تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هـوگـو شـاويـز (زندگي ۽ جدوجهد)

ڪتاب ”هوگو شاويز (زندگي ۽ جدوجهد)“ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جو وينزويلا جي صدر هوگو شاويز تي لکيل مختلف مضمونن ۽ سوانح تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي ئي آهي.
ايران جولاءِ 2006ع ۾ صدر شاويز کي پنهنجو سڀ کان وڏو سرڪاري اعزاز ڏنو، کيس اهو اعزاز ايران جي نيو ڪليئر پروگرام جي جرئت ڀري حمايت جي اعتراف ۾ ڏنو ويو، صدر شاويز آمريڪا تي سخت تنقيد ڪرڻ کانسواءِ لبنان تي اسرائيل جي حملي کي ”چريائپ“ ۽ ”دهشتگردي“ قرار ڏنو . هن آمريڪا جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو. ”سڄي دنيا جي عوام کي گڏجي آمريڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.“
  • 4.5/5.0
  • 1968
  • 1519
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هـوگـو شـاويـز (زندگي ۽ جدوجهد)

شاويز جي ڪهاڻي، سندس پنهنجي زباني

آئون پنهنجي حڪومت جي پهرينءَ ڏينهن کان ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته دنيا کي مجموعي اخلاقي قدرن جي گهرج آهي، منهنجو ايمان آهي ته اخلاقيات کي اسان جي اڄوڪي دنيا جو پهريون موضوع هئڻ گهرجي. - هيوگو شاويز هيوگو شاويز جي زندگيءَ جي ڪهاڻي صدارت کان شروع نٿي ٿئي، پر هن جي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ جي شروعات ته 1954ع ۾ وينزويلا جي هڪ ننڍي ڳوٺ جي هڪ جهوپڙيءَ کان شروع ٿي، سندس ماءُ ۽ پيءُ اسڪولي استاد يعني ماستر هئا، هو ايترا ته غريب هئا، جو کيس پالي به نه ٿي سگهيا، تنهنڪري شاويز کي سندس ڏاڏيءَ سانڍيو. هو اڄ به ان کي ”ماما روزيٽا“ چئي سڏ ڪندو آهي، هڪ ڀيري هن، پنهنجي انٽرويو ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي حوالي سان به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون هيون، هو چوي ٿو:
”منهنجي ننڍپڻ جو اهو وقت ڏاڍو خوشين ڀريو هو، اڄ به جيڪڏهن ڪو مون کي اهي ڏينهن موٽائي ڏي ته کيس پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان، آئون هڪ غريب هاري ٻارڙو هوس، پر پنهنجي ڏاڏيءَ سان ڏاڍو خوش هئس، هن مون کي اڻميو پيار ۽ حوصلو ڏنو، منهنجي پالنا درياهه جي ڪنڌيءَ تي هڪ غريباڻي ڳوٺڙي ۾ ٿي، جتي غربت هر هنڌ نظر ايندي هئي، مون کي درياهه جو وهندڙ پاڻي ڏاڍو وڻندو هو، آئون تمام گهڻيون مڇيون جهليندو هوس ۽ اهي جهليل مڇيون غريب پاڙيسرين کي ڏيئي ڇڏيندو هوس، جيئن هو گذارو ڪري سگهن، اسين جهنگ ۾ وڃي انبڙيون ميڙيندا هئاسين ۽ اهي به ورهائي ڇڏيندا هئاسين ته جيئن اهي خراب نه ٿي وڃن، مون کي ڪوبه جبر يا دٻاءُ محسوس نه ٿيندو هو، مون غربت کي بنهه ويجهڙ کان ڏٺو آهي ۽ سچ اهو آهي ته آئون ڏاڍو رنو آهيان.“

[b]غربت جو درد
[/b]مون کي جارج ياد اچي ٿو، جنهن سان آئون روزانو کيڏندو هوس، پوءِ هيئن ٿيو ته هڪ ڏينهن هو اسڪول نه آيو، اسان جي پُڇڻ تي ته هو اسڪول ڇو نه آيو آهي، خبر پيئي ته سندس امڙ ويم جي دوران گذاري ويئي آهي، اهڙا واقعا عام جام پيا ٿيندا هئا، جنهن جو سبب اهو هو ته اتي ڪوبه ڊاڪٽر موجود نه هو. جارج جو پيءُ اڳ ۾ ئي گذاري ويو هو، تنهنڪري کيس پڙهائي ڇڏي ڪم تي وڃڻون پيو ۽ هو مزدور بنجي ويو، هن جا ننڍڙا ڀائر ۽ ڀينرون هيون، جن جو پيٽ ته کيس ڀرڻون ئي هو.
