بوليوين انقلاب ۽ هوگو شاويز
[b]انقلاب جا ڪهڙا دوست آهن
[/b]گذريل هفتي آئون وينزويلا ۾ برپا ٿيندڙ انقلاب جي حامين جي ٻي عالمي ميڙ ۽ اپريل 2002ع ۾ برپا ٿيندڙ بغاوت جي ناڪامي جي ٻي سالگرهه ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ ”ڪاراڪاس“ ۾ هئس. جتي مون کي بولي ويئرين ريپبلڪ جي صدر هيوگو شاويز سان گڏجڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو مليو. هڪ ليکڪ ۽ مارڪسي مؤرخ جي حيثيت سان تاريخ ٺاهيندڙ مردن ۽ عورتن جي باري ۾ آئون اڪثر لکندو رهندو آهيان، پر ائين ڪو روز روز نٿو ٿئي ته اسان کي تاريخ ٺاهيندڙ ڪنهن عظيم شخص جو ايتري ويجهڙائي کان مشاهدو ڪرڻ، کانئس سوال پڇڻ ۽ سندس حوالي سان اخبارن ۾ ڇپجندڙ خبرن جي حوالي سان نه پر ذاتي تجربي جي آڌار تي، هڪ تاثر وٺڻ جو موقعو ملي.
آئون پنهنجي موضوع تي وڌيڪ لکڻ کان اڳ ڪجهه ڳالهيون چٽيون ڪرڻ ٿو چاهيان، مون وينزويلائي انقلاب جو جائزو هڪ ٻاهرين مشاهدو ڪندڙ يا هڪ خوشامند ڪندڙ جي حيثيت سان نه پر هڪ انقلابيءَ جي حيثيت سان ورتو. ڇو ته خوشامد انقلاب جي دشمن هوندي آهي، ڇو ته اها سچ جي دشمن هوندي آهي. وينزويلا ۾ انقلاب زبردست خطرن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، جيڪي ماڻهون احمقاڻيون تقريرون ڪن ٿا ۽ بولي ويئرين انقلاب جي معجزن جو ذڪر ڪن ٿا، اهي انقلاب کي درپيش خطرن کي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين، اهڙا ماڻهون انقلاب جا ڪوڙا دوست آهن، جن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي.
ڪامياب انقلاب جا سدائين تمام گهڻا دوست هوندا آهن، اقتدار ڏانهن لاڙو رکندڙ وچينءَ طبقي جا عنصر ماکي ڏانهن اُڏندڙ مکيون هونديون آهن، هي عنصر ان وقت تائين انقلاب جا ڳُڻ ڳائيندا رهندا آهن، جيستائين هو اقتدار ۾ هوندا آهن، هو انهن کي دشمنن کان بچائڻ جي لاءِ ڪوبه سنجيدهه عمل نه ڪندا آهن، جڏهن انقلاب کان اقتدار کسجي ويندو آهي ته هو واڳونءَ وارا ڪجهه لڙڪ ڳاڙهيندا آهن ۽ پوءِ ٻي ٽي ڏينهن زندگي جي ايجنڊا جي ٻي اسم طرف وڌي ويندا آهن. اهڙا دوست ٻن ٽڪن جا به نه هوندا آهن، حقيقي دوست اهو هوندو آهي، جيڪو بي ڊپائيءَ سان، اوهان جي اکين ۾ اکيون وجهي اوهان کي ٻڌائي ته اوهان غلطي ڪئي آهي.
وينزويلائي انقلاب جا حقيقي دوست دنيا جي مزدور طبقي جا ماڻهو آهن، جن جا سڀني کان وڌيڪ باشعور نمائندا مارڪسي آهن، هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي وينزويلائي انقلاب کي دشمنن کان بچائڻ جي لاءِ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري سگهن ٿا. انقلاب جا حقيقي دوست سدائين بي ڊپائيءَ سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا. اسين جتي به ڏسنداسين ته صحيح دڳ جي چونڊ ڪئي پيئي وڃي. ان جي اسين واکاڻ ڪنداسين ۽ جتي ڏسنداسين ته غلطي ڪئي پيئي وڃي، اتي اسين دوستاڻي تنقيد ڪنداسين. حقيقي انقلابين ۽ بين الاقواميت پسندن مان ٻي ڪهڙي قسم جي رويي جي اميد ڪرڻ گهرجي؟
وينزويلا ۾ ڪيل ڪيترين ئي تقريرن ۽ ٽيليويزن تي نشر ٿيندڙ انٽرويوئن ۾ مون چيو ته اوهان جو انقلاب سڄي دنيا جي مزدورن جي لاءِ هڪ مثال آهي، اوهين معجزي وارو ڪم پيا ڪريو، پر انقلاب جي محرڪ قوت پورهيت طبقو ۽ عام ماڻهو آهن، اهوئي مستقل ۾ ان جي ڪاميابي جو راز آهي، جيستائين اوهين بينڪرن ۽ موڙي وادن جي معاشي سگهه تباهه نه ڪندا، تيستائين انقلاب مڪمل نه ٿيندو، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته عوام کي ڪميٽين جي صورت ۾ هر سطح تي منظم ڪيو وڃي. اهو ضروري آهي ته پورهيتن جون پنهنجون آزاد تنظيمون هجن، مارڪسي رجحان جي جوڙجڪ لازمي آهي.
[b]جمهوريت ۽ حڪمران طبقو
[/b]مون جتي به تقرير ڪئي انهن ئي خيالن جو اظهار ڪيو، مون تي ڪڏهن به ڪنهن نه ڪو دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي وري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، هر سطح تي مارڪسي تصورن ۾ گهري دلچسپي ورتي ويئي.
سي آءِ اي جي مدد سان پکيڙيل افواهن جي ابتڙ وينزويلا ۾ مڪمل جمهوريت آهي، مخالف ڌر کي جيڪا جمهوريت جي خلاف سَٽون سٽي رهي آهي، پنهنجن نظرين جي اظهار جي آزادي آهي، حد ته اها آهي ته اها ٽيليويزن چينلن تان بغاوت جون اپيلون پئي نشر ڪري.
هڪ ڀيري هڪ برطانوي پُراڻ پسند سياستدان هڪ سوشلسٽ کي چيو هو، ”اوهين ڪڏهن به جيتي نٿا سگهو، ڇو ته اسين سدائين اوهان جي اڳواڻ کي خريد ڪري وٺنداسين.“ ان ئي اصول تي عمل ڪندي وينزويلا ۾ اميرن جي حڪمراني جي قائل ماڻهن شاويز کي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن وينزويلائي سياست جي پراڻن اصولن موجب ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو، ”ڏسو! هي ملڪ سون جي جهرڪي آهي، هتي اڻ مئي دولت آهي، پاڻ ۾ وڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اچو ته پاڻ ۾ ٺهي هلون، جيترو تون ڦٻي سگهين ٿو ڦٻ، باقي اسان لاءِ ڇڏي ڏي.“ حڪمران طبقي جي بدقسمتي جو هر شخص وڪري جو مال ڪونهي.
نئين حڪومت، نئون آئين جوڙيو، جيڪو لاطيني آمريڪا، بلڪه سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ جمهوري آئين آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ جنس جي سندس حق ڏنو ويو آهي، پر اميرن جي حڪمرانيءَ جي قائل ماڻهن سوچيو ته آئين ڇا آهي؟ ردي ڪاغذن جو ڍڳ، هنن جي سوچ بورزوائي جمهوريت ۾ آئين ۽ قانون سان روا رکندڙ سلوڪ جو لقاءَ آهي، هو آئين ۽ قانون کي سنجيدگيءَ سان نه وٺندا آهن، هو ان کي حقيقي صورتحال جي پردي جي طور استعمال ڪندا آهن، حقيقي صورتحال اها آهي ته اڪثريتي دولت تي اقليت جو لڳاتار قبضو آهي.
حڪمران طبقو، جمهوريت، پارليامينٽ، چونڊن، اظهار جي آزادي ۽ آزاد ٽريڊ يونينز کي اهڙو شر سمجهي ٿو، جنهن کي ان وقت تائين برداشت ڪري سگهجي ٿو، جيستائين اهي بينڪن ۽ اجاري دارن جي آمريت جي لاءِ خطرو نٿا بنجن، پر جيئن ئي عوام جمهوريت جي ميڪنزم کي سماج ۾ بنيادي تبديلي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي شروعات ڪري ٿو ته حڪمران طبقي جو رويو بدلجي وڃي ٿو ۽ هو ڊڪٽيٽر شپ جي واويلا مچائڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، پوءِ ڀلي اها وينزويلا جي حڪومت جيان وڏي اڪثريت سان چونڊيل ڇو نه هجي، هو جمهوري طريقي سان چونڊيل حڪومت کي ڊيڄارڻ، ڊاهڻ ۽ ان جون پاڙون اُکيڙڻ جي لاءِ معاشي قوت، ملڪ جي معاشي حياتيءَ تي پنهنجو ڪنٽرول ۽ سُد ٻڌ ۽ عدالتن تي پنهنجي ڪنٽرول کي استعمال ڪندا آهن، يعني هو حڪومت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ غير پارلياماني طريقا استعمال ڪندا آهن.
قانون ۽ آئين جي ذريعي اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن حڪومت کي بچائي سگهڻ جو سوچڻ انتهائي سادگي آهي، حڪمران طبقي جي غير پارلياماني قدمن کي پارليامينٽ ۾ تقريرن ۽ آئين کي اپيلن جي ذريعي شڪست نٿي ڏيئي سگهجي. وينزويلا ۾ انقلاب جو تجربو اُن جي سئو سيڪڙو تصديق ٿو ڪري، ان جو سبب اهو آهي ته آئين منظور ڪري وٺڻ هڪ شئي ۽ اڪثريت کي حق ڏيڻ ٻي شئي آهي. اڪثريت جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪرڻون هجي ته اميرن جي حڪمرانيءَ جي قائل طبقي سان ٽڪراءُ ضروري آهي، ان لاءِ گهڻ طرفي جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي.
جيئن ئي اميرن جي حڪمراني جي قائل طبقن کي اها حقيقت سمجهه ۾ آئي ته هو شاويز سان ڪو ٺاهه ڪري يا کيس خريد ڪري نٿا سگهن، هنن هڪدم مٿس حملو شروع ڪري ڏنو، مٿين طبقي منظم ٿيڻ ۽ پنهنجي قوتن کي چرپر ۾ آڻڻ شروع ڪري ڇڏيو. هنن سُڌ ۽ سماءَ جي ذريعن تي پنهنجي ڪنٽرول کي استعمال ڪري وچينءَ طبقي کي جنون ۾ مبتلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، هنن سي آءِ اي تي استعمال ڪندي بدعنوان ٽريڊ يونين اڳواڻن کي رشوتون ڏيئي ري ايڪشنري هڙتالون ڪرايون، جيئن چلي ۾ ’سلواڊورآلندي‘ جي حڪومت جي خلاف لاري ڊرائيورن جي هڙتال ڪرائي ويئي هئي، هنن ”سرمائيڪاري جي هڙتال“ ڪئي ۽ اربين ڊالر ميامي جي بينڪ اڪائونٽس ۾ رکائي ڇڏيا. هو 11 اپريل 2002ع جي رد انقلاب جي تياري ڪري رهيا هئا.
اهو چوڻ جي ضرورت ڪونهي ته ان سازش جي اُڻت واشنگٽن ۾ ڪئي ويئي هئي، سوال اهو آهي ته آمريڪي سامراج شاويز کان نفرت ڇو ٿو ڪري؟ هو بولي ويرئين انقلاب کان ڇو ٿو ڊڄي؟ اڃا تائين ته شاويز وينزويلا ۾ وڏين آمريڪي ڪمپنين جي اثاثن کي قومي ملڪيت ۾ نه ورتو آهي، هن آمريڪا کي تيل جي فراهمي به بند نه ڪئي آهي. هن اميرن جي حڪمراني جي قائل ماڻهن جون ملڪيتون ضبط نه ڪيون آهن.
واشنگٽن شاويز جو دشمن ان ڪري آهي ته هن آمريڪي سامراج جي مخالفن جو پڪو پهه ڪري ورتو آهي، هو شروع کان ئي تيل جي قيمتن ۾ واڌاري جو حامي رهيو آهي. اها پاليسي آمريڪي سرمائيدارن جي مفادن جي خلاف آهي، ماضيءَ ۾ وينزويلا ۾ اهڙيون حڪومتون رهيون آهن، جيڪي ٿورڙي رقم جي عيوض آمريڪي حڪومت جي پسند جون پاليسيون اختيار ڪنديون هيون، جيتوڻيڪ وينزويلا جي تيل ڪمپني ”پي ڊي وي ايس اي“ کي رسمي طور تي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو هو، پر ان کي ڪرپٽ بيورو ڪريسي ڪنٽرول ڪندي هئي، جيڪا ”پي ڊي وي ايس اي“ کي ڪنهن سرمائيدار ڪمپني جيان هلائي رهي هئي ۽ وڏين آمريڪي تيل ڪمپنين جي مفادن کي پورو ڪندي هئي.
پر آمريڪي سامراج جي شاويز کان نفرت جو حقيقي سبب ڪو ٻيو آهي، هن وقت صورتحال اها آهي ته هڪ انقلابي لهر سڄي لاطيني آمريڪا تي حاوي ٿي چڪي آهي، جنهن مان واشنگٽن جا Straeg is to of capital ڊنل آهن، دنيا جون اکيون وچ اوڀر تي کُتل آهن، هيءَ اهو علائقو آهي جيڪو واشنگٽن جي لاءِ بي پناهه معاشي اهميت رکي ٿو، پر لاطيني آمريڪا کي آمريڪا جو پويون اڱڻ تصور ڪيو ويندو آهي، ڏکڻ ۾ ٿيندڙ واقعن جو سڌوسنئون اثر آمريڪا تي پوي ٿو.
هيوگو شاويز جو ”بولي ويئرن انقلاب“ آمريڪي سامراج جي لاءِ ان ڪري به سنئون سڌو خطرو آهي ته اهو لاطيني آمريڪا جي پيڙهيل عوام جي لاءِ هڪ مثال بنجي ويو آهي، هن ڊگهي عرصي کان گهري ننڊ ۾ ستل عوام کي جدوجهد جي لاءِ جاڳائي ڇڏيو آهي. انقلاب جي عملي ڪاميابين جي فهرست متاثر ڪندڙ آهي. ان پورهيتن ۽ غريبن جي لاءِ ڪجهه سنجيده سڌارا ڪيا آهن، پندرهن لک ماڻهن کي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريو ويو آهي ۽ مختلف سطح جي تعليمي پروگرامن ۾ 30 لک ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي، هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهن کي جن اڳ ۾ ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏٺو به نه هو، ڪيوبائي ڊاڪٽرن کان مفت طبي امداد ملي رهي آهي، جن کي ڳوٺن ۾ رهڻ ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهي. لڳ ڀڳ 20 لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين ۾ ورهائي ويئي آهي.
اهي ڪاميابيون ضرور آهن، پر انقلاب جي حقيقي ڪاميابي وڌيڪ اهم ۽ ٺوس آهي، جنهن کي نه توري سگهجي ٿو ۽ نه ماپي سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري ڳڻي سگهجي ٿو. انقلاب عوام کي، عام ماڻهن کي انسان جي حيثيت سان وقار جو احساس عطا ڪيو آهي. ان انصاف جو احساس پيدا ڪيو آهي. هن کين پنهنجي سگهه جو نئون احساس ڏنو آهي. هن کين نئون ڀروسو ڏنو آهي، هن کين مستقل جي لاءِ اميد ڏني آهي، حڪمران طبقي ۽ سامراجيت جي نقطه نظر کان اهو هڪ ”هولناڪ خطرو“ آهي.
هن وقت وينزويلا ۾ طبقاتي قوتن جو انقلاب سان لاڳو عام رواجي آهي، شاويز جي مقبوليت لاثاني آهي، کيس سٺ سيڪڙي کان به وڌيڪ ووٽ ملن ٿا. جيڪڏهن اسين سندس حمايت ڪندڙ قوتن کي ذهن ۾ رکون ته سندس حامي حقيقت ۾ ان کان به وڌيڪ آهن. وينزويلا ۾ جيڪا شئي جيئري آهي، اها تخليقي آهي، چُرپُر آهي ۽ انقلاب جي حامي آهي، ٻي پاسي ردعمل ۾ پراڻ پسند قوتون آهن، جيڪي ڌپاريون ۽ ڪرپٽ آهن.
وينزويلا جي ٻن سئو سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عوام کي محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت خود وٽن آهي. ماضيءَ ۾ حڪومت ڌارين قوت هوندي هئي، جيڪا خود سندن خلاف هوندي هئي. هو پراڻين ۽ ڪرپٽ پارٽين کي ٻيهر واپس اقتدار ۾ ايندي ڏسڻ نٿا گهرن.
ٽراٽسڪيءَ پنهنجي ڪتاب ”روسي انقلاب جي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته،”انقلاب هڪ اهڙي صورتحال هوندي آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو پنهنجي تقدير پنهنجن هٿن ۾ کڻڻ شروع ڪندا آهن.“ اڄ وينزويلا ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي، عوام جي سجاڳي ۽ سياست ۾ سندن سرگرم شرڪت وينزويلائي انقلاب جو فيصلي ڪندڙ گُڻ ۽ ان جي ڪاميابي جو راز آهي.
ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وينزويلا تي امير ماڻهن جي ڪرپٽ ۽ اخلاق کان ڪريل حڪومت قائم هئي، ملڪ ۾ ٻه جماعتي نظام قائم هو ۽ ٻيئي جماعتون امير ماڻهن جي نمائندگي ڪنديون هيون، جڏهن شاويز بولي ويريئن انقلاب جي شروعات ڪئي ته هن وينزويلا جي ڌپاري سياسي زندگيءَ جي صفائيءَ جو پڪو پهه ڪيو، اهو هڪ محدود مقصد هو، پر امير حڪمرانن ۽ سندن ڇاڙتن پاران ان جي وڏي مزاحمت ڪئي ويئي ۽ 11 اپريل 2002ع تي امير ماڻهن واشنگٽن جي ڀرپور عملي سهڪار سان، هڪ فوجي بغاوت جي ذريعي شاويز جي حڪومت کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس اغوا ڪري ”فيرافلورز“ (صدارتي محل) تي قبضو ڪري ورتو، پر 48 ڪلاڪن جي اندر ئي عوام کين ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. شاويز جي وفادار فوجين عوام جو ساٿ ڏنو ۽ بغاوت کي 13 اپريل تي ناڪام ٿيڻون پيو.
شاويز ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپي جو نظارو به دلچسپ هو، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته غريب ماڻهو هن شخص جا وفادار آهن، هيوگو شاويز کين پهريون ڀيرو آواز ۽ اُميد ڏني آهي. تنهنڪري هو ساڻس غير معمولي خلوص ۽ وفا جو اظهار ڪن ٿا. هن منجهن زندگي کي اُڀاريو آهي ۽ هو منجهس پنهنجو پاڻ کي ڏسي سگهن ٿا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته امير ۽ طاقتور ماڻهو کانئس سخت نفرت ڪن ٿا، جڏهن ته غريب ماڻهو ساڻس محبت ڪن ٿا ۽ سندن وفادار آهن.
شاويز سان حڪمران طبقي جي غير معمولي نفرت جي وضاحت ان مان ٿئي ٿي. اها اميرن جي غريبن کان نفرت آهي، پرماريت ڪندڙن جي پرمارين جو شڪار ٿيندڙن کان نفرت آهي، ان نفرت جي پويان ڊپ آهي. پنهنجي دولت، پنهنجو اقتدار ۽ پنهنجون رعايتون کسجي وڃڻ جو ڊپ، اها هڪ اهڙي خليج آهي، جنهن کي لفظن سان ڀري نٿو سگهجي. اها ته سماج جي بنيادي ورهاست آهي.
معمول موجب، شاويز تفصيلي تقرير ڪئي، قومي ۽ بين الاقوامي مامرن جو جائزو ورتو، خاص ڳالهه اها آهي ته هو آمريڪي حڪومت ۽ عوام ۾ فرق ٿو ڪري ۽ آمريڪي عوام کي اپيل ٿو ڪري ته هو بُش ۽ سامراجيت جي خلاف سندس حمايت ۽ تائيد ڪن. جڏهن هو تقرير ڪري رهيو هو ته آئون سندن پويان لڳل اسڪرين کي ڏسي رهيو هوس ته پوڙها هجن يا جوان، مرد هجن يا عورتون ۽ ورڪنگ ڪلاس جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ سندس تقرير جو هڪ هڪ لفظ نهايت ڌيان ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌي رهيا هئا. هو کيس ٻُڌي ڪيڏي مهل ته تاڙيون وڄائڻ تي لڳا ته ڪيڏي مهل کلڻ ۽ حد اها آهي ته ڪن موقعن تي هو روئي به پيا. هي اهي ماڻهو هئا، جيڪي پنهنجو پاڻ کي ۽ انقلاب ۾ پنهنجي ڪردار کي ڄاڻي چڪا هئا.
۽ شاويز! شاويز واضح طور تي پنهنجي مضبوطي عوام جي تائيد ۽ حمايت سان حاصل ڪري ٿو، جنهن سان هو مڪمل طور تي جڙيل آهي، هن جي تقرير ڪنهن پيشه ور سياستدان جهڙي نه هوندي آهي.
[b]پهرين ملاقات
[/b]جلوس کان هڪدم پوءِ بين الاقوامي نمائندن کي صدارتي محل جي اندر ٿيندڙ آجياڻي ۾ مدعو ڪيو ويو، ان محل ۾ وڃڻ سولو ڪونهي، سيڪيورٽي تمام سخت آهي، ڇو ته شاويز جي قتل جو مستقل خطرو موجود رهي ٿو، شاويز ٻيهر اجلاس کي خطاب ڪيو. حيرت ٿي ٿئي ته هو ايتري سگهه ڪٿان حاصل ٿو ڪري. هن بغاوت واري ڏينهن جا تفصيل بيان ڪيا. هن ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون، جيڪي هن اڳ ڪڏهن نه چيون هيون، تقرير کانپوءِ هن جي چوڌاري ميڙ ڪٺو ٿي ويو. نيٺ آئون هن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ پنهنجو تعارف ڪرايم.“ آئون ايلن وڊز آهيان. لنڊن مان آيو آهيان، آئون ريزن ان ريولٽ (Reason in Relolt) جو ليکڪ آهيان.“
هن منهنجو وڌايل هٿ پنهنجي هٿ مضبوطيءَ سان جهلي ورتو ۽ پڇيو،”اوهان ڪهڙي ڪتاب جو نالو ورتو؟“
مون وراڻيو،”ريزن ان ريولٽ.“ هو مرڪيو، سندس چهرو نکري پيو، ”اهو ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي. آئون اوهان کي مبارڪون ٿو ڏيان.“ پوءِ هن پنهنجي چوڌاري بيٺل همراهن کي چيو،”اوهان سڀني کي اهو ڪتاب پڙهڻ گهرجي.“
مون ٻين ماڻهن جو وقت بچائڻ جي لاءِ ساڻس وڌيڪ نه ڳالهايو ۽ پڇيو،”ڇا اسان جي ملاقات ٿي سگهي ٿي؟“
”بلڪل.... اسين ضرور ملنداسين، منهنجي سيڪريٽري سان ملو.“ هن هڪ طرف بيٺل هڪ نوجوان ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن چيو ته هو مون سان رابطو ڪندو. آئون صدر کي ٻين ماڻهن سان ملڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ اتان وڃڻ لڳس ته هن جوش مان چيو.”توکي خبر آهي، تنهنجو ڪتاب منهنجي سري کان رکيل آهي ۽ آئون روزانو رات جو اهو پڙهندو آهيان“.
[b]ٻي ملاقات
[/b]مون کي ٻڌايو ويو ته صدر ساڍي ڇهين بجي مون سان ملڻ چاهي ٿو. منهنجو خيال هو ته صدر شاويز ٿڪجي پيو هوندو، مون کي ٻڌايو ويو ته هو روزانو صبح جو اٺين بجي ڪم شروع ڪندو آهي ۽ رات جو ٽين بجي تائين ڪم ڪندو رهندو آهي، تنهن کانپوءِ هو مطالعو ڪندو آهي (کيس مطالعي جو وڏو شوق آهي) مون کي خبر ڪونهي ته هو ڪيڏي مهل سمهندو آهي، پر ان هوندي به هو سدائين تازو ۽ توانو نظر ايندو آهي ۽ هر موضوع تي ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي.
آئون سندس ڪمري ۾ گهڙيس، جنهنجو نالو Russia from Revol آهي، ته ڏٺم اتي ”سائمن بولي وار“ جي وڏي تصوير لڳل هئي، ميز تي منهنجو ڪتاب ”ريزن ان ريوولٽ“ ۽ منهنجو خط رکيو هو. مون کيس ٻه ڪتاب پيش ڪيا. هڪ پنهنجو ڪتاب جنهن جو نالو Bolshevism, the Road to Revokution ۽ ٻيو ٽيڊ گرانٽ جو Ution to counts Revotution هئا.
ڪتاب ملڻ تي هو ڏاڍو خوش ٿيو، هن چيو،”مون کي ڪتابن سان وڏي محبت آهي. جيڪڏهن ڪو ڪتاب سٺو آهي، اها محبت اڃا به وڌي ويندي اٿم. جيڪڏهن ڪتاب خراب آهي ته به آئون ان سان محبت ڪندو آهيان“.
هن مون کي ٻڌايو ته هن پليخاف جو ڪتاب ”تاريخ ۾ فرد جو ڪردار“ پڙهيو آهي، پوءِ هن مون کان پڇيو،”خبر اٿئي ته اهو ڪتاب مون ڪڏهن پڙهيو هو؟“
” نه، آئون اندازو نٿو لڳائي سگهان؟“ وراڻيم.
هن ٻڌايو ته هن اهو ڪتاب ان وقت پڙهيو هو، جڏهن هو هڪ فوجي آفيسر هو ۽ پهاڙين ۾ ويڙهاڪ گوريلن جي خلاف وڙهي رهيو هو.مون کي اها تارن ڀري رات ياد آهي. جڏهن آئون ٽارچ جي روشنيءَ ۾ اهو ڪتاب پڙهي رهيو هوس، ان مون تي ڏاڍو گهرو اثر ڇڏيو، آئون سوچڻ لڳس ته آئون فوج ۾ ڇا پيو ڪريان، آئون فوجي نوڪري ۾ خوش نه هئس. مون پنهنجي جوانن کي هارين تي تشدد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. منهنجي آفيسرن مون تي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪيس هلائڻ ٿي چاهيو. مون فوج ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو، پر هڪ پراڻي ڪميونسٽ مون کي ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ چيو تون فوج ۾ رهي ڏهن ٽريڊ يونينسٽن کان وڌيڪ ڪم ڪري سگهين ٿو. تنهن ڪري مون فوج نه ڇڏي ۽ اڄ سوچيان ٿو ۽ مون ٺيڪ ڪيو.“
هن ڳالهه جاري رکندي چيو،”ڇا توکي خبر آهي ته مون پهاڙن ۾ پنهنجي فوج ٺاهي هئي، جيڪا پنجن ڄڻن تي ٻڌل هئي، ان جو نالو به ڏاڍو ڊگهو هو. ”دي سائمن بولي وار پيپلز نيشنل لبريشن آرمي.“ اهو چئي هو دل کولي لکڻ لڳو.
”اها ڪڏهن جي ڳالهه آهي؟“ مون پڇيس
”اها 1974ع جي ڳالهه آهي.“ هن ٻڌايو.
ان کانپوءِ هن پنهنجي خلاف ٿيندڙ فوجي بغاوت جي حوالي سان پنهنجا تاثرات بيان ڪيا. ”جڏهن هو مون کي گرفتار ڪري وڃڻ لڳا ته منهنجو خيال هو ته هو مون کي گولي هڻي ماري ڇڏيندا. آئون سوچڻ لڳس ته ڇا منهنجا 25 سال زيان ٿي ويا؟ ڇا اهو سڀ بيڪار هو؟ پر پيراٽروپ رجمينٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته اهو سڀ بيڪار نه هو.“ هن مون کي تفصيل سان بغاوت جي باري ۾ ٻڌايو. باغين کانئس استعيفيٰ وٺڻ ٿي چاهي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. هنن چيس ته صحيح ڪرڻ کانپوءِ کيس ڪيوبا وڃڻ ڏنو ويندو. ان جي باوجود هن صحيح نه ڪئي. ”مون کي گرفتار ڪرڻ وارا بيحد نروس هئا. کين واشنگٽن مان لڳاتار فونون اينديون رهيون ته مون استعيفيٰ ڏني يا نه؟“
ان ملاقات مان مون اهو تاثر ورتو ته شاويز کهرو ۽ ديانت دار انسان آهي، هو مخلص ۽ انقلاب لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو اٿس. هو ناانصافي ۽ جبر کان نفرت نٿو ڪري.
هن مون کان وينزويلا ۾ تحريڪ جي حوالي سان به پڇيو ۽ مون کيس ٻڌايو ته اها تحريڪ متاثر ڪندڙ آهي. مون چيس ته ان ۾ هڪ کوٽ آهي، هن پڇيو ته اها کوٽ ڪهڙي آهي، مون وراڻيس ته ان تحريڪ جي ڪمزوري اها آهي ته ان ۾ چٽو نظريو ۽ ڪيڊر ڪونهي.
هن چيو،”خبر اٿئي ته آئون پاڻ کي مارڪسٽ نه سمجهندو آهيان، ڇو ته مون مارڪس جا گهڻا ڪتاب نه پڙهيا آهن.“
ان ملاقات مان مون اهو ڄاتو ته شاويز مارڪسي نظريي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. وينزويلائي انقلاب هاڻ ان مرحلي تي پهچڻ وارو آهي جتي يا ته کيس مٿين طبقن جي معاشي سگهه کي ختم ڪرڻون پوندو يا وري شڪست کائڻي پوندي.
اُمڪان اهو آهي ته حالتون شاويز کي کاٻي ڌر ڏانهن مائل ٿيڻ تي مجبور ڪنديون، هن پنهنجي هڪ تقرير ۾ عوام کي هٿياربند ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪڏهن انقلاب کي اڳيان وڌڻو آهي ته عوامي تحريڪ هلائڻي پوندي ۽ عوام کي منظم ۽ هٿياربند ڪرڻون پوندو.