شاويز جو وطن وينزيويلا
وينزويلا 1830ع ۾ ”گرين ڪولمبيا“ (GRAN COLOMBIA) جي ٽٽڻ سان وجود ۾ ايندڙ ٽن ملڪن مان هڪ آهي، باقي ٻه ملڪ ايڪوئيڊور ۽ گريناڊا هئا، جيڪو پوءِ ڪولمبيا ٿيو. ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ وينزويلا تي گهڻو ڪري فوجي راڄ رهيو، جنهن تيل جي صنعت کي ترقي وٺرائي ۽ ملڪ ۾ ڪي سماجي سڌارا پڻ ڪيا. 1959ع کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون قائم ٿيڻ لڳيون.
وينزويلا جي پکيڙ 912050 ڪلوميٽر آهي. ملڪي سرحدون ڪئربيئن سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ، ڪولمبيا، برازيل ۽ گيانا سان ملن ٿيون. وينزويلا پئٽرول، قدرتي گئس، لوهه، سون، باڪسائيٽ، هيرن ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي. ملڪ جو سرڪاري نالو ”بوليويئرن ريپبلڪ آف وينزويلا“ آهي. ملڪ جي گادي جو هنڌ ”ڪاراڪاس“ ۽ سرڪاري زبان اسپيني آهي. وينزويلا 5 جولاءِ1811ع تي اسپين کان آزادي حاصل ڪئي، وينزويلا جو هاڻوڪو آئين 1999ع ۾ تيار ڪيو ويو، جنهن جي منظوري هڪ ريفرينڊم جي ذريعي عوام کان ورتي ويئي. اهو آئين1961ع جي آئين جي جاءِ تي ڊسمبر 1999ع ۾ لاڳو ڪيو ويو. 1811ع ۾ وينزويلا جي آزاديءَ کانپوءِ ملڪ ۾ 26 آئين لاڳو رهيا، اهو ستاويهون آئين آهي، جنهن کي ٺاهڻ جو تصور هيوگو شاويز پيش ڪيو هو. شاويز ۽ سندس حامي، جن کي شاويسٽا (Chavista)چيو وڃي ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته هو ان کي ”سائمن بوليوار ۽ بولي ويئرين ازم“ جي سياسي فڪر ۽ فلسفي جو آئينو قرار ڏين ٿا.
1999ع جو آئين وينزويلا جو پهريون آئين آهي، جيڪو عوامي ريفرنڊم جي ذريعي منظور ڪيو ويو ۽ اُن آئين جي لاڳو ٿيڻ سان وينزويلا ۾ ”پنجين ريپبلڪ“ جو قيام عمل ۾ آيو. ”ففٽ ريپلڪ“ سڏائڻ جو سبب اهو آهي ته نئين آئين ۾ بولي ويئرين ازم جي اصولن ۽ سوشلزم جي فلسفي موجب ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ معاشي تبديليون آڻڻ جا فقرا شامل ڪيا ويا آهن. ان آئين ۾ وينزويلا جي حڪومت جي ڍانچي ۽ ذميوارين ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن ۽ وينزيويلا جي سڀني شهرين کي ڪيترن ئي انساني حقن جون ضمانتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ مفت تعليم، صحت، صاف ماحول، اقليتن (مقامي ماڻهن سميت) جي سڀيتا، مذهب ۽ زبانن جي تحفظ جا حق شامل آهن.
صدر هيوگو شاويز جيڪو 6 ڊسمبر 1998ع تي، 1961ع جي آئين موجب ملڪ جو صدر چونڊيو ويو هو، 1992ع ۾ پنهنجي فوجي بغاوت جي زماني ۾ ئي هڪ نئين آئين جي جوڙجڪ جي باري ۾ سوچي رهيو هو، سندس چوڻ آهي. ” اسان ان حوالي سان ڪافي غور ويچار ۽ بحث ۽ مباحثو ڪيو ته ماضيءَ مان ڪيئن جند ڇڏائجي، هن جمهوريت مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي، جيڪا اجادار طبقن جي مفادن جي نگهبان آهي ۽ ڪرپشن مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪجي. اسان سدائين هڪ روايتي قسم جي فوجي بغاوت جي تصور کي رد ڪيو هو، اسان نه ته فوجي آمريت قائم ڪرڻ ٿي چاهي ۽ نه ئي وري ملٽري جنتا. اسان کي 91-1990ع ۾ ڪولمبيا ۾ ٿيندڙ واقعن جي خبر هئي، يعني هڪ هٿ ٺوڪي آئيني اسيمبلي ته موجود هئي، پر اها موجود قوتن جي فرمانبردار هئي، اهي ڪولمبيا جون موجود قوتون هيون، جن آئين ساز اسيمبلي جي جوڙجڪ ڪئي هئي، ان کي هلائي رهيون هيون، اهڙي صورتحال کي ان ڪري به مڪمل طور تي بدلائي نٿو سگهجي، جو اها موجود قوتن جي فڪر ۽ فلسفي جي قيدي هئي.“
هيوگوشاويز 1992ع ۾ ڪيل فوجي بغاوت جي ناڪام ٿيڻ، گرفتاري ۽ آزادي کانپوءِ نئون آئين ٺاهڻ پنهنجو سياسي مقصد بڻائي ورتو هو. تنهنڪري هن 1998ع جي صدارتي چونڊ مهم دوران، عوام سان ٻين واعدن ڪرڻ سان گڏ هڪ نئون آئين ٺاهڻ جو به واعدو ڪيو هو، سندس چوڻ هو ته هو صدر چونڊجڻ کانپوءِ هڪ عوامي ريفرنڊم ڪرائيندو ته عوام هڪ آئين ساز اسيمبليءَ جو قيام چاهي ٿو يا نه؟ صدر چونڊجڻ کانپوءِ هن جيڪو سڀ کان پهريون فرمان جاري ڪيو اهو ريفرنڊم ڪرائڻ جي باري ۾ هو، جيڪو 29 اپريل 1999ع تي ٿيو، ووٽرن کان ٻه سوال پڇيا ويا هئا. آئين ساز اسيمبلي ٺاهڻ کپي يا صدر جي تجويز ڪيل ميڪانزم موجب آئين ٺاهيو وڃي؟ انهن ٻنهي سوالن جي حق ۾ ترتيبوار 92 سيڪڙو ۽ 86 سيڪڙو ووٽ وڌا ويا.