مون غربت جو درد ڀوڳيو آهي، منهنجو ننڍو ڀاءُ انيسو، ڏاڍو خوبصورت ٻارڙو هو، هڪ ڏينهن هو بيمار ٿي پيو، مون کي ياد آهي ته هو ليٽيو پيو هوندو هو ۽ مُرڪندو رهندو هو، پر هو مري ويو، اتي ڪوبه ڊاڪٽر نه هو، جيڪو سندس علاج ڪري هو انهن ٻارڙن مان هڪ هو جنهن کي غربت جي ڏانئڻ کائي ويئي.“
جارج ننڍپڻ ۾ مزدور بنجي ويو ۽ انيسو بنا دوا درمل ۽ علاج جي گذاري ويو، هڪ اهڙي ملڪ ۾ جيڪو تصور کان به وڌيڪ حد تائين شاهوڪار هو، جڏهن هيوگو شاويز ٻارڙو هو ته، ان وقت وينزويلا تيل مان حاصل ٿيندڙ دولت جي سمنڊ ۾ تري رهيو هو. پر هيوگو شاويز جي ڳوٺن جهڙا ڳوٺ، جيڪي وينزويلا جي نوي سيڪڙو آباديءَ جا گهر هئا، بدترين غربت جو شڪار هئا، شاويز هڪ نه پر ٻن ملڪن ۾ پرورش پاتي. هڪ اهڙو ملڪ، جنهن کي دولت جي ريل ڇيل جي فرق ٻن ملڪن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، هڪ شاهوڪار وينزويلا هو، جنهن ۾ رهندڙ چمڪندڙ منهن مهانڊن واري معزز طبقي جا ماڻهو لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان ملڪ جو تيل پي- مچي مواڙ ٿي پيا هئا، انهن اميرن پنهنجي رهڻ لاءِ بيورلي هلز جهڙا آسائش سان ڀرپور علائقا آباد ڪري رکيا هئا، وينزويلا جا اهي امير ماڻهو ۽ گهڻ قومي ڪمپنيون بدعنوان پارٽين جي ذريعي اقتدار جي راند کيڏي رهيون هيون ۽ دنيا وينزويلا جي جمهوريت جي واکاڻ ڪري رهي هئي، هي اهوئي وينزويلا هو، جنهن هيوگو شاويز جي ننڍڙي ڀاءُ کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو هو.
سنگ مرمر سان ٺهيل ان وينزويلا جي چوڌاري هن ٻيو وينزويلا به سدائين موجود رهيو، اهو غريب وينزويلا هو، جيڪو هيوگو شاويز ۽ سندس ڏاڏيءَ جو وينزويلا هو. ”جمهوريت“ ۽ پيٽرول جي مهڪ سان سرشار امير وينزويلا ۾ هنن لاءِ ڪابه جڳهه نه هئي، پر ننڍڙو هيوگو ان حقيقت کي سمجهي نه سگهيو، منجهس انقلابي تبديلي جي شروعات ڪافي پوءِ ٿي، جڏهن هو ايڪيهين سالن جو نوجوان هو ۽ ملٽري اڪيڊميءَ مان تازو پڙهي نڪتو هو، کيس پنهنجي اباڻي شهر ۾ هڪ مائوسٽ احتجاجي هلچل کي چٿڻ جي لاءِ موڪليو ويو، انهن ڏينهن کي ياد ڪندي هن چيو :
”مون ان وقت کان ڏسڻ شروع ڪيو ته هاري ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن، فوج هنن جا گهر ساڙي ڦُلهيار ڪري ڇڏيا ۽ قانون جي حڪمراني کي پٺيان اڇلي کين ڏوهاري قرار ڏيئي ڇڏيو. مون ڏٺو ته منهنجن ساٿين هارين تي ڪيترو نه تشدد ڪيو هو، مون اهو سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ٿيندي ڏٺو. مون گوريلن کي به ڏٺو، جن اسان جي ڪيترن ئي جوانن کي ماري ڇڏيو هو، انهن مان هڪ ڄڻي ته منهنجي ٻانهن ۾ پساهه پورا ڪيا. منهنجي لاءِ ته اهو به هڪ هاري هو، پر هو فوج ۾ هو، مون کي ياد آهي ته هن چيو هو ته،”اسان تي راتاهو هنيو ويو آهي. مون کي مرڻ کان بچايو.“ هڪ فوجي جوان منهنجي ٻانهن ۾ هو، کيس ڇاتيءَ ۾ ٽي گوليون لڳيون هيون، هو مري ويو. هن جي رت جون ڦينگون اڃا به منهنجي ذهن ۾ موجود آهن. آئون سوچڻ لڳس ته ڪير صحيح ۽ ڪير غلط آهي؟ ڇا اسين صحيح آهيون ۽ حق تي آهيون؟ ڇا منهنجا فوجي جيڪي هارين تي تشدد ڪن ٿا ۽ کين ماري ٿا ڇڏين، يا اهي گوريلا جيڪي هارين تي ئي تشدد ڪن ٿا؟ اها منهنجي سوچڻ جي شروعات هئي.“
ايڪيهن سالن جي عمر ۾ لڳندڙ انهيءَ ڌچڪي هيوگو شاويز کي حالتن جي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ڪيو، هيڏانهن فوج ۾ سندس ترقي ٿيڻ لڳي، ان دوران هو انقلابي سياست جي باري ۾ مطالعو ڪندو ۽ بحث مباحثو ڪندو رهيو.
