لالا لجپتراءِ روڊ، جڳجيت سنگهه ۽ ديشمک مارگ
لالا لجپتراءِ پنجاب جو هندو ليکڪ ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي، جنهن آزاديءَ لاءِ انگريزن سان سڄي عمر ويڙهاند ڪئي. پاڻ 1865ع ۾ ڄائو ۽ 1928ع ۾ وفات ڪيائين. لالا لجپت نالي روڊ حيدرآباد سنڌ ۾ به آهي. لجپتراءِ وڪالت جي تعليم لاهور مان حاصل ڪئي ۽ ماڻهن کي سياست ۽ لکڻين ذريعي آزاديءَ جي مهم لاءِ سجاڳ ڪيو. پاڻ “آريا گزيٽ” نالي اخبار به ڪڍيائين ۽ Servants of people سوسائٽي پڻ قائم ڪئي. ڪتاب پڙهندڙن جي شوقينن لاءِ اهو لکندو هلان ته لالالجپت راءِ جي انگريزي ۾ لکيل آٽو بايوگرافي “دي اسٽوري آف ماءِ لائيف” تمام مشهور آهي. سندس هڪ ٻه ٻيا ڪتاب به بيحد مشهور آهن جيڪي سياست جي شاگردن ۽ سياستدانن کي ضرور پڙهڻ کپن، جيئن ته:
• The man and his work
• USA-A hindu’s impression and a Study
• England’s Debt to India
• Unhappy India.
هي آخري ڪتاب “اَن هئپي انڊيا” لالا لجپتراءِ “مدر انڊيا” ڪتاب جي جواب ۾ لکيو آهي، جيڪو آمريڪن تاريخدان “ڪئٿرين مايو” لکيو هو. لالا لجپتراءِ جا هي سمورا ڪتاب مون کي ممبئي يونيورسٽي جي نهرو سينٽرل لائبريري ۾ نظر آيا ۽ انهن مان ڪجهه ڪتاب، اردو ترجمي سان مون کي 20 سال اڳ ڪراچي جي نئشنل لائبريري ۾ پڻ نظر آيا هئا. ٿي سگهي ٿو انهن مان ڪو اڄ ڪلهه Net تي موجود هجي ۽ توهان پڙهي سگهو.
بهرحال هتي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيم ته حاجي علي چونڪ (ڊيسائي چونڪ) جي هڪ پاسي لالا لجپت راءِ روڊ آهي، ته اهو ئي روڊ ٻئي پاسي ڀُولا ڀائي ڊيسائي مارگ سڏجي ٿو، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ بِريچ ڪئنڊي يا وارڊن روڊ سڏيو ويو ٿي، جنهن تي ممبئي جي امير ترين ماڻهن جا گهر ۽ آمريڪا جو قونصل خانو آهي. هن روڊ تي ۽ ان جي آس پاس ممبئي جون ڪيتريون ئي اهم شيون آهن. جهڙوڪ بريچ ڪئنڊي اسپتال، ٽاٽا گارڊن، بريچ ڪئنڊي ڪلب (جتي هندستان جو سڀ کان وڏو سوئمنگ پول آهي،) ڇوڪرين جو مشهور ڪاليج ’صوفيا ڪاليج‘ ۽ ’گرين لان اسڪول‘، ممبئي جو مشهور ارڙهين صدي وارو مها لڪشمي مندر جيڪو ڏسڻ لاءِ روزانو هزارين ٽوئرسٽ اچن ٿا، پڻ ويجهڙائي ۾ ئي آهي. سلمان رشدي هن ئي روڊ بريچ ڪئنڊي (يعني ڀولا ڀائي ڊيسائي مارگ) تي ڄائو ۽ وڏو ٿيو. هو پنهنجي ڪتاب Midnights Children ۾ هن علائقي کي بيان ڪري ٿو. مون سان گڏ هلندڙ مڪاني گائيڊ ٻڌايو، ته هن ئي روڊ تي فلم پروڊيوسر اين. اين سِپي، تارا شرما (فلمي ائڪٽريس) ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو جڳجيت سنگهه رهن ٿا.
دیر لگی آنے میں تم کو۔۔۔
کوئی پاس آیا سویرے سویرے۔۔۔
اپنے ہونٹوں پر سجانا چاہتا ہوں۔۔۔
صدمہ تو ہے مجھے بھی کہ تجھ سے جدا ہوں میں،
جهڙن خوبصورت غزلن جي ڳائڻ واري جڳجيت سنگهه ۽ سندس زال چترا سنگهه کان ننڍي کنڊ جو ڪهڙو ماڻهو واقف نه هوندو. جڳجيت سنگهه گذريل چاليهه سالن کان وڏي ڪاميابيءَ سان اردو، هندي، بنگالي، گجراتي، نيپالي (۽ پوني ۾ رهندڙ سنڌي وڊيو ڪئسٽ واري ٻڌايو، ته هن سنڌي ۽ مرهٺـيءَ ۾ به) غزل ڳايا آهن. کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن، جن مان هڪ انڊيا حڪومت طرفان پدما ڀوشن ايوارڊ به آهي، جيڪو انڊيا جي سول ايوارڊن ۾ ٽيون نمبر مٿانهون درجو رکي ٿو. جگجيت واحد ڪمپوزر ۽ ڳائڻو آهي جنهن سابق وزيراعظم اٽل بِهاري واجپائيءَ جي لکيل غزلن کي ڪمپوز ڪيو ۽ ڳايو، جن جا ٻه البم آهن: نئي دِشا ۽ سام ويدنا. جگجيت سنگهه راجستان جي هڪ ڳوٺ گنگا نگر ۾ سرڪاري ملازم امرسنگهه سک جي گهر ۾ 1941ع ۾ ڄائو... يعني جگجيت هاڻ ستر سالن جو ٿيو آهي. پاڻ بنيادي تعليم گنگا نگر جي خالصا هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين، B.Sc جالنڌر جي DAV ڪاليج مان ڪيائين. ان بعد تاريخ ۾ ڪروڪ شيترا يونيورسٽيءَ مان M.Sc ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ڳائڻ جو شوق هو ۽ خيال، ٺمري ۽ ڌروپڌ قسم جي انڊين ڪلاسيڪل ميوزڪ، هن سائينيا گهرانا اسڪول ۾ استاد جمال خان کان سکيا.
بهرحال پاڻ ڀولا ڀائي ڊيسائي مارگ (بريچ ڪئنڊي روڊ) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪو انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڀولا ڀائي ڊيسائي نالي ڪيو ويو آهي. ڀولا ڀائي گجرات جي شهر والسد ۾ 1877ع ۾ ڄائو ۽ پنهنجي وقت جو هڪ بيحد پيارو شاگرد ٿي گذريو آهي. هن ڀاردا هاءِ اسڪول ممبئي مان 1895ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، جنهن ۾ پهريون نمبر آيو. ان بعد ممبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج مان انگلش لٽريچر ۽ تاريخ ۾ گرئجوئيشن ڪئي. جنهن ۾ پهريون نمبر اچڻ ڪري هن کي ورڊس ورٿ انعام ۽ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ اسڪالر ملي. ان بعد هن بمبئي يونيورسٽي مان انگريزي ۾ M.A ڪئي. تعليم مڪمل ٿيڻ تي ڀولا ڀائيءَ کي انگريزي ۽ تاريخ پڙهائڻ لاءِ گجرات ڪاليج احمدآباد ۾ پروفيسر طور رکيو ويو. نوڪريءَ دوران هن وڪالت به پڙهي ورتي ۽ پوءِ پڙهائڻ جو ڪم ڇڏي بمبئي ۾ اچي وڪيل ٿيو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي نه فقط ممبئيءَ جو پر سڄي ملڪ جو بهترين وڪيل ثابت ڪيو. 1928ع ۾ هو سياست ۾ داخل ٿيو ۽ جلد ئي ڪانگريس پارٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ سينٽرل ليجسليٽو اسيمبلي ۾ گجرات جو نمائندو چونڊيو ويو. سياست دوران سندس لياقت علي خان سان تمام گهڻو واسطو پيو. پاڻ ملڪ کي آزاد ٿيندو نه ڏسي سگهيو ۽ هڪ سال اڳ 1946ع ۾ وفات ڪيائين. ايم. سي سيتل واد نالي ليکڪ “ڀولا ڀائي ڊيسائي” جي عنوان سان سندس بايوگرافي لکي آهي.
ممبئي جي هن خوبصورت علائقي ۾ گهمڻ وارن لاءِ هڪ ٻيو اهم روڊ پيڊر روڊ آهي. پيڊر روڊ ڀولا ڀائي ڊيسائي مارگ تي ٺهيل پرڀو چونڪ تان شروع ٿئي ٿو. جيڪو ڊبليو. جِي پيڊر جي نالي آهي. مسٽر پيڊر 1879ع ۾ ممبئي جو ميونسپل ڪمشنر هو. هن روڊ جو نئون نالو گولاءِ راءِ ديشمک مارگ رکيو ويو آهي. رستي تي بورڊ به نئين نالي جا لکيل آهن پر جڏهن مون کي ان تي وڃڻو پيو ته نه بس وارو ۽ نه ٽئڪسي وارو سمجهي سگهيو. آخر رستي تي بيٺل هڪ ڪاليج جي نوجوان شاگرد ٽئڪسي ڊرائيور کي ٻڌايو ... “ابي اس کا مطلب پيڊر روڊ سي هي.”
“ادهر ڪس ڪي پاس جانا هي؟” ڊرائيور وري پڪ ڪئي.
“جسلوڪ اسپتال جانا هي.” مون ٻڌايومانس.
ڊرائيور خوش ٿي مون کي پيڊر روڊ تي اچي لاٿو، جتي روڊ جي ڀرسان لڳل بورڊ تي مرهٺي ۽ انگريزي زبان ۾ “گوپال رائو ديشمک مارگ” لکيل هو.
“ٺهيو!” مون دل ئي دل ۾ چيو، “چئبو ته هي به اسان وانگر محمد علي جناح روڊ کي اڃان بندر روڊ پيا سڏين.”
هتي هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ممبئي توڙي دهلي ۾ ڪي رستا ’روڊ‘ سڏجن ٿا ته ڪي وري “مارگ” جنهن جي معنيٰ به رستو آهي. مارگ شايد گجراتي، مرهٺي يا سنسڪرت جو لفظ هجي جيڪو شاهه لطيف به تمام گهڻو استعمال ڪيو آهي. سر سسئي آبري ۾ فرمائي ٿو:
عمِرِ سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن،
رِيسَ ريذاليون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ؟
مارڳ جي مَرن، وڏو طالع تن جو.
مارڳ معنيٰ راهه يا رستو. سسئي ٿي چوي، ته پنهون جي ڳولا ۾ جيڪڏهن ڪا رستي تي مري به پوي ته به هن جو وڏو طالع (نصيب) ٿيو.
سر حسينيءَ ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو:
اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارَڳ ۾!
مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون.
(هتي به مارڳ جي ساڳي معنيٰ آهي يعني راهه، رستو، پيچرو)
شاهه لطيف جي سر حسيني جي هڪ وائي ياد اچي رهي آهي. جنهن ۾ پڻ لفظ مارڳ (رستو، روڊ) استعمال ٿيو آهي.
چڙهي نه سگهان چوٽئين، مارڳ مٿاهون،
ڏکيءَ، سندي ڏيج ۾، ڏونگر ڏنائون،
ويندي ڪيون وڻن سين سسئي سکائون.
وٺي پنهونءَ پاڻ سين، اچان جي آئون... وغيره.