ڊگهو ۽ بندرو ــ ٻه دوست
هڪڙي شام جو، شهر جي باغ ۾ ڪچهري ڪندي ڊگھي ماڻهوءَ ڇوڪارو ڀريندي چيو: ”دوست! هن شهر ۾ هاڻ پنهنجو گُذارو نه ٿيندو، ماڻهن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي صلاح آهي ته ڪنهن ٻئي هنڌ لڏي هلجي.“
بندري ماڻهوءَ موٽ ۾، سندس صلاح مڃيندي وراڻيو: ”تون سچُ چئي رهيو آهين. آءٌ پاڻ هن شهر مان بيزار آهيان، ڪو قرب ۽ مزو نه رهيو آهي. بهتر آهي ته سفر تي هلجي ۽ قسمت آزمائجي.“
ٻنهي دوستن شهر ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪيو. آخر هڪ ڏينهن ٻئي ڄڻا، ڪجھه رقم ۽ ضرورت جوڪجھه سامان ساڻ ڪري سفر تي روانا ٿي ويا. جھنگ جھَرُ لتاڙيندا، هڪ بستيءَ کان ٻي بستيءَ سفر ڪندا رهيا.
ڊگھو ماڻهو ڪجھه مغرور طبيعت جو هو. هر ڳالهه ۾ پاڻ کي مٿيرو سمجھندي، هو وقت به وقت بندري ماڻهوءَ کي اهو احساس ڏياريندو هو ته هو سمجھه ۾ توڙي طاقت ۾، هن کان وڌيڪ آهي.
هڪڙي ماڳ تي سندن کاڌو ختم ٿي ويو ۽ کين بک به اچي تپايو هو، سو ڊگھي ماڻهوءَ بندري کي چيو: ”تون ته ڪوبه ڪم نه ڪري سگھندو آهين، اڄ ڪٿان کائڻ جو بندوبست ته ڪري اچُ، آءٌ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.“
ائين چئي ڊگھو ماڻهو ليٽي پيو.
بندرو ماڻهو سوچڻ لڳو ته ”ڇا ڪجي؟“ آخر کاڌي جي ڳولا ۾ ڀرپاسي نڪري ويو. هڪ جاءِ تي ڄمن جا ڪجھه وڻ بيٺا هئا، پر بندرو شخص، ڄمن تائين پهچي نه سگھيو، سو واپس اچي ڊگھي ماڻهوءَ سان ڳالهه ڪيائين. ڊگھو شخص ناراض ٿي بندري شخص کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو: ”مونکي تنهنجي دوستيءَ مان ڪوبه فائدو ڪونهي. سڀُ ڪم آءٌ ٿو ڪريان. تنهنجو وجود منهنجي دم سان آهي. جي آءٌ نه جهان ها ته هوند تون بک مري وڃين!“
پوءِ ڊگھو ماڻو پنهنجي واکاڻ پاڻ ڪندو، بندري ماڻهوءَ سان گڏ، ڄمن جي وڻن ڏانهن ويو. ڊگھي ماڻهوءَ وڻن مان هٿن سان ڄمون پٽيا، پوءِ ٻنهي گڏجي کاڌا.
هنن جو سفر وري جاري رهيو.
پنڌ ڪندي هڪ جاءِ تي هڪ ننڍي ندي آئي. نديءَ مٿان ڪابه پُل ڪانه هُئي. بندري ماڻهوءَ تار پاڻي ڏسي پريشان ٿيندي چيو: ”مان ته يار، هيءَ ندي ٽپي ڪين سگھندس. هڪ ته اٿم قد ننڍو، وري ترڻ به نه ٿو ڄاڻان.“
ڊگھو شخص وڏا ٽهڪ ڏيندي چوڻ لڳو: ”تڏهن ته مان هر دفعي چوندو آهيان، تنهنجو وجود منهنجي ڪري آهي. تون بنهه بيڪار، ڪنهن ڪم جو ناهين. منهنجي لاءِ هيءَ ندي ته بنهه ننڍي آهي، مان وڏن وڏن درياهن کي پار ڪري چڪو آهيان!“
بندري ماڻهوءَ کي، ڊگھي جي ڊاڙن تي ڪاوڙ ته گھڻي ٿي آئي پر مجبوريءَ سبب ماٺ رهيو. ڊگھي شخص، بندري شخص کي بيزاريءَ مان پنهنجن ڪلهن تي واهاري، ڇڙٻون ڏيندي ندي پار ڪرائي. پوءِ سڄي واٽ پنهنجي ساراهه سان گڏُ، بندري ماڻهوءَ تي ڪيل احسانن جو ذڪر ڪندو هليو.
هلندي هلندي جھنگ ۾ کين رات پئجي وئي. ٻئي سوچڻ لڳا ته هاڻي ڪٿي سُمهجي؟ زمين تي سمهڻ سان، جهنگلي جانورن جو خطرو هو. ٻنهي خيال ڪيو ته ڪنهن مٿانهين هنڌ تي رات گُذارجي ته بهتر. چؤڌاري نهارڻ سان، کين ٿوري پنڌ تي هڪ پهاڙ نظر آيو. ٻئي، پهاڙ تي رات رهڻ جو فيصلو ڪري اوڏانهن وڌڻ لڳا.
بندرو ماڻهو پريشان ٿي ويو، جو هو پهاڙ تي چڙهڻ نه ڄاڻندو هو. هو، ذهني طور تي اڳواٽ، ڊگھي ماڻهوءَ جي دڙڪن ٻُڌڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هن ڊگھي ماڻهوءَ کي جڏهن اهو ٻڌايو ته هن کي ڄڻ وارو ملي ويو: ”آءٌ تومان ته هاڻ بيزار ٿي پيو آهيان، مهرباني ڪري مونکا ڌار ٿي وڃُ. تنهنجو وجود هن ڌرتيءَ تي بار آهي. آءٌ نه هجان ها ته هوند تون ذليل ۽ خوار ٿي وڃين.“
بندرو ماڻهو سڀ ڪجھه ماٺ رهي سَهندو رهيو. ڇو ته ماٺ کانسواءِ هن لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو. ڊگھي شخص پاڻ کي اهميت ڏيندي، بندري ماڻهوءَ کي دڙڪا ڏيئي جڏهن ڍؤُ ڪيو ته پوءِ کيس بيزاريءَ مان پهاڙ تي چڙهن ۾ مدد ڪئي. بندري ماڻهوءَ اها رات پهاڙ تي نهايت صبر سان گُذاري. هن دل ۾ ارادو ڪري ڇڏيو ته صبح ٿيڻ تي ڊگھي ماڻهوءَ کان ڌار ٿي ويندو.
صبح جو بندري ماڻهوءَ جڏهن ٿڌيءَ دل سان سوچيو ته: ”ڊگھي ماڻهوءَ کان ڌار ٿيڻ سان، هن لاءَ مونجهارا پيدا ٿي سگهن ٿا“، هن پنهنجو ارادو بدلائي، ساڻس گڏُ رهڻ جو فيصلو ڪيو.
ڊگھي جو ورتاءُ بندري سان، جيتوڻيڪ تمام خراب هو، پر مجبوريءَ بندري کي، ڊگھي کان ڌار ٿيڻ نه ڏنو. ٻئي ائين سفر ڪندا هليا.
هڪ ڏينهن هو هڪ ننڍڙي شهر ۾ پهتا.
گھڻي ڳولها کان باوجود به ٻنهي کي اتي ڪا نوڪري ڪانه ملي. آخر مايوس ٿي، ڪجھه کاڌي جو سامان ۽ روشنيءَ لاءِ ميڻ بتيون خريد ڪري، اڳتي روانه ٿيا.
سج لهڻ مهل، هو هڪ پهاڙي علائقي ۾ پهتا. هنن، رات اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. ڊگھي شخص باهه واسطي ڪاٺيون وغيره ڳولڻ لاءِ ڀرپاسي ويو ته کيس هڪ غار ڏسڻ ۾ آئي. هو، غار جي منهن وٽ پهتو. غار جو منهن تمام سوڙهو هو، جنهنڪري ڊگھو شخص اندر وڃي نه ٿي سگهيو. هو جيئن ئي ڪنڌ هيٺ ڪري، غار ۾ اندر نهارڻ لڳو ته سندس ڳچيءَ ۾ پاتل سوني دٻليءَ واو تعويذ هيٺ ڪري پيو. هو رڙيون ڪرڻ لڳو: ”اڙي! منهنجو تعويذ هيٺ ڪري پيو، هاڻي ڇا ٿيندو!“
سندس رڙيون ٻڌي. بندرو شخص ڊوڙندو وٽس آيو: ”ڇا ٿيو دوست! تون پريشان ڇو آهين؟“
ڊگھي روئي وراڻيو: ”منهنجو سونو تعويذ هيٺ ڪري پيو، هاڻي ڇا ڪريان؟ مان غار ۾ گھڙي به نه ٿو سگھان.“
بندري ماڻهوءَ کيس دلداري ڏيندي چيو: ”گھٻراءِ نه دوست! مان هيٺ وڃي تنهنجو تعويذ ڳولي ٿو اچان.“
بندرو ماڻهو، ميڻ بتي ٻري هيٺ غار ۾ لهي ويو. مٿي غار جي منهن وٽ ڊگھو ماڻهو سندس انتظار ڪرڻ لڳو.
گھڻي دير کان پوءِ بندري ماڻهو، هيٺان، غار مان رڙ ڪئي: ”دوست! تنهنجو تعويذ ملي ويو.“
پوءِ تعويذ کڻي غار کان ٻاهر آيو. ڊگھو ماڻهو تمام گھڻو خوش ٿيو. پر دل ۾ ڪجھه شرمسار به ٿيڻ لڳو، جو هو هميشه بندري ماڻهوءَ کي بيڪار سمجھي، کيس ڦٽڪار ڪندو رهندو هو. پر هاڻ هو، ان جي اهميت محسوس ڪرڻ لڳو. ڊگھي ماڻهوءَ سوچيو: ”ڪڏهن به ڪنهن کي گھٽ ڄاڻي، تڪبر ۽ وڏائي نه ڪجي.“ پوءِ هن بندري ماڻهوءَ کان گُذريل ڪوتاهين جي معافي ورتي. بندري کيس معاف ڪيو.
ان کان پوءِ هو ٻئي سدائين قرب ۽ دوستي سان گذارڻ لڳا.