غزل
رڳو لفظ گونگا اسان جون صدائون.
اسان جي اڱڻ تي اُداسي جا سانوڻ،
ورهه ڇانورا ۽ اُڃايل گهٽائون.
ڪيئي خواب نيڻن ۾ ڄاپن مرن پيا،
ائين ساڀيان کي ڏين پيا سزائون.
اڃا تون مسافر پڄاريل پَڊن جو،
اڃا ڀاڳ ڀٽڪن پيون ڀاوَنائون.
اوهان پت ڪيڏي جفا جي رکي آ!
اوهان کان ڌڪاريون سدائين وفائون.
اڙي! او زمانا! رُسن اڄ ڀي راڻا،
مرن موملون ۽ ٻَرن پيون چتائون.
اسان جي پَتيءَ ۾ ازل جون شڪستون،
وياڪل ڄمارون، مڃايل خطائون.
تڏهن آس سرحد ڏکن جي لتاڙي،
جڏهن سج چميون پي شفق جون جٽائون.
چنڊ تارن ۾ زندگي آهي.
رات ۾ ڪجهه ته روشني آهي.
ڇو وڇوڙي جا سمنڊ تانگهيون پيا؟
پنهنجي وچ ۾ به ڪا وٿي آهي!
هيڏيون ويران دل جون دنيائون!
ڄڻ ته دردن جي رُت لٿي آهي.
سوجهرن کي سڏيو ته روئي وٺون،
اک ۾ پاڻي جي لپ بَتي آهي.
ڪيڏيون ڪاهون صدين کان عزت تي،
سنڌ پوءِ ڀي سَتي جتي آهي.
سچ تنهنجي وشال جهولي ۾،
پنهنجي جذبن جي اک لڳي آهي.
اسين جي ٿڪاسون، سهارا ٿڪي پيا،
بنا جر نديءَ جا، ڪنارا ٿڪي پيا.
گمانن ۾ گم ٿي اسان کي نه ڳوليو،
اسان کي وڃائي، سگهارا ٿڪي پيا.
جڏهن ٿي وياسون، اسان چنڊ چوڏهين،
عرش تي اُڏامي، ستارا ٿڪي پيا.
رتوڇاڻ جذبا لڪائي رکون ڇو؟
ڪري گهاءُ دل جا، اشارا ٿڪي پيا.
نڪي جوت جهرمر نڪا مڌ اسان وٽ،
کڻي نيڻ ڏٺوسين، نظارا ٿڪي پيا.
اچو هاڻ ماڻيون سکن جي ڪا سورٺ،
زخم جي قفس ۾ پنارا ٿڪي پيا.
سچ کي انسان ۾ ڳوليون پيا،
ڪوڙ ڄڻ ايمان ۾ ڳوليون پيا.
سڪ جون ڏس گهورپون ڪيئن پيا رکون!
قرب قبرستان ۾ ڳوليون پيا.
پهر، پل، گهڙيون ۽ ٽاڻا سک جا،
ڏک جي شمشان ۾ ڳوليون پيا.
چيٽ کان چانڊوڪيون وڇڙي ويون،
چنڊ ڪنهن چوءَگان ۾ ڳوليون پيا.
لوچ پهتي سوچ جي پاتال ۾،
درد کي درمان ۾ ڳوليون پيا.
چاهتن جي چنگ کان وسريو وڄڻ،
تند ڪا طوفان ۾ ڳوليون پيا.
ڀونءَ جي ڀاڪر ۾ ڀڙڪي باهه ٿي،
آشتي گهمسان ۾ ڳوليون پيا.
وقت جي ڏس ڏاڍ مڙسي، اي سڄڻ!
اُلفتون احسان ۾ ڳوليون پيا.
ڀني بهار ۾ چميون،
اسان گلاب جون اکيون.
اسان جي دل اڃا گُهري،
حسين گهڙيون سي چلوليون.
تڪي پئي نينهن جي نظر،
سِڪن ٿيون ساهه جون گهٽيون.
سنيها چنڊ کي چئي،
ٽِڙي، ٽڙيو ٿا گل ٿيون.
جتي ٿي ماٺ وڃي ٻڏي،
اسان اُتان ٿا سڏ ڏيون.
جنونَ ياد ۾ اسين،
وڃايو پاڻ ٿا جيون.
غزل وٺن پيا جوڳ سڀ،
سچار سوچون بي چيون.
خواهشن جي راڄ ۾،
اميدون هاڻ اڌ چريون.
تو نگري آ عشق جي،
عقل رڳو ٺلهيون ٺڳيون.
ساجهر کان پئي ڦرڪي اک،
جهونا جذبا مار نه جک.
ساروڻين ۾ شرمائن ٿا،
ٻانهياري کي ٻيلي ٻک.
چِپ چٿر ۾ چٿيل چت،
چهري تي ڪيڏي چک مک!
گل سڳنڌ آ جوڀن ونت،
سواس سمورا پوڙها کک.
سام رکي وئي ساعت ڪا،
سڪ جا ڪي اَڻ ڳڻيا لک.
ڀٽ ڌڻيءَ جي سٽ جي آڏو،
ڏيهه سڄي جي ڏاهپ رک!
ڳلن تان جي ڳڙن ڳوڙها، لڪيرون درد جون آهن،
نظم کي پيو نکاري نينهن، تحريرون درد جون آهن.
اکين ۾ عڪس اُداسي جو، چپن تي مرڪ اُڌاري،
ڏکن جي شاهوڪاري آ، جاگيرون درد جون آهن.
نئين دنيا ڇا اڏبي؟ ڊهن پيا شهر خوشين جا،
سهيڙيون ڪئين ڀلا ساڀيان، تعبيرون درد جون آهن.
چُمي ويا پير ڇولين کي ڪنارا ٿي پيا زخمي،
سمونڊي سير جا سجدا ۽ ويرون درد جون آهن.
