وائي
تنهن جي سار ستائي.
عشق جي اُپٽيل هٽ تان ساجهر،
ٻن نيڻن جي ٻُهڻي تائين.
تنهنجي سار ستائي.
تارن جي ٽمٽار امبر کان،
ڏوڀارن جي ڏهڻي تائين!
تنهنجي سار ستائي.
موتئي مک تي ماڪ ڦڙي جي،
ڪومل، ڪومل ڇهڻي تائين!
تنهنجي سار ستائي.
جهونجڪڙي جو جهالارن ۾،
’شاهه‘ کي پڙهندي سهڻي تائين!
تنهنجي سار ستائي.
ڪير ٿيو ٻلهار!
برهه رُت بسنت ۾!
نيٺ ڀنا ڀونءَ جا، اڻڀا نيڻ ٻيهار،
برهه رُت بسنت ۾!
سيڪيندي ڇا سونهن کي، نمائشي نهار،
برهه رُت بسنت ۾!
خوابن جي ڀنڀور جا، ڀيليا ڀاڳ بهار،
برهه رُت بسنت ۾!
جُهري سا ڪيئن جهوڪ، اڏي جا جهونجهار،
برهه رُت بسنت ۾!
اَرپي ويٺو آرائين، ڳاڙها گُل ٻه چار،
برهه رُت بسنت ۾!
ڇم ڇم ڇمڪي ڇير،
هوريان ڌر پير- متان لوڪ لکي!
چانڊوڪي سان چاهه ۾،
پنهنجو پاڻ نه هير- هوريان ڌر پير،
متان لوڪ لکي!
ماڪ ڀنل هن مند ۾،
جهول نه ڀر ٻير- هوريان ڌر پير،
متان لوڪ لکي!
ٻيلهڙ ڌري سر تي،
سکي! وڃ نه سوير- هوريان ڌر پير،
متان لوڪ لکي!
سُڻ سُڻ ٿي ڳوٺ ۾،
وات بنديندو ڪير- هوريان ڌر پير،
متان لوڪ لکي!
اُتساهي ٿي جاڳ شعور کي، سوڀن کي سرچائي ٿي.
هي جا تنهنجي شاعري!
ٻهڳڻ ٻول ۾ قومي معنيٰ، سنڌيت جي سمجهائي ٿي.
هي جا تنهنجي شاعري!
ڏور گگن ۾ آلاپ ايئن، ڄڻ پرهه کي پرچائي ٿي.
هي جا تنهنجي شاعري!
هر ميري اک منافق کان، سچ جي آڻ مڃائي ٿي.
هي جا تنهنجي شاعري!
گگهه اوندهه جي ماٺارن ۾، جوت جو الا جاڳائي ٿي.
هي جا تنهنجي شاعري!
عشق ڀري هي ڀيٽا ڀونءَ کي، ڪا وَٽ ڪري ورهائي ٿي.
هي جا تنهنجي شاعري!
منهنجي من کي آٿت ڏي ٿي، منهنجا نيڻ ڀڄائي ٿي.
هي جا تنهنجي شاعري!
(بابا جن جي ٻي ورسي تي ڀيٽا)
جهونجڪڙي سان جوڳ ۾ رهي ٿي ولوڙ،
سُتي لوڪ سرير ۾.
اڏي ويٺيون اکڙيون، اوندهه جا اروڙ،
سُتي لوڪ سرير ۾.
ويا سُهائي سوڀ جا، مُرجهائجي موڙ،
سُتي لوڪ سرير ۾.
سنڌو سانوڻ رُت ۾، تڪي پئي توڙ،
سُتي لوڪ سرير ۾.
ڍنگ هر ۽ هنڌ ۾، رهزني وچڙي پئي.
اچو ته ڪو بلو ڪريون!
زندگيءَ جي سَنڌ ۾، خودڪشيءَ وچڙي پئي.
اچو ته ڪو بلو ڪريون!
عاشقي جي پنڌ ۾، بزدليءَ وچڙي پئي.
اچو ته ڪو بلو ڪريون!
سونهن ۽ سڳنڌ ۾، خود سري وچڙي پئي.
اچو ته ڪو بلو ڪريون!
هر خوشي جي ڪنڌ ۾، هر غمي وچڙي پئي.
اچو ته ڪو بلو ڪريون!
