واپاري وليداد
هڪ ڏينهن وليداد، پنهنجي هڪ گودام ۾ ويو، جتي بوهي مڱن جون ڳوڻيون رکيل هيون. هن ڏٺو ته ڪيترائي ڪوئا گودام ۾ پئي ڦريا. گھمندي گھمندي وليداد جي نظر هڪ اهڙي ڪوئي تي پئي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ هار پاتل هو. هار وارو ڪوئو، ڳوڻ ٽڪي، ڏاڍي مزي سان بوهي مڱ کائي رهيو هو. هن اهو محسوس به نه ڪيو ته گودام ۾ ڪو ماڻهو موجود آهي. وليداد جي ان ڪوئي ۾ دلچسپي وڌي وئي. هن دل ۾ چيو: ”ڪيئن به ڪري هار وارو ڪوئو پڪڙڻ گھرجي.“ اهو ارادو ڪري، وليداد آهستي آهستي ڪوئي ڏانهن وڌيو. اوچتو جڏهن وليداد جو ڳرو هٿ ڪوئي جي مٿان وڃي پيو ته ڪوئو وائڙو ٿي ويو. سندس وات مان بوهي مُڱ ڪري پيو.
”اڙي سائين! ڇڏ مونکي ساهه ٿو نڪريم“ ڪوئو دانهون ڪرڻ لڳو. ”توکي ڇڏي ڏيان! توهان ته منهنجي گودامن جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، مان توکي، هاڻي جو هاڻي ٻليءَ جي حوالي ٿو ڪريان.“ ائين چئي وليداد ڪوئي جي ڳچيءَ مان ننڍڙو هار لاهي ورتو. ”اڙي اڙي...... منهنجو سونو هار ته نه لاهه“ ڪوئو روئي چوڻ لڳو: ”هار موٽائي منهنجي ڳچيءَ ۾ پاراءِ.“
”هاڻي وري روئڻ لڳو آهين! ٻين جي نقصان ڪرڻ مهل، خيال ڇو نه ٿا ڪريو؟“
”مونکي هار موٽائي ڏي اها منهنجي مرهيات ماءُ جي نشاني آهي.“ ڪوئي منٿ ڪندي چيو. ”سائين واعدو ٿو ڪريان ته تنهنجي گودام مان نڪري ويندس. هار ڏي ۽ مون کي آزاد ڪر، مان هاڻي جو هاڻي هليو ٿو وڃان.“
”هار ائين ڪيئن ملندو!!“ وليداد لالچي نظرن سان ڪوئي ڏانهن نهاريندي چيو، ”هي جو منهنجو هيترو سارو نقصان ٿيو آهي، سڄو گودام اوهان چٽ ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڪير ڀريندو؟“
”سائين هار موٽائي ڏي، پوءِ جيڪو نقصان ڀرائڻو اٿئي سو ڀراءِ، آءٌ ڀري ڏيندس.“ ڪوئي نماڻائيءَ سان عرض ڪيو.
وليداد جون واڇون خوشيءَ کان ويڪريون ٿي ويون. هن دل ۾ سوچيو ته: ”هار جي بهاني ڪوئي مان ڪيترائي ڪم وٺي سگھجن ٿا.“ سو ڪوئي کي چيائين:
”مونکي ڪجھه رقم آڻي ڏي ته، پوءِ توکي هار واپس ڪندس.“، ڪوئي وراڻيس، ”ٺيڪ آهي مان توکي ڪجھه نوٽ آڻي ڏيندس، پر تيسين منهنجي هار کي حفاظت سان رکجانءِ.“
وليداد، ڪوئي کي پنهنجو بنگلو ڏيکاري، اهو چئي ڇڏي ڏنو ته: ”ٽن ڏينهن جي اندر رقم مون وٽ پهچڻ گھرجي.“
ڪوئي گودام ۾ موٽي اچي. پنهنجن دوستن سان سموري ڳالهه ڪئي. سندس هڪ دوست کيس دلداري ڏيندي چيو: ”جتي گودام جي مالڪ جو بنگلو آهي. ان ساڳئي پاڙي جي هڪ گھر ۾، اڪيلو ڪنجوس سيٺ رهندو آهي. مان پهريائين اتي رهندو هوس. اهو سيٺ پنهنجا نوٽ هڪ وڏي ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ وجھي، گھر جي ڇت ۾ ٽنگي ڇڏيندو آهي. اتان آسانيءَ سان رقم حاصل ڪري سگھجي ٿي.“
سوني هار واري ڪوئي کي پنهنجي دوست ڪوئي جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي.
ٻي رات ٻئي ڪوئا، ان ڪنجوس سيٺ جي گھر وڃي پهتا. نوٽن واري ڳوٿري ڇت ۾ ٽنگيل هئي ۽ ڪنجوس سيٺ کونگھرا پئي هنيا. ٻئي ڪوئا هري هري ڇت جي شهتيرن کي چنبڙندا، وڃي ڳوٿريءَ تائين پهتا. پوءِ نوٽن جي هڪ دستي قابو ڪري واپس هيٺ لهي آيا ۽ ڦڙتيءَ سان گھر مان نڪري ويا.
ٻاهر نڪري سوني هار واري ڪوئي، ٻئي دوست کي چيو:
”دوست تون ڀلي هل مان وليداد واري بنگلي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڏينهن ٿيڻ جو انتظار ڪندس، هاڻي هو ننڊ ۾ هوندو. صبح جو هي نوٽ ڏيئي، کانئس پنهنجو سونو هار وٺندس.“
سج اڀريو ته ڪوئي نوٽن واري دستي کڻي، وليداد واپاريءَ جي ڪمري ۾ پهتو. وليداد ان وقت بستري تي وڏا وڏا رجسٽر کولي، ڪجھه لکي رهيو هو. ڪوئي ويجھو وڃي، وليداد کي سلام ڪندي چيو: ”سائين! آءٌ واعدي موجب حاضر آهيان. هي وٺو نوٽ ۽ مونکي پنهنجو هار موٽائي ڏيو.“
وليداد، ڪوئي کي نوٽن سميت سامهون ڏسي وائڙو ٿي ويو. ”اڙي واهه! تون ته واقعي نوٽ کڻي آيو آهين.“ ائين چئي وليداد ڪوئي کان نوٽن جي دستي کسي ورتي. وليداد جي نيت بدلجي وئي، هن ڪوئي کي هار ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو: ”پيارا ڪوئا! نوٽن جي دستي هڪ ٻي به آڻي ڏي ته هار ڏيندوسانءِ.“
ڪوئي وليداد کي گهڻو ئي چيو ته هو واعدي تان ڦري رهيو آهي، پر وليداد ڪجھه نه ٻڌس. ان جي ابتڙ ٻليءَ کي سڏ ڪري ڪوئي کي ڊيڄارڻ لڳو. ڪوئي، ٻي ڪا واهه نه ڏسي، لاچار هڪ دفعو وليداد کان واعدو وٺي هليو ويو.
سوني هار واري ڪوئي، روئي اچي پنهنجي دوست ڪوئي کي سموري ڳالهه ٻڌائي. دوست هڪ دفعو وري به آٿت ڏيندي چيس:
”گھٻراءِ نه، اسين لالچي وليداد جي هٻڇَ پوري ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو وري هلي ان ڪپڙي واري ڳوٿريءَ مان نوٽن واري دستي کڻنداسين.“
وري ٻئي ڪوئا، رات جو ساڳئي ڪنجوس سيٺ جي گھر پهتا، اڳ جيان ڇت جي شهتيرن کي چنبڙي، ڳوٿريءَ وٽ پهچي، هڪ دستي نوٽن جي کڻي نڪري آيا. دوست ڪوئو گودام ڏانهن هليو ويو ۽ سوني هار وارو ڪوئو واپاري وليداد جي بنگلي جي هڪ ڪنڊ ۾ ڏينهن ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ڏينهن ٿيڻ تي ڪوئو وليداد جي ڪمري ڏانهن ويو.
وليداد بستري تي چانهه پي رهيو هو. ڪوئي، سلام ڪري اڳ وانگر نوٽن جي دستي پيش ڪندي ، پنهنجي هار جي گھُر ڪئي. هن ڀيري به وليداد جي نيت ۾ کوٽ پيدا ٿي. هن ڪوئي کي نوٽن جي اهڙِي ٽين دستي به آڻڻ جي لاءِ چيو. ڪوئي وري به کيس گھڻو ئي سمجھايو ته هو ساڻس نا انصافي ڪري رهيو آهي. پر وليداد کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو:
”نوٽن جي دستي نه آڻيندين، ته هار به ڪونه ملندءِ. مان سڀاڻي اهو هار سوناري کي وڪڻڻ ويندس.“
ڪوئو وليداد جي ڏاڍائي ڏسي روئڻ لڳو، پر وليداد تي ڪو اثر ڪونه ٿيو. ڪوئي سوچيو ته هاڻ واپاري وليداد هر دفعي هار ڏيڻ جي بهاني، هن کان نوٽن جي گھُر ڪندو رهندو، پر هارُ موٽائي ڪونه ڏيندو، سو هن ٽيهر نوٽن آڻڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
واپاري وليداد جڏهن ڏٺو ته ڪوئو بنهه انڪار ڪري رهيو آهي ته هن ٻليءَ کي سڏ ڪيو، ”پشمي پشمي..............“
ايتري ۾ ٻلي ”ميائون ميائون“ ڪندي، ڊوڙندي آئي.
ڪوئي جو ٻليءَ کي ايندي ڏٺو، ته هو ويچارو ڀڄي ويو ۽ ساهه وڃي گودام تي پٽيائين.
گودام تي پهچي سونو هار نه ملڻ تي، پنهنجي ماءُ کي ياد ڪري روئن لڳو. سندس روئڻ جو آواز ٻڌي، سڀ ڪوئا اچي ڪٺا ٿيا. ڪوئا سندس حال تي افسوس ڪرڻ لڳا. دوست ڪوئي وري به کيس سمجھائيندي چيو:
”دوست! روئڻ مان ڪجھه ڪونه ورندو، همت ٻَڌُ. اسان دغاباز وليداد کي سندس دوکيبازيءَ جي سزا ضرور ڏينداسين.“
پوءِ ٻنهي دوستن وليداد کي سندس دوکيبازيءَ جي سيکت ڏيڻ جو منصوبو ٺاهيو.
پوءِ رات جو سوني هار وارو ڪوئو ۽ سندس دوست ڪوئو، ٻئي گڏجي ساڳئي ڪنجوس سيٺ جي گھر ويا. ساڳئي شهتيرن کي چنبڙي ڳوٿريءَ تائين پهچي، نوٽن جون ٻه دستيون کڻي هيٺ لهي آيا. ٻنهي دوستن نوٽن جي دستيءَ کي ٽوڙي سڀ نوٽ ڌار ڌار ڪيا. پوءِ اهي نوٽ ڪنجوس سيٺ جي ڪمري کان وليداد جي گھر تائين هاريندا ويا. سڀ نوٽ اهڙِي ريت هاري، ٻئي گودام ۾ سُتا.
ٻئي ڏينهن صبح جو، جڏهن ڪنجوس سيٺ اٿيو ته پنهنجي ڪمري ۾ نوٽ هاريل ڏسي، حيران ٿي ويو. ڳوٿري به ڏٺائين ته نوٽ کٽل هئا. پوءِ هاريل نوٽ کي جاچيندي جاچيندي وليداد واپاريءَ جي بنگلي ٻاهران وڃي پهتو.
ڪنجوس سيٺ کي پڪ ٿي وئي ته سندس چوري وليداد واپاريءَ ڪئي آهي يا ڪرائي آهي. سو هن پوليس ٿاڻي تي وليداد جي خلاف بيان داخل ڪرايو. پوليس وليداد کي چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪري وئي، اها خبر ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ آئي، ڪوئا اخبار ۾ خبر پڙهي خوش ٿيا.