هوگو شاويز جي انقلابي پارٽي : ففٽ ريپبلڪ موومينٽ
[b]نالي جي تاريخ:
[/b]1811ع ۾ پنهنجي وجود کانپوءِ وينزويلا حڪومتن جي چئن تبديلين مان گذري چڪو آهي. پهرين ريپبلڪ کي ”وينزويلا ڪنفيڊريشن“ سڏيو وڃي ٿو، جيڪا 1830ع تائين برقرار رهي. ان کانپوءِ ملڪ کي ”ريپبلڪ آف وينزويلا“ قرار ڏنو ويو. اها ٻين ريپبلڪ سڏي ويئي. 1864ع ۾ ان کي ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف وينزويلا“ جو نالو ڏنو ويو، اها ٽين ريپبلڪ سڏي ويئي. 1953ع ۾”ريپبلڪ آف وينزويلا“ کي بحال ڪيو ويو، اها چوٿين ريپبلڪ سڏي ويئي. 1999ع هيو شاويز صدر ٿيو ته ملڪ جو نالو ”بولي ويئرين ريپبلڪ آف وينزويلا“ رکيو ويو، اها اها پنجين ريپبلڪ سڏي ويئي. ”ففٽ ريپبلڪ موومينٽ“ جي نالي رکڻ جو سبب اهوئي آهي.
[b]هيوگو شاويز جي پهرين صدارتي چونڊ
[/b]6 ڊسمبر 1998ع تي وينزويلا جي صدر جي عهدي لاءِ چونڊ ٿي، جنهن ۾ هيوگو شاويز 2. 56 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، گذريل چاليهن سالن ۾ ووٽن جو اهو سڀ کان وڏو تعداد هو، شاويز پهريون ڀيرو صدارت جي لاءِ چونڊ مهم جي دوران ٽي بنيادي واعدا ڪيا. پهريون اهو ته هو صدر چونڊجڻ کانپوءِ وينزويلا جي پراڻي سياسي نظام ”پنٽو فيجسمو“ کي ختم ڪري ڇڏيندو. ٻيو وعدو اهو هو ته هو ڪرپشن جو خاتمو ڪندو ۽ ٽيون واعدو اهو هو ته وينزويلا مان غربت جو خاتمو ڪندو.
هيوگو شاويز 1958ع کان ملڪ ۾ لاڳو ٻه پارٽي سسٽم جي مذمت ڪئي، جنهن ملڪ کي ڪرپشن، غربت، بيروزگاري ۽ سماجي انتشار کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو هو، شاويز جي صدر بنجڻ کان اڳ وينزويلا ۾ ٻه پارٽيون ”سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ ۽ ”ڪرسچيئن ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ واري واري سان اقتدار ۾ اينديون رهيون هيون.
ٻن سالن جي قيد کانپوءِ جڏهن صدر رافيل ڪالڊيرا 1994ع ۾ شاويز جي باقي سزا معاف ڪري کيس جيل مان آزاد ڪري ڇڏيو. آزاد ٿيڻ کانپوءِ شاويز پنهنجي پارٽي ايم بي آر 200 کي، ”ففٽ ريپبلڪ موومينٽ“ ۾ بدلائي ڇڏيو. 1998ع ۾ شاويز ان ئي پليٽ فارم تان صدارت جي عهدي لاءِ چونڊ مهم شروع ڪئي. شاويز ووٽرن جي حمايت ۽ ڀروسو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ”بولي ويئرين ازم“ جي فلسفي تحت ايجنڊا جي جوڙجڪ ڪئي. هن ڪرپشن ۽ غربت جي خلاف مهم شروع ڪئي. مهم جي دوران هن ملڪ کي ڪرپشن ۽ غربت جون لعنتون ڏيندڙ سياسي نظام ’پنٽو في جسمو‘ (Puntofi jismo) يعني ٻه پارٽي سسٽم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو وعدو ڪيو.
[b]سوشلزم يا موت
[/b]هيوگو شاويز ٽيون ڀيرو صدارت جي عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ تقرير ڪندي چيو،”آئون پنهنجي زندگي وينزويلا ۾ سوشلزم جي تعمير ۾ ارپي ڇڏيندس.“
هن صدارتي پٽي به ساڄي ڪلهي بدران کاٻي ڪلهي تي سجائي هئي، جيڪا سندس سوشلزم تي يقين جو اظهار هئي، پنهنجي حلف جي دوران هن نهايت ولولا انگيز انداز ۾ چيو،” آئون يسوع مسيح تي حلف کڻان ٿو، جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو سوشلسٽ آهي، آئون ڏکن تي حلف کڻان ٿو، آئون محبت تي حلف کڻان ٿو، آئون اميدن تي قسم کڻان ٿو.“ تقرير جي پڄاڻي هن ”سوشلزم زنده باد“ جي زوردار نعري سان ڪئي.
حلف کڻڻ کان اڳ هن ڏکڻ آمريڪا جي آزادي جي هيري ”سائمن بولي وار“ جي مقبري تي گلن جي چادر چاڙهي، سندس نظرين سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو.
ان سبب جي ڪري هيوگو شاويز جا مخالف کيس ايندڙ ”فيڊل ڪاسترو“ چون ٿا.
[b]شاويز جي خلاف ٿيندڙ فوجي بغاوت
[/b]11 اپريل 2002ع تي صدر شاويز جي خلاف فوجي بغاوت برپا ٿي، کيس گرفتار ڪري قيد ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ هڪ عارضي حڪومت قائم ڪئي ويئي. ان بغاوت جي حوالي سان صدر شاويز پنهنجا تاثرات هن ريت بيان ڪيا.
”11 اپريل تي منهنجي حڪومت ختم ڪندڙ بغاوت جي شروعاتي ڪلاڪن ۾ مون کي اهوئي انديشو هو ته باغي مون کي قتل ڪري ڇڏيندا. باغين وينزويلا ۽ دنيا جي ماڻهن کي اهوئي ٻڌايو ته منهنجي حڪومت ختم نه ڪئي ويئي آهي، پر مون پاڻ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي آهي. مون کي ڊپ هو ته باغي جلد ئي منهنجي مٿي ۾ گولي هڻي، اهو مشهور ڪري ڇڏيندا ته مون آپگهات ڪيو آهي، پر هڪ غير معمولي ڳالهه ٿي ته ماڻهن کي بغاوت جي سچائيءَ جي باري ۾ خبر پئجي ويئي ۽ وينزويلا جا شهري لکن جي تعداد ۾ رستن تي نڪري آيا ۽ عوامي احتجاج مان حوصلو حاصل ڪندي فوج ۾ موجود جمهوريت جا حامي عنصر چرپر ۾ اچي ويا ۽ هنن ٿوري وقت جي لاءِ قائم ٿيندڙ آمريت کي ڊاهي ڇڏيو، جنهن جو اڳواڻ وينزويلا جو هڪ واپاري ’پيڊرو ڪارمونا‘ هو.
سچ، منهنجي زندگي ۽ وينزويلا جي جمهوريت کي بچائي ورتو، موت جي ان تجربي مون کي بدلائي ڇڏيو، منهنجي خواهش اها آهي ته آئون اهو چئي سگهان ٿو ته ان منهنجي ملڪ کي تبديل ڪري ڇڏيو.
وينزويلا ۾ هاڻوڪي ورهاست 1998ع ۾ منهنجي چونڊجڻ سان عمل ۾ نه آئي آهي، منهنجو وطن ته پنهنجي سڄي تاريخ ۾ سماجي ۽ معاشي لحاظ کان ورهايل رهيو آهي. وينزويلا دنيا جي سڀ کان وڏن تيل پيدا ڪندڙ ملڪن مان هڪ ۽ آمريڪا کي تيل مهيا ڪندڙ چوٿون وڏو ملڪ آهي، منهنجن مخالفن کي جن ۾ گهڻائي مٿين طبقي سان واسطو ٿي رکي. وطن جي مصيبتن، ڏکن ۽ اڻ برابري تي تر جيتري به ڪاوڙ نٿي اچي، پر کين ان ڳالهه تي ڪاوڙ ٿي اچي ته مون تيل جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو غريبن جي حالت سڌارڻ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ڇهن سالن جي دوران اسان صحت جي مد ۾ خرچن کي ٻيڻون ڪري ڇڏيو آهي ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ ٽيڻ تي واڌارو ڪيو آهي، تازو جنم وٺندڙ ٻارن جي موت جي تناسب ۾ ڪمي ٿي آهي، خواندگي وڌي ويئي آهي.
جڏهن 2002ع ۾ منهنجي حڪومت کي غير قانوني ختم ڪيو ويو ته آمريڪي حڪومت (بُش جي) اڪيلي اهڙي حڪومت هئي، جنهن ان عمل کي صحيح قرار ڏنو هو. مون کي اميد آهي ته آمريڪي حڪومت هاڻي اسان جي ريپبلڪ جو احترام ڪندي.“
[b]1992ع جي فوجي بغاوت
[/b]”آئون اهو ڏينهن ڪڏهن به وساري نه سگهندس، جڏهن مون پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن کي پيار ڪيو، کانئن موڪلايو ۽ کين دعا ڪئي، مون کي خبر هئي ته آئون ان گهڙيءَ زندگي کان موڪلائي رهيو آهيان.“
[b]پسمنظر[/b]
وينزويلا ۾ 1959ع کان حڪومت جو ٻه پارٽي نظام هلندو پي آيو، جنهن کي ARTXARCY يعني پارٽين جي حڪومت چيو ويندو هو، انتظام تحت ٻه وڏيون پارٽيون ڊيموڪريٽڪ ايڪشن پارٽي ۽ سي او پي اي آءِ (C.O. P. E I) واري واري سان اقتدار ۾ اينديون هيون، حڪومت جي ان نظام جي وڏي خامي ڪرپشن هئي. وينزويلا تيل جي دولت سان مالا مال ملڪ آهي ۽ ڪارلوس آندري پيريز جي حڪومتي دور ۾ تيل مان حاصل ٿيندڙ اُپت ۾ 54 سيڪڙو واڌارو ٿي ويو. ان رقم جو وڏو حصو سياسي ۽ غير سياسي حڪومتي عنصر (نوڪر شاهي) ڪرپشن جي ذريعي هضم ڪري ويندي هئي، ملڪ جي اڪثريتي غريب آبادي بدترين معاشي ۽ سماجي ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهي هئي، ان خراب صورتحال ۾ بگاڙ تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن سعودي عرب سميت آمريڪا ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن تيل جي اُپت ۾ گهڻو واڌارو ڪري ڇڏيو، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ تمام گهڻي لاٿ ٿي ويئي، آمريڪا جي دوست ملڪن اهو قدم سوويت يونين جي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ کنيو هو، ڇو ته سوويت يونين جي معيشت جو گهڻو تڻو مدار تيل جي برآمد تي هو، تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو اثر لاطيني آمريڪا جي ملڪن تي به پيو، جن ۾ وينزويلا به شامل هو. 1989ع ۾ ڪارلوس آندري پيريز جي حڪومت خراب معاشي حالتن کي سنڀالڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي هدايتن موجب اسٽرڪچرل ايڊجسٽمينٽ پروگرام شروع ڪيو، جنهن تحت سماجي شعبي جي خرچن ۾ گهڻي ڪمي ڪئي ويئي ۽ ڪيترين ئي شين تي ڊگهي وقت تائين پرائس ڪنٽرول جا ضابطا لاڳو ڪيا ويا. ان پاليسيءَ جو نتيجو غريبن جي تڪليفن جي صورت ۾ نڪتو، سياسي صورتحال خراب ٿي ويئي ۽ 27 فيبروري 1989ع تي ملڪ جي تاريخ جا بدترين فساد شروع ٿي ويا، جن کي ”ڪاراڪاس“ هنگاما چيو وڃي ٿو.
ٻي پاسي پيريز حڪومت فوجي اداري کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي. وينزويلا جي فوج ۽ سياسي حڪومتن ۾ تاريخي طور تي دوري رهي آهي ۽ ٻيئي هڪ ٻئي جي معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪنديون آهن. پيريز حڪومت جي انهن قدمن سان فوج ۾ بيچيني پکڙجي ويئي. جنهن حڪومت وچولي درجي جي عهدن وارن فوجين کي عوامي معاملا سنڀالڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ته فوجين کي پهريون ڀيرو عوامي مسئلن جي خبر پئي، انهن آفيسرن ۾ هيوگو شاويز به شامل هو، هن پهريون ڀيرو پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ملڪ جو غريب عوام ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. انهن سڀني مسئلن جي جڙ ڪرپشن کي قرار ڏنو ويو.
1990ع تائين حڪومت عوامي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون بلڪل ئي ختم ڪري ڇڏيون، جنهن سان عوام وڌيڪ مايوس ٿيو، عوام مايوسي ۽ ڪاوڙ ۾ موجود نظام جي متبادل نظام جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. عوامي اڳواڻن جو چوڻ هو ته وينزويلا جي جمهوريت ملڪ کي ڪرپشن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي. ان پسمنظر ۾ ليفيننٽ ڪرنل هيوگو شاويز ۽ فرانسڪو ايرياس ڪارڊيناس ايم بي آر 20(Move mnento Blorino Revolueian2210) قائم ڪئي.
وينزويلا جي اڻويهين صدي جو انقلابي هيرو”سائمن بوليوار“ سندس فڪري اڳواڻ هو، ان پارٽيءَ صدر ڪارلوس آندري پيريز جي حڪومت جي ڪرپشن ۽ ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ابتري جي خلاف جدوجهد شروع ڪئي، انهن ٻنهي اڳواڻن جو خيال هو ته سماجي تبديلي جي لاءِ سڄي سياسي نظام کي بدلائڻ ضروري ٿي پيو آهي.
[b]بغاوت جي ناڪامي جا سبب
[/b]1992ع ۾ هيوگو شاويز جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ فوجي بغاوت جي ناڪامين جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو ته ان جي لاءِ درست رٿابندي نه ڪئي ويئي هئي، باغين غير ضروري راز داريءَ کان ڪم ورتو ۽ سڌ سماءَ جي ذريعن سان سندن رابطا صفا ڪمزور هئا، جنهن جي ڪري سندن عوام سان رابطا ڪمزور رهيا، اهوئي ڪارڻ آهي ته جڏهن فوجي بغاوت ٿي ته نظام کان مايوس عوام اُن جو ساٿ ڏيئي نه سگهيو.
واضح رهي ته عوام پاران بغاوت جي اها ڪوشش گهڻي پسند ڪئي ويئي هئي، جڏهن بغاوت جي ناڪاميءَ کانپوءِ عوامي سروي ڪرائي ويئي ته پتو پيو ته وينزويلا جي اڌ کان به وڌيڪ آبادي ان ڪوششن کي ساراهي ٿي، عوام پڌري پٽ چيو ته هو سماجي تبديلي جي لاءِ فوجي بغاوت جي حق ۾ آهي، جڏهن ته ستر سيڪڙي کان به وڌيڪ عوام سياسي ذريعن سان ملڪ جي مسئلن جي نبيري جي آپشن جي مخالفت ڪئي. 27 نومبر 1992ع تي ملڪ ۾ ٻي بغاوت ٿي، پر ان کي به ناڪام ڪيو ويو، ان دوران هيوگو شاويز جيل ۾ باندي بڻيل هو، ٻي بغاوت جي ناڪامي جا سبب به اهي ئي هئا، جيڪي پهرين بغاوت جي ناڪاميءَ جا هئا، البت انهن ٻنهي بغاوتن سان اها ڳالهه سامهون آئي ته فوج جي وچولي طبقي جا آفيسر ملڪي نظام مان مطمئن ڪونهن، ٻي بغاوت ايئر فورس جي آفيسرن ۽ جوانن برپا ڪئي هئي، جيڪا وڌيڪ پُرتشدد هئي.
ٻن بغاوتن کانپوءِ پيريز حڪومت جي ساک تمام گهڻي خراب ٿي ۽ ملڪ جي ٻين سياستدانن به پيريز حڪومت کي بدلائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون، ائين ملڪ ۾ پراڻو ٻن پارٽين وارو ’پنٽو جسمو‘ نظام خطري ۾ پئجي ويو، اڳوڻي صدر ”رافيل ڪالڊيرا“ ملڪ جي دانشورن سان هم آواز ٿي ملڪ جي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ سياسي، معاشي ۽ سماجي صورتحال جي حوالي سان پيريز جي حڪومت تي تنقيد شروع ڪري ڇڏي. نتيجي ۾ 2 مئي 1993ع تي پيريز حڪومت ڪرپشن جي الزام هيٺ پنهنجي انجام کي پهتي ۽ 1993ع ۾ ئي ڪالڊيرا ٻيهر ملڪ جو صدر بنجي ويو، کيس اقتدار ۾ آڻڻ ۾ ڪيترين ئي ننڍين سياسي پارٽين اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
قيد جي دوران هيوگو شاويز اکين جي هڪ بيماريءَ جو شڪار ٿي ويو، قيد جي دوران ئي سندس اک جو آپريشن ٿيو، پر سندس نظر سڄي زندگي لاءِ ڪمزور ٿي ويئي، قيد مان ڇٽڻ کانپوءِ انهيءَ تجربي کيس احساس ڏياريو ته ملڪ جي غريب عوام کي صحت جي حوالي سان ڪيترا ئي مسئلا درپيش آهن ۽ ان ئي وقت هن غريب عوام جي صحت جي حوالي سان مسئلا حل ڪرڻ جو وچن ڪيو. هن سمجهيو ته اڻ ڳڻيا ماڻهو اکين جي علاج جوڳين بيمارين جو علاج ڪرڻ جي لائق نه آهن ۽ کين تعليم به مجبوري جي حالت ۾ اڌ ۾ ڇڏڻي ٿي پئي ۽ هو سڄي زندگي مسئلن کي منهن ڏين ٿا.
[b]صدر شاويز تي يهودي دشمنيءَ جو الزام
[/b] عالمي خبرون ڏيندڙ اداري ايسوسي ايٽيڊ پريس 5 جنوري 2006ع تي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته لاس اينجلس، آمريڪا جي هڪ يهودي تنظيم ”سائمن ويرنٽل سينٽر“ صدر شاويز کي ”يهودي دشمن“ قرار ڏنو آهي، هن سندن نالي هڪ خط ۾ سندن ان تقرير جو حوالو ڏنو آهي، جيڪا هن 2006ع جي پهرين رات ”ڪرسمس نائٽ“ جي موقعي تي ڪئي هئي، جنهن ۾ هن چيو هو.
”دنيا جون ڪجهه اقليتون سڄي دولت تي قابض آهن، هي اهي اقليتون آهن، جن حضرت عيسيٰ عليه السلام کي صليب تي چاڙهيو هو.“
صدر شاويز جي ترجمان چيو ته اهو اعتراض گهڻي دير سان ڪيو ويو آهي، جنهن جي سچائي ۾ ڪوبه وزن ڪونهي. ٻيو ته صدر شاويز واضح طور تي ڪنهن به اقليت جو نالو نه ورتو آهي، تنهنڪري مٿس يهودي دشمنيءَ جو الزام بي بنياد آهي.
رپورٽ موجب هڪ آمريڪي ربي (Rabbi) آرٿرواسڪوف صدر شاويز جي نالي اي ميل ۾ لکيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام کي يهودين نه پر رومن سلطنت ۽ رومي فوجين صليب تي چاڙهيو هو.
[b]صدر شاويز جي لاءِ ايران جو سڀ کان وڏو اعزاز
[/b]ايران جولاءِ 2006ع ۾ صدر شاويز کي پنهنجو سڀ کان وڏو سرڪاري اعزاز ڏنو، کيس اهو اعزاز ايران جي نيو ڪليئر پروگرام جي جرئت ڀري حمايت جي اعتراف ۾ ڏنو ويو، صدر شاويز آمريڪا تي سخت تنقيد ڪرڻ کانسواءِ لبنان تي اسرائيل جي حملي کي ”چريائپ“ ۽ ”دهشتگردي“ قرار ڏنو . هن آمريڪا جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو. ”سڄي دنيا جي عوام کي گڏجي آمريڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.“
ايراني صدر محمود احمد نجاد کيس اهو اعليٰ اعزاز تهران يونيورسٽيءَ ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ پيش ڪيو.