هاءِ! منهنجي سنڌ ۾، بي حسي وچڙي پئي.
اچو ته ڪو بلو ڪريون!
ڳائي آزادي،
آڻيون انقلاب!
سونَ پرکي ڪسوٽي، باهه پرکي چاندي،
ڳائي آزادي،
آڻيون انقلاب!
ڳاڙها ڳڀرو ديس جا، ڪامن پويان باندي،
ڳائي آزادي،
آڻيون انقلاب!
سنڌي ويهو نه ويسلا، مرڻو هجي يا شادي،
ڳائي آزادي،
آڻيون انقلاب!
نِرڄا، نِردئي، نڪ ڪپيل، ڪري تن جي بربادي،
ڳائي آزادي،
آڻيون انقلاب!
نڪ ڪپيل: غدار
نوٽ: قادو مڪراني، ’مجاهد‘، انگريزن سان ساٿ ڏيندڙن جا سزا طور نڪ وڍي ڇڏيندو هو. اهڙن غدارن لاءِ نڪ ڪپيل، جو اصطلاح عام ٿيو.
کڻي ڪو ڪٽارو، اسين ڍال ٿيون ٿا،
هٻڪون نڪي هٽون ٿا.
چڻنگ ڪا اُڏامي، اسين جهول جهليون ٿا،
ٻرون نڪي لڇون ٿا.
لڳي تيز طوفان، اسين ڪانڀو ٿي بيهون ٿا،
ڀُرون نڪي ڀڄون ٿا.
ڏاڍن جي آڏو، اسين ڏاڍا ٿي وڃون ٿا،
ڊڄون نڪي جُهڪون ٿا.
جت سونهن سرجي سانوري،
۽ مڌ متيون گُهلن هوائون.
سو لاڙ لاکيڻو الا!
ڪينجهر ڪنڌي تي ڪامڻيون،
ڄڻ آرڪاڻين اپسرائون.
سو لاڙ لاکيڻو الا!
هر من جي ماڃر ۾ سٿيل،
هت بانٺ جهڙيون ڀاونائون.
سو لاڙ لاکيڻو الا!
روز دل جي دمدمي تي،
آس آڙي جون ادائون.
سو لاڙ لاکيڻو الا!
وينگس جي سرتي چنڊ چُنري،
گج ۾ ستارن جون ڌڄائون،
سو لاڙ لاکيڻو الا!
چنگ چڻنگن جا ٻُرن جت،
سنڌڙيءَ جون سرڪش صدائون.
سو لاڙ لاکيڻو الا!
دل جي هڪ هڪ ڌڙڪي سان،
توکي ساهه ۾ ساريو آ- ۽ توسان نينهن نڀايو آ.
پل پل جي پورن ۾ پڄري،
پاڻ جياريو، ماريو آ- ۽ توسان نينهن نڀايو آ.
تارن جي جهرمر ۾ ساجن!
هيکل چنڊ ٿي گهاريو آ- ۽ توسان نينهن نڀايو آ.
مون ڇاڇا نه ڀلا هن جيون ۾؟
توتان گهوريو، واريو آ- ۽ توسان نينهن نڀايو آ.
آهيان نه آهيان جي!
وچ ۾ آهيان!
جڳن کان جا جاڳي ٿي،
متل تنهن آڳ جي،
مچ ۾ آهيان!
ڪلا نگر جي ڏيهه ۾،
اڏيل هر ڪوٽ جي،
ڳچ ۾ آهيان!
سنڌڙيءَ سان سانڍيل،
عشق ۽ ادراڪ جي،
سچ ۾ آهيان!
سنسار ۾ ’مدهوش‘ اڃا،
وقت سان اچ، وڃ جي،
اچ ۾ آهيان!
آهيان نه آهيان جي، وچ ۾ آهيان!
’احمد خان مدهوش‘، جي وفات کان ٿورو اڳ پڇيل سوال جي جواب ۾ اُچاريل اکر، “آهيان نه آهيان جي، درميان آهيان”، ڏانهن منسوب.
دولهه جي ڌرتي تي،
مٺي امڙ جي لولي.
اَمر آهي، اَمر رهندي.
’سمبارا‘ جي سونهن جي،
ڳجهارت پرولي.
اَمر آهي، اَمر رهندي.
آزاديءَ جو اهڃاڻ،
ڌڻيڪي ۽ ڌڙولي،
اَمر آهي، اَمر رهندي.