هيوگو شاويز کي اڻويهين صديءَ ۾ وينزويلا، ڪولمبيا، بوليويا ۽ پيرو جي اسپين کان آزادي جي جنگ جي هڪ انقلابي اڳواڻ ”سائمن بوليوار“ جي خيالن ۽ فڪر گهڻو متاثر ڪيو، پوءِ جڏهن 1980ع ۾ آءِ ايم ايف ”صدمن سان ڀريل ٿيلهو“ کڻي وينزويلا ۾ داخل ٿيو ته هيوگو کي سياسي جدوجهد جو اسٽيج ملي ويو.
1989ع ۾ آءِ ايم ايف وينزويلا جي حڪومت کان گهر ڪئي ته غريبن تي خرچ ٿيندڙ بجيٽ ۾ ڪمي ڪئي وڃي ۽ گهڻ قومي ڪمپنين جي مفادن کي ترجيح ڏني وڃي، هڪ ڏينهن غريب وينزويلا صبح جو اُٿيا ته بسين جي ڀاڙن ۾ ايترو ته واڌارو ڪيو ويو هو، جو هنن جي لاءِ ڪم تي وڃڻ ناممڪن ٿي پيو هو، پوءِ وينزويلا ۾ ان صديءَ ۾ پهريون ڀيرو عوامي فساد ٿيا، فوج بندوقن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ جيڪا به شئي چُرپُر ڪندي ڏٺي، اها اڏائي ڇڏي، بي شمار غريبن کي قتل ڪيو ويو، هيوگو شاويز انهن ڏينهن فوج ۾ ليفٽيننٽ هو، هن غريبن تي گولي هلائڻ جي حڪم تي عمل نه ڪيو.

[b]هيءَ ڪهڙي فوج آهي
[/b]”ان زماني ۾ آئون فوج ۾ هئس ۽ پنهنجو پاڻ کان پڇندو هئس ته ڇا هيءَ بوليوار جي فوج آهي؟ منهنجي ذهن ۾ جواب آيو، نه – ان کي وينزويلا جي بچاءُ ۽ تحفظ بدران سندس ئي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، وينزويلا جي عوام کي چٿڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. سائمن بوليوار چيو هو.“ لعنت هجي ان فوجيءَ تي جيڪو پنهنجي ئي ماڻهن تي گولي هلائي.“ وينزويلائي فوج کي مجبور ڪيو ويو هو ته اها آءِ ايم ايف ۽ وحشي نيولبرل ازم جون گوليون پنهنجن ئي ماڻهن تي هلائي، مون ائين نه ڪيو.“
ان جي ابتڙ شاويز شاهوڪارن جي ڪرپٽ پارٽين جي خلاف بغاوت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جو اهي سڀ آءِ ايم ايف جي عوام تي حملي جي حمايت ڪري رهيون هيون، هن 1992ع ۾ بي غيرت حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ موت کي قبولڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو، پر هو جيئرو بچي ويو، هاڻ هو چوي ٿو ته سندس ايمان آهي ته وٽس جيڪو وقت آهي، اهو اُڌارو (Borrowed) آهي، هو هڪ کانپوءِ ٻي خطري کي منهن ڏي ٿو، کيس بغاوت جي ڏوهه ۾ بدنام زمانه جيل ”ياري پرزن“ ۾ ٻه سال قيد ڪاٽڻون پيو، جيڪو هنن جي پنهنجي ”روبن آءِ لينڊ“ ۾ آهي. قيد جي دوران کيس ان خبر ڏاڍي خوشي ڏني ته چونڊن ۾ هن جنهن اميدوار جي حمايت ڪئي هئي، اهو ڪامياب ٿي ويو هو.

