ٻاراڻو ادب

جيتن جي ڪانفرنس

ادل سومري ٻاراڻي ادب لاء سٺو ڪم ڪيو آهي، سندس هي ڪتاب ”جيتن جي ڪانفرنس“ ٻارن لاء لکيل آکاڻين تي مشتمل آهي۔ هن ڪتاب ۾ 9 دلچسپ ۽ نصيحت آموز ڪهاڻيون شامل آهن۔
هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر پاران آندو ويو آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 1836
  • 751
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ادل سومرو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جيتن جي ڪانفرنس

مڪار گڏهه جو انجام

هڪڙي جھنگ ۾ گھاٽن وڻن جي ڀرسان هڪڳ چُر ۾ گاگو نالي گدڙ رهندو هو. انهيءَ چُر کان ٿوري پنڌ تي هڪ ندي هئي، جتي گاگو ڏهاڙي مڇين جي شڪار تي ويندو هو. گاگوءَ جي ڪرڪٽي نالي هڪ ڪانگ سان دوست هُئي. ڪانگ به روز اچي ان نديءَ وٽ گدڙ سان ملندو هو. پوءِ ٻئي ڄڻا ڪچهريون به ڪندا هئا، ته مڇيءَ جو شڪار ڪري پنهنجي پيٽ پوڄا به ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪانگ پنهنجي سُريلي آواز ۾ راڳ ڳائي گدڙ جي دل به وندرائيندو هو. اهڙي ريت ٻئي دوست پاڻ ب سان پيا وقت گُذاريندا هئا.

هڪ ڏينهن، هڪ سست رولو گڏهه، گھمندو گھمندو گدڙ جي چُر وٽ اچي نڪتو. چؤڌاري ساوڪ ئي ساوڪ ۽ ٿوري پنڌ تي وهندڙ ندي ڏسي، گڏهه جي دل هرکي، ۽ هن اتي رهڻ جو ارادو ڪيو. گھاٽن وڻن جي وچ ۾ بيهي، گڏهه هينگون ڪرڻ لڳو. گڏهه جي هينگن جي آواز تي گاگو گدڙ پنهنجي چُر مان ٻاهر نڪتو. گدڙ کي ڏسي، گڏهه ڏانهنس وڌي آيو. ”ڪهڙا حال آهن پيارا گدڙ، مان سورن جو ستايل، تمام ڏتڙيل آهيان. شهر جي ڇوڪرن مونسان وڏا ويل وهايا آهن.“ گڏهه نهايت ڏکاريل لهجي ۾ چيو، ”سو، گوڙ گھمسان کان ڀڃي هتي آيو آهيان ته جيئن پڇاڙيءَ جا ڏينهن آرام سان گذاري سگھان. ان لاءِ تنهنجي مدد ۽ ساٿ جي ضرورت آهي.“

موٽ ۾ گدڙ به هن کي کيڪاريندي وراڻيو:

”ڀاءُ! سدائين آئين. ملڪ مولا جو آهي، ڀلي هت رههُ. گڏجي رهنداسين ته ڪچهري ۾ وقت سٺو پيو گذرندو.“ اهڙي ريت، هاڻ گڏهه به اتي رهڻ لڳو.

گدڙ ۽ گڏهه جي طبيعت ۾ وڏو فرق هو. گدڙ ۾ نياز نئڙت هُئي پر گڏهه نهايت هوڏي ۽ مغرور هو. هو هر ڳالهه ۾ پاڻ کي مٿانهون سمجھي، گدڙ کي ٽوڪيندو رهندو هو. ان ڪري گدڙ جي گڏهه سان سنگت ٿي نه سگھي. گڏهه سائو گاهه کائي، ڍؤ ڪري هينگون ڏيندو هو، گدڙ کي گڏهه جون هينگون بنهه ڪين وڻنديون هيون. رات جو به گڏهه بي سريون هينگيون ڏئي، گدڙ جي ننڊ ڦٽائيندو هو، پر گدڙ صبر سان وقت پيو گُذاريندو هو.

هڪ شام، گدڙ وٽ سندس دوست ڪانگ آيو. ٻئي ڄڻا ڪچهري ڪرڻ لڳا. ڪجھه دير رکي گدڙ ڪانگ کي چيو، ”يار! گھڻا ڏينهن ٿيا آهن جو تنهنجو راڳُ ڪونه ٻڌو آهي. اڄُ ڀلا ٻُڌاءِ ڪو پيارو گيتُ ته دل جو بارُ هلڪو ٿئي.“

ڪانگُ گيتُ ڳائڻ لڳو:

ڪڻڪن جا لابارا لهندا
هاري ناري خوشيون ڪندا
مٺڙا مٺڙا لولا پچبا
پوءِ ٻارن کان لولا کسبا.

پريان گڏهه، ڪانگ ۽ گدڙ جي ڪچهري پئي ڏئي. جڏهن ڪانگ ڳائڻ لڳو ته، گڏهه ساڙ وچان وڏيون وڏيون هينگون ڏيڻ شروع ڪيون. گڏهه جي هينگن ۾ ڪانگ جو راڳ دٻجي ويو، تنهنڪري، ڪانگ، راڳ بند ڪيو. گدڙ، ڪاوڙ مان گڏهه جي ويجھو اچي چيو: ”ادا گڏهه! اها ڳالهه ٺهي ته ڪانه ٿي. هر هر هينگن ڏيڻ جو آخر مقصد ڪهڙو آهي؟“

گڏهه رُکائيءَ مان وراڻيس: ”اها ته منهنجي مرضي، جڏهن به وڻيم ڳايان. تون ڪير ٿيندو آهين مونکي روڪڻ وارو؟“ گڏهه جي اڳرائي ڏس، گدڙ به جوش ۾ اچي ويو، پر ڪانگ وچ ۾ پئي جھيڙو ٽارايو. انهيءَ جھيڙي کان پوءِ گڏهه جي نيت خراب ٿي وئي ۽ هو هروقت سوچيندو رهندو هو ته ڪهڙي ريت گدڙ کي ختم ڪجي. آخر گڏهه پڪو فيصلو ڪيو ته: ”گدڙ کي مارائي پوءِ هت اڪيلو مزي سان رهان.“

گدڙ جھيڙي واري ڳالهه وساري ڇڏي ۽ هميشه گڏهه سان سٺو ورتاءُ ڪندو هو، پر ان جي ابتڙ گڏهه جي دل ۾ کوٽ هئي. پنهنجي سوچيل منصوبي کي حقيقت بڻائڻ واسطي، نيٺ گڏهه هڪڙي ڏينهن سوير روانو ٿي ويو. ڪجھه پنڌ ڪرڻ کانپوءِ ، هو هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتو، جتي سندس ملاقات چئن بکايل ڪتن سان ٿي. هن، ڪتنکي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي چيو: ”مون توهان لاءِ هڪ ٿلهي متاري گدڙ جو شڪار ڳوليو آهي. جنهن کي تمام آسانيءَ سان ماري سگھجي ٿو. هلو ۽ هلي مزي سان ڍؤ ڪيو.“ ڪتا به ٻن ڏينهن جا بکايل ها، سو گڏهه جي ڳالهه ٻڌي، ساڻس گڏ روانا ٿي ويا. بک سبب ڪتا پنڌ نه ٿي ڪري سگھيا، پر گڏهه کين همٿائيندو، ورتيون پئي هليو.

هوڏانهن، گدڙ ۽ ڪانگ نديءَ تان شڪار ڪري کائي پي، وڻن وٽ ڪچهري ڪري رهيا هئا ته اوچتو گدڙ کي پريان ڌوڙ اڏامندي نظر آئي. ڪانگ، گدڙ جي چوڻ تي، وڻ تي چڙهي پريان نظر ايندڙ ڌوڙ جو جائزو ورتو. جھٽ کان پوءِ ڪانگ مٿان وڻ تان رڙيون ڪري چيو: ”ڀاءُ گدڙ! هوشيار ٿيءُ، تو وارو پاڙيسري گڏهه چئن ڪتن سميت هيڏانهن اچي رهيو آهي. سندس ارادا ڪجھه ٺيڪ نظر نه ٿا اچن.“

گدڙ به ڳالهه کي سمجھي ويو ته اڄ مڙئي ڪجھه خطرو آهي، سو تڙ تڪڙ ۾ گدڙ ۽ ڪانگ هتان هلي ويا.

ڪجھه دير کان پوءِ گڏهه ۽ چار ڪتا سهڪندي اچي پهتا. ڪتا اڳي ئي ها بُکايل. ويتر گھڻي پنڌ انهن کي ڇتو ڪري وڌو هو. گڏهن ۽ ڪتن هيڏانهن هوڏانهن گھڻوئي ڳوليو پر گدڙ کين نظر ڪين آيو. هڪڙي ڪتي ڪاوڙ مان گڏهه کي چيو: ”ماما گڏهه تون اسان سان دوکيبازي ڪئي آهي. ڪوڙ ڳالهائي اسان کان هيترو پنڌ ڪرايو اٿئي. هتي گدڙ ته آهيئي ڪونه. پڪ تو اسان سان چرچو ڪيو آهي.“ گڏهه گھڻيئي وضاحت ڪئي ۽ کين سمجھايو ته هتي گدڙ هيو. پر بکايل ڇتن ڪُتن تي، هن جي ڪنهن ڳالهه جو اثر نه ٿيو. آخر بکايل ڪتن گڏجي، گڏهه تي حملو ڪري کيس چيري ڦاڙي ڇڏيو. گڏهه پنهنجي خراب نيت جو حساب ڏنو. ڪتن کيس کائي ڍؤ ڪيو.