بيان جو اهم وسيلو پڻ آهي. اندروني سفر نهايت ڏکيو هوندو آهي. اصطلاحاَ ان کي روحاني تجربو، مذهبي تجربو ۽ صوفين جو تجربو ڪوٺجي ٿو.
سفر ۾ سياحن يا مسافرن ڪنهن دور ۾ پنڌ، ته وري ڪڏهن اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي سفر ڪيا، پر ڦيٿي جي ايجاد زندگيءَ جي انساني تصور ۾ اوچتو وڏي ڦير گهير آندي، ڇاڪاڻ ته کيس تڪڙو پهچڻ جي سهولت حاصل ٿي ويئي. سمجهيو وڃي ٿو ته ڦيٿي جي ايجاد 2700 قبل مسيح ۾ مصر ۾ ۽ 2500 قبل مسيح ۾ سنڌ ۾ پهچي چڪي هئي. ان انقلابي ايجاد نه فقط زميني مفاصلن کي گهٽائي ڇڏيو، بلڪه وڌيڪ ايجادن ته هوائي سفرن کي به گهٽائي ڇڏيو آهي.
حقيقت ۾ سفر انساني جبلت ۾ شامل آهي، مون کي ياد آهي ته جڏهن اسين ننڍا هوندا هئاسين ۽ خبر پوندي هئي ته حيدرآباد کان ڪراچي، سکر يا ٻئي ڪنهن شهر وڃڻو آهي ته سفر جي خوشيءَ ۾ رات جو ننڊ ئي ڪونه ايندي هئي. سياح يا مسافر دنيا جي عجائب خانه ڏسڻ لاءِ نوان ملڪ، نيون جايون، شهر، انهن جون رسمون ۽ رواج ڏسڻ لاءِ نه فقط آتو رهي ٿو بلڪه ان کي ڏسي خوش به ٿئي ٿو ۽ کيس ذهني آسودگي، تجربو ۽ مشاهدو پڻ حاصل ٿئي ٿو. ڪروڙين انسان هر وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٻارهوئي سير ۽ سفر ۾ رڌل نظر ايندا، ايتريقدر جو نوان پرڻيل جوڙا به هني مون لاءِ ٻين شهرن يا ملڪن ۾ وڃي، زندگيءَ جون اهي اهم گهڙيون گذارڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
ڪا به لکت جڏهن ليکڪ جي قلم مان نڪري ٿي ۽ فن جون گهرجون پوريون ڪري ٿي ته ان کي ادب ۾ اهميت ملي ٿي، سچ ته اهو آهي ته سفرنامو ادب جي نه فقط هڪ مستند صنف آهي، بلڪه ليکڪ جيڪو خارجي دنيا جو مسافر آهي، اندران ۽ ٻاهران مواد گڏ ڪري پنهنجي تجربن، مشاهدن، وارداتن ۽ خيالن ۾ پنهنجي سوچ، جذبن ۽ محسوسات کي پيش ڪري ٿو. لفظ پاڻ ئي ٽمندا، تخليق جو حصو بنجي وڃن ٿا ۽ پڙهندڙ جي ذهن جي پردي تي، ان ملڪ، شهر يا ڪنهن جڳهه جو عڪس چٽيو ڇڏين. سفرنامو حقيقت ۾ لکندڙ جي شخصيت جو اولڙو به هوندو آهي، جهڙو ليکڪ، اهڙوئي سفرنامو.
سفرنامو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ بيانيه صنف آهي ۽ اڄڪلهه سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻا سفرناما لکجي رهيا آهن. جيڪو به ملڪ کان ٻاهر يا شهر کان ٻاهر نڪري ٿو ته کيس سفرنامي لکڻ لاءِ اتساهه ملي ٿو. ڪن جا سفرناما دلچسپ، وڻندڙ ۽ اثرائتا آهن، ته ڪن وري پنهنجي شهرت لاءِ پاڻ ڪتاب ڇپرائي ان ميدان ۾ پنهنجو نالو شامل ڪرايو آهي.
الطاف شيخ البته انهن سڀني سفرنامن تخليق ڪندڙن کان مختلف ۽ منفرد آهي، هيل تائين سندس اسي سفرنامن جا الائي ڪيترا ڇاپا اچي چڪا آهن ۽ چار سفرناما ڇپائيءَ جي مختلف مرحلن ۾ آهن.