[b]زندان: تصورن جي بٺي
[/b]”آئون اڪيلو نه هئس، مون سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو هئا، ڪيترن ئي ماڻهن ويڙهه وڙهي ۽ ڪيترائي مارجي ويا. آئون ان ڪري هيرو ناهيان، جو مون به پرماري قوتن جي خلاف ويڙهه ڪئي هئي.
”جيل هڪ اهڙي بٺيءَ جيان هوندو آهي، جنهن ۾ اوهين پنهنجي تصورن ۽ خيالن کي پچائي پختو ڪريو ٿا. آئون پنهنجي کوليءَ ۾ بند، ايندڙ حڪومت جي خاڪي جي باري ۾ سوچيندو رهندو هوس.“
نيٺ هو 1998ع ۾ زندان جي بٺيءَ ۾ رچي ڪُندن ٿيل خيالن کي عملي جامون پهرائڻ جي قابل ٿيو، هو هڪ آزاد اليڪشن ۾ وينزويلا جي صدر جو عهدو جيتڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هن چيو ته منهنجي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو مقصد اهو هو ته، ”آئون دنيا کي سرمائيداري نظام جي تباهه ڪندڙ حڪمرانيءَ کان بچائڻ ٿو چاهيان، دنيا جنهن پاسي وڃي رهي آهي، ان پاسي کي بدلائڻ ٿو چاهيان.“
هن هڪ مختلف ڪم ڪرڻ ٿي چاهيو، يعني تيل مان حاصل ٿيندڙ ملڪي دولت کي بي شمار ”جارجن ۽ انيسو“ تي خرچ ڪرڻ ٿي چاهيو، ان لاءِ هيوگو شاويز ”مشنز“ شروع ڪيا آهن ۽ هر ڳوٺ ۾ تيل جي دولت مان اهڙا مرڪز قائم ڪيا آهن، جتي غريبن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو، اڪثر ڳوٺن ۾ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر جي سهوليت مهيا ڪئي ويئي آهي، هن غريبن جي لاءِ مفت تعليم جا پروگرام شروع ڪيا آهن. هاڻي پوڙهيون عورتون ٻهڪندڙ چهرن سان بليڪ بورڊن تي چاڪ سان پنهنجو نالو لکنديون نظر اچن ٿيون، هاڻ اهڙا پوڙها دنيا کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهن، جيڪي چاليهن سالن تائين موتئي جي بيماريءَ سبب انڌا رهيا. اوبر سوبر ميڙي انهن تي وقت گذاريندڙ عورتون هاڻ هيوگو شاويز جي کوليل سيڌي سامان جي سستن دڪانن تان پنهنجي ٻارن لاءِ ڪڪڙ جو گوشت خريد ڪري سگهن ٿيون، هاڻ وينزويلا ۾ صدر شاويز جي ننڍي ڀاءُ جهڙو ڪوبه ٻارڙو ڪونهي، جيڪو ڊاڪٽر نه هئڻ سبب مري ويو، اها آءِ ايم ايف جي نجڪاري ۽ ڪمپنين جي حڪومت واري ماڊل لاءِ هڪ فخريه للڪار آهي ۽ سڄي ترقي پذير دنيا جي عوام ان کي اونداهي ۾ هڪ ڪرڻي طور ڏسي رهي آهي، جنهن جو کين ڊگهي عرصي کان اوسيئڙو هو.
صدر شاويز عوامي ڀلائي جي رٿن جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائيندي چوي ٿو، ”هو وينزويلا کي حقيقي معنيٰ ۾ شاهوڪار بنائي ڇڏيندو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ان جي سڄي آبادي پڙهيل لکيل ۽ صحتمند بنجي ويندي.“

[b]سرمائيداري ۽ سوشلزم
[/b]”حقيقي ۽ سچي جمهوريت سرمائيداريءَ ۾ ممڪن ڪونهي، سچي جمهوريت فقط سوشلزم ۾ ئي ممڪن آهي شاويز.“ دنيا ۾ تيل جي ڪجهه وڏن ذخيرن مان هڪ ذخيري جو مالڪ اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪندو آهي، سرمائيدار ملڪن جا ماڻهو چاهين ٿا ته هو روزا لڪسمبرگ ۽ سائمن بوليوار جهڙن عوام دوست باغين ۽ آزادي پسندن جي بدران شيل (Shell) ۽ هيلي برٽن (Heliburton) جهڙين ڪمپنين جي زبان ۾ ڳالهائي، پر هو زور ڏيئي چوي ٿو ته هو ڪميونسٽ ڪونهي.
”اسين نه ته رياست جي مطلق حڪمراني چاهيون ٿا ۽ نه وري نيولبرل ازم جا خواهشمند آهيون، اسين اعتدال پسند آهيون، اسين ان نظام جا حمايتي آهيون، جنهن ۾ منڍي جو نظر نه ايندڙ هٿ، رياست جي نظر ايندڙ هٿ سان گڏجي ٿو، جيستائين رياست ضروري آهي ۽ جيتري حد تائين منڍي ممڪن آهي.“
پر آءِ ايم ايف جي چنبي ۾ ڦاٿل دنيا ۾، ڪنهن ترقي ڪندڙ ملڪ ۾ سوشل ڊيماڪريسي کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ به هڪ انقلابي ضروري آهي.
صدر شاويز انهن پاليسين کي هڪ شفاف اخلاقي زاويي کان ڏسي ٿو، هتي دولت آهي تنهنڪري اها ورهائجڻ گهرجي جيئن هو ننڍي هوندي مڇي ۽ انبڙيون پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، تيئن اڄ هو تيل جي دولت کي به ورهائي رهيو آهي، جتي تيل سڄي دنيا جي ماحول کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اتي هڪ ملڪ اهڙو به آهي، جتي ان ڪو سٺو ڪم به ڪيو آهي.“

[b]سگهارو دشمن
[/b]”مون کي خبر آهي ته آئون هڪ سگهارو دشمن پيدا ڪري رهيو آهيان-شاويز.“
رڳو وائٽ هائوس ۾ ئي نه، پر هر هنڌ، آمريڪي حڪومت شاويز کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿي، ڇو ته اها پنهنجي سياسي زندگيءَ جي لاءِ جن پيٽرول ڪمپنين جي محتاج آهي، صدر شاويز انهن جي فائدي جي لاءِ هڪ خطرو آهي، پيٽرول ڪمپنيون آمريڪي سياستدانن جي چونڊ مهم ۾ پئسو لڳائين ٿيون ۽ ٿنگ ٽئنڪس کي فنڊ مهيا ڪن ٿيون، جيستائين اوهين وڏين ڪمپنين جي فائدي سان ڇيڙ ڇاڙ نٿا ڪريو، اوهان جي آمراڻي حڪومت ڪنهن جي لاءِ به خطرو نه هوندي آهي، پر جيڪڏهن اوهين تيل مان حاصل ٿيندڙ فائدي کي اولهائين ملڪن جي بينڪ اڪائونٽس ۾ رکڻ جي بدران پنهنجن ماڻهن تي خرچ ڪرڻ لڳندا ته دنيا جي لاءِ خطرو قرار ڏنا ويندا. ان ئي تناظر ۾ صدر شاويز ميڪسيڪو جي باري ۾ چيو.
”ويچارو ميڪسيڪو! خدا کان گهڻو پري ۽ آمريڪا جي بنهه ويجهو.“
2002ع ۾ آمريڪا جي پٺڀرائي سان ٿيندڙ فوجي بغاوت ۾ صدر شاويز کي اغوا ڪري 48 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو ويو، نيٺ لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا ۽ فوج ۾ جوابي بغاوت جي ڪري شاويز کي ٻيهر اقتدار حاصل ٿيو، انهن سڀني ڳالهين جي هوندي به شاويز پاڻ کي اهڙن قدمن کڻڻ کان روڪيو، جن مان اهو تاثر ملي ته هو ڊڪٽيٽر آهي، جهڙوڪ: هن کيس قتل ڪرڻ تي هشڪاريندڙ اخبارن تي به پابندي نه لڳائي، حد ته اها آهي ته سندس خلاف بغاوت ڪندڙ ماڻهو به آزاديءَ سان گهمي ڦري رهيا آهن.
