الطاف شيخ ڪارنر

بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾

هي سفرنامو هندستان بابت ناليواري سفرناما نگار الطاف شيخ لکيو آهي. الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي ڪو سنڌ باد ٿو سڏي ته ڪو سيلاني ٿو سڏي ته وري ڪو کيس سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ ٿو لکي، پر منهنجي نظر ۾ الطاف شيخ اسان لاء هڪ گائيڊ، هڪ استاد، هڪ ڄاڻو شخص هجڻ سان گڏ اسان لاء اتساهه جو سبب بڻجندو رهي ٿو.
پروفيسر ڊاڪٽر سليم ميمڻ
  • 4.5/5.0
  • 6231
  • 895
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾

هاٿيءَ کي هندوستان نه گهماءِ...

اڃان ڪراچيءَ ۾ ئي هوس، ته ممبئي مان ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ فون ڪري مون کي چيو، ته انڊيا اچين ته پنهنجي پاسپورٽ، ويزا ۽ ٻين ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون ٺهرائي اچجو جو موبائيل فون جي سِم وٺڻ توڙي هوٽل ۾ ڪمرو وٺڻ مهل، انهن ڪاغذن جي فوٽو ڪاپي ڏيڻي پوي ٿي. ڊاڪٽر ٻلديو بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي. اڄ ڪلهه دنيا جي هر ملڪ ۾ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ هر پنهنجي پرائي جي چڱي طرح کوج لڳائي وڃي ٿي. بهرحال ڌارين ملڪن ۾ پهچي پوءِ فوٽو اسٽيٽ وارن جا دڪان پيا ڳولجن، ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ مان نه رڳو مسافري ۽ شناخت سان تعلق رکندڙ ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون کڻي نڪرجن، پر ڏهاڪو کن پنهنجا پاسپورٽ سائيز فوٽو به پاڻ سان گڏ رکجن. اهو انهن ماڻهن لاءِ به ضروري آهي جيڪي حج يا عمري لاءِ سعودي عرب وڃن ٿا. يا زيارتين لاءِ ايران، عراق ۽ شام وڃن ٿا.
آئون پوني ۾ هفتو کن گذاري ممبئي آيس، ته پنهنجي ميزبان ڊاڪٽر ٻلديو کي ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس WRIC ۾ انتظار ڪندو ڏٺم. هن منهنجي لاءِ ڪمرو اڳئين بڪ ڪري ڇڏيو هو، فقط گيسٽ هائوس جي رجسٽر تي مون کي صحيح ڪرڻي هئي. ان سان گڏ گيسٽ هائوس جي مراٺي ڪلارڪ مون کان پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي پڻ گهري.
“اچي هيءَ پاسپورٽ جي ڪاپي،” مون هن کي پاسپورٽ جي ڪاپي ڏئي، ويزا ۽ پوليس رپورٽ جي فوٽو ڪاپي وڌائي چيو ٿي ته “۽ هي آهي ويزا جي ڪاپي ۽...” ڊاڪٽر ٻلديو منهنجي هٿ کي انهن ڪاغذن سميت پٺيان ڪندي سنڌيءَ ۾ چيو “هاٿيءَ کي سڄو هندستان گهمائڻ جي ضرورت ناهي.” آئون وائڙن وانگر ٻلديو جو منهن ڏسڻ لڳس. ٻلديو اهو سوچي ته مون شايد نه ٻڌو، ساڳيو جملو وري ورجايو. دراصل مون اها چوڻي يا پهاڪو هن کان اڳ نه ٻڌو هو. يعني هاٿيءَ کي هندوستان گهمائڻ وارو. پڪ اٿم ته منهنجي ڪيترن پڙهندڙن لاءِ به اها چوڻي نئين هجي. ٻلديو سمجهي ويو ته مون سندس ڳالهه نه سمجهي سو مون کي صاف لفظن ۾ چيو “سائين ڪاغذ فقط اهي ڏيو جيڪي گهُريا وڃن. فالتو ڪڏهن به نه ڏجن.”
ٻلديو جي اها ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي ۽ اڄ هي سفرنامو لکڻ مهل پنهنجي پڙهندڙن لاءِ به لکي رهيو آهيان ته هو به ان تي عمل ڪن. اها ئي ڳالهه پنهنجي آمريڪا واري سفرنامي “نيو هالا کان نيويارڪ” يا شايد “بخشو لغاري کان بالٽيمور” ۾ به لکي اٿم، ته ايئرپورٽ تي يا شهر ۾ گهمندي ڪو انٽيليجنس جو سوال ڪري ته ان جو ئي جواب ڏجي، فالتو ڳالهيون نه ڪجن.
ٻلديو جي اها هاٿيءَ واري چوڻي به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي. هڪ ڳالهه مون ڏٺي آهي ته سنڌي هندن جون ڪي ڪي ڳالهيون، بلڪه ڪيتريون ئي ڳالهيون عقل واريون ۽ تجربي واريون ٿين ٿيون. پاڪستان ۾ ته منهنجو گهڻين سنڌي فئملين سان واسطو نه رهيو آهي، پر ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ توڙي ممباسا، ڪولمبو ۽ ٽرنيڊاڊ جهڙن ٻيٽن تي ڪيترن ئي هندو سنڌي فئملين سان واسطو رهيو، هنن جو ڳالهه ڳالهه ۾ پهاڪو يا ڪا چوڻي ٻڌائڻ هڪ عام ڳالهه آهي. ممبئي ۽ پوني دوران مختلف سنڌين کان ٻڌل پهاڪا جيڪي نوٽ ڪري سگهيس، اهي هتي لکي رهيو آهيان.
• جن جو هِتي کپ تن جو هُتي به کپ.
• عقل کائي غم.
• چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي.
• ڏٺو سڀ وسار اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
مٿيون چوڻيون سنڌي دڪاندارن کان ئي ٻڌم. سنڌين کي بزنيس ۽ پئسي ڪمائڻ جي وڏي تات رهي ٿي ۽ هنن کان اڪثر اهو ٻڌم ته “ناڻي بنا نر ويڳاڻو”، پر اهو به آهي ته هنن کي اهو احساس آهي ته گهڻو پئسو سک ۽ سڪون جو ضامن به نه آهي. ائين ناهي ته دولت اچڻ سان آٽوميٽيڪلي خوشي اچيو وڃي بلڪه ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو، ته دولت ڏکن جو سبب بڻجي ٿي. تڏهن ته هو اها به چوڻي ورجائين ٿا ته:
“اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.”
هنن کي اهو به احساس آهي ته فڪر ۽ غم صحت کي نقصان رسائي ٿو، تڏهن ته هو ان بابت ڳالهه ڪندي چون ٿا ته:
“خوشي جهڙي خوراڪ ڪونهي، ڳڻتيءَ جهڙو مرض ناهي.” هتي جي سنڌين جو اهو اعتقاد آهي، ته توهان کي جيڪي ڪرڻ کپي اهو جلد ڪجي، جنهن لاءِ هنن وٽ ريڊي ميڊ چوڻي آهي: “ترت دان، مَها ڪلياڻ.” ۽ “ترت ڪم، مها پنيا” معنيٰ جيڪڏهن توهان پنهنجي ڊيوٽي جلد نڀائيندؤ ته اهو نيڪي جو ڪم ثابت ٿيندو.
ڪنهن کي ڳالهه مان ڳالهڙو ٺاهيندي ٻڌندا ته چوندا:
“جبل کي ٿيا سور، ڄائي ڪوئي،”
يا ڪو پاڻ بابت اجائي لٻاڙ سٻاڙ هڻندو ٻڌندا، ته ان کي ٽوڪڻ لاءِ چوندا.
“لڀي لٺ به نه، بابو بندوقن وارو.”
سنڌين کي Dowry (ڏيج) ۽ ڌيئن جي شاديءَ جو وڏو فڪر رهي ٿو. هو هڪ طرف مڙس ان کي سمجهن ٿا، جيڪو ڏنگو ماڻهو آهي. چوندا “مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو.” ۽ ساڳي وقت هو ناٺي لاءِ اهو به چون ٿا ته:
“ناٺي ڏنگي ڪاٺي.”
۽ ڌيئن جي پورت ڪرڻ ۽ ناٺيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ هو هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. هو ڌيءَ جو گهر ٺاهڻ لاءِ محنت مزدوري ڪن ٿا. چوڻي آهي ته:
“ابو گسي ڌيءَ وسي.”
پر وري اهو به آهي ته سنڌي ماڻهوءَ کي احساس آهي، ته هن کي ڏکئي وقت ۾ پٽ کان وڌيڪ ڌيءَ ڪم اچي ٿي. ان ڪري ممبئي جي سنڌين واتان اها چوڻي به ٻڌم ته:
“پٽ ٿئي مال ڀائي، ڌيءَ ٿئي حال ڀائي.”
هندو ماڻهوءَ جو گهڻو ڪم وياج تي هلي ٿو، ان ڪري هنن واتان اهو ٻڌڻ ته “مور کان وياج مٺو” ڪا نرالي ڳالهه ناهي. وياج بابت ڪجهه ٻيون چوڻيون نوٽ ڪيون اٿم، جيڪي ٿي سگهي ٿو توهان لاءِ به نيون هجن:
• وياج رات جو به پنڌ ڪري ٿو.
• وياج آهي سُورتي گهوڙو.
(يعني وياج Racing Horse آهي جيڪو تکو اڳتي وڌي ٿو). سنڌي ماڻهو جيڪو سڄو ڏينهن ڌنڌي پٺيان پريشان رهي ٿو، اهو اِهو ئي چاهي ٿو ته گهر ۾ سڪون هجي. هو گهر جي ڪروڌ کي خطرناڪ سمجهي ٿو، جنهن ڪري چوڻي عام ٿي ته:
“گهر جي گهوپي، مٽن جو پاڻي سڪايو ڇڏي.” ۽ ڪنهن بيزار سس کان سندس ننهن بابت اهو ئي ٻڌڻ ۾ آيو ته:
“شيدي سِڪي ويا سونهن کان، آئون سِڪي ويس سياڻي ننهن کان.”
هر ڪا سس پنهنجي پٽ لاءِ سهڻي کان سهڻي زال آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. شادي کان پوءِ اها سهڻي جڏهن مٿس ڏمرجي ٿي، ته پوءِ ننهن لاءِ اهوئي چوندي ته:
“صورت کان سيرت ڀلي.”
يا وري چوندي: “اهڙا سهڻا ٽوهه ته جنگل ۾ به آهن.”
سنڌي ان ۾ به يقين رکن ٿا، ته بيوقوف جي تعريف کان عقلمند جي تنقيد ڀلي آهي تڏهن ته هيءَ چوڻي عام آهي ته:
مورک جي خوشامد کان، سياڻي جي ٽوڪ ڀلي.