ڦرهيءَ کان فيئر بوڪ تائين وارو زمانو
ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ ائين آهي، جيئن پنهنجي گھر جي اڱڻ ۾، رنگا رنگ سُڳنڌ ڀريا سوين گل پوکڻ، مرڪ جي موٽ مرڪ سان ڏيڻ يا هڪ وهيءَ ۾ ٻي وهيءَ جو قرض لاهڻ. ۽ ائين به آهي ته ٻارن لاءِ لکڻ، نه صرف ڏکيو آهي، پر ڏاڍو ڏکيو آهي، بوتل ۾ ديوَ کي بند ڪرڻ وانگرــ ٻالپڻ جا جذبا، خواهشون، ٻاتا ٻول، روئڻ کلڻ، ضد ڪرڻ، رُسڻ ۽ پرچڻ (ڦرهيءَ کان فيئر بوڪ وارو زمانو) گھڻو گھڻو پوءِ جي عمر ۾، جيئن جو تيئن سڀني رنگن ۽ سڀن احساسن سان موٽائي ڏيڻ، يقيناً هڪ ڪارنامو آهي ۽ اهو ڪارنامو ڪنهن جهڙي تهڙي جو ڪم ناهي ۽ اهو ئي اهم ڪارڻ آهي، سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ جو.
اهڙي وقت ۾ جڏهن وڏا وڏا ليکڪ، شاعر ٻارن جو ادب تخليق ڪرڻ کان ونئون ٿا وڃن، تڏهن ادل سومري جو ٻارن لاءِ ايڏي تسلسل ۽ سنجيدگيءَ سان لکڻ، هڪ وڏو ڪمال به آهي ته سندس ٻارن سان بيحد محبت جو چٽو پٽو ثبوت به ــ ايسيتائين چوڻ سچ ٿيندو ته هن دؤر جو ٻاراڻو ادب، ادل سومري جي حوالي کانسواءِ اڻپورو رهجي ويندو. ادل جو جملي پنجون ۽ نثر جو ٻيو ڪتاب ”جيتن جي ڪانفرنس“ جن نَون ڪهاڻين تي مشتمل آهي، تن جو فني سٽاءُ لوڪ ڪهاڻين وارو آهي. لوڪ ڪهاڻيون ــ جيڪي شهري ماحول جي جادوءَ ۾ ۽، نانين ڏاڏين کي وڏي ڄمار نه ملڻ جي حادثي کانپوءِ، آهستي آهستي پنهنجي اهميت ۽ اثر وڃائي رهيون آهن. روشنيءَ جي رفتار کان تيز رفتار جهازن ۽ راڪيٽن جي دؤر ۾، حقيقتن جي تيز اُس ۾ لوڪ ڪهاڻين جا غير حقيقي واقعا جادوئي ماحول ۽ اچرج ۾ وجھندڙ ڪردارن جا رنگ، آهستي آهستي اڏامي رهيا آهن. هن دؤر ۾ ٻارن کي رڳو جڙتو ۽ هٿرادو، غير حقيقي ڳالهين جي رانديڪن سان پرڀائڻ غلطي ٿيندي. کين ذهني سجاڳيءَ جو سبق ڏيڻ، ڪوڙ ۽ سچ جي پرک ڪرڻ جو طريقو ڏسڻ، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس سان پيار ڪرڻ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي ٻارن سان مقابلي جي ڊوڙ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ همٿائڻ، بهتر حال ۽ آئيندي جي بقا لاءِ ضروري ٿي پيو آهي.
ادل جي شاعريءَ ۾ ته اهي سڀُ گڻ ڀرپور نموني ۾ موجود آهن، پر هنن ڪهاڻين ۾ انهن مان گھڻين شين جي کوٽ نظر اچي ٿي، جنهن جو پورائو ضروري هو. (ڪهاڻيون ٻارن جي چؤڌاري ڦهليل، ڏٺل وائٺل ماحول ۽ ڪردارن کي کڻي، نون نون موضوعن تي لکيون وڃن ها ته بهتر هو.) هنن نوَن ئي ڪهاڻين جو تاڃي پيٽو، سٽاءُ ۽ موضوع لڳ ڀڳ هڪ جهڙا آهن، ٽِي ـ ويءَ تي هلندڙ ڪنهن سلسليوار ڊرامي وانگر ــ هنن ڪهاڻين جي بنيادي ڳالهه آهي، ٻارن کي انساني، اخلاقي قدرن کان واقف ڪرائڻ ۽ سٺي انسان بنجڻ جي منزل ڏانهن ويندڙ راهه ڏيکارڻ، جنهن ۾ ادل گھڻي ڀاڱي ڪامياب ويو آهي. سندس هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪونه ڪو نصيحت ڀريو نقطو سمايل آهي.
ڪهاڻي، ’نيڪدل طوطو‘ ۾ آزاديءَ جي اهميت بيان ڪيل آهي ۽ گڏوگڏ اهو به سمجھايل آهي ته احسان جو بدلو ضرور ملي ٿو، جو فائدي وارو آهي.
’جيتن جي ڪانفرنس‘ ۾ سڀني ساهه وارن جي ظلم خلاف گڏيل جدوجهد لاءِ راهه سڌي ڪيل آهي ۽ اهڙو سبق سيکاريل آهي، جنهن جي ذريعي مظلوم، ظالم لاءِ شڪست مقدر بڻائي سگھي ٿو. ’شرارتي ڪوئو ڪرچولي‘ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، سونهن، سٺن لڇڻن بنان بيڪار آهي، جا مورڳو ڪنهن نه ڪنهن مصيبت جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
’چار چور ۽ سانوڻ ڊکڻ‘ ۾ حق حلال جي ڪمائي کائڻ تي زور ڏنل آهي.
’شهباز خان ۽ فقير‘ ۾ خدا جي مخلوق سان محبت کي عبادت جو درجو ڏنل ڏيکاريو ويو آهي ۽ سمجھايو ويو آهي ته دولت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، ان تي وڏا.ئي ڪرڻ بيڪار آهي.
’ڊگھو ۽ بندرو ٻه دوست‘ ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي کي گهٽ سمجھي، وڏائي ڪرڻ جي عمل کي ننديو ويو آهي، ڇوته ڪابه شيءِ بنان ڪارج جي ۽ وقت اچڻ تي مُلهائتي ٿئي ٿي.
’مرڪ پري ۽ دودو درزي‘ــ اڌُ ڇڏي سڄي پويان ڊڪڻ ۽ اڌ کان به رهجي وڃڻ واريءَ جُٺ کي نئين ويس ۾ ڍڪي پيش ڪيو ويو آهي.
’مڪار گڏهه جو انجام‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻي لاءِ کڏ کوٽيندڙ، پاڻ ان ۾ ڪري ٿو، پنهنجي ڀلائي ان ۾ آهي ته ٻئي لاءِ برو نه سوچجي.
’واپاري وليداد‘ به مٿئين ئي قسم جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ برائيءَ جو انجام برائي ڏيکاريل آهي.
ادل، پراڻي انداز ۾، پراڻيون پوڙهيون نصيحتون، نون لفظن ۾، نون ڪردارن ذريعي، نيون راهون ڏيکارڻ لاءِ، نئين سئين ڪيون آهن. هو ٻارن کي هر قسم جي براين کان پاڪ صاف ڏسڻ جو خواهشمند آهي، ٻارن ذريعي هو اهڙي معاشري جو پيڙهه وارو پٿر رکڻ ٿو چاهي، جنهن جي عمارت ڪنهن به قسم جي ملاوٽ واري مٽيريل مان جوڙيل نه هجي. اهڙو ماحول تخليق ڪرڻ ٿو چاهي، جنهن ۾ سونهن هجي، سگھه هجي، سچ هجي ــ ۽ انهن سڀني شين کي جڏهن ڇنڊي ڦوڪي، توري تڪي، سوئي سنواري، صاف ڪري هڪ روپ ٿو ڏجي، ته ظاهر ٿي ٿو پوي سندس ”پيار“ ٻارن سان بي انتها پيار ــ بنان لالچ لوڀ جي، اڇو اجرو پيار.
پنهنجي ”ٻارن جي لاءِ ڪتاب“ ۾ ڪي لفظ لکيا هئم، سمجهان ٿو، ٻارن لاءِ ادب سرجيندڙ سڀني ليکڪن/شاعرن وٽ ٻارن کي ارپڻ لاءِ اهي ساڳيا لفظ آهن، جي هتي ادل پاران لکان ٿو: ........
’ٻار منهنجي ڪمزوري آهن، ٻارن جو ٻيو نالو پيار آهي ۽ مون کي ’پيار‘ سان پيار آهي!!!‘
اياز گل