ٻاراڻو ادب

جيتن جي ڪانفرنس

ادل سومري ٻاراڻي ادب لاء سٺو ڪم ڪيو آهي، سندس هي ڪتاب ”جيتن جي ڪانفرنس“ ٻارن لاء لکيل آکاڻين تي مشتمل آهي۔ هن ڪتاب ۾ 9 دلچسپ ۽ نصيحت آموز ڪهاڻيون شامل آهن۔
هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر پاران آندو ويو آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 1836
  • 751
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ادل سومرو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جيتن جي ڪانفرنس

شهباز خان ۽ فقير

هڪ وڏي شهر ۾ شهباز خان نالي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو، پنهنجي خوبصورت بنگلي ۾، هڪ زال ٻن پٽن ۽ ٻين نوڪرن چاڪرن سان گڏ رهندو هيو. شهباز خان کي دولت سان گھڻي محبت هوندي هئي، انڪري هو هميشه ان فقر ۾ هوندو هو ته ڪهڙن طريقن سان دولت وڌائي سگھجي ٿي. دولت ميڙڻ جي چڪر ۾ هن کي پنهنجي ٻنهي پٽن جي تعليم ۽ تربيت جو به خيال نه رهيو. نتيجي ۾ هن جا ٻئي پٽ هر قسم جي پابنديءَ کان آزاد ٿي ڇڙواڳيءَ واري زندگي گُذارڻ لڳا. شهباز خان سڄو ڏينهن نون ڌنڌن ۽ دولت جي پٺيان گُذاري، شام ڌاري ٿڪجي پنهنجي موٽر ۾ گھر ورندو هو. ذهني سُڪون نه هئڻ سبب رات جو دير تائين بستري تي جاڳي پاسا پيو بدلائيندو هو پر ننڊ کيس تمام ٿوري نصيب ٿيندي هئي.

هڪ ڏينهن معمول موجب ڪمن ڪارين مان واندو ٿي شهباز خان شام جو پنهنجي موٽر ۾ واپس پئي آيو ته پنهنجي بنگلي جي ٻاهرين لوهي دروازي جي ڀرسان ڇٻراٽي تي ڪکن ڪانن ۽ ميرين اڳڙين جي هڪ ننڍڙي جھوپڙي جُڙيل ڏٺائين. شهباز خان ڪاوڙ مان دروازي وٽ ئي موٽر بيهاري ٻاهر نڪتو ۽ جھڳيءَ جي ڀرسان بيهي وڏي آواز سان ڳالهائڻ لڳو.

”اڙي ڪهڙي نالائق هتي هيءَ گندگي پکيڙي آهي، ڪير آهي؟ نڪري اچي ٻاهر.“

ايتري ۾ انهيءَ جھڳيءَ مان، ڳچيءَ ۾ مڻڪن جا هار پاتل هڪ گودڙي پوش، ٻانهون ٻڌي ٻاهر نڪتو. ”بابل سائين! ناراض نه ٿيءُ. مسڪين کي ڏينهن پورا ڪرڻ ڏي، اچي رسيا آهيون. ڪجھه گھڙيون تنهنجي محلات جي پاڇي ۾، ڪجھه وري ٻئي هنڌ. ائين ئي وقت گُذري ويندو.“

”اڙي! بند ڪري پنهنجي بڪواس. مان چوان ٿو هاڻ جو هاڻ کڻ پنهنجون اڳڙيون ۽ هليو وڃُ. تون لکن رپين جي بنگلي جي سموري خوبصورتيءَ تي ٽڪو هڻي ڇڏيو.“

شهباز خان ڪاوڙ مان فقير کي چيو. ايتري ۾ در جي اندران ويٺل چوڪيدار به ٻاهر نڪتو ۽ چوڻ لڳو ته هن به فقير کي گھڻي منع ڪئي هُئي پر هو ڪانه مڙيو.

”ٻُڌُ ڙي! ٺڳ فقير، مان صبح ساڻ جيئن تنهنجي منحوس شڪل وري نه ڏسان.“
ائين چئي شهباز خان ڪاوڙ مان موٽر ڪاهي بنگلي ۾ هليو ويو.

شهباز خان بستري تي سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ننڊ هميشه جيان سندس اکين کان ڏُور هئي ۽ هو پاسا ورائيندو رهيو. آخر بستري تان اٿي ڪمري ۾ گھمڻ لڳو. ان وقت رات گھڻي گُذري چڪي هُئي. ائين گھُمندي گھمندي هو بنگلي جي ٻاهرين در وٽ اچي پهتو. چوڪيدار قدمن جي آواز تي جاڳي پيو. شهباز خان چوڪيدار کان ٻاهريون درُ کولرايو ۽ پوءِ اچي ٻاهر روڊ تي گھُمڻ لڳو. فقير جي جھُڳيءَ مان کونگھرن جو آواز پئي آئيو. هن کي فقير تي خارَ اچڻ لڳا:

”نڀاڳو ڪيتري نه سُڪون سان سُتو پيو آهي!“

شهباز خان ان رات ننڊ نه ڪري سگھيو. صبح جو جڏهن هو بنگلي مان نڪتو ته فقير پنهنجا ڪکَ ڪانا ۽ اڳڙيون سهيڙي رهيو هو.

فقير کيس ڏسي پري کان ٻانهون ٻڌيون ۽ اداس نيڻ کڻي نهارڻ لڳو. ڄڻ ته چئي رهيو هجي: ”سائين! لک احسان جو توهان مون مسڪين کي پنهنجي خوبصورت محلات جي پاڇي ۾ هڪڙي رات گُذارڻ ڏني.“

شهباز خان جا ٻئي پُٽ ڪابه تعليم پرائي نه سگھيا.

آهستي آهستي هنن جو لاڙو براين ڏانهن وڌندو ويو. هو پنهنجي پيءُ جي ميڙيل دولت جوئا ۽ ٻين عياشين ۾ کپائڻ لڳا.

جڏهن شهباز خان جي زال وفات ڪري وئي ته وڌيڪ اداس رهڻ لڳو. زال جي جُدائي، پٽن جي نافرماني ۽ خراب هلت شهباز خان جي بيچينيءَ ۾ اضافو آڻي ڇڏيو.

ڪجھه ڏينهن کان پوءِ شهباز خان جي نالائق پٽن جي عياشي انتها کي وڃي پهتي. هنن پيءُ جي سموري ملڪيت جوئا ۽ ٻين براين ۾ کپائي ڇڏي. پڇاڙيءَ ۾ رهائشي بنگلو به زبردستي وڪرو ڪري ڇڏيائون ۽ ٻئي خون جي ڏوهه ۾ جيل اماڻيا ويا.

رهائشي بنگلو خالي ڪرڻ کانپوءِ شهباز خان تمام مسڪينيءَ واري حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن پريشان ڀٽڪڻ لڳو.

هن سوچيو به نه هو ته ساڻس اهڙي حالت ٿيندي. سڀ دوست کيس ڇڏي هليا ويا ۽ هو هن دنيا ۾ اڪيلو ويڳاڻو رهجي ويو. هاڻ هو هڪ بيگھر فقير هو، جنهن کي اها به خبر ڪونه هئي ته سندس ڏينهن ڪٿي ۽ رات ڪٿي گُذرندي.

هڪ ڏينهن شهباز خان گھاٽي جهنگ مان پئي گُذريو. آسمان تي ڪڪرن جي گجگوڙ هئي. اوچتو طوفان سان گڏ تيز برسات شروع ٿي وئي. شهباز خان پاڻ کي برسات کان بچائڻ لاءِ ڪنهن اوٽائتي جاءِ جي تلاش ڪرڻ لڳو. ڪجھه پنڌ اڳتي وڃڻ کانپوءِِ کيس پريان هڪ جھوپڙي نظر آئي، جنهن۾ ڪجھه جھَڪي روشني به هُئي. شهباز خان تڪڙو تڪڙو ان جھوپڙِيءَ طرف وڌيو. جھوپڙيءَ طرف پهچي هن ڏٺو ته هڪ ماڻهو جھوپڙيءَ ۾ باهه جي ڀرسان ويهي ڪجھه کائي رهيو هو. شهباز خان کيس سلام ڪيو. جھوپڙيءَ ۾ ويٺل شخص آڌر ڀاءُ ڪندي کيس پاڻ سان گڏ ماني کائڻ لاءِ چيو. شهباز خان کي بُک به گھڻي لڳي هئي. سو هن سان ماني کائڻ لڳو. ماني کائڻ سان گڏُ، جھوپڙيءَ وارو شخص ساڻس ڪچهري به ڪرڻ لڳو.

ٻاهر برسات جھَڪي ٿي وئي هُئي.

باهه ڪجھه گھڻي ٻري ته ان جي روشنيءَ ۾ شهباز خان ڏٺو ته جھوپڙيءَ وارو شخص، اهو ساڳيو ئي فقير هو، جنهن ڪجهه وقت اڳ سندس بنگلي جي ڀرسان جھوپڙي جوڙي هُئي ۽ پوءِ سندس اعتراض تي هو اتان هليو ويو هو.

شهباز سان دل ۾ ڏاڍو پشيمان ٿيڻ لڳو. هن چاهيو ته اتان جلد هليو وڃي، پر فقير کيس روڪيندو چيو:

”ٻاهر برسات آهي. هن مهل توهان ڪيڏانهن ويندا؟ رات هتي آرام ڪريو، پوءِ صبح جو ڀلي هليا وڃجو.“ شهباز خان، فقير جي زور ڀرڻ تي رات اتي ترسي پيو. ڪچهريءَ دوران شهباز خان پشيمان ٿي فقير کي چيو:

”فقير سائين! مونکي معاف ڪريو. مان اهوئي مغرور دولتمند آهيان، جنهن پنهنجي بنگلي ڀرسان اوهان جي وجود کي برداشت نه ڪيو هو.“

فقير کي اهو واقعو ياد آيو.

”انسان خطا جو گھر آهي. هو پنهنجي دولت تي مغرور ٿي الله تعالى جا سڀُ احسان وساري، الله جي مخلوق کي رنجائي ٿو.“ فقير افسوس ڪندي چيو: ”پر دولت ته اچڻي وڃڻي شيءَ آهي. ان تي ڪهڙو ڀروسو! انسان کي پنهنجو ڪردار بلند رکڻو آهي. الله جي مخلوق سان محبت به عبادت آهي.“

”وکر سو وهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿئي“

فقير جون ڳالهيون ٻڌي شهباز خان روئڻ لڳو. فقير کيس دلداري ڏيندي چيو:

”الله وٽ تنهنجون خطائون معاف ٿي وينديون. گھٽ ۾ گھٽ تون پنهنجي خطائن تي پڇتائين ته ٿو. انسان کي هن ڌرتيءَ تي وڏائي ڪرڻ بدران، نياز ۽ نئڙت سان رهڻ گھرجي.“

فقير جون سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌي شهباز خان جي دل تان ڪجھه بار جھَڪو ٿيو ۽ هو سڪون محسوس ڪرڻ لڳو.

پوءِ شهباز خان سڄي حياتي فقير سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو.