عيد اُٻهري آئي آ
امڙ کي چيم: ”امان پهريون روزو آءٌ به رکندُس.“
”نه ابا! تون اڃان ننڍڙو آهين.“
”هو ملان مجيد جو پُٽ آهي ني مهراب، آهي گھڻو! مون کان ته ننڍو آهي، پر هو به رات روزو رکندو“ مون صفائي پيش ڪندي هوڏ ڪئي، ”آءٌ پهريون روزو رکندُس.“
”اي ابا! غريبن وٽ سدائين روزا هوندا آهن، هڪ ويلو کائين ته هڪ نه.... ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪرين.“
”ناني تون ته پئي اجايون ڳالهيون ڪرين“ کيس وراڻيم. گھر وارن جون ڳالهيون ٻڌي آخر مان ماٺ ٿي ويس.
امڙ ۽ نانيءَ جن مونکي روزو نه رکايو، ڏاڍو ڏُک ٿيو.
صبح جون ڪاٺيون ڪندي دل نه لڳي. جهڙي تهڙي ڀري ٺاهي بابي سان گڏ اچي، ملان مجيد جي هٽ تي ڦٽي ڪيم.
مسجد جي ڀڪ ۾ ملان مجيد جو هٽُ آهي. اسان ڪاٺيون ڪري، اچي ملان مجيد کي ڏيندا آهيون. هُو ٻن ڀرين جا اٺَ روپيه ڏيندو آهي. گھر جو سيڌو سامان کانئس ئي وٺندا آهيون. ملان مجيد سڄو ڏينهن هٽُ هلائيندو آهي، فقط نماز جي وقت مسجد ۾ وڃي نماز پڙهائيندو آهي ۽ رات جو لولا اوڳاڙيندو آهي. هر سال حج به ضرور ڪندو آهي.
شام جو روزي کولڻ مهل ملان مجيد پنهنجي پٽ مهراب کي ڏاڍا هار پارايا، پوءِ سندس فوٽو اخبار ۾ به ڇپرايو.
روزن جي پڇاڙيءَ ۾ هر ڪنهن عيد جي ڪپڙن جي تياري پئي ڪئي. رات جو بابي کي چيم: ”عيد لاءِ ٺهرائي ڏي نه ڪپڙا بابا!“ بابو ڪُڇي جهڙي ڀتِ.
”هان بابا!ـــــ وٺي ڏي نه بابا!“
”پٽ ڪپڙن لاءِ پئسه ڪٿان اچن، جڏهن ته پيٽ لاءِ به پورا ڪينهن.“
بابي مايوسيءَ مان وراڻيو.
”ملان مجيد کان ئي اڌارا پئسه وٺي، آچر کي عيد جو وڳو ٺهرائي ڏي.“ امڙ ابي کي صلاح ڏني.
ٻئي ڏينهن جڏهن بابي، ملان مجيد کان ڪجھه پئسه اڌارا گھريا ته ملان مڇرجي پيو، چئي: ”اڙي ميان! هڪڙي اوڌر اڳيئي اٿَوَ، ٻي ڪٿان ملندوَ، نه بابا......... آءٌ اهڙو جڏو ڪم ڪين ڪندسُ. مونکي پاڻ حج لاءِ پئسي جي سخت ضرورت آهي.“
بابو مايوس ٿي ويو، آءٌ گھر اچي روئي ويٺس. آخري جمعي تي امڙ به ڳڙ ڀت چاڙهي وڏن کي ختمو ڏياريو. هڪ ٿالهي ڀري آءٌ مسجد ڏانهن به کڻي ويس. ملان مجيد ڳڙ ڀت ڏسي، منهن ۾ سونڊ وڌو، ملان سٺا سٺا طعام گھر ٿي اماڻيا، باقي سادا سودا طعام ويو ٿي جماعتين ۾ ورهائيندو.
وقت گذرندي ويرم ئي نه ٿي. عيد اٻهري اچي وئي............ عيد آئي پر اسان لاءِ نه، منهنجي دوست شاهن ۽ مونکي عيد ڏينهن نوان ڪپڙا پهريل ڪين هئا. اسان جي گھر ۾ سئين بدران دال جو ڪنو چڙهيو هو. ڳوٺ جا ماڻهو، ڪي شهر، ناٽڪ ڏسڻ ٿي ويا، ته ڪي پيرن جي پڙ تي رڇ ڪتي جي ويڙهه ۽ ملهه ڏسڻ وڃي رهيا هئا، پر شاهن ۽ مان ڇولن جي ڇٻي کنيون، لارين جي اسٽان تي وڪڻڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين.