پيارا جيتَ پکيئڙا
خوشين جا دَر کولي ٿو
طوطو پيارو ڪوئل پياري
ڪانوَ کان مونکي آ بيزاري
ڪيڏا باغ ۾ جيت ڀُڻڻ ٿا
مونکي تن مان ڪجھ وڻن ٿا
پکي به ڪيڏا پيا ٿا اُڏامن
ڪي نه وڻن ٿا ڪي ته سُٺا هن
پوپٽ سڀ کان پيارو آهي
روپ انهيءَ جو نيارو آهي
ڀلي آهي پڻ لال ڀنڀوري
هٿُ وڌائي چوري چوري
ڪالهه مون ان کي پڪڙيو هو
چپٽيءَ ۾ پڻ جڪڙيو هو
جڏهن راند جي مهل وئي گذري
ڇڏيو مون ان کي ويئي اڏري
آهي ڏينڀوءَ جو سهڻو رنگ
پر نه وڻي ٿو هڻي ٿو ڏنگُ
ڪوئل توڙي ڪاري آهي
تڏهن به مونکي پياري آهي
ڪڏهن نه ڪوئل ڏنگ هڻي ٿي
هن جي مٺڙِي لات وڻي ٿي
ڪانءُ به سارو ڪارو آهي
پر هو مونکي پيارو ناهي
جڏهن امڙ ٿي لولو ڏي
ڪانءُ ٿو جھٽ ڏئي کسي وڃي.