ڍور ڪُلئي ڍَڪَ ۾
اوچتو پريان ايندڙ ڦٽ ڦٽ تي منهنجو ڌيان اوڏانهن کڄي ويو. هڪڙو اڇين لٽي همراهه ڪاري عينڪ پايون ڦٽ ڦٽ تي اڏار ڪيون پئي آيو. اسڪول جي ڀرسان نم جي ڇانوَ ۾ ڦٽ ڦٽ اچي بيٺي. دل ۾ چيم پڪ اسڪول جو صاحب آهي. ڦٽ ڦٽ تي ويٺل صاحب عينڪ لاٿي، پوءِ اسڪول ڏانهن ڏسي، هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. آڱر جي اشاري سان مون کي سڏُ ڪيائين. مون ويجھو وڃي سلام ڪري کيس هٿُ ڏنو.
”نينگر! نالو ڇا اٿئي“ پيار مان پڇيائين.
”سائين! منهنجو نالو آچر ۽ پيءُ جو نالو سومر آهي“ ادب سان وراڻيم. اسڪول ڏانهن اشارو ڪندي چيائين: ”هي اسڪول......................“
اڌ ۾ چيم: ”ها سائين هي اسڪول، سارين جي رونبي جي موڪل ۽ ڪڻڪ جي لاباري جي موڪل وانگر هاڻي ڦٽين جي فصل جي موڪل سبب گذريل ٻن مهينن کان بند آهي.“
”پڙهندو آهين؟“
”پڙهندو هوس، پر جڏهن کان اسڪول کي تالو لڳو آهي، تڏهن کان آءُ ڍور چاريندو آهيان ۽ منهنجو دوست ڇاهن ڇولا وڪڻندو آهي.“
صاحب جي نرڙ ۾ گھُنج پئجي ويا. رومال سان نرڙ تان پگھر اگھندي چيائين: ”ماستر کي سُڃاڻين............. ڪٿي هوندو؟“
”سائين ڪجھه ترسو، ڍور پيا پرائي پوک ۾ گھڙن، ورائي اچان.“
مون ڊڪ هنئين ۽ ڍور ورائي موٽي آيس. سهڪندي صاحب کي چيم: ”سائين! اسان وارو ماستر صاحب ته وڏيري وڌوءَ جي پيو منشيگيري ڪري، پڙهائيندو آهي ڇڙو وڏيري جي پُٽ کي. اسان کي سو ياد ڪندو آهي، تڏهن، جڏهن وڏيري جي پوک جا لابارا لهن. صبح کان سانجھيءَ تائين پيا بيگر وهندا آهيون.“
صاحب جي منهن تي ڪاوڙ جا چاپڙ چڙهيل ڏسي سوچيم: ”اڄ مڙئي استاد امام بخش عباسيءَ جو آخري ڏينهن آ.“ صاحب چيو: ”پُٽ مونکي وڏيري جي اوطاق تي وٺي هلندين“ چيم: ”سائين اکين تي، پر پُٺيان ڍور ويندا پرائي پوک ۾ گھڙي سو ٿيندي مصيبت.“
پر صاحب جي گھڻن ايلازن آڏو شرمندو ٿي پيس. صاحب مون کي ڦٽ ڦٽ تي پويان ويهڻ لاءِ چيو. پهريون ڀيرو ڦٽ ڦٽ تي چڙهيو هوس، ڏاڍو مزو آيو. صاحب کي واٽ ٻڌائيندي وڃي وڏيري جي اوطاق تي رسايم.
اوطاق تي مجلس متل هئي. وڏيرو جنڊيءَ جي کٽ تي ۽ ڪجھه همراهه هيٺ پَٽَ تي ويٺا هئا، کٽ جي ڀڪ ۾ اسان وارو استاد امام بخش عباسي، ڪرسيءَ تي ويٺو ڪجھه لکي رهيو هو. ڦٽ ڦٽ جي آواز تي سڀني جون اکيون اچي اسان ۾ کتيون. هڙئي همراهه اٿي بيٺا، صاحب پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. ماستر ۽ وڏيرو ٻئي وڌي اچي صاحب سان مليا، واري واري سان سڀني صاحب کي هٿُ ڏنو. صاحب کٽ تي سيٽجي ويٺو. وڏيري جي رڙ پئجي وئي، ”اڙي وارو ڪيو ڪُڪڙ ڪهو......... فلاڻي فلاڻي شيءَ وٺي اچو“ اصل وٺ پڪڙ ٿي وئي. ٻه همراهه وڌي اچي صاحب کي زور ڏيڻ لڳا.
مون ڀڄڻ جي ڪئي ته استاد جو هٿ ٻانهن ۾ پئجي ويو. ”ڪاڏي ڙي ڇورا؟“
”سائين هُت ڍور ڇڏي آيو آهيان...........................“
”ڍور جا پُٽ ويهي رههُ، ڪم ڪار ڪراءِ ڏسين نه ٿو ته صاحب آيو آ.“
”پر سائين! ڍور................“
”بڪ نه ڪر“ سائينءَ چماٽ اولاريندي چيو ”وڃ همراهن کي ڪم ۾ مدد ڪراءِ...............“ ”اوڇٽا! هي ڇوڪر اچئي ٿو، هن کي ڪم ڪار ڏس.“
پوءِ ته اچي ڦاٿس. هي ڪم، هو ڪم، اصل بيک نڪري وئي. رکي رکي ڍورن جو خيال. الائي ڪيئن ٿا هوندا، پوک پرائي ڀيلي ڇڏي هوندائون. پوک وارن به پادر پسائي رکيا هوندا.
دل ۾ ته ڏاڍو ٿي پٽيم ماستر کي، صاحب تي به ڏاڍا خار ٿي چڙهيا، پر ڇا ٿي ڪري سگھيس، ماٺ رهيس.
ڪڪڙ، قورما، الائي ڇاڇا ڦاٽي ۽ بوتلون ڏوگھي سام ڌاري صاحب موڪلايو. موڪلائڻ مهل وڏيري ٻه ٽي نيرا نوٽ، صاحب کي ڏيندي چيو: ”هي سائين اوهان جي چانهه پاڻي.“
صاحب مُرڪندي ڦٽ ڦٽ تي چڙهيو. ڦٽ ڦٽ دونهون ڇڏيندي اکين کان اوجھل ٿي وئي. آءٌ پٺتيمال ڏانهن ڊوڙيس. واٽ تي خبر پئي ته پوک وارن ڪُلئي ڍور ڍَڪ ۾ بند ڪرايا آهن.
مالڪن پنهنجا ڍور ته ڏنڊ ڏئي ڇڏايا، پر وري ٻيهر ڍور مونکي چارڻ لاءِ نه ڏنائون. آءٌ هينئر رُلندو آهيان ۽ ڳوٺ جي ڇاهي ڇاڻيندو آهيان. اسڪول کي لڳل تالي جيان منهنجي قسمت کي به تالو لڳي ويو آهي.