الطاف شيخ سان منهنجي پهرين گڏجاڻي 1965ع جي وچ ڌاري ڊي جي سنڌ ڪاليج جي ميٺارام هاسٽل ۾ ٿي. منهنجو وڏو ڀاءُ عبدالستار ميمڻ (جنهن جو تازو لاڏاڻو ٿيو آهي) انهن ڏينهن ۾ P.I.D.C ۾ جيالاجسٽ طور مقرر ٿيو هو ۽ پنهنجي دوست اڪبر منگيءَ سان گڏ ميٺارام هاسٽل ۾ سندس ڪمري ۾ رهندو هو (اڪبر منگي سکر جي منگين مان هو، P.I.A ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ ڪافي عرصو اڳ گذاري ويو). مان اڪبر منگي، جيڪو ان وقت B.Sc. جو شاگرد هو، جي ڪمري تي پهچي، ٻاهران در کڙڪايو ته ڪنهن اندران موٽ ڏني : Com in مان ڪمري ۾ گهڙيس ته هڪ خوش شڪل صاحب ميز ڪرسي تي ويٺو پڙهائيءَ ۾ مشغول هو. مون کي ڏسي مرڪيو، هٿ ملائي ويهڻ لاءِ چيائين. مان ان کان اڳ اڪبر منگيءَ سان ڪونه مليو هئس، تنهنڪري کيس ئي اڪبر منگي سمجهي، ڳالهائيندو رهيس، پر مون کي پوءِ احساس ٿيو ته هي صاحب اڪبر منگي ڪونهي، ان مرحلي تي هو مُرڪيو ۽ چشمي اندران پنهنجي مخصوص انداز ۾ گول گول اکيون ڦيرائيندي چيائين، مان الطاف شيخ آهيان، الطاف شيخ سان اها منهنجي پهرين ۽ اتفاقي ملاقات هئي، ان کانپوءِ مان ڪيئي دفعا اڪبر منگيءَ سان سندس نارٿ ناظم آباد واري گهر ويس ۽ اهڙي ريت گڏجڻ جو سلسلو وڌندو رهيو.
1967ع ۾ اڪبر منگي B.Sc. ڪري يونيورسٽيءَ جي مائڪرو بايولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي، ۽ اسان جي دوستي وڌي اڪبر منگي لارڊ قسم جو شخص هو، ۽ ان دور ۾ پنهنجي هڪ پري جي مائٽياڻيءَ تي عاشق هو، جيڪا فيڊرل B ايريا ۾ رهندي هئي، ۽ ڪنهن طريقي سان ان جي مائٽن کي راضي ڪيائين ته هو کيس مفت ۾ ٽيوشن پڙهائيندو. ٽيوشن ته هو کيس پڙهائيندو هو يا نه، پر اهڙي ريت اڪبر کي انهن جي گهر آزاديءَ سان اچڻ وڃڻ جو لائسنس ملي ويو، پر اڪبر ايترو پري اڪيلو وڃڻ ڪونه چاهيندو هو، هو ڪڏهن مون کي ۽ ڪڏهن الطاف شيخ کي وٺي ويندو هو ۽ اسان کي گهر ٻاهران ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ خوار ٿيڻو پوندو هو. اهو سلسلو ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو، پر ان جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو، ڇاڪاڻ ته ڇوڪريءَ کي اڪبر سان دلچسپي پيدا نه ٿي، يا هن جو آئيڊيل اڃا ڪو ٻيو هو. مان ۽ الطاف جڏهن به ملندا هئاسون ته ان موضوع تي به ضرور گفتگو ٿيندي هئي، هاڻي ته ويچارو اڪبر نه رهيو، البته خاتون جيڪا هڪ فلم ايڪٽر جي پهرين زال آهي، اڃا حيات آهي.
الطاف شيخ سان ستر جي وچ ڌاري تمام گهڻيون ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون، هو پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپرائيندو هو، ۽ ادبيات تي سليم قريشيءَ کي وڪري لاءِ ڏيندو هو. اسان به ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي استادن، ورسٽي سنڌي پبليڪيشن جي نالي تي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو هو، جيڪو ڪورس ۾ رکيل اڻلڀ ادبي ڪتاب ڇپرائيندو هو. اسان جو به سول ڊسٽريبيوٽر ادبيات وارو سليم قريشي هو. پيسن ڏيڻ جي معاملي ۾ قريشي، قريشي هو. مان ۽ الطاف اڪثر ادبيات تي اوڳڙ لاءِ ڌڪا کائيندا هئاسون، ڇهه دفعا رلائڻ کانپوءِ سليم قريشي ڪجهه پيسا ڏيندو هو، پر ٻي ڪا واهه ئي ڪونه هئي، ادبيات سڄي سنڌ جي ادبي ڪتابن جو وڏو مرڪز هو. جتي سڄي سنڌ جا واپاري اچي ڪتاب وٺي ويندا هئا. ادبيات تان ڪتاب هٿون هٿ وڪامجي ويندا هئا، پر پيسا ملڻ هڪ ڏکيو مرحلو هو، اڪثر مان ۽ الطاف شيخ پيساAdjust ڪرڻ لاءِ اتان اسٽيشنري کڻي ايندا هئاسون، ۽ پنهنجي پر ۾ خوش ٿيندا هئاسون ته ڪجهه ته اوڳڙ ٿي.
اڳ ۾ اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيا ته الطاف 80 ڪتابن جو خالق آهي. مرزا قليچ بيگ (جيڪو 457 ڪتابن جو خالق هو) ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جنهن جا 100 کان مٿي ڪتاب آهن، ان حساب سان الطاف سنڌي ادب جي وڪٽري اسٽينڊ تي ٽئين نمبر تي بيٺل نظر اچي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ڪتاب تصنيف، تحقيق ۽ تاليف تي ٻڌل آهن، جڏهن ته الطاف جا ڪتاب تخليق (فري اسٽائيل تخليق) تي ٻڌل آهن.
الطاف شيخ انهن خوشقسمتن مان آهي، جيڪو پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، ۽ منهنجي ذاتي راءِ موجب پنهنجي همعصر ليکڪن ۾ امر جليل کانپوءِ الطاف شيخ ئي هن دور جو مقبول ترين ليکڪ آهي.
مون کي الطاف شيخ جي لکڻ جي رفتار تي تعجب ٿيندو آهي، مصروف جهازي زندگي، ڪڏهن سکيائي ادارن ۾ استاد جي حيثيت ۾ پڙهائڻ، تنهن هوندي به هن سنڌي ٻوليءَ کي جيترا سفرناما ڏنا آهن، تنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ملڻ محال آهي.
“بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” الطاف جو ايڪاسيهون ڪتاب هوندو، جيتوڻيڪ بمبئيءَ جو نالو هاڻي ڦيرائي ممبئي رکيو ويوآهي، جيڪو ان جو آڳاٽو نالو هو، پر الطاف جو نالو بمبئي رکڻ پسند ڪيو.
ان شهر جي ٻه ٽي دفعا مان به ياتر ڪري چڪو آهيان ۽ شهر بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي اٿم، پر جيڪو ڪجهه الطاف پنهنجي پڙهندڙن کي مهيا ڪري ڏنو آهي، تنهن جي ڀيٽ ۾ منهنجي ڄاڻ ٻڙي به ڪانهي.
الطاف جي اڀياسي طبيعت کيس هر ملڪ جي هر شيءِ جي اڀياس لاءِ اتساهي ٿي. رهاڪن جي معاشي معاشرتي، تمدني، ثقافتي، مالي، علمي، ادبي، اخلاقي زندگي کان ويندي، انهن جي دين ۽ ڌرم جي اڀياس ۽ ان جي سنڌ جي حالتن ۽ وسيلن سان ڀيٽ ڪو سولو ڪم ڪونهي.
سنڌ ۾ ڪيترن ماڻهن کي اها ڄاڻ هوندي ته سنڌ ۾ جين ڌرم جا پوئلڳ رهن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ به اها هڪ نئين ڄاڻ آهي. ممبئيءَ جي جين ڌرم جي رهواسين جو ذڪر ڪندي، هو سنڌي جنين جو به ذڪر ڪجهه هن ريت ڪري ٿو.
“جين ڌرم مطابق مڇي، بيضو يا گوشت ته کائڻو ناهي، پر ڪنهن ماڪوڙي، مک ۽ مڇر کي به مارڻو ناهي. جين ڌرم جا ماڻهو فقط ڀاڄيون کائين ۽ سخت قسم جا vegetarians ٿين. ممبي ۾ ڪيتريون ئي ويجيٽرين ريسٽورنٽون آهن. اهڙين ڪن هوٽلن ۾ “جين پيزا” Jain Pizza به وڪامي ٿو. ممبئي جا ڪجهه رهائشي علائقا اهڙا آهن جن جا گهر توڙي فليٽ جين ڌرم جا پوئلڳ خريد ڪري سگهن ٿا يا مسواڙ تي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ڳالهه ممبئي ۾ڪافي Controversy به پيدا ڪئي آهي.
ٻُڌ ڌرم جو بنياد گوتم ٻُڌ ۽ جين ڌرم جو مهاوير سواميءَ عيسوي سن کان ڇهه صديون اڳ وڌو. بقول تاريخ نويس ڀيرومل جي ، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم کان ڪي صديون اڳي سنسڪرت سموري ڦري، بنهه نئين نموني جي ٿي پيئي اها “پراڪرت” سڏبي هئي، جا پوءِ “پالي” ڪوٺجڻ ۾ آئي. سندن وقت ۾ سنسڪرت گهڻو ڪري برهمڻ ڄاڻندا هئا، باقي عام طرح پراڪرت ڳالهائيندا هئا، تنهن ڪري گوتم ٻُڌ ۽ مهاوير سواميءَ پنهنجن ڌرمن جي پرچار انهيءَ پراڪرت ۾ ڪئي. براهمڻ ذات پات جو ڀيد گهڻو ٿي رکيو، پر هنن ٻنهي ڌرمن جي بانيڪارن اهڙو ڀيد رکيوئي ڪونه، ته عام خلق کي اها ڳالهه گهڻو پسند آئي، جنهن ڪري ننڍي کنڊ جي ماڻهن، سنڌ سميت، ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو.
هن وقت سنڌ ۾ جين ڌرم جا ڪجهه ماڻهو اسان جي ڳوٺ هالا ۾ نظر اچن ٿا، جيڪي “ڀاڀڙ ” سڏجن ٿا ۽ ننگر پارڪر طرف آهن، جيڪي “ اوسواڙ ” سڏجن ٿا. سنڌ ۾ وقتي ڪي رمتا جوڳي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جي “سيوڙا ” سڏبا آهن، اهي به جين ڌرم جا آهن. ڪراچيءَ ۾ به ڪي جين ڌرم وارا آهن، پر اهي سنڌ جا رهاڪو ڪينهن.”
هن اڀياسي طبيعت جو هڪ ٻيو مثال به حاضر آهي :
رڳو پوني اسٽيشن جي تاريخي ۽ سياسي اهميت، واقعن ۽ شخصيت جو جيڪو وچور پيش ڪيو اٿس، سو پنهنجي ليکي نه فقط معلوماتي آهي، پر هاڻي ته اهو به احساس ٿئي ٿو ته هو سياح سان گڏوگڏ هڪ محقق جا فرض به سرانجام ڏيئي رهيو آهي، ان لاءِ کيس ڪافي اڀياس به ڪرڻو پوندو هوندو ۽ اهو ڪو سوکو ڪم نه آهي. پوني اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر مان ٽڪيٽ وٺندي، جڏهن سندس تصور ۾ محمد علي جناح جي ٽڪيٽ وٺڻ جو منظر ذهن جي پردي تي تري آيو هوندو ته الطاف خاطري اٿم ته 105 سال پراڻي دور ۾ پاڻ کي محسوس ڪيو هوندو ته ۽ اهو احساس ئي سندس سفرنامن لکڻ جو مکيه ڪارڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو 80 کان وڌيڪ سفرناما سنڌ واسين جي نظر ڪري چڪو آهي، شل ڌڻي تعالى کيس وڏي ڄمار ڏيئي ته جيئن هو ان مقصد کي اڃا اڳڀرو ڪري.
الطاف جي اها خاص خوبي آهي ته هو جنهن به عمارت، شخص ۽ صورتحال جو ذڪر ڪري ٿو، ان جي گهرائيءَ ۾ وڃي گهربل ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي گهر ويٺي اهڙي ڄاڻ پهچائي ٿو، جيڪا پڙهندڙ عام رواجي طريقي سان هٿ نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ کيس ڪافي ڪشالا ڪڍڻا پوندا هوندا، انٽرنيٽ، ڪتاب، ذاتي پڇاڳاڇا! اهڙي ريت سندس، سفر نامائي نه بلڪه انسائيڪلوپيڊيا آهن.
پڇاڳاڇا تي ياد آيو ته الطاف شيخ اڪثر سفرنامن ۾ ذڪر ڪيو آهي ته ڪنهن بس يا اسٽيشن تي بيٺل ڪنهن شخص، پر خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين کان ڄاڻ گڏ ڪرڻ لاءِ پُڇا ڳاڇا ڪندو رهندو آهي. ٻاهرين دنيا (پاڪستان کان ٻاهر) آزاد خيال آهي، کيس اها پڇاڳاڇا مهانگي نه پوندي آهي، پر تنهن هوندي به کيس ڪڏهن ڪڏهين رُکا جواب به ملندا هوندا. سوچيو! کيس پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۾ ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو هوندو، پر پاڻ ان مهم ۾ هر وقت سرگردان نظر ٿو اچي.
مثال طور ممبئي جي ڪرافورڊ مارڪيٽ بابت هيٺين ڄاڻ ڏني اٿس:
“ڪرافورڊ (Crawford) مارڪيٽ، جنهن جو هاڻ سرڪاري طرح جيوتي راءِ ڦولي مارڪيٽ نالو رکيو ويو آهي، ممبئيءَ جي ڏاکڻي حصي جي مشهور مارڪيٽ آهي. هيءَ مارڪيٽ آرٿر ڪرافورڊ جي نالي منسوب ٿيل آهي، جيڪو انگريز راڄ ۾ بامبي (ممبي) جو پهريون ميونسپل ڪمشنر هو. هن مارڪيٽ ۾ ميوي، ڀاڄين ۽ ڪڪڙين جي هول سيل واپار کان علاوه گهر جي سامان، هار سينگار جي شين ۽ ڊيڪوريشن جي شين جو ڪاروبار هلي ٿو، يعني هن مارڪيٽ سبزي منڊيءَ جو به ڪم ڏنو ٿي پر هاڻ ان ڪم لاءِ نوي (نئين) ممبئي ۾ سبزي منڊي ٺاهي وئي آهي بهرحال هيءَ ڪرافورڊ مارڪيٽ به خاصي وڏي آهي، جنهن جي ڪورڊ ايراضي ئي هزار چورس وال آهي. هيءَ بلڊنگ 1869ع ۾ پارسي سيٺ ڪواسجي جهانگير ٺهرائي، شهري حڪومت کي Donate ڪئي هئي. انگريزن کان خودمختياري ملڻ بعد هن مارڪيٽ جو نالو مهارشٽرا رياست جي سماج سڌارڪ مهاتما جيوتي راءِ ڦولي نالي رکيو ويو آهي، پر اڄ به سڏجي ڪرافوڊ مارڪيٽ ٿي. جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ايمپريس مارڪيٽ جو سرڪاري طرح نالو KMC مارڪيٽ رکيو ويو آهي، پر اڄ به ان کي هر ڪو سندس پراڻي نالي “ايمپريس مارڪيٽ” سان سڏي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته ممبئي ۾ جڏهن 1882 ۾ اليڪٽرڪسٽي آئي ته ڪرافورڊ مارڪيٽ پهرين عمارت هئي، جيڪا لائيٽ ذريعي روشن ڪئي وئي. بلڪه ائين چئجي ته سڄي انڊيا ۽ ننڍي کنڊ جي هيءَ پهرين عمارت هئي. هن مارڪيٽ جي عمارتسازي، نقش نگار ۽ اندريون پٿر جو ٺهيل ڦوهارو مشهور ناول نويس رُڊيارڊ ڪپلنگ جي پيءُ لاڪ ووڊ ڪپلنگ ڊزائين ڪيو.