سنڌي زبان1’صالح‘ جي،
پنهنجي قومي ٻولي.
اَمر آهي، اَمر رهندي!
1 آخوند صالح ٺٽي وارو.
رهبيون روح رچنديون،
هيل نئين سال ۾.
ڇولين مٿان ڇر جي،
سانوڻيون نچنديون.
هيل نئين سال ۾.
موٽي مند گلاب جي،
پکاڙڪون پچنديون.
هيل نئين سال ۾.
ويندا ورهه واهوندا،
قربتون بچنديون.
هيل نئين سال ۾.
پوئين پهر پيار جون،
محفلون مچنديون.
هيل نئين سال ۾.
پکاڙڪون - ايراضي - زمين جو خطو
جڙيم جوڳ جڙاءُ،
ٻريا وڍّ ورهه جا.
نڪا پروڙ پرين کي، نڪي لوڪ لکاءُ!
ٻريا وڍّ ورهه جا.
ساهن سين سرير ۾، سهسين گوندر گهاءُ.
ٻريا وڍّ ورهه جا.
نيرا نا ئي نيڻ مون، اندر منجهه اُهاءُ.
ٻريا وڍّ ورهه جا.
دل تي نانءُ لکيل،
مُک تي ماٺ مڪلي جي.
مندائتي مُرڪن جا، جوڀن چنڊ مئل.
مُک تي ماٺ مڪلي جي.
ڪاڙهي، ڪاڙهيو قربن جي، اُسڙڪي ساهه تتل،
مُک تي ماٺ مڪلي جي.
جڳ ۾ سونهان سڏجون، پنهنجي گم منزل.
مُک تي ماٺ مڪلي جي.
تون ۽ آئون،
ڀٽائي جي ڀونءَ تي.
ديس جي درد جون
ٿيون دارون، دوائون،
تون ۽ آئون،
ڀٽائي جي ڀونءَ تي.
ڀڙڪي چؤطرف باهه تي
پنهنجو گهر ڪکائون،
تون ۽ آئون،
ڀٽائي جي ڀونءَ تي.
سانڍي رکون ساهه ۾
صوفين جون صدائون
تون ۽ آئون،
ڀٽائي جي ڀونءَ تي.
ڏات ڏسي ٿي پئي
ڏهر ۾ ڏِسائون،
تون ۽ آئون،
ڀٽائي جي ڀونءَ تي.
ساريو سڏڪي پيو ’مهراڻ‘، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي!
عشق اِجهاڳيل جاڳرتا جو،
سندرتا جا، اي! سرواڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
تنهنجون ڳالهيون، گيت ۽ وايون،
سچ، اَمرتا ۽ چانڊاڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
هيل بهارن پت جهڙ آندي،
روح ۾ ڪيڏي آ پن ڇاڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
ڇيت جدائي من ۾ چڀي آ،
ساهه نه ماپي ساهن ساڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
ڪيڏو نيارو، ارڏو، پيارو،
ريت نياري جو نرماڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
’سنڌ خدا ۽ ڪينجهر ڪعبو‘،
لاڙ سمورو هيڪل هاڻ، ’ساگر‘ تنهنجي ڪاڻ!
ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي!
5 اپريل 1998ع تي ارشاد ’ساگر‘ جي چاليهي تي، “سنڌ خدا ۽ ڪينجهر ڪعبو”، ارشاد ساگر جي سٽ،’مهراڻ‘ ساگر جو پٽ.
ساريندي رات سڄي،
ننڊ نه آئي- مون کي!
ڏسي، ڏسي آڌي جا،
ويا ٻارهن وڄي.
ننڊ نه آئي- مون کي!
چانڊوڪي جو ڀاڪر ڪيڏو!
تارا ٿين لڄي.
ننڊ نه آئي- مون کي!
چئني پهرن پاند پسايا،
ويئي رات ڀڄي.
ننڊ نه آئي- مون کي!
ڪير چوي ٿو، وقت سان!
ويندي دل کڄي،
ننڊ نه آئي- مونکي!
محبت جو ساهس ڇاهي؟
پاڻ تي ويساهه اٿس!
ساٿ وڃايل هيڪل ماڻهو،
پنهنجي منهن پيو ڪاهي،
پاڻ تي ويساهه اٿس!