ٺڳي تهذيب کي پيو وقت، ڏسو تاريخ جون ڊوڙون،
ٿئي ويساهه پيو قيدي، زنجيرون درد جون آهن.
اسان جي ديس جي ناري، اڃا ڀڳوان پئي ڳولي،
کٽي ڪيئن ڀاڳ جي بازي، تقديرون درد جون آهن.
محبت جو صنم ٿي وئين، ڪڏهن منهنجو خدا ٿي ڏس،
ثوابن تي گناهن جون تعذيرون درد جون آهن.
اسان جي هر ڪويتا جو استعارو تون ئي تون آهين،
مٺي اي! سنڌ تنهنجون سڀ تصويرون درد جون آهن.
باغي اڄ ويساهه بنيو آ،
سچ جو ڪوڙ پناهه بنيو آ.
سج جو سارو سينو ڪارو،
اوندهه جو گجگاهه بنيو آ.
ڇلڪن ڇيرا ڇاتيون ٻيرا،
گولين ساڻ نباهه بنيو آ.
جُوف وڪوڙ يا سوچون، جذبا،
پيسو ساهه پساهه بنيو آ.
سمجهي ڪير ۽ سمجهائي ڇا؟
چور چڱو ٿي شاهه بنيو آ.
دل جي ڌرتيءَ دوزخ هاڳون،
درد دکي آڙاهه بنيو آ.
پاڇولن سان پيار ڪيوسين،
پنهنجو چاهه گناهه بنيو آ.
نه ڪعبو نه ڪليسا نه ئي مندر سمجهو،
دل خدا جو نه، پنهنجو گهر سمجهو.
وقت جي جاودان جهنم ۾،
درد کي روح جو ثمر سمجهو.
گهر، دريون، در مئل آهن،
پنهنجون وستيون سڀئي پڌر سمجهو.
ڄاڻ جي ڄّر ٿي چٽي تارون،
خوف هر رات جو سحر سمجهو.
ماڻهپي جي بي انت مرگهٽ ۾،
عشق کي ڪجهه ته معتبر سمجهو.
پاڻ هن دور جي مقدر ۾،
ڄڻ ڏيئو ڪو اداس مندر ۾.
ها، انڌيري جو انت ڳولي پيو،
ڪو بتيلي تي شاهه بندر ۾.
ڪنهن جي نيڻن جي رول ڀاڳن جيان،
سانوڻيون شل رُلي وڃن ٿر ۾!
سچ جي سج کي ڪيستائين ڀلا!
ڪو لڪائي رکي برف جي گهر ۾!
عشق جي ارڏائي اسين
نصيب جي نهٺائي اسين.
غمن جي ڇانيل رات آ
اميد جي اُجرائي اسين.
انا، هٺ ۽ اهنڪار تون،
پريت جي پسورائي اسين.
ڏکويو سامراجي سکن،
سهپ جي سرهائي اسين.
اسان جَڳ کي جوڙيون جنت
جنون جي گهٽتائي اسين.
سچل جي ڪافي ۽ غزل
وِرهه جي پڻ وائي اسين.
رقابت جي ماحول ۾
قبر جي تنهائي اسين!
سار تنهنجي، چاهه منهنجو،
سڪ اوکي، ساهه سهنجو.
هر خوشي ۽ ڪاميابي،
آهي اُن جي، تون به جنهنجو.
بي رخي جون ڀاونائون،
ڪو به ناهي ميت ڪنهنجو.
ڳالهه ڪر مون ساڻ منهنجي،
ڇا؟ پُڇو ٿا هِن جو، هُن جو!
پاڻ کي پيا پاڻ ڳوليون،
ڏس مليو ڪو ناهه پنهنجو.
سکن ڏانهن ڏکن جي پڄاڻان وڃون ٿا.
اسان ماڳ پنهنجي ڏي پاڻان وڃون ٿا.
اسان سونهن، ساڀيان ۽ سچ جي سفر تي،
ٻڌل چئوکنڀا ته به اُڏاڻا وڃون ٿا.
ڪبيون پاڻ ۾ پيهي پنهنجون پُڇائون،
اوهان کان اوهان جا ٿي ماڻا وڃون ٿا.
نه مارن ۽ جهانگين، نه سانگين سنڀارون،
سڄي لوڪ کان ڪيئن لڪاڻا وڃون ٿا.
چرئي چاهه سان گڏ ڪو ويساهه آهي،
ڪلهن تي کڻيو پاڻ گهاڻا وڃون ٿا.
سزائن جزائن جي دنيا ته اڳتي،
حشر جا ڏئي هت پُڇاڻا وڃون ٿا.
اڙي عشق! ڏس تهمتن جي ننگر ۾!
وڏي ڳاٽ ڪيئن وڏ گهراڻا وڃون ٿا.
بي لباس خوابن کي ڪا ريشم جي تقدير ڏئي وڃ،
سڀ ڪو سپنو ساڀيان ماڻي، اک اک کي تعبير ڏئي وڃ!
ڀاڳ اڀاڳ جي صحرا ۾ ڪا اَڻ جهل آس اُمنگ ڦٽي،
سج ارادن جو ڪو اُڀري، باغي ڪا تدبير ڏئي وڃ.
ماڻهن جي ويرانَ جهنگل ۾ جيون ويڳاڻپ ۾ وڃايو،
ٿوري ئي پر پنهنجائپ جي کل، خوشي ۽ اُڪير ڏئي وڃ!
وعدن جي هت موسم بدلي هيل وفا جي پت جهڙ آهي،
قربن جرڳو ڪوٺايو آ، شاهد عشق اسير ڏئي وڃ!
ڪالهه ڪتابن ۾ جو پڙهيوسين، جذبن ۾ اڄ دفن ويو ٿي،
ورق ورائي ڳولي ڦولهي، هڪڙو لفظ ضمير ڏئي وڃ!
نينهن نيارو پنهنجو ناهي، ساڳيا تون ۽ مان ڀي سائين!
مانَ رڳو آ مٽيءَ جو، پاڻان خاڪ خمير ڏئي وڃ!
آدرشن جي اوکي پنڌ ۾ ڪيڏيون مُرڪون قتلام ٿيون،
انالحق چئي انالحق جو نعرو ۽ تڪبير ڏئي وڃ!
پيار تنهنجي پچار ۾ جاڳون،
ڪنهن ڳجهي اختيار ۾ جاڳون.
دار تي جا ڏيئا ڏيئا ٿي ٻري،
تنهن سڀاڳي قطار ۾ جاڳون.
ڪوڪ ڪوئل جو ڪرب ڄاڻون ٿا،
زندگيءَ جي پڪار ۾ جاڳون.
ٿر جي مڙني اُداس راتين ۾،
ڀونءَ ڀٽڪيل بهار ۾ جاڳون.
مست موکي بنايون جي به هتي،
تنهن اک جي خمار ۾ جاڳون.
ڪونج ڪرڪي ٿي جا به ڪانڀي تي،
او سکي! ان سنڀار ۾ جاڳون.
سنڌ جهڙو آدرشي عڪس،
منهنجي لکڻين جهڙو شخص.
آس ڏسي ٿي آرس موڙي،
جذبا جهومي ڪن ٿا رقص.
پاڻ گلابن وانگر مهڪي،
صبح جهڙي سوچ وٽس.
هو ته بلاشڪ! پارس آهي،
سون ڪري وئي سڪ سندس.
دل ٿي سار صحيفو پنهنجي،
تات تلاوت ورد اٿس.
قيد اکين کي ڪيو اوجاڳن،
ڳالهه ڳوڙهن جي ٿي بيوس.
وقت ڀلي ڌونڌاڙي ڪيڏو!
عشق کٽيندو سوڀ اوس!
ساهه کان معصوم سڪ جون ساعتون ڇو ٿا کسيو؟
زندگيءَ جي ڳاڙهي ڳل تان چاهتون ڇو ٿا کسيو؟
رات جي سنگين اک مان ڪو ٽٽي تارو پيو،
مات جو ڏک مختصر پر آٿتون ڇو ٿا کسيو؟
هٿ تري طوفان جي تي ڏاڍ جو ٻاري ڏيو،
چوڪ کان چانڊوڪين جون عادتون ڇو ٿا کسيو؟
آيتن جهڙين اکين جا غزل ٿا ڳوڙها لکن،
ياد جي هي بندگي ۽ عبادتون ڇو ٿا کسيو؟
المين جي مند ۾ جي محبتون قضا ٿيون،
قرب سانڍيون ساهه ۾ سي امانتون ڇو ٿا کسيو؟
هر نگر ناموس جو ۽ تهذيب جي هرڪا گهٽي،
تهمت مڙهي تاريخ تي، عظمتون ڇوٿا کسيو؟
رات جون پاڙون کُتل پاتال ۾،
ڏينهن ناهي ڏيهه جو سُر تال ۾.
چور ڪهڙو آ سوجهرا چورائي ويو،
راڄ کي شڪ آ رڳو رکپال ۾.
سور پوکي ٿا اچون ڪيئن چيٽ ۾،
پور پنهنجا ٿا پَچن ڪيئن پال ۾!
ڪنجهه ڪولهي جي ائين چئونرن منجهان،
جيئن سُهاين جو چڙو ڪنهن چال ۾.
ڏاگهه تي چاڙهي وفا جون موملون،
عشق کي واري اچو هر حال ۾.
زندگي تاريخ جو ڄڻ باب آ،
ڪيئن سگهجي ٿي پروڙي سال ۾!.
چنڊ خوابن جي غار ۾ مست،
سج پنهنجي خمار ۾ مست.
سور پنهنجي ڪکين ۾ پاليون ٿا،
ايئن حياتي قرار ۾ مست.
ڪنهن پن ڇڻ جو انت آ پاتو،
ڪنهن جو ڀاڪر بهار ۾ مست.
گيت ڪنهن درد جي صدائن جيئن،
ڏس، تنبوري جي تار ۾ مست.
چئوڏسائن ۾ روئي چانڊوڪي،
ڪيڏي اونداهه ڌڪار ۾ مست.
اوءِ! سسئي ٻروچ هر ڪو پنهون،
توسان وعدن جي ڄار ۾ مست.
ڳوٺ جا چارا ۽ گهر گم ٿي ويا،
رات کان پنهنجا پهر گم ٿي ويا.
هيل سانوڻ لئي به امبر اوپرو،
وڄ وراڪا ۽ ڪڪر گم ٿي ويا.
زندگي جو وقت ويو کيسو ڪپي،
ساهه ها سونا، مگر گم ٿي ويا.
ننڊ نگري نانءُ منهنجي گام جو،
جاڳ جا سارا سمر گم ٿي ويا.
ايڪويهون جُڳ اچي آڏو ويو،
ماڳ ڏانهن سانباهه پر گم ٿي ويا.
جن مان جوڙيون ٿي ڦڪيون تون قوم لئه،
ويڄ تو کان سي وکر گم ٿي ويا.
وقت سان گڏ دل جي ديوارن مٿان،
عاشقي جا سڀ اکر گم ٿي ويا.
ضميرن جي صحيفن تي جڏهن چانڊاڻ جاڳي ٿي.
اکين ۾ انقلابن جي تڏهن ڳاڙهاڻ جاڳي ٿي.
بهارن جي بخيلي ڏس، هوائون بي هڳاءُ بڻيون،
گلابن جي چمين سان پر سڳنڌ سرهاڻ جاڳي ٿي.
مسافر ڏينهن جا ماريا وڃن پيا واٽ اوندهه ۾،
انهن جي رت شهادت مان ڪُٺل لالاڻ جاڳي ٿي.
اَسارو عشق جو آڪاس، سڏڪي سڪ جي ڌرتي،
وفا جي اعتبارن ۾ ڳُتيل نرماڻ جاڳي ٿي.
ڦٽن ٿا زندگي مان پيا دغا جي ڌوڙ جا نغما،
صدائن ۾ ڪڪوريل ڪرب جي ڪلياڻ جاڳي ٿي.
ڏکويل ڏيهه ۾ پوکي خوشي جي ڪهڪشان جو ٻج،
ڪلا جي نرم آنچل ۾ نکٽ اڇّاڻ جاڳي ٿي.
رکون خواب ڪهڙا اکين ۾ سنڀالي،
اميدن ڪيو خود فريبي حوالي.
اُداسي ۾ ماريل نهارون هزارين،
اپاهج ڪئي مُرڪ جيون ڪشالي.
نسل مفلسيءَ جو وکر جيئن وڪامي،
ڪٺو ماڻهپو اڄ ڳڀي جي اُڀالي.
ارادن ۾ نفرت ۽ بي رحم سوچون،
هٿي رهزني کي ڏني ڏاڍ پالي.
جتي پاڻ منصف هجي من ميرو،
اُتي ڇا نبيرو ٿئي نياءُ نالي؟
هراسيل زبانون سوالن ۾ اُلڪا،
سرابن وڪوڙي وڌو منجهه مڏالي.
هتي طلسماتي هوائون گُهلن ڪي،
ڌڪي معجزو ڪو ڏکن کي هڪالي.
ڀونءَ تي خود غرضي جي ڪاهه،
دل جي سرحد تي ڀڃ ڊاهه.
احساسن جي آتم هتيا،
ماڻهو ساڻ بغاوت آهه.
شهر سڃي ۾ ڳوليون ويٺا،
ويل، ويلَ جا ڏوهه گناهه.
ڏينهن ڏٺي جا ڀرم رکن پيا،
ڪيڏو راتين تي ويساهه.
ڪهڙي ڪونج اُڏار گگن ۾!
ڪهڙي ڌرتيءَ جاءِ پناهه!
مند جفا جي ٽاڪ منجهند ۾،
الف اُگهاڙو ساهه پساهه.
پوڄا سان ڪئين پٿر جاڳن!
اڻ ٿيڻي ڪا ٿيڻي ناهه.
شام غريبان بنجي ويا هن،
پنهنجا جذبا پنهنجو چاهه!
اوهان کي وسارڻ ڏکيو آ ڏکيو،
اسان هانوَ هارڻ ڪٿي آ سکيو.
سدا مند سپنا انهن کان رُسيا،
اوهان جي اکين جن اکين کي ڪکيو.
ڪريو سار سنگسار دل کي وڃي،
اچي حوصلو پيو وڇوڙا چکيو.
انهن سان شڪايت ڪٿي ٿي ٺهي،
جنهنَ کي اسان هو لکن مان لکيو.
ڀلي درد دستور پنهنجا هلي،
اسان عشق کي معتبر آ رکيو.
جدوجهد ناهي ته جنت به ڇا؟
ٺلهو ڪيسين رهبو چکيو ۽ مکيو.
اميدون اُجهاڻيون ۽ سُڏڪا سُتا،
اڃا من اوسيئڙي ۾ آهي ٻَکيو.
رڳو مان ته ناهيان سڄو ڏيهه ڏس!
فقط مُرڪ هڪ لاءِ ڪيڏو بکيو!
ڌراوت اسان جي اوهان نانءُ سڀ،
غزل، گيت ۽ زندگيءَ جو لکيو.
اُماوس ٻاٽ ۾ ٽمڪي، ٽانڊاڻو ٿي کڙيا آهيون،
سياري جي سياڪن ۾ اُتت اُس جئن سڙيا آهيون.
نڪي سرمد، بلاول ۽ عنايت ٿي سگهياسون پر،
اسين طوفان جي تک ساڻ هاڙهو ٿي لڙيا آهيون.
پروڙي لوڪ سارو ويو، اوهان کي ئي خبر ڪانهي،
پسي ڏس درسي دل جي اوهان جي جيءُ جڙيا آهيون.
زمانا، تون اسان تي ڇو رکين ٿو اڄ به اک ميري؟
اسان تنهن جي سُڃي ڪک مان گلابن جئن ٽڙيا آهيون.
جڏهن گوندر ڇڏيو ڳوهي تڏهن ادراڪ جي چڪَ تي،
مٽيءَ جي ٿانوَ وانگر سڀ اسين شاعر گهڙيا آهيون.
اسان کي موت جي هر مام بخشي هي حياتي آ،
اسان هِت ٿا اَڏيون جنت هُتان کان جي تڙيا آهيون.
پنهنجي دل ڪا دوزخ آهي.
چين سڪون جو نالو ناهي.
اخبارن ۾ خبرون پڙهندي،
سوچون روز چڙهن ٿيون ڦاهي.
ڊوڙون ڊوڙ اجائي ڇو پيا؟
ڳالهه نه سمجهائي ڪنهن ڏاهي.
ڏينهن جي اُس ڪري اڳرائي،
رات پرهه جا پيرا ڊاهي.
دهشتگردي پاڻيءَ وانگر،
ڀونءَ تي بيهڪ پيئي ٺاهي.
درد اوهان جيان ارڏو، اوکو،
ماريندو پر ساهي، ساهي!
اڃا ٿري ٿو سمهي بکايل،
مُئي نه راڪاس رات ٿر ۾.
غريب قسمت رکي ويو گروي،
سگهيو نه موٽي هيهات ٿر ۾!
دنيا وئي ٿي آڙاهه غم جو،
اُداس لامن ۾ لات ٿر ۾.
گهٽا وسي ٿي ڀِٽن، برن تي،
وٺي سکن جي نه ڏات ٿر ۾.
اها ڏهر ۾ جا روشني آ،
نئين نسل جي ته ڇات ٿر ۾.
ٿڪا نه ٿوهر اڃا رُڃن مان،
مڃي نه مورن به مات ٿر ۾.
مرڪ منهنجي ٽوڪ ٿي، هر آس بڻجي وئي پٿر،
موت کان اڳ خواب مرندا، مون نه ڄاتو هو مگر.
سچ جي انگ انگ ۾ اوزون وانگر انگهه پيا،
سوجهرن جي لڄ لٽي آ، روشني پيتو زهر.
پير پٽ تي ڪيئن ڌريون، ڌرتي ڌٻي ٿي ڄڻ پئي،
ڀِٽ هرڪا ڀروسي جي، ائين ڀُري جيئن ڪو ڀتر.
قربتن جي قافلن آ ڪربلا ۾ ڪيو پڙاءُ،
قاتلن جا هٿ چمي ٿي، زندگي ڏس بي خبر.
سون جهڙي سوچ ۾ هيرن ڪڻيون هر گهاءُ آ،
هر زخم کي سوڀ سمجهي درد جو جهاڳيون سفر.
ها! سڻون پيا سڏڪا آهن ساهه جي پڙلاءُ ۾،
روڄ جو آ رقص جاري هر اڪيلي من اندر.
وقت جو هر واهرو، پاڻان وڃايل واٽ ٿيو،
ڪير ڳولي ڪنهن کي پيو، هرڪو هتي آ دربدر.
محروميون ۽ زخمي رستا،
قوم لتاڙي پئي سربستا.
ملهه مهانگيون پنهنجون خوشيون،
پنهنجا ساهه سدائين سستا.
ڪالهه رڳو ڪشڪول هو هڪڙو،
هاڻ ڏسون هٿ هٿ ۾ ڪستا.
پاڇولن جو قد آ ڪهڙو،
نٽهڻ اُس ۾ ننڍڙا پستا.
پاڻ پُکي ۾ اُڃ جي پياسون،
ڊيم پيا اڏجن هت برجستا.
اعلان اکر هي ڪوڙا سڀ،
قانون سمورا بي لستا.
ويڄ ڪويڄ اسان جا آهن،
ڀونءَ جا سڏڪا ناهن نستا.
ڪيڏي انهن جي ادا نياري،
گولين سان گڏ ڏين گلدستا.
جدائي کان ڇڏائي جند، ڪي گهڙيون ملي ڏسون،
حياتي ڀر رُنا آهيون، وري مُرڪي کلي ڏسون!
اُڏامڻ جي رکيسون آس، ويو وسري هلڻ پاڻان،
اچو ڀونءَ تي ڊُڪي ڪنهن ڊيل جيئن ٻيهر ٽلي ڏسون!
ڏسون ڳولي گهٽي هرڪنڊ جذبن جي جواني جي،
اَڌوري جا رهي سا اڄ اوهان سان ڳالهه سلي ڏسون!
نه هو ممڪن اسان جو ساٿ ڪا منزل نه ماڻيسون،
اڃا ڪجهه وقت آهي، ماڳ پنهنجو هل هلي ڏسون!
ڌڳائي آڳ جا ڌُوتن ٻرن پيا ٻاٻرا ٽانڊا،
اسان وٽ سچ ڏکن جو آ بنا ڪنهن ڀؤ جلي ڏسون!
لوچ اسان جي سورهه ٻل،
جذبا جاڳن جاڳ مثل.
ٿاڪ نه ڪنهن تي ٿا نيڪيون،
سوچون جوڳين جيئن اجهل.
پيار اسان جو پانڌيئڙو،
پيرن هيٺان ڀونءَ تتل.
جُهڙ جُهڙالي وانگر آ،
نانوَ سڄڻ جو ڇانوَ بڻيل.
ياد نه آهي ڪهڙي رات!
ڳوڙهن ڪونه پُسائي ڳل!
پورن ۾ اڻ پورا ٿي ويا،
چهرا چنڊ اڌورا ٿي ويا.
رات ڄڻي پئي ڪاريون چڻنگون،
ڏينهن جا ڏِڻ پورا ٿي ويا.
ذهن وفا کي وڪڻي ويٺو،
عشق اُجهاڻل کورا ٿي ويا.
صدين جيڏا ڏک اجهاڳي،
گيت اسان جا مورا ٿي ويا.
تعبيرن جا خدا ڳولي،
خواب اجنتا، الورا ٿي ويا.
ڪشڪول دعا جا سکڻا سڀ،
سانت ورد سمورا ٿي ويا.
پنهنجا ثواب گناهن جهڙا،
تنهن جا ڏوهه سڳورا ٿي ويا.
ويهه صديءَ ويچاري جڳ ۾،
سال به سال مياري جڳ ۾.
چاهه سياست جي ڪوٽا تي،
قربت ڪاروباري جڳ ۾.
سانت ۾ سڏ پيو ڪو اُڇلي،
ڪانهي ها، هاڪاري جڳ ۾.
نانگ نگاهن جا ڏنگي ويا جي،
سونهن سراپيل ڪاري جڳ ۾.
هر دم هت غمگين هوائون،
هرڪا مند ڏکاري جڳ ۾.
ڀونرن ڀيليون من جو مُرڪون،
جذبن جي ڦر ماري جڳ ۾.
ذهنن کان ادراڪ رٺو آ،
ڏاهپ برهما چاري جڳ ۾.
سچ کان ڌرتيءَ کسجي پيئي،
آ جنگ مهاڀاري جڳ ۾.
اسان نينهن سان پت پاري ڇڏي آ.
حياتي اوهان جي اشاري ڇڏي آ.
رڳو جاڳ گهرجي، جيئون جاڳ جي لئه،
اسان ننڊ نيڻان اُٿاري ڇڏي آ.
نڪو ڏينهن آهي نه ڪا رات آهي،
اسان رُت هرڪا بيهاري ڇڏي آ.
وفا وقت جي ڪنهن غفا ۾ نه گم ٿي،
رکي سام سچ جي پناري ڇڏي آ.
ڀلايون برهه جون پُڳا ماڳ آهيون،
ائين سڪ سکڻي سنواري ڇڏي آ.
نه ڪي تڙ اوتڙ ڏٺاسي ڪڏهن ڀي،
اسان نائو سک جي ڌتاري ڇڏي آ.
پرهه کي پڇائي ٿڪاسون نه ٿڪجون!
اسان ڳهر ڳاري پگهاري ڇڏي آ.
جُڳن کان جيئڻ جي رکي جنگ جاري،
اسان ڏات هرڪا جيئاري ڇڏي آ.
زندگي زهر پر،
پوءِ به آ معتبر.
خوبصورت خواب کان،
اک رهي بي خبر.
عشق جا قافلا،
سُڃ ۾ دربدر.
مرڪندڙ هر خوشي،
اڄ به آ مختصر.
هت وفائون رهن،
منتظر، منتظر!
ماڻهپي جو رڳو،
ڪر قدر، بي قدر.
اوهان کان ايئن، پري ٿي ڪيئن، اسان جي آسري ويئي.
غريبي سرد اوگهڙ ۾ ڊسمبر جيئن ٺري ويئي.
الائي مند ڪهڙي ۾ ٿيو من سرڳواسي هو،
دغا جون موسمون آيون ڪنواري سڪ مري ويئي.
اسين رولاڪ راهون ٿي، رٺل ڪي روح جهاڳيون پيا،
نصيبن کان پري پر پيار جي ٿيندي پري ويئي.
نهارن کان نمازون نينهن، دعا جا ٻُڪ قضا ٿي ويا،
اميدن جي اُمامت ڀي نگاهن کان ٽري ويئي.
ضعيفن تي لڳي جي ضرب هيڻن حال پڇيو آ،
ٻُڏل ٻيڙي ٻَڌي سان اڄ بنا ناکي تري ويئي.
محبت کي خدا مڃجي، پراڻي رسم يا، پيارا،
وفا تي درد جي واري وڇوڙو ٿي وري ويئي.
مهانگيون خواب جون اکيون، اَڻ ملهه آرزو جي دل،
اڄوڪي دور حاضر وٽ رکي گروي چري ويئي.
نه آهي راند ٻاراڻي، چيو ڏاهي لطيف سائين!
اکر هڪ عشق پروڙڻ ۾ کپي هستي ڳري ويئي.
ڌماڪا ۽ ڌاڙا رڳو موت منظر،
سلامت نه لوئي نڪا لڄّ چادر.
ڏٺو ڪالهه “يوسف پلازه” ۾ ڪربل،
متو هاڻ ماتام ڪولهين ۾ گهر گهر.
دراوڙ جي ڌرتيءَ مٿان رقص راوڻ،
ڦري برڙ باڪاس ٿر، بر، شهر.
يزيدي رِيا جي رکن سوچ ڪاري،
بمن سان اُڏائن مسجدون ۽ مندر.
جهالت، جنونيت ۽ وحشت وڙهي پئي،
عنايت ۽ منصور جهڪندا نه ڪنهن پر.
جوڙيون عشق عبادت گاهون.
انسانن جون پيار پناهون.
مايوسي جي ماڪ ڀنل مان،
سوچون للڪاري ڪن ڪاهون.
چهرن تي چانڊاڻ چٽي ٿي،
مُرڪن ڳوليون منزل گاهون.
سار اسان جي جوڀن ماڻيو،
ويساهن سان ٻکي ٻانهون.
ضبط جڏهن ٿي من جي موسم،
پن ڇڻ ڇانگيون نينهن نگاهون.
هرڪو پنهنجو راڳ الاپي،
سڀ ڪو سمجهي پاڻ مٿاهون.
ڏات اسان کي ڏيکاري وئي،
پنڌ نٽهڻ جو، اُڃ جون راهون.
ڏکن جو ڏڌ ڏمر ڪيڏو!
سکن ڪاٽيو سفر ڪيڏو!
بکايل هت بهارون ڏس،
اُڃايل آ ابر ڪيڏو!
هڏن تان ماس ٿو اُلڙي،
متارو ٿيو جبر ڪيڏو!
مئا وسڪار، واچوڙا،
هوائن ۾ زهر ڪيڏو!
نگاهون ڪينسر واڳيون،
نظر جو بدنظر ڪيڏو!
سچاين کي به ٿا ڀيلين،
ڪٺورن وٽ ڪفر ڪيڏو!
زڪاتون ۽ عُشر اڳرا،
اگهاڙو پر اَجر ڪيڏو!
لکي پيو آيتون اڄ جون،
ڪوي پيغامبر ڪيڏو!
عشق اجهاڳي اڃا پيو صحرا،
سونهن مٿان سرداري پهرا.
ساڃاهپ جون بند زبانون،
آڙاهن جا نياءُ اُٻهرا.
ڪاڪ اسان وٽ ڪاري اڄ ڀي،
ڪارا ٿين پيا سّج سنهرا.
شهر وفا جون قيد هوائون،
گم سم گهٽيون، باندي چهرا.
سنڌو جي ساهن ۾ اُسرن،
ڏاڍاين جا کرپٽ کهرا.
فطرت جي هر سونهن امر آ،
لوڪ سياڻپ جا چٽ گهرا.
چيچ اسان جي سچ جي هٿ ۾،
پيچ ازل جا پينا نهرا.
آڙاهن جا نياءُ - چرٻيلي تي هلڻ وارو فيصلو
ساهه جيڏو سڙيو،
روح تيڏو رڙيو.
پيار پنهنجو سڄڻ،
جڳ سڄي سان لڙيو.
سونهن چُرپُر ڪئي،
پير پيري ڪڙيو.
هُو ته آزاد هو،
پَر پساري ڦڙيو.
ڪو سزا ۾ مگن،
ڪو جزا ۾ اڙيو.
اسان سان ڪئي عشق ڪيڏي ٻيائي،
جمهوري رکي راڄ، ڪري پيو خدائي.
ستارن جي ٽم ٽم، گلابن جي خوشبوءَ،
ڏياريو وڃي ياد ڪنهن جي سچائي.
ڪلا قرب کي جا به ارپي ڇڏيسون،
اسان جي اَمر ٿي حياتي اهائي.
اڙي چنڊ! پرچي پئو هاڻ تون ڀي،
اسان ڀي ڇڏي آهه ڪاوڙ اجائي.
جتي پيار مهڪي، وڃي سونهن ڦلاري،
اها جوءُ سڀاڳي اها رُت سجائي.
خوشبو وانگر وکري وڃبو،
هوريان، هوريان وسري وڃبو.
جيون هولي، پيار پرولي،
سڀ رنگ ميڙي نکري وڃبو.
نينهن نٺر هي پوکيون ويٺا،
سُنڍ دلين مان نسري وڃبو.
انسانيت جي آڳ امر تي،
پاڻ پگهاري وگهري وڃبو.
پاڻ مسافر، انڌيون واٽون،
دل جي ڏڍ تي نبري وڃبو.
سج لٿي جو پنڌ عذاب آ،
ساري ساجهر نڪري وڃبو.
قلم جا ڪاليداس لُڇن پيا،
ڌرتي ۽ آڪاس لُڇن پيا.
سونهن، سڳنڌ جو سڏڪو ساڻو،
سپنا ڪي بي آس لڇن پيا.
روح اميدن جا سڀ رڻ پٽ،
ڀرم ڀريو، وشواس لڇن پيا
لفظ اُجهاڻل تيلي وانگر،
تخليقي احساس لُڇن پيا.
جذبن جي بي ست ڀاڪر ۾،
سڪ جا نيڻ اُداس لُڇن پيا.
ڌرتي تنهنجي شهر نگر جا،
آدرشي اِتهاس لُڇن پيا.
نانوَ سڄڻ جو لب تي ايندي،
اکڙين جا الماس لُڇن پيا.
وهي وقت جي وئي وٿين مان وهي،
اڃا سور سنجرن اٿن ڪا کهي.
بتاوا بهانا ڀلا ڪيستائين،
چڱو يا لڱو پر نبيريو سهي.
وِرهه جي وڄن ۾ وڪوڙيل اسين،
برهه جي نه برکا اسان سان ٺهي.
ميساري ڇڏيوسين سڄو ساهه پر،
چٽيل نانءُ دل تان نه سگهيو ڊهي.
ڦرن سج ۽ ڌرتيءَ جيئن محور مٿان،
ڪڏهن نيٺ ايندا اوهان ڀي ڪهي.
پساهن جي رُڃ ۾ اميدن جي اَڇّ،
بکي ٿي اڃا توڙي سج ويو لهي!
اڃا درد دل جو ڪفر پيو ڪري،
هُري هانءُ هر هر اوهان کي گُهري.
بهارن ۾ ڀونءَ جي خوشي ۾ رهون خوش،
ڪُٺل موسمن ۾ ڀلا ڪيئن سري!
ٻري ڪاڪ جا سڀ اُجهاڻا ڏيا،
اڃا موٽ کاڌي نه آ مينڌري.
متان خواب وڪڻو رکو آسرو،
سسئي جي سڏن سان جبل ٿو ڏري.
اُٿو، سنڌ واسي، سڏي سنڌ ٿي،
اوهان کان هي ڌرتي ڌاريو پيو ڦري.
خوشي جي ڀير وڄايو،
وياڪل من ڏکي ڏاڍو!
لڳي ٿو سار جو اوٿر،
اسان جو ساهه وارياسو.
اوهان بن روح جي اجرڪ،
بنا رنگ پور جو ڇاپو.
اُجهامي رک ٿيون آسون،
وري ڪنهن ڪونج ڪرلايو.
ڪري ڪو پيار ۾ پرڻو،
ڪُهي ڪو ڀيڻ پيو ڪارو.
سڏي پيو لاڙ لاکيڻو،
اسان تان غم ڪڪر لاهيو،
اسان سنڌو مٺي وانگر،
زمانو ڄڻ سمنڊ ٻاڙو.
پاڻ اُتاهان ڪارونجهر،
ساهه اسان جو اڇڙو ٿر.
غربت جي گدلي سينور ۾،
نسرن ڪيڏا نرڄا سر!
ناري ناهي ٻير پڪل ڪا،
ڌُوڻ نه ڌُوتا، هڻ نه ڀتر.
سڱ چٽي ۾ معصوم اگهامي،
بي حس جڳ جي عام خبر.
انسان ڦري حيوان ٿيو آ،
احساسن جون اکيون بنجر.
تون ۽ آئون وهائو تارو،
جڳ سڄو اونداهو سارو.
ڀاڪر منجهه ڀري وٺ مون کي،
ماري ويندو هيل سيارو.
هاڻ صليبن تان ڀي سپنا،
مرڪي ڪن ٿا جيت اشارو.
تنهنجي سار بنا ڪو هڪڙو،
ساهه به پنهنجو آهه ڪفارو.
وڌوا ناهي منزل پنهنجي،
جيئرو آهي جيون چارو.
اڪيلا، اڪيلا، توائي، توائي.
نڪو ٻانهن ٻيلي نڪو حال ڀائي.
رڳو آس نٽهڻ اسان جي ڇپر ۾،
ڪڏهن ڀي نه ڀلجي ٿڌي ڇانءُ آئي.
دعا ڀي ڏنا خوب دوکا اسان کي،
نه مولا نه ماڻهو جي ئي در اگهائي.
ڀلا ڀال پنهنجا ڀلايا اُداسي،
سدا گهر اسان جي تي آئي سوائي.
گنهگار، ڏوهي، دروهي سي سڏجن،
جنهين جي جهوليءَ ۾ سمائي سچائي.
پتنگن جيان جيءَ جلايو ته مڃجي،
تپي لوهه تيئن تن تپايو ته مڃجي.
سوين سور سختيون ۽ هاڃا هجن ڀل،
ڪُڏي ڪنڌ سچ تان ڪپايو ته مڃجي.
بلاشڪ! سچائي جي پرکا ڏکي پر،
اکين ساڻ اکڙيون ملايو ته مڃجي.
بلاول ۽ منصور کٽڻا نه کُٽندا،
اوهين دار چاڙهي کٽايو ته مڃجي.
سکن ۾ سلامي، ڪلامي ٿين سڀ،
ڏکن ۾ به ساٿي سڏايو ته مڃجي.
پلڻ دل وڏي ڳالهه ناهي مڃوسين،
تڙي سار دل مان تڙايو ته مڃجي.
ڏيو ڏوهه اسان کي خطا ۽ جفا جو،
وفا پر اوهين جي نڀايو ته مڃجي.
برهه باهه ساڙي سڪا توڙي آلا،
اها سڪ ڪسوٽي سهايو ته مڃجي.
چپن تي چُپاتا ٻرن من ۾ کورا،
ڪڙي قيد سوچون ڪرايو ته مڃجي.
ازل کان ائين اُڀ سڪايو پسون ٿا،
زمين ساڻ ان کي ملايو ته مڃجي.
خوشين جي ڪينجهر کسي وئي آ،
رنگن کان هولي رُسي وئي آ.
سمهي پيو آ چاهه چپن جو.
مُرڪن ۾ ننڊ وسي وئي آ.
سچ سيکاري جرح اسان کي،
ڳالهه جي غلط ڏسي وئي آ.
رات، پرهه جي سرخ اکين ۾،
پنهنجو انت پسي وئي آ.
دهشت ٿيو دستور سياسي،
جمهوريت ٿي ڪسي وئي آ.
گُهرجن جي گوندر ۾ رهون ٿا.
اڌ اڏيل ڪنهن گهر ۾ رهون ٿا.
سانڀر ۾ سنڀارون جن جون،
تن سان ئي ويسر ۾ رهون ٿا.
سوچ سهاڳڻ، آس ڏهاڳي،
پاڻ ٻنهي سان پَر ۾ رهون ٿا.
جيون جي هر جوءُ اڻانگي،
رستن ساڻ سفر ۾ رهون ٿا.
سک جي ڇانوَ وڃي ٿي ساڙي،
ڏک جي ڀر، ڀاڪر ۾ رهون ٿا.
پيار اسانجو لُڪ لوساٽيل،
سڪ اُساٽيل بر ۾ رهون ٿا.
هن ڌرتيءَ جا سقراط اسين،
اوندهه جي آڳر ۾ رهون ٿا.
هر ڪنهن لفظ جي معنيٰ وانگر،
پنهنجي شعر، نثر ۾ رهون ٿا.
مون آڳ جو اوڇڻ اوڍيو آ،
مون چنڊ اڱڻ تان لوڌيو آ.
مون پوٿيون اُپٽي پيڙهين جون،
نُک نسلن جي کي ڳوليو آ.
مون چيٺيا ڏنگ پراون جا،
۽ پيار منن ۾ پوکيو آ.
مون ماڻهو ڄاتو ماڻهو کي،
جنهن ماڻهو ڪارڻ سوچيو آ.
مون سانڀي سڪ سچائي جي،
ڄڻ سورن کان سُک سوديو آ.
مون ارڪو ترڪو اَرپي سڀ،
سنڌ مٿان پاڻ به گهوريو آ.
مون پوڄيو عشق پناهن کي،
معبود وفا کي ڪوٺيو آ.
سانوڻ، خوشبو ۽ چانڊوڪي،
اڄ ٿي ويا، ڳالهه ڪالهوڪي.
رابيل اکين جا شرمائن
سار سکي وٽ آ راتوڪي.
پنهنجو عشق ازل جو ساجن
مهين دڙو تاريخ هاڻوڪي
خيال اسان جا آيتون آهن،
سوچ سڀيتا جئن ٺاهوڪي
ڳوٺاڻو آ پيار اسان جو،
پنهنجو روح به ڄڻ راهوڪي.
ڇوهه منجهاران ڇال ڏئي ٿي،
هي جا سر جي سِٽ سانجهوڪي
من جا گهاءُ اُڌارا نڪتا،
نانو سڄڻ جي سارا نڪتا.
چنڊ جي جَهڙ تِي سج ورتي آ،
ڏوهاري سڀ تارا نڪتا.
ڪيڏيون تقديرن جون گهوٻيون،
ڪيڏا ڀاڳ اَ سارا نڪتا.
پيار اسان جو پيرين اُگهاڙو،
پٿر نينهن نظارا نڪتا.
چپ تي چاهه چمين جون آهون،
زخمي انگل آرا نڪتا.
محروميون رنگين اسان جون،
دل جا جوڳ نيارا نڪتا.
گيت اسان جي توکي ارپيا،
قومي سي ڪيڏارا نڪتا.
پنهنجا سڏ پراڻا ٿي ويا.
يا هي لوڪ سياڻا ٿي ويا.
ذهنن جي نگري ۾ نستا،
اکرن جا آڏاڻا ٿي ويا.
سپنن پويان ڊوڙي، ڊوڙي،
جذبا سنڍ ۽ ساڻا ٿي ويا.
مالڪ منهنجي ڌرتيءَ جا اڄ،
پنهنجي ڀونءَ ڌڪاڻا ٿي ويا.
پنڊ پهڻ سوچن جا ساجن،
نيڻن منجهه نه ڄاڻا ٿي ويا.