مُرڪ پري ۽ دودو درزي
درزي ويچارو پنهنجي لالچڻ زال جون ڇڙٻون پيو ٻڌندو هو، پر موٽ ۾ زبان مان هڪ اکر به ڪين ڪڇندو هو. هڪ ڏينهن درزيءَ کي، زال ڪاوڙ ڪندي چيو: ”مونکي هڪ سؤ سونين گينين جي ضرورت آهي. ڪٿا به آڻي ڏي، نه ته مان زهر کائي مرندس.“
ويچارو دودو درزي، زال جي فرمائش ٻڌي گھڻو پريشان ٿي پيو. دوڪان تي ڪپڙا به سبي نه ٿي سگھيو ۽ روئندو رهيو. سانجھيءَ مهل، هو پنهنجي دوڪان ۾ اداس ويٺو هو ته اوچتو روشني پکڙجي وئي. درزيءَ ڏٺو ته هڪ خوبصورت پري سندس آڏو بيٺي آهي.
پريءَ مٺڙي آواز ۾ ڳالهايو:
”پيارا! دودا درزي! منهنجو نالو مرڪ پري آهي. مان ماڻهن ۾ خوشيون ورهائيندي آهيان، مونکي ٻڌاءِ ته توکي ڪهڙو ڏک آهي؟“
مرڪ پريءَ جي همدردي ڏسي دودو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس پنهنجي پريشانيءَ جو سبب ٻڌايائين. مرڪ پريءَ چيس: ”ٿورو ٽهڪ ڏي“ دودي درزيءَ ٽهڪ ڏنو ته هڪ سوني گيني سندس اڳيان اچي ڪري. اهڙيءَ طرح درزيءَ هڪ ٻئي پويان پورا سؤ ٽهڪ ڏنا ته وٽس سؤ گينيون ٿي ويون. سؤ گينيون ڏسي درزي خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو. مرڪ پريءَ درزيءَ کان واعدو ورتو ته اهو راز ڪنهن سان نه سليندو. مرڪ پري، دودي جو مسئلو حل ڪري اڏامي هلي وئي. دودو تمام گھڻيءَ خوشيءَ مان سؤ گينيون سنڀالي گھر ڏينهن روانو ٿيو.
لالچي زال جڏهن سؤ گينيون ڏٺيون ته حيران ٿي چوڻ لڳي: ”پيارا دودا! مونکي اعتبار نه ٿو ا چي، ڄڻ ته مان خواب ڏسي رهي آهيان. سچ ٻڌاءِ! ته هي گينيون ڪٿان انديون آهن؟“
دودو، پريءَ سان ڪيل واعدي موجب حقيقت ٻڌائڻ کان لنوائي، زال سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، پر زال اعتبار نه ڪندي، ضد ٻڌي بيٺي ته هو سچي ڳالهه ڪري. گھڻي چوڻ جي باوجود به جڏهن دودي زال کي اهو راز نه ٻڌايو ته، زال اونڌي منجي ڪري ويهي رهي ۽ چوڻ لڳي ته، جيڪڏهن کيس صبح تائين اصل ڳالهه جي خبر نه پئي ته هوءَ پاڻ کي گھوگھو ڏيئي ماري ڇڏيندي.
زال جي ضد آڏو، دودي نيٺ هار کاڌي ۽ هو مرڪ پريءَ سان ڪيل واعدو ٽوڙي، زال کي اصل ڳالهه ٻڌائي ويٺو. لالچي زال کي، اصل حقيقت معلوم ڪري گھڻي خوش ٿي پوءِ هوءَ پنهنجي مڙس کي زوريءَ ڪتڪتايون ڪري کلائڻ لڳي. جڏهن دودي ٽهڪ ٿي ڏنو ته هڪ سوني گيني ٿي ڪري ۽ هوءَ وئي ٿي جمع ڪندي. دودي کي زال ايترو ته کلايو جو آخر هو ساڻو ٿي ڪري پيو.
ٻئي ڏينهن تي زال، دودي کي دوڪان تي به نه وڃڻ ڏنو ۽ کيس زوريءَ کلائڻ لڳي. دودو آخر بيزار ٿي زال کي چوڻ لڳو:
”هاڻ ته کلي کلي آءُ بيهوش ٿيڻ وارو آهيان خدا جي واسطي مونتي رحم ڪر، ايتري لالچ سٺي ناهين.“
پر، دودي جي ايلازن جو زال تي ڪو اثر ڪونه ٿيو.
زال جي لالچ ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. آخر هن دودي کي گھر ۾ ٻڌي ويهاري ڇڏيو۽ گھڙي گھڙي کيس کلائي ٽهڪ ڏياري، گينيون جمع ڪرڻ لڳي. دودو ويچارو زوريءَ کلي، ساڻو ٿي، پنهنجي حالت تي روئڻ لڳندو هو. هوڏانهن زال جي لالچ کٽن واري ڪين هئي.
هڪ ڏينهن دودي درزيءَ کي گھر ۾ ٻڌي، زال ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر هلي وئي، ته پويان دودو، تمام گھڻو روئي مرڪ پريءَ کي ياد ڪرڻ لڳو.
اوچتو روشني پکڙجي وئي ۽ مرڪ پري اچي حاضر ٿي. دودي گھڻو روئي، مرڪ پريءَ کان واعدي ٽوڙڻ جي معافي ورتي ۽ هن مصيبت مان جان آجي ڪرائڻ جي گُذارش ڪئي. مرڪ پريءَ کي درزيءَ جي حالت تي ڏاڍو رحم آيو هن کيس معاف ڪندي چيو: ”دودا درزي! جي تون پنهنجي زال سان ڳالهه نه ڪرين ها، ته هوند هي ڏينهن نه ڏسين ها! دولت جي لالچ مصيبت پيدا ڪندي آهي. تون گھٻراءِ نه تنهنجي لالچي زال کي لوڀ جي سزا جلد ملندي ۽ تنهنجي جند آزاد ٿيندي.“
ائين چئي مرڪ پري غائب ٿي وئي.
لالچي زال ڏيهاڙي دودي کي کلائي گينيون جمع ڪندي وئي، تان جو وٽس سونين گينين جي هڪ پيتي ڀرجي وئي.
هڪڙي رات جو، اوچتو رڙين جي آواز تي دودو درزي جاڳيو، ڇا ڏسي ته پيتيءَ مان تيزيءَ سان گينيون نڪرنديون، سندس زال جي جسم سان چنبڙنديون ٿي ويون. ائين سموريون گينيون کيس چنبڙِي ويون. درزي پنهنجي زال جي جسم کان گينين کي ڌار ڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي، پر هڪ به گيني جسم کان ڌار نه ٿي، نيٺ درزيءَ جي زال رڙيون ڪندي ڪندي مري وئي. مرڻ کانپوءِ به گينيون سندس جسم کان ڌار نه ٿيون. اهڙي ريت اهي گينيون لالچي زال سان گڏ قبر ۾ دفن ٿي ويون.
جڏهن ماڻهن کي لالچي عورت جي انهيءَ انجام جي خبر پئي ته سڀ توبهه توبهه ڪرڻ لڳا.