تاريخ، فلسفو ۽ سياست

هـوگـو شـاويـز (زندگي ۽ جدوجهد)

ڪتاب ”هوگو شاويز (زندگي ۽ جدوجهد)“ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جو وينزويلا جي صدر هوگو شاويز تي لکيل مختلف مضمونن ۽ سوانح تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي ئي آهي.
ايران جولاءِ 2006ع ۾ صدر شاويز کي پنهنجو سڀ کان وڏو سرڪاري اعزاز ڏنو، کيس اهو اعزاز ايران جي نيو ڪليئر پروگرام جي جرئت ڀري حمايت جي اعتراف ۾ ڏنو ويو، صدر شاويز آمريڪا تي سخت تنقيد ڪرڻ کانسواءِ لبنان تي اسرائيل جي حملي کي ”چريائپ“ ۽ ”دهشتگردي“ قرار ڏنو . هن آمريڪا جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو. ”سڄي دنيا جي عوام کي گڏجي آمريڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي.“
  • 4.5/5.0
  • 1977
  • 1526
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هـوگـو شـاويـز (زندگي ۽ جدوجهد)

شاويز جا عوامي ڀلائي لاءِ کنيل قدم

”سرمائيداري نظام هڪ جهنمي مشين آهي، جيڪا هر گهڙيءَ بي شمار غريبن کي جنم ڏيئي رهي آهي، ڏهن سالن ۾ ٻه ڪروڙ سٺ لک يعني هر سال 26 لک غريب..... اهو ته جهنم ڏانهن ويندڙ رستو آهي.“
شاويز اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ صدر شاويز عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ۽ پروگرام شروع ڪيا، انهيءَ پروگرام کي ”بولي ويئرن مشنز“ جو نالو ڏنو ويو، اهي پروگرام سماجي انصاف، سماجي ڀلائي، غربت جو خاتمو، تعليمي، چونڊن ۽ فوجي ڀرتي جا پروگرام آهن، ان جو نالو وينزويلا جي انقلابي هيري ”سائمن بوليوار“ جي نالي تي رکيو ويو آهي. بولي ويرئين مشنز (پروگرامن) ۾ هيٺيان پروگرام (مشن) شامل آهن.

[b](1)مشين روبن سن:
[/b]هي مشن جولاءِ 2003ع ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن تحت اڻ پڙهيل ماڻهن کي پڙهڻ لکڻ سيکارڻ شامل آهي. اهو فرض رضاڪار ادا ڪندا آهن، مشن روبن سن جو نالو، اڻويهين صدي جي فلسفي ۽ تعليم عام ڪندڙ سڌارڪ سائمن روڊ ريگور (1854-1769) جي ان نالي تي رکيو ويو، جيڪو هن اسپيني آمريڪا مان جلاوطني جي دوران اختيار ڪيو هو، مشن روبن سن ۾ فوجين کي به شامل ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ فوجي جوانن کي موڪليو ويندو آهي، جيڪي اتي جي اڻ پڙهيل ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ ۽ حساب ڪتاب رکڻ سيکاريندا آهن.
مشن روبن سن جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي صدر شاويز تعليم حاصل ڪندڙ پنجاهه هزار ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو هو ته،”اهو هڪ عالمي رڪارڊ آهي ته اسان هڪ سال ۾ ٻارهن لک ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ سيکاري ڇڏيو آهي.“
28 آڪٽوبر 2005ع تي وينزويلا اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ خواندگي جو تناسب 99 سيڪڙو ٿي ويو آهي ۽ وينزويلا خواندگي کان آزاد ملڪ بنجي چڪو آهي. واضح رهي ته عالمي معيارن موجب ان ملڪ کي نا خواندگي کان آجو ملڪ قرار ڏنو ويندو آهي، جنهن جي 95 سيڪڙو آبادي لکڻ پڙهڻ ڄاڻندي هجي.

[b](2)مشن ريباس:
[/b]هي پروگرام 2003ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنهن تحت انهن ماڻهن کي هاءِ اسڪول جي سطح تائين تعليم ڏني وڃي ٿي، جن ڪن سببن جي ڪري پنهنجي هاءِ اسڪول جي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي، ان مشن (پروگرام) جو نالو وينزويلا جي آزادي جي هيري ”جوزف فيلڪس ريباس“ جي نالي تي رکيو ويو آهي.

[b](3) مشن سوڪري:
[/b]هي مشن 2003ع جي پڇاڙيءَ ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن موجب انهن بالغ شخصيت کي بنيادي تعليم ڏني ويندي آهي، جن شروعاتي درجن ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي، وينزويلا ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد ويهه لک آهي، ان مشن جو نالو ارڙهين صديءَ جي آزادي جي هيري ”انٽو نيوجوزي ڊي سوڪري“ جي نالي تي رکيو ويو آهي، ان مشن موجب پنجن يا ان کان وڌيڪ سالن ۾ مڪمل ٿيندڙ يونيورسٽي سطح جي تعليم وينزويلا جي شهرين کي ٽن سالن ۾ ڏني وڃي ٿي. ان کان اڳ فقط مٿين طبقي ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن جا ٻار ئي يونيورسٽي سطح تائين جي تعليم پرائي سگهندا هئا. اهو پروگرام ملڪ جي غريب ٻارن کي تعليم فراهم ڪري ٿو. هن پروگرام تحت ملڪ جا هزارين غريب شاگرد ڊاڪٽريءَ جي مفت تعليم ۽ سکيا حاصل ڪري رهيا آهن.
صدر شاويز اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ وينزويلا جي تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪيترائي بي مثال قدم کنيا. هاڻ حڪومت سڀني شهرين جي اعليٰ تعليم جي ضامن بنجي چڪي آهي. صدر شاويز اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پنج نيون يونيورسٽيون ۽ چار يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي قائم ڪيا آهن.

[b](4) مشن انرجيا:
[/b]هي پروگرام نومبر 2006ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنهن تحت ماحوليات کي بچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن مشن تحت شهرين کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ويندو آهي ته هو گهڻي بجلي خرچ ڪندڙ بلبن جي بدران انرجي سيور استعمال ڪن.

[b](5) مشن سرڪل:
[/b]هن پروگرام تحت زرعي جنسن، کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائي عوام کي اهي شيون سستن اگهن تي ڏنيون وڃن، ان پروگرام جو مقصد عوام جي لاءِ وڌ ۾ وڌ غذائيت واريون، محفوظ ۽ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ خوراڪ مهيا ڪرڻ آهي.

[b](6) مشن بيريرو ايڊينٽرو:
[/b]هن پروگرام موجب وينزويلا جي غريب عوام کي مفت طبي سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن.

[b](7) مشن هيبي ٽيٽ:
[/b]هن پروگرام موجب غريب عوام جي لاءِ گهر اڏيا پيا وڃن، هن پروگرام موجب اهڙا رهائشي زون تيار ڪيا ويندا آهن، جتي صحت کان وٺي تعليم تائين سڀئي سهولتون موجود هجن.

[b](8) مشن ويولٽال ڪمپو:
[/b]هن پروگرام جو مطلب آهي ”ڳوٺن ڏانهن واپسي.“ اهو 2005ع جي وچ ۾ شروع ڪيو ويو هو، ان پروگرام تحت شهرن ۾ رهندڙ غريب ۽ بي روزگار ماڻهن کي ڳوٺن ۾ آباد ٿيڻ تي راضي ڪيو ويندو آهي.

[b](9) مشن اربول:
[/b]”اربول“ جي معنيٰ آهي ”وڻ.“ هي پروگرام جون 2006ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد وينزويلا جي ٻيلن جو تحفظ آهي. ان مشن موجب پنجن سالن ۾ هڪ لک نوان ٻوٽا لڳايا ويندا. هن پروجيڪٽ موجب ڳوٺاڻن ۾ اها جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي ته هو ٻيلن مان ٻارڻ جي لاءِ وڻ نه وڍين، پر وڌيڪ آمدني جي لاءِ ڪافي ۽ ناريل جا وڻ پوکين.

[b](10) مشن سائنسيا يعني مشن سائنس:
[/b]هن پروگرام جي شروعات 2006ع ۾ ڪئي ويئي، جنهن موجب چار لک ماڻهن کي اوپن سورس سوفٽ ويئر جي سکيا ڏني پئي وڃي، تنهن کانسواءِ شاگردن کي گريجوئيشن جي لاءِ اسڪالر شپون ڏيڻ ۽ يونيورسٽين ۾ ليبارٽريون قائم ڪرڻ آهي.

[b](11) مشن ويولان ڪاراس:
[/b]هن پروگرام جو مقصد وينزويلا جي معيشت کي سماجي بهتري آڻيندڙ معيشت ۾ بدلائڻ آهي، هن پروگرام موجب عام شهرين کي معيشت ۾ عملي ڪردار ڏنو پيو وڃي. صدر شاويز جي لفظن ۾،”سڀني شهرين جي زندگين ۾ وقار ۽ معيار آڻڻون آهي.“ ان مشن جي ٻي مرحلي جي مهورت جي موقعي تي صدر شاويز چيو،”اسين عوام کي آمريڪي سامراج جي مزاحمت جي لاءِ تيار ڪنداسين.“

[b](12) مشن مرانڊا:
[/b]هن پروگرام موجب وينزويلا جي شهرين کي فوجي سکيا ڏني ويندي ته جيئن هو ملڪ جي بچاءُ ۾ باقاعده فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ گڏي وڙهي سگهن.

[b](13) مشن گوائي ڪائپورو:
[/b]هي پروگرام 12 آڪٽوبر 2003ع تي شروع ڪيو ويو، ان پروگرام کي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن جي وزارت هلائي رهي آهي. ان جو مقصد وينزويلا ۾ آباد مختلف نسلن جي ماڻهن کي سندن زمينن جي ملڪيت جو حق ڏيڻ انهن جي سڀيتا جي حفاظت ڪرڻ ۽ انهن جي معاشي حالتن کي بهتر بنائڻ آهي، ان مشن جو نالو هڪ قبائلي سردار ”گوائي ڪائپورو“ جي نالي تي رکيو ويو آهي، جنهن وينزويلا کي اسپين جي بيٺڪيت بنائڻ جي خلاف مزاحمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

[b](14) مشن زامورا:
[/b]هي پروگرام نومبر 2001ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، ان جو نالو 19 هين صديءَ جي هڪ هاري اڳواڻ ”ايزيڪيل زامورا“ جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي.
ويهين صديءَ ۾ وينزويلا ۾ تيل جي لڀجڻ کانپوءِ زرعي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ شهري آبادي وڌڻ لڳي، هن وقت وينزويلا ۾ 85 سيڪڙو شهري آبادي آهي، جيڪا لاطيني آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جيتوڻيڪ ملڪ ۾ پوک لائق زمين تمام گهڻي آهي، پر پوءِ به وينزويلا لاطيني آمريڪا جو اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو غذائي ضرورت جون شيون ٻاهران گهرائي ٿو. هن پروگرام جو مقصد ملڪ کي زرعي جنسن جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ڪرڻ آهي، ٻيو مقصد جاگيرداري ختم ڪرڻ آهي، هن وقت ملڪ جون 75 کان 80 سيڪڙو زمينون رڳو پنج سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت آهن. جڏهن ته سٺ سيڪڙو پوکيءَ لائق زمين فقط ٻه سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت آهي. هن مشن جي ٻين مقصدن ۾ غريب ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ شهري آبادي کي وڌڻ کان روڪڻ آهي.
هن پروگرام موجب سرڪار زمين ۽ نجي ملڪيت جي اهڙي ايراضي، جنهن کي حڪومت نجي مالڪن جي زمين نٿي مڃي، غريب ماڻهن کي ڏني ويئي آهي. هن پروگرام تحت ارڙهن کان پنجويهن سالن جو ڪوبه شهري زمين حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪو شخص يا گهراڻو ورتل زمين تي لڳاتار ٽن سالن تائين پوکي ڪري ٿو، تنهن کي ان زمين جو مالڪ بنايو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ حڪومت پاران اهڙي زمين وڪڻڻ تي پابندي وڌل آهي. پر زمين جو مالڪ اها پنهنجي اولاد ۽ ويجهن مٽن مائٽن کي وراثت ۾ ڏيئي سگهي ٿو.
هيوگو شاويز جي شروع ڪيل مشن پروگرامن جي ڪيترن ئي عالمي ادارن ۽ تنظيمن واکاڻ به ڪئي آهي، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، يونيسيف، گڏيل قومن ۽ وينزويلا جو دورو ڪندڙ سعودي عرب جي نمائندن عوام کي صحت جون مفت ۾ سهولتون مهيا ڪندڙ ”مشن بيريو ايڊينٽرو“ جي ساراهه ڪئي آهي ۽ سعودي عرب وينزويلا جي تجربي کي مثال بڻائي پاڻ وٽ به اهڙو پروگرام شروع ڪيو آهي.

[b]انقلابي زرعي سڌارا
[/b]زرعي سڌارا شايد ڏکڻ آمريڪا جو سڀ کان اهم اشو آهي، ان خطي جي ٻين ملڪن وانگر وينزويلا ۾ به زمين صدين کان وڏن زميندارن، سياستدانن ۽ ڀاڙي جي قاتلن جي قبضي ۾ آهي. هاڻ اها زمين زرعي سڌارن جي ذريعي آبادگارن کي ڏني پئي وڃي. وينزويلا ۾ زمين هڪ ”گڏيل شئي بدران“ نجي استعمال ۾ ڪتب ايندڙ وٿ بنجي چڪي هئي ۽ ان جي ذريعي طاقتور ماڻهو ئي غير قانوني طور تي امير ٿي رهيا هئا. هاڻ زمين کي عوامي سرگرمين ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
وينزويلا ۾ شاويز جي حڪومت ۾ ”مشن زامورا“ جي عنوان سان زرعي سڌارن جو عمل جاري آهي. زمينن جي ورهاست جو ڪم وينزويلا جو ”نيشنل لينڊ انسٽيٽيوٽ“ ڪري ٿو، جيڪو ”مشن زامورا“ کي عملي جامون پهرائي رهيو آهي. ان پروگرام تحت ڏهه لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين/ آبادگارن کي ڏني ويئي آهي. هيستائين چاليهه هزار ڪٽنب زرعي سڌارن مان فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. حڪومت هارين/ آبادگارن کي زرعي اوزارن سان گڏ 30 ارب ”بولي وار“ يعني ٻه ڪروڙ آمريڪي ڊالر به ڏنا آهن.
وينزويلا ۾ زمين جي ورهاست جو عمل ڪو سولو ڪونهي، طاقتور ڪاروباري ۽ سياسي ماڻهو ان عمل جي راهه ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪري رهيا آهن. گذريل سالن ۾ پنهنجي زمينن جي بچاءُ ڪندڙ 79 هاري ڀاڙي جي قاتلن هٿان قتل ٿي چڪا آهن. وينزويلا ۾ هڪ چوڻي عام آهي ته،”زمين ئي زندگي آهي.“

[b]سوشلسٽ شهر
[/b]جنوري 2007ع ۾ صدر شاويز قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته ملڪ جي اندرين علائقن جي غير آباد حصن ۾ نوان شهر اڏيا ويندا. هر شهر جي پکيڙ هڪ سئو ڪلوميٽر هم چورس تي ٻڌل هوندي. هن پنهنجي مخالفن کي مخاطب ٿي چيو ته،”جيڪڏهن اوهين ڄاڻڻ ٿا چاهيو ته آئون ڪهڙي قسم جو سوشلزم آڻڻ چاهيان ٿو ته کين مارڪس ۽ لينن جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن.“
