ٻالڪَ ننڍڙا ٻالڪَ ننڍڙا ڪچڙا هڏڙا مُڙس متارا ٿيندا وڏڙا ويو الائي نينگر ڪيڏانهن سانجھيءَ ويلي ماءُ جا سڏڙا واٽَ وڃي ٿي جا اسڪول ساري آهي ڍوريون کڏڙا بينچ نه ڪا اسڪول ۾ آهي پٽ تي پٿريل ڇڳل تڏڙا ٻارو! تن جو سهارو بڻجي جڳَ ۾ جيڪي آهن جڏڙا.