ڀاءُ برادي
پهچي ويندو ڀاءُ برادي
جڏهن برادي ڀَتُ کائيندو
هرڪو هن کي چيڙائيندو
پُٽُ جڏهن جُمن طهرايو
ڀاءُ برادي ڀڄندو آيو
ٻارن ڏاڍو کيس تپايو
سڀني ٻارن گڏجي ڳايو
”ڀاءُ برادي اوري آءُ
لڳي نه توکي ڪوسو واءُ
اچي هي چهرا چانور کاءُ
ڪوسا ٿئي ته ٺاري کاءُ
مکيُون ٿي ته ماري کاءُ
ڏينڀو ٿي ته ڏاري کاءُ
هڏا ٿي ته ڳاري کاءُ
گھڻا ٿي ته هاري کاءُ“
ٻارن ڳائي تاڙيون وڄائي
ڀاءُ برادي ڇڏيو رُسائي
اُنهن ٻارن جو اهو نظارو
ڏٺو استاد بخاريءَ سارو
اٿي استاد ٻارن ڏي آيو
کين محبت سان سمجھايو
ٻارو! ڪنهن کي ڪين رنجايو
وڃي براديءَ کي پرچايو
پاڻ وڏن جو ادب رکجي
ڪينَ انهن کي ٻاڙو چئجي.
ڳالهه ٻُڌي استاد جي ساري
ٻارن ۾ ٿي شرمساري
ٻارن براديءَ کي پرچايو
کيس پاڻَ سان ڀَتُ کارايو
گُلن ڦُلن جو هارُ پارايو
ڏسي ٻارن جي فطرت پياري
کلي ويٺو استاد بخاري.