شاعري

نيرانا ئي نيڻ

هي ڪتاب “نيرانا ئي نيڻ” لاڙ پٽ جي مشهور شاعره آپا مريم مجيدي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب سچائي اشاعتي گهر دڙو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3526
  • 825
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مريم مجيدي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيرانا ئي نيڻ

پيم جا پروڙ!

منهنجي پهرئين شعري مجموعي، “سروم دکم دکم” کان هينئر تائين وڏو وقت واريءَ جيئن هٿن مان وهي ويو آهي، انهيءَ وچ واري وٿي ۾ ڪڏهن ڪلا جي تخليق رُٺل رهي ته ڪڏهن وري وسڪاري وانگر وسندي رهي، ائين ڏات جي سفر جو پريت ڀريو پورهيو، “نيرانا ئي نيڻ” جي شعري مجموعي سان پنهنجن سڀني سلڇڻن ۽ سڀاويڪ پاٺڪن کي اَرپي رهي آهيان!
آئون پنهنجي وجود وانگر، پنهنجي شاعري جي صنف تي پڻ ششدر رهندي آئي آهيان، شاعري آهي ڇا ۽ ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ اهو ڪهڙو جذبي جو ساهس ۽ صنفي فن آهي، جو نثر جي وڏي وستار کي غزل جي رڳو ٻن اَمر ساهتڪ سٽن ۾ سموئي ڇڏي ٿو، اشارن ڪناين جي ڪونئري رمز رکندي سچ ۾ حقيقت جون حڪايتون ۽ تُز تلميحون رچي وڃي ٿو، آئون اهو به ويچاريندي آهيان ته ڪلاکيتر جي پهرئينءَ ڪوي ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي اَڻ جهل اُڌمي هٿان پروس ٿي يا ڪنهن حسين تصور تي هرکجي شعر جوڙيو هوندو! ڪيئن في البديهه ادراڪ کي اسلوب جا اکر ارپيا هوندا ۽ پوءِ ان لا شعوري احساس کي شعوري ڪوشش سان ڪنهن رچنا جي شڪل ۾ جوڙي ۽ جانڪي ويو هوندو! اهڙا کوڙ خيال مون لاءِ اڪثر مونجهه ۽ ماندڪائيءَ جو ڪارڻ ٿيندا رهن ٿا. پر منهن جو ان ڳالهه تي پختو ويساهه آهي ته شاعري جو بي اختيار عمل هئڻ ۾ ڪو به شڪ نٿو رکي سگهجي، هي بنهه انوکو، اَڻ ڏٺو ڇهاءُ رکندڙ عشق جهڙو اثر آهي، جو اوچتو اندر پيهي مون کان ڪجهه لکائي وڃي ٿو.
جيئن هوائن کي مُٺ ۾ ڀڪوڙڻ ممڪن نٿو ٿئي!
جيئن خوشبو کي ساهن ۾ سنڀالي نٿو رکي سگهجي!
تيئن هن اُڌمي / اُمنگ جي ابتدا کي پسڻ ۽ پروڙڻ ممڪن ناهي، البت محسوسات جي انتهائي اونهائيءَ تائين آتما هن جي هئڻ جي دليل کي مڃي وٺي ٿو. جيڪو جذبو تخليقڪار جي اندر ۾ اوسر وٺي شاعري جي ارتقا جو منطق ۽ مظهر ٿيو پوي. جنهن کي ڏات ڌڻيءَ جي خود شناسي جو عمل اُجاري وڃي ٿو. بهترين ذاتي تصور، مشاهدو مثبت مثالي سوچ شاعري جو سرمايو ۽ سونهن ثابت ٿين ٿا. لوڪ فطرت جي ساڃاهه وري فني اسلوب جي اظهار کي آدرشي انداز بخشي ٿو. ائين ڪويتا، قلم ڌڻيءَ جي اندر توڻي ظاهري شخصيت جي عڪاس / سمبل بنجي وڃي ٿي.
بلاشڪ! شاعري جي صنف جماليات جي سونهن، ضمير جوسچ ۽ احساس جي موسيقي جي اهڙي ڌُن آهي، جا انساني دلين ۾ ڌمال جيئن وڄي ٿي، ميران جي پوڄا واري پڪار آهي، جا سوچ ۽ لوچ جي يڪتاري تي وجدان جا سُر وکيري ٿي، انساني زندگي جي ارتقا ۽ وشالتا تائين آزاديءَ جو اُتساهه، غلامي لاءِ ڪروڌ، ڪڌاين لاءِ نفرت، ماڻهپي جي مڃتا، ذهني سجاڳي، انساني عظمت جو حسن، پيار، مانَ، مريادا، نياءُ، اَمن، سک، شانتي، خوشحالي ۽ حب الوطني جهڙن اڪيچار اعليٰ / آدرشي قدرن جي اُپٽار، عشق ۽ وڇوڙي جو ورد، مظلوم ۽ ظالم جو فرق، محڪوم ۽ حاڪم جي سڃاڻپ، درد ۽ پيڙا جي ماجرائن جون سموريون تخليقي صلاحيتون ۽ صفتون، ڏات جي جرئت ۽ سونهن جو فلسفو ٿين ٿا. ان ۾ شامل انقلابي سچو اجتماعي قوميت جو نظريو هن کي دائمينت / آفاقيت جو درجو ڏيئي ڇڏي ٿو.
منهنجو ديس جيڪو صدين کان سورن جي سنگهرن ۾ سوڙهو ڪيو پيو وڃي، منهن جي سنڌ ڌرتي جنهن جي مقدس مٽي جي تلڪ سان ئي قلم جي ڏاتارن کي تحرڪ ۽ مزاحمت جو ڏانءُ ملي ٿو. هن سرزمين جي مهانتا آڏو هر سرجڻهار سيس نمائي ان کي چمڻ جي چاهنا کي بندگي بنائيندو رهيو آهي، ان هوندي سنڌ امڙ جي نڀور نيڻن ۾ لڇندڙ سالن جي نا اميدي / نراسائي ۽ دل جي دانهن جو هينئر تائين ڪو حلِ، ڪو دارونِ، ڪو درمان نه لهي سگهيو آهي. استحصالي قوتن جي ڏاڍاين ۽ ڌارين جي دلبي، دهمان کان نجات ۽ روڪ جو ڪو دڳ پڻ ڳولي ناهي سگهيو.
هاڻي حالتن جي ڳنڀيرتا ويتر ويساهه وسوڙيل سنڌواسين کي ورچائي ۽ وياڪل ڪندي وڃي. سنڌي ماڻهون ۽ ٻولي سان سنئون سنواٽو ٻه اکيائي روا رکي پئي وڃي ۽ قومي وحدت تي وار ٿي رهيا آهن. پر قوم ۾ ايڪتا ۽ ٻڌي جو ٻَل پيدا ٿي نه سگهيو آهي. ديس تي ڇانيل ڊگهي ڪاري رات، صبح جي اُجڙيل سينڌ ۽ سنڌي / مارو ماڻهن جا هَڄيل هانوَ، هيڻا حال ۽ مايوس مُک ڏسي سچو قلمڪار قلب جي ڪينواس تي ڀور ڀور ٿيندڙ من ڀاونائن کي ميڙي پنهنجن مڙني ذاتي مسئلن ۽ مونجهارن کان پرانهون ٿي رڳو قومي مقصد ڪارڻ عوامي سجاڳي جا سانباها ڪري ٿو. حق ۽ سچ جي سوڀ جو اڻ ڌريو سالار بنجڻ هن جو بنيادي فرض بنجي پوندو آهي، اهڙي وقت ڏونگر ڏوريندڙ ڏات کي رڳو وندر / ورونهن ۽ رڌم / لئي جي سرتال تي سنڀالڻو ناهي، پر زميني حقيقتن پٽاندڙ اکين ۾ چڀندڙ انساني عذابن تي احتجاج ڪرڻو، سماجي صدمن جي سنگينن کي ساهن جي اونهاين سان سهيڙڻو ۽ اِتهاس جي المين جي لقاءُ کي پوري ريت پروڙڻ، اَڻوڻت روينَ خلاف مزاحمت ڪرڻ ۽ قومي سگهه جا کيپ کڻائڻ به هن جي ذميداري ۾ شامل ٿئي ٿو. پنهنجي تهذيب، سڀيتا، لوڪ ادب / ڏاهپ ۽ شهري توڻي ڳوٺاڻي ماحول جو امينَ بنجي وڃڻ پنهنجي ادبي ادراڪ، شعور، جذبي، خيال ۽ تجربي جي سچائي سان حال ۾ رهي ويچارڻ ۽ ماضي سان ڳانڍاپو قائم رکي مستقبل جي حالتن ۽ انديشن جو سونهون بنجڻ به شاعر جي فڪري دانش جو ورثو ٿئي ٿو. جنهن جي آڌار شاعري فطرت جو لڪل ڳُجهه ۽ زندگي جي تضادن جو تنقيدي تصور پيش ڪرڻ جو آڳانجهو ثابت ٿئي ٿي، سگهاري ڏات جي ڪارائتي ڪارج سان ئي انسانيت کي هاڃو رسائيندر نفرتن، دولابن، دهشتن ۽ نا انصافين کي هڪالي سگهڻ ممڪن ڪري سگهجي ٿو.
ڌرتي جي گولي تي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي علم / ادب جو انوکو جهان آهي، جنهن ۾ سنڌي شاعري وري قديم کان جديد دور تائين دنيا ۾ سرس ۽ مڃتا جوڳو مقام رکي پنهنجو جدا اصول، اسلوب ۽ آهنگ اختيار ڪندي اچي ٿي. هن جون پاڙون ڌرتي جي پاتال مان اُسرن ٿيون، جن مان انساني حيات کي مليل مرڪزيت جوجوهر نمايان نظر ايندو. هن سموري وچورَ ۾ منهنجا شعر ڪهڙي ڀاڱي تي بيٺل آهن، ان جا پارکو ۽ نقاد پڙهندڙ ٿيندا، آئون ايترو چونديس ته مون ليکڪا جي ذميداريءَ سان جيڪي ۽ جيئن ڏٺو، ٻڌو ۽ سرجڻهاري سگهه سان محسوس ڪيو، ان کي انهيءَ ايمانداري سان بنا ڪنهن رک رکاءُ جي شاعري جي صورتگري جو سنيهو بنائي اوهان اڳيان آندو آهي، جن کي منهنجي ڏات جو سچ ۽ احساسن / نظرين جو اولڙو چئي سگهجي ٿو. البت ڪو وڏو فلسفو ڪَا مبالغي جي حد تائين ڳوڙهي ڳالهه ناهي، منهنجي ڏات مون کان ڌار اوپري ناهي، جنهن خواب، خيال ۽ مقصد کي منهنجي ڏات غلط يا صحيح سمجهيو آهي، ان کي منهنجي ذات ائين ئي دل سان قبوليو آهي. مون پنهنجي انفرادي ۽ اُڇت واٽ ورتي آهي، جيڪا ليکڪ جي پنهنجي خاص سڃاڻپ ٿئي ٿي.
مون سنڌ ڄاين کي شاهه جي سورمين جهڙن جيئرن روپن ۾ پسيو آهي ۽ ميران وانگر وِهه جا ڍُڪ ڀريندي، مرندي ۽ جيئندي ڏٺو آهي، مون وڇوڙي جي بي انت سنسار کي پنهنجي ڏات آڌار اُڪري پار ڪيو آهي. هاڻ منهنجي ڏات مون کي موت کان ڏاڍو بنائي ويئي آهي. ها! هيءَ منهنجي شاعري مون کي هن بي بقا ڀونءَ تي اَمرتا ۽ اهڙي دائمي حيات بخشي رهي آهي، جيڪا مون پڄاڻان به لافاني ۽ هن جڳ ۾ جيئري رهندي، ازل تائين منهنجي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي سان گڏ!
پنهنجي پياري ڀاءُ ڊاڪٽر سهيل مجيّدي ۽ احترام لائق وڏي ڀيڻ حنيفه مجيّدي جن جون سهڻيون صلاحون ۽ دلچسپي شعري مجموعي جي سهيڙڻ جو سبب ثابت ٿيون آهن. سنڌيا جتوئي جون هن ننڍي ڄمار ۾ منهنجي شعرن کي ميڙڻ سهيڙڻ ۾ محبت جو هٿ ونڊائڻ مون کي حوصلو ڏيندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ گهڻن ڀائرن جون نيڪ تمنائون پڻ ڀاڱي ڀائيوار رهيون آهن. جن ۾ خاص ڪري اياز امر شيخ جو نالو سڀ کان مٿاهون آهي. وڏا ڀال پنهنجي ڀاءُ يوسف سنڌيءَ جا مڃبا جنهن جو پورو ساٿ ۽ پنهنجائپ جو سهڪار هن ڇپائي جي مرحلي ۾ مون سان رهندو اچي. اڄ منهنجو ٻيو شعري مجموعو “نيرانا ئي نيڻ” اوهان جي نيڻ نهار ۾ آهي!

ساٿ سلامت! جيئي سنڌ!

مريم مجيدي
سجاول
27 مئي 2012ع