ڀارت، پاڪستانين لاءِ ڄڻ “شجر ممنوعه” آهي. توهان کي دنيا جي گهڻن ئي ملڪن جي ويزا ٿوري گهڻي ڊڪ ڊوڙ کانپوءِ ملي وڃي ٿي، پر ڀارت جي ويزا، سواءِ سرڪاري ڪم ڪارين، يا واپاري ويزا کانسواءِ ملڻ محال آهي. جي ملي به ٿي ته مخصوص ۽ محدود شهرن جي، جن کانسوءِ توهان سولائيءَ سان ٻين شهرن ڏانهن رُخ نٿا رکي سگهو، پر پاڪستاني هٻڇي طبيعت هئڻ ڪري ويزا جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪري ٻين شهرن ۾ هليا وڃن ٿا، جواب ۾ هو جيلن جي هوا کائين ٿا، ڇاڪاڻ ته ڀارتي ڳجها ادارا پاڪستانين جي ڪرڙي نظرداري ڪن ٿا، ۽ جهلڻ جي صورت ۾ رعايت جي گنجائش ڪانهي. اهو سلسلو اڃا به وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي، جو هر شهر پهچي، اوهان کي C.I.D آفيس ۾ وڃي پنهنجي پهچ ۽ واپس موٽڻ جو اندراج ڪرائڻو پوي ٿو. مون کي ٻه ٽي دفعا ڀارت وڃڻ جو موقعو مليو آهي، پر خوشقسمتي جو هر دفعي Non-Reporting ويزا ملي، پر تازو هن سال مارچ جي مهيني ۾ پنهنجي پياري دوست لڇمڻ ڪومل جي پنجهترهين پليٽنم جوبلي سالگره جي موقعي تي پنهنجي دوست شوڪت شوري سان گڏ دهلي ويس، اسان ٻنهي کي ڏهن ڏينهن جي ويزا ملي، جيڪا اسان وڌرائڻ لاءِ ڀارتي گهر وزارت جي آفيس جيسلمير هائوس وياسين (هت آئون به الطاف وانگر اوهان کي ڄاڻ ڏيان ته دهلي جيڪا ڀارت جي هڪ رياست به آهي ۽ وفاقي گادي پڻ ان جي هر هڪ وزارت ڌار عمارت ۾ واقع آهي ۽ هر عمارت جو نالو ڪنهن پرڳڻي، رياست جي نالي تي رکيل آهي، جيئن راجستان هائوس، ڪشمير هائوس، گجرات هائوس وغيره، اهڙي ريت انهن نالن وسيلي هنن مضبوط وفاق ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته اسان جي گادي شهر اسلام آباد ۾ به مختلف وزارتون مختلف بلاڪن ۾ موجود آهن، پر اهي انگريزي اکرن جي نالي ۾ رکيل آهن، اسانکي گهڻو تڻو P بلاڪ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو آهي.
پهرين ته ايئن لڳو ڄڻ ڪير ڳالهه به ڪونه ٻڌندو، پر پُڇا ڪندي، واسطيدار عملدار جيڪو گريڊ 17 جو هو، ۽ مرهٽو هو، سندس نالو A.K. اگروال هو، تائين پهتس. کيس ٻڌايم ته آئون ڪراچي يونيورسٽيءَ جو پروفيسر آهيان. ويزا 2 اپريل تي ختم ٿي ٿئي، پر ٽڪيٽ 4 اپريل جي ڪنفرم ٿيل اٿم، ان کان اڳ فلائيٽ 30 مارچ تي آهي، جي ان وچ ۾ ويس ته اها پاڻ سان زيادتي ڪندس. هن منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي، مُرڪيو ۽ چيائين، ٽڪيٽ ڏيکاريو، ان وچ ۾ کيس پنهنجو وزٽنگ ڪارڊ به ڏنم. وري مُرڪي چيائين، توهان جو ڪم ٿي ويندو. گهربل فارم ڀري ڏيو. دستاويز لڳايو، شام تائين توهان جي ويزا جي مدي ۾ واڌ ٿي ويندي. گهربل دستاويز ۽ فارم ڏيڻ وقت ٻڌايائين، آفيس شام جو پنجين وڳي تائين کليل هوندي آهي، پر توهان چئين وڳي اچي ويزا جي واڌ جو خط وٺي وڃو.
مون چيو مانس، جي شام جو نه اچون ۽ سڀاڻي صبح جو اچان ته ڪهڙي مهل اچان؟ وري مشڪندي جواب ڏنائين آفيس ته صبح جو 9 کلندي آهي، پر جي توهان ان کان اڳ اچو ته مون کي ٻڌايو مان اچي ويندس، توهان استاد آهيو، ۽ احترام جوڳا آهيو. ٻئي ڏينهن جڏهن خط مليو ته اهو D.C.P جي نالي هو، اتي به ان جو اندراج ٿيڻو هو، جنهن جي آفيس پراڻي دهلي جي ترڪمان گيٽ وٽ هئي، گاڏيءَ ۾ ويندي پنهنجي دوستن کي جيڪي دهليءَ ۾ سٺي اثر رسوخ وارا آهن، فون ڪري پڇيم ته هر ڪنهن جي جواب مان اندازو ٿيو ته اڄوڪو ڏينهن ڇٽو، پر اتي پهتاسون ڪلاڪ کن ۾ چئن عملدارن کان ٿيندو، اهو ڪاغذ هڪ سک عملدار وٽ پهتو، جنهن نهايت ئي خوش اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪندي ڏهن منٽن ۾ خط ٺاهي ڏنو ۽ ڪنهن پئسي ٽڪي جو مطالبو نه ڪيو، نه وري ڪو منهن تي گهنج آيس.
ٿي سگهي ٿو ته الطاف شيخ يا ٻين دوستن کيC.I.D آفيس ۾ اندراج مهل ڪي ڏکيائيون پيش آيون هجن، پر مجموعي طور تي انهن جا رويا هاڪاري ۽ مددگار هوندا آهن.
الطاف پنهنجي لکڻين ۾ اڪثر Suspence به پيدا ڪندو آهي، ان سان پڙهندڙ جو ڌيان اڃا به ڇڪجي ويندو آهي، ان جو مثال ايئن به ڏيئي سگهجي ٿو ته اڳ پاڪستاني فلمن ۾ فلم جي آخري حصي ۾ هيرو ۽ ولين وڙهندي ڪنهن ٽڪريءَ تي پهچي ويندا هئا، ۽ هيرو تي ولين جو غلبو ٿي ويندو هو ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته هيرو ويو، پر آخر ۾ هدايت ڪار جي حڪمت ڪم ايندي هئي ۽ هيرو کي سوڀ نصيب ٿيندي هئي ۽ الطاف به پنهنجي پونا کان ممبئي جي سفر ۾ اهڙي Suspence جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪيو آهي.
“جيئن جيئن ممبئي ويجهو ايندي وئي تيئن تيئن مون تي اجايو خوف طاري ٿيندو ويو ته هيڏي وڏي شهر ۾ جئه مون کي ڪيئن ڳولي سگهندو. ٿي سگهي ٿو ته جئه جو موبائيل بند هجي، بزي هجي، خراب هجي ته پوءِ؟ منهنجي شايد ان اجائي خوف کي محسوس ڪري جئه مون کي سندس زال نيلو ۽ ڌيءُ خوشبو جا نمبر به ڏنا هئا، پر خبر ناهي ڇو آئون عجيب ٽينشن جو شڪار ٿي رهيو هوس. خير ان وقت منجهند جو هڪ ٿيڻ وارو هو، پر آئون نٿو سمجهان ته ممبئيءَ ۾ ايڏي گرمي هئي جو ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ مونکي پگهر اچي رهيو هو. شايد آئون گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان يا گهٽ ۾ گهٽ محسوس ڪري رهيو آهيان جو اهڙن موقعن تي اڪيلو هجڻ ڪري چڪر محسوس ڪريان ٿو. آئون سوچڻ لڳس ته ڪجهه ٿي پيو ته جئه يا ٻلديو کي ڪهڙي خبر ته آئون ڪهڙي بس ۾ ڪهڙي هنڌ آهيان!! ”
هي سفرنامو جيتوڻيڪ ممبئيءَ بابت آهي ۽ ان ۾ تسلسل به آهي پر ليکڪ ان کي ڌار ڌار اڳ ۾ شايع به ٿي چڪا آهن.
الطاف جي هن ڪتاب تي اڃا به ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ تي دل گهري پئي، پر پوءِ ڳالهه مهاڳ کان چڙهي ويندي.
هڪ ڳالهه جيڪاسندس لکڻين جي وڻندي اٿم، سو آهي سندس فري اسٽائيل اسلوب، جي پاڻ چاهي ته ٻوليءَ جي ٺاهه ٺوهه ڪري سگهي ٿو، پر اهو ان جو خواهشمند نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ جو اسلوب به فري اسٽائيل آهي.
17 مئي، 2011ع پروفيسر محمد سليم ميمڻ
ڪراچي يونيورسٽي،
ڪراچي