پاڻ عوامي انگل شاهي،
عشق عجب دستور نباهي،
پاڻ تي ويساهه اٿس!
دل ناهي ڪا سنڌي وسندي،
سرڪار ڇڏي جا پل ۾ ڊاهي،
پاڻ تي ويساهه اٿس!
ڪڪرن جي راتاهي مان،
چنڊ لُڇي ٿو رستو ٺاهي،
پاڻ تي ويساهه اٿس!
ورد اکين جو روز اوسئڙا،
باب ڪڏهن هي کُٽڻو ناهي.
پاڻ تي ويساهه اٿس!
رهڻي ناهي رات،
تارن جي آ تڙپ اجائي.
سانجهي جا سڀ خواب ڀُري پيا،
ساڀيان ٿي پرڀات.
تارن جي آ تڙپ اجائي.
دل جي ٻوٽيل در کان ٻاهر،
سچ جي ڪهڙِي لات،
تارن جي آ تڙپ اجائي.
چانڊوڪي جو درد نيارو،
اونداهه کائي مات.
تارن جي آ تڙپ اجائي.
ڏاڍن جو ڏهڪاءُ!
ڏاريندو نه ڏيهه کي!
ڀونءَ جي ڀڻڪي مان، سُڄي ٿو سهڪاءُ!
پاڻ ڦرئي کان پوءِ ڀلا، ڪهڙو رک رکاءُ!
واسجي ايندي آزادي، منجهان رت هڳاءُ!
ڏاريندو نه ڏيهه کي!
ڏاڍن جو ڏهڪاءُ!
ساهه نه آ ٿانيڪو،
وائڙا ويڄ اسان جا.
اَڀرن جي اُڻ تڻ جو،
ڪَٿ نه ڪوئي ڳاڻيٽو.
وائڙا ويڄ اسان جا.
زخم جي موسم اڃا نه بدلي،
اَمن لڏي ويو لاڳيتو.
وائڙا ويڄ اسان جا.
آواز جون بتيون، اُجهاڻيون،
لوڪ سڄو ٿيو ماٺيڻو.
وائڙا ويڄ اسان جا.
مند ڪروڌي مارُو ٻوڙيا،
ڪيڏي سنڌ ڏکاري- الا! اکيون اَرتو آگم!
ڪونه رهيو ڪو ساٿ سڱيڻو،
هيڪل هاري ناري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
الا! اکيون اَرتو آگم!
ڪامورن ڪئي ڪرپا ويتر،
ڪڙڪي قيامت ڪاري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
الا! اکيون اَرتو آگم!
پُوک ٻڏي ۽ نجهرا ڊهي ويا،
مينهن مري وئي پياري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
الا! اکيون اَرتو آگم!
ناهي ڇپر جي ڇانوَ ڪٿي ڪا،
ڇرئي ڇر چوڌاري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
الا! اکيون اَرتو آگم!
تپ ۾ تڙپي ٻالڪ پيو ٿو،
گيسٽرو ۾ گهرواري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
الا! اکيون اَرتو آگم!
ڀونءَ تي بي آسرا بکايل،
امداد نه ملي سرڪاري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
الا! اکيون اَرتو آگم!
اين جي اوز جي عيد مچي وئي،
بي گهر بڻيا بکاري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
الا! اکيون اَرتو آگم!
دربدري جي دؤر جي هرڪا،
ڪٿا آ دردن واري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
الا! اکيون اَرتو آگم!
چوماسي آهن لاش لتاڙيا،
سانوڻ آهي مياري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
الا! اکيون اَرتو آگم!
(2011ع واري برساتي ۽ هٿراڌو ٻوڏ)
سنڌ منهنجي امان! جيئي جيجل سدا!
شل! نه ڪانئر ڄمي،
ڪڙم تنهنجي منجهان، سنڌ منهنجي امان.
جيئي جيجل سدا!
سڦل زندگي ٿئي،
گيت تنهنجا لکان، سنڌ منهنجي امان،
جيئي جيجل سدا!
هر جنم ۾ امڙ،
ڄائي تنهنجي هجان، سنڌ منهنجي امان،
جيئي جيجل سدا!
جُهڪان تنهنجي آڏو،
مٽي تنهنجي چمان، سنڌ منهنجي امان،
جيئي جيجل سدا!
ٿي گهائل گهٽائون،
اسين هلندا رهياسون!
گُهليون منهن مقابