اصل وڏو قصو چار درويش (باتصوير)
”آچر او آچر.......... جلدي سنبر. بابي سان گڏجي مائي ليسوڙيءَ جي ميلي تي هلون، توکي ته خبر آهي نه ته اڄُ ڀرڪڻ ۾ مائي ليسوڙيءَ جو ميلو آهي.“
”نه دوست! مان مائي ليسوڙيءَ جي ميلي تي هلي ڪونه سگھندُس.“ کيس وراڻيم.
”ڇو ڇا ڳالهه آهي؟......... ڇو نه ٿو هلين ميلي تي؟ پئسن جو فڪر نه ڪر بابو اسان سان گڏُ هوندو ني.“
”نانيءَ کي بخار آهي ان ڪري مان نه هلي سگھندُس،“
”هان............... نانيءَ کي ڇا ٿيو؟“ ائين چئي رامچند نانيءَ جي کٽ ڏانهن ڊوڙيو، نانيءَ سان ڳالهايائين، پر نانيءَ موٽ ۾ بخار سبب کيس ڪو جواب ڪونه ڏنو. امڙ رامچند کي کيڪاريندي چيو:
”آچر جو پيءُ ويو آ ڪاٺين تي، امان به بيمار آهي سو پُٽَ! آچر توسان مائي ليسوڙيءَ جي ميلي تي هلي ڪونه سگھندو. باقي توهان ڀرڪڻ ميلو ڏسڻ وڃو ئي اٿا ته پوءِ آچر جي مامي جي گھر به ضرور وڃي کيس نياپو ڏجو ته آچر جي ناني سخت بيمار آهي، تنهنڪري جلدي ا چو.“
رامچند مامي جن کي نياپي پهچائڻ جو واعدو ڪري هليو ويو. آءٌ ٻاهر گھمڻ ڦرڻ به ڪين ويس ۽ نانيءَ جي سار سنڀال ۾ ويٺو رهيس. ٽپهريءَ ڌاري بابو گھر جو ڪجھه سيڌو سامان وٺي موٽيو. نانيءَ جي طبيعت وڌيڪ نازڪ ٿيندي پئي وئي.
مون بابي کي چيو، ”ڇو نه نانيءَ جو شهر هلي ڪنهن ڊاڪٽر کان علاج ڪرائجي.“
بابي ڪوبه جواب نه ڏنو، ماٺ رهيو سج لٿي مهل، مامو مهراب هڪڙو ڪتاب ڪڇ ۾ کنيون اچي پهتو. نانيءَ سان ڳالهايائين. پر موٽ ۾ نانيءَ کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
مامو مهراب ڀرڪڻ ۾ ماستر آهي. جڏهن به اسان وٽ ايندو آهي ته مون کان اسڪولي ڪمن بابت سوال ضرور ڪندو آهي. هن ڀيري مامون، نانيءَ جي ناچاڪيءَ سبب غمگين هو ۽ مونکان ڪوبه سوال ڪونه پڇيائين. مون ويجھو وڃي مامي مهراب کان پڇيو: ”هي ڇاجو ڪتاب آندو اَٿَوَ مامان!“
”هي اصل وڏو قصو چار درويش باتصوير آهي.“ مامي وراڻيو. ”منهنجي لاءِ سوکڙيءَ طور آندو اٿئي نه مامان. تنهنجي وڏي مهرباني مان واندڪائيءَ ۾ اهو قصو ويٺو پڙهندس.“
”نه ڙي آچر چريا نه، اهو قصو تنهنجي لاءِ ڪونه آندو اٿم“ مامي ڪاوڙ ڪندي چيو! ”وڏن بزرگن ۽ پيرن فقيرن جو چوڻ آهي ته مريضن کي جيڪڏهن قصو چار درويش پڙهي ٻڌائبو ته هو صحتياب ٿي ويندو، انهيءَ ڪري هي امڙ ڪراڙيءَ لاءِ آندو اٿم، ته جيئن هو قصو ٻڌي ته چاڪ ٿئي.“
”قصي ٻڌڻ سان نانيءَ چاڪ ٿي ويندي، واهه مامان واهه، قصن ٻڌڻ سان جيڪڏهن ماڻهو چاڪ ٿين ها ته پوءِ سڀني جي گھرن ۾ اهو ڪتاب پيو هجي ها.“
”توکي خبر نه آهي اٻوجھه آچر! تون ماٺ ڪري ويهي رههُ.“
”ڀلا ملهار جو بيمار ٿيو هو، تنهن کي شهر وڏيءَ اسپتال ڇو کڻائي ويا هئا؟“
” چپ ڪري ويهي رههُ آچر مٿو نه کاءُ“ مامي ناراض ٿيندي چيو.
مان مامي کان ڪتاب وٺي ان ۾ ڇاپيل مورتيون ڏسڻ لڳس. هڪ جاءِ تي هڪ شهزادو هڪ خوبصورت مائيءَ کي نهاري رهيو هو. وري ٻي هنڌ هڪ نوجوان هٿ ۾ ترار کنيون هڪ ڍڳيءَ تي چڙهيو ويٺو هو. هڪڙي هنڌ ملڪه گھوڙي سميت پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهي هئي مطلب ته ڪتاب مزيدار ٿي ڏٺو. رات جي مانيءَ کان پوءِ مامي وضو ڪري نانيءَ جي سيرانديءَ کان ويهي، بسم الله ڪري وڏي آواز سان قصو پڙهڻ شروع ڪيو. نانيءَ ويچاريءَ بخار سبب ڪجھه نٿي ڪڇيو. مان، امان ۽ بابو، ٽيئي ڄڻا خاموشيءَ سان قصو ٻڌي رهياسين. آهستي آهستي مونکي ننڊ اچي وئي، خبر ناهي ته رات ڪيتري دير تائين مامون قصو پڙهندو رهيو.
صبح جو بابو ڪاٺين تي به ڪونه ويو. ناني ويچاري اکيون پوريون پئي هئي ۽ ڪجهه به نه ٿي ڳالهايائين، مونکي نانيءَ جي ان حالت تي ڏاڍو ڏک ٿيو هو.
مامي مهراب نيرن ڪري وري قصو اڳتي پڙهڻ شروع ڪيو:
”ٽئين درويش جو سير: ٽيون درويش گوڏو کوڙي پنهنجي سير جو بيان هيٺين ريت شروع ڪرڻ لڳو“
مامي مهراب اڃا اهي سٽون پڙهيون مس ته ايتري ۾ نانيءَ جو هڪ گوڏو اڀو ٿي ويو ۽ نانيءَ هڏڪيون ڏيڻ شروع ڪيون، مامي ٿوري دير قصو بند ڪري، اسان ڏانهن نهارڻ لڳو، اسان جي چهرن تي ڏک ۽ مايوسيءَ جا پاڇولا هئا. مامون وري وڏي آواز سان قصو پڙهڻ لڳو. ڪجھه دير کان پوءِ مامي جڏهن هي سٽون پڙهيون:
”اکيون پٽي جان ڏٺم ته، نه اهو پريو مڙس نظر آيو نه هرڻ! فقط مان کٽ تي اڪيلو سمهيو پيو آهيان.“
ته اوچتو نانيءَ پنهنجون اکيون پٽيون پر هوءَ هڪ ٽڪ ٻڌي فقط لانڍيءَ جي ڇت ۾ نهاري رهي هئي. مامي مهراب ڪتاب تان نظرون هٽائي، نانيءَ جي منهن تي کپائي ڇڏيون. نانيءَ پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون. مامي مهراب وڏي آواز سان قصو اڳتي پڙهڻ شروع ڪيو. قصو نعمان سوداگر ۽ فرنگ شهزاديءَ جو هاڻ شروع ٿيو هو. مان مامي جي ڀرسان وڃي ويٺس ۽ ڪتاب کي ڏسندو رهيس. هاڻي مامون حبشين جي فوج جي حملي بابت پڙهي رهيو هو. مورت ۾ هڪ جوان پڃري ۾ اٽڪيو پيو هو، ڀرسان هڪ حبشي تلوار هٿ ۾ کنيون بيٺو هو.
جڏهن مامون هي سٽون پڙهي رهيو هو:
”منهنجو اهو ڪم آهي ته هر ماههَ جي پهرين جمع تي انهيءَ تابوت کي انهن ٻن ماڻهن کان کڻائي انهيءَ شهر ۾ ان شهزاديءَ جو ماتم ڪندو آهيان.“ ته اوچتو نانيءَ کي هڪ وڏي هڏڪي آئي.
مامي قصو پڙهڻ بند ڪيو، سڀئي نانيءَ جي کٽ مٿان ڦري وياسين. بابي نانيءَ کي چوريو پوريو، نانيءَ ساهه کڻڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪنڌ هڪڙي پاسي ڍرڪي ويو.
ٿوري دير کان پوءِ اسان جو ماتم شروع ٿي ويو.