منڊي ڪُڪڙ جي ڪرامت
صبح ننڊ مان سويل جاڳ ٿي. راتوڪا چانور ڏڌ سان کائي، شاهن ۽ رامچند سان گڏ اسڪول ڏانهن روانو ٿيس. استاد امام بخش حاضري ڀري ٻڌايو ته: ”ايندڙ ڇنڇر تي توهان جا امتحان ٿيندا سو تياريون شروع ڪيو.“
محرم وچ ۾ سوال ڪندي چيو: ”سائين اسين جيڪي ڪجھه پڙهياسين، سو ويو ڦٽين جي فصل جي موڪل ۾ وسري، پوءِ امتحان ڪيئن ڏيئي سگھنداسين.“
”اڙي بيوقوف ڇوڪرا ! پهريان امتحان ڪيئن پاس ڪيا هُيوَ، هي به امتحان ائين ٿيندو، گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي، گذريل سال وانگر هاڻي به ڪڪڙيون ۽ ڇيلا سرسُ پهچائجو. جيڪو ڇوڪرو هٿين خالي ايندو سو سمجھو ناپاس آ.“
اسين سڀئي ڳالهه کي سمجھي ويا سين .
امتحان جي ڏينهن تائين، استاد امام بخش عباسي ويو ٿي، ڇيلا، ڪڪڙيون ۽ آنا گڏ ڪندو. ڪن ڇوڪرن روڪڙ پئسا به ڏنا. رامچند پنهنجي پيءُ جي دوڪان تان پنج سير مٺائي آندي. جيئندي جت جي ٻنهي پُٽن ٻه ڇيلا آندا، ڪمال ڪوريءَ جو پُٽ قادن پيءُ جي آڏاڻي تان ٻه بوڇڻ کڻي آيو.
آءُ گھر اچي منجھي پيس ته آخر استاد کي ڪهڙِي شيءَ پهچايان. امتحان ۾ پاس به ٿيڻو هو. بابي کان پئسن جي گھُر ڪيم، پر بابي وٽ هجن پئسا ته ڏي، گھر ۾ فقط هڪ منڊي ڪڪڙ هئي، جيڪا چئن ڏينهن کان آري تي ويٺل هئي. امڙ جھليو ته آري تان ڪڪڙ اٿارڻ گناهه آهي. آءٌ مايوس ٿي ويس.
امتحان رات ننڊ ڪين آئي. صبح جو کٽ تي ليٽيندي سوچيندو رهيس. ڏندڻ پاڻي ڪري ڏڌ جو وٽو پي، امڙ کان اک بچائي، آري تان منڊي ڪڪڙ اٿاري، کڻي اسڪول ڏانهن ڊُڪ هنئي. اسڪول پهچي، ڪڪڙ استاد جي حوالي ڪري، سنگتين سان گڏ بئنچ تي ويهي رهيس. اڄ اسڪول ۾ رونق هئي. سڀني ٻارن اڇا اجرا ڪپڙا پهريا هئا۽ سندن منهن ٻهڪيا پئي. استاد امام بخش سڀني شاگردن جي حاضري ڀري، نمبر وار وهاري پاڻ ڪلاس ۾ چڪر ڏيڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ ڦٽ ڦٽ تي صاحب آيو. استاد امام بخش ۽ صاحب ٿوري دير ڪلاس ۾ ڳالهائي ٻولهائي ٻاهر نڪتا. استاد موٽي اچي سڀني شاگردن کي چيو: ”بس بابا، توهان سڀ هاڻي گھر وڃو، سڀاڻي اچجو ته توهانکي امتحان جي خبر ٻڌائبي.“
”پر سائين، صاحب ته اسان کان ڪجهه ڪين پڇيو آهي، اهو امتحان ڪيئن ٿيو.“
وچ ۾ هڪ ڇوڪر ڳالهايو.
”اڙي بس ڪر نالائق، ٻڌءِ نه ته امتحان ٿي ويو، وڃو ۽ وري سڀاڻي اچجو.“ استاد ڇڙٻ ڏيندي چيو. اسين سڀئي اسڪول کان ٻاهر نڪرڻ لڳاسين.
استاد امام بخش عباسي ۽ صاحب جن، وڏيري جي اوطاق ڏانهن روانا ٿي ويا، جِتي کائڻ پيئڻ جو انتظام ٿيل هو.
ٻئي ڏينهن اسڪول آياسين، استاد سڀني کي امتحان جي خبر ٻڌائي. پنجين درجي وارن کي امتحان جي خبر ٻڌائيندي استاد چيو: ”جانڻ ۽ خانڻ کان سواءِ ٻيا سڀ ڇوڪرا پاس آهن.“
سڀ ڇوڪرا تاڙيون وڄائڻ لڳا. خانڻ ۽ جانڻ ٻئي سڏڪا ڀري روئڻ لڳا. مونکي ياد آيو، جانڻ ۽ خانڻ ڪابه سوکڙي استاد عباسيءَ لاءِ ڪانه آندي هئي. استاد اسان پنجين وارن کي انگريزي اسڪول ۾ داخلا جون سندون ڏنيون. اسين سنَدون وٺي گھرن ڏانهن وڃڻ لڳاسين. ڳوٺ ۾ سرڪار، انگريزي اسڪول کولڻ جي منظوري ڏني هئي، پر وڏيري وڌل، ڪوشش ڪري اها منظوري رد ڪرائي ڇڏي. مان ۽ شاهن سوچي رهيا هئاسين ته اسين غريبن جا ٻار انگريزي پڙهڻ لاءِ روز شهر ڪيئن وڃي سگھندا سين، جڏهن ته روز خرچي به نه ٿي ملي سگھي. اسين ڳوٺ ڏانهن ڊوڙندا، گيت ڳائيندا وڃي رهيا هئاسين. اسان جي پويان ڌُوڙ جا ڪڪر ٺهندا پئي ويا.