ٻاراڻو ادب

آچر جا احوال

محترم ادل سومري ٻاراڻي ادب لاء سٺو ڪم ڪيو آهي، ٻارن لاءِ هڪ ئي ڪردار جي اٺ مختلف ڪهاڻين تي مشتمل آهي ڪتاب ”آچر جا احوال“ اوهان اڳيان حاضر آهي۔ رفيق سومرو مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”ادل سومري جون هي ڪهاڻيون ٻارڙن کي وندرائيندڙ مواد سان ٽٻٽار آهن، جن ۾ سندن مسئلن ۽ مجبورين کي چٽيو ويو آهي. جن ۾ وڏن جو ٻارن سان بيپرواهيءَ وارو ورتاءُ بيان ڪيو ويو آهي. ٻارن کان سکڻ کان اڳ، ننڍڙي عمر ۾ ڪم وٺڻ واري لاڙي کي چٽيو ويو آهي. پڙهڻ جي عمر ۾ ڍور ڪاهڻ جي لاڙي کي ننديو ويو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2243
  • 860
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ادل سومرو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آچر جا احوال

آيا اڱڻ عجيب

اڄ نانيءَ ڪراڙيءَ جو چاليهو هو.

نانيءَ کي ختمي ڏيارڻ لاءِ ، بابو سوير ئي اڌارو سڌارو سيڌو سامان وٺي آيو هو. بابي جي مرضي هئي ته ختمي جي لاءِ پلو به چاڙهجي، پر امڙ کيس سمجھائيندي چيو ته ناني ڪراڙي هڪ اڳيئي جھور، ويتر سندس نظر به ڪجھه گھٽ، سو ختمي ۾ جيڪڏهن کيس پلو اماڻينداسين ته ويچاريءَ کي ڪنڊن جي ڪري کائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. بابي کي امڙ جي ڳالهه دل سان لڳي سو پلي وٺڻ جو ارادو ڦيرائي وڃي گوشت وٺي آيو.

مون امڙ کي ويجھو وڃي چيو، ”امڙ اهو ڀلا ڪيئن! ختمو ڦاٽي ملان، ۽ ڪجھه کائون اسان، پر پوءِ به سڄو سارو کاڌو وڃي پڄندو نانيءَ کي.....“

”آچر تون ته صفا ڪو چريو آهين........... اهي ختما ته اصل کان ٿيندا پيا اچن. ختما ڏياري ويچارن مٽن مائٽن جي سار لهڻ ضروري آهي.“

امڙ مونکي ڳالهه سمجھائي نه سگھي.

ٽپهريءَ ڌاري، امڙ ختمي جي رڌ پچاءَ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. بابو سويل ئي ملان مجيد کي ختمي لاءِ چئي آيو هو.

مان امڙ ۽ بابو، ڪم ڪار ۾ رڌل هئاسين ته اوچتو اسان جي لوڙهي ٻاهران ماڻهن جي گڏيل آوازن سان گڏ ڪُتن جي ڀونڪ شورع ٿي وئي. اسان جو ڌيان اوڏانهن کڄي ويو. ويرم ئي ڪانه گذري جو ڪاري الفي پاتل هڪ قداور شهپري همراهه پنهنجن ٻن ٻالڪن ۽ ٻن ڪُتن سميت اسان جي لوڙهي ۾ گھڙي آيو. پهريائين ته مون ڪونه سڃاتو، پر ويجھي اچڻ تي سڃاتم هي اسان وارو مرشد مجن شاهه مستانو هو.

امڙ ۽ ابو ڏاڍي عقيدت سان وڌي وڃي مرشد کي پيرين پئي مليا.

”مرشد سائين ڀلي آيا جيءُ آيا. الله سائينءَ جا لک احسان جو اڄ اسان ڏي مٺي مرشد کي مهر ڪري موڪليو اٿائين.“ بابي مرشد جي ٻنهي خادمن کان ٻئي ڪتا وٺي پريان پڌر ۾ وڃي ٻڌي ڇڏيا. امڙ اندران ڀلو هنڌ جھٽ پٽ ۾ کڻي اچي، گھر جي سٺي ۾ سٺي کٽ تي مرشد کي وڇائي ڏنو، مرشد جا ٻئي ٻالڪا هيٺ تڏي تي ويهي رهيا. بابو مرشد جي پيرن کان ويهي کيس زور ڏيڻ لڳو ته امڙ وري پکو لوڏڻ لڳي. مون کي وري بيٺل ڏسي امڙ سڏ ڪيو.

”آچر، اچي مل نه سائينءَ سان.“

مون مرشد کي پيرين پئي هٿ ڏنو. مرشد مونکي ڀرسان ويهاري مٿي تي پنهنجو بي ڊولو هٿ ڦيرائڻ لڳو. مرشد جي ڀرسان ويهندي منهنجو ساهه ٿي منجھيو، سندس وات ۾ ڏاڍي ڌپ هئي. تنهنڪري آءٌ لنوائي سندس کٽ وٽان ڀڄي ويس. ٿوري دير کانپوءِ مرشد جي چوڻ تي بابو ڀنگ وٺي آيو، سندس ٻالڪن ڀنگ گھوٽي، پوءِ ٽيئي ڄڻا ڀنگ پيئندا ساڻا ٿيندا ڪرندا ويا.

چلهه وٽ وڃي مون امڙ کي چيو، ”امڙ تون ته چري آهين، مرشد نيڪيءَ جي واٽ ڏسيندو آهي، اسان وارو مرشد ته ڀنگ ٿو پيئي. اسان کي به سندس پيروري ڪرڻ گھرجي ۽ ڀنگ پيئڻ گھرجي“

امڙ ڪاوڙجندي چيو، ”اڙي چرياڻ توکي خبر ناهي، مٿو نه کاءُ..“

مون وري امڙ کي تپائيندي چيو، ”امڙ تون چوندي آهين ته، مرشد قيامت ڏينهن پل صراط پار ڪرائيندو. پر پاڻ واري مرشد جا افعال اهڙا آهن جو مونکي ڀَؤ آهي ته ڪٿي هو پاڻ ئي ٿاٻڙجي پل صراط تان ڪري نه پوي.“

امڙ مون کي پٺيءَ واري ڏوئي وهائي ڪڍي، آءٌ ڀڄي ويس.

مرشد سڳورو ۽ سندس ٻئي ٻالڪا، ننڊ ۾ بيهوش ٿيا پيا ها. سندس وات پٽيل هئا جن تي هر گھڙيءَ مکيون پئي ويٺيون ۽ بابي پکي سان مکين کي ٿي اڏاريو. سانجھيءَ ويل امڙ به ماني تيار ڪري ڇڏي. اوچتو مرشد سڳورو ۽ سندس ٻئي ٻالڪا ننڊ مان بک بک ڪري اٿيا. مرشد جي رڙ پئجي وئي.

”اڙي! وارو ڪر سومر! بُک تپايو آهي، سگھو کڻي اچ ماني.“

امڙ چيو: ”ختمو مرشد کان ئي ٿا ڏياريون“

مجن شاهه مستانو، اڌ پنڪيءَ ۾ ختمو ڏئي، جنبجي ويو مانيءَ کي، ٽيئي ڄڻا مانيءَ کا ائين چنبڙي ويا جو مانيءَ مان هٿ ڪڍڻ تي روح نه پئي ٿين. ماني هئي پوري ساري، سو مرشد ۽ ان جي ٻنهي ٻالڪن گھڙيءَ ۾ سموري ماني کپائي ڇڏي، ديڳڙِي اگھڻ کان پوءِ به ٽيئي ڄڻا ماني ماني ڪرڻ لڳا.

ابو، امڙ ۽ مان ٽيئي ڄڻا بک تي ويٺا رهياسين. ٿوري دير کان پوءِ ويڙهي ٻاهران ملان مجيد جو سڏ ٿيو. ملان مجيد کي بابي سڄي ماجرا ٻڌائي ٽاري ڇڏيو. ملان مجيد وڦلندو بابي کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو موٽي ويو.

سومهڻيءَ مهل، مرشد سڳوري پنڪيءَ مان سجاڳ ٿي بابي کي حڪم فرمايو: ”ابا سومر، ڀلا ڪراءِ ڪو ڪلياڻ. راضي ڪر مرشد کي ته رب به ٿيئي راضي. کڻي اچ نظرانو ته وڌئي خزانو.“

ابو ۽ امڙ مرشد جي ڳالهه سمجھي ويا. امڙ ڀڳل لوهي پيٽيءَ مان هڪ هڙ کڻي آئي، ان هڙ ۾ هڪ ننڍڙي هڙ هئي، جنهن ۾ ڪجھه نوٽ ٻڌل هئا، امڙ مرشد کي نوٽ ڏيندي چيو، ”مرشد سڳورا هي اسان غريبن پاران پنجاهه رپيا اٿوَ. بُک ڏک ۾ اوهان جي امانت سانڍيندا آيا آهيون، اوڌر کڻي کاڌوسي، پر اوهان جي امانت کي هٿ نه لاٿوسي.“

”مرشد پئسا وٺندي چيو: ”پنجاهه روپيا ڇڙا............ اڙي مائي بختاور پنجاهه روپيا ته منهنجن ٻن ڪتن جي ٻن ڏينهن جو خرچ آهي. هيڏي مهانگائيءَ ۾ پنجاهه روپيه مرشد لاءِ ته ڪونه ٿا ٺهن.“

بابي آزي ڪندي کيس وراڻيو؛ ”سائين اوهان کي سُڌ آهي ته هيل ڪيترو ڏڪار پيو آهي. روزگار گھٽ، غربت وڌيڪ، مسڪين ماڻهو آخر ڪٿان پورت ڪن. توهانجي رحم جي نگاهه هجي.“

”پر سومر تو کي ته خبر آهي ته اسين آهيون سيلاني فقير، ٻارهين مهيني هڪ ٻه ڀيرو مس اچون، پنجاهه روپين مان ڇا هڙ حاصل ٿيندو.“

ائين چئي مرشد ڪاوڙ مان ليٽي پيو. بابو کيس زور ڏيڻ لڳو، امڙ پنجاهه روپيا مرشد جي وهاڻي هيٺان ڏئي ڇڏيا.

گھڻي دير جاڳڻ کانپوءِ مون کي ننڊ اچي وئي. باک ڦٽيءَ جو، ابي ۽ امڙ جي آواز تي جاڳ ٿي هئي، اکيون مهٽي سامهون نهاريم ابو ۽ امڙ مرشد جي کٽ وٽ بيٺا ها. مرشد نظر نه ٿي آيو. کٽ تي وڇايل هنڌُ به گُم هو، مرشد جا ٻه ڪتا ۽ ٻالڪا به غائب هئا.

”امان او امان! مرشد سڳور ڪاڏي ويو،“ مون پريان امان کان پڇيو.

”مرشد سڳورو ڪاوڙجي بنا موڪلائڻ جي هليو ويو ۽ هنڌ به کڻي ويو“ بابي وراڻيو.

”هنڌ به کڻي ويو؟ “ مون تعجب کائيندي چيو، ”ڏاڍو ڪو بکيو مرشد آ اسانجو..“

امڙ وراڻيو، ”اڙي چنڊا آچر! ائين نه چئو. مرشد سڳورو اسان جي هنڌ کڻي ويو آهي ته ڇا ٿيو، اسان جو هنڌ وري حضور ۾ هوندو“

آءُ تعجب ۾ امڙ ڏانهن نهاريندو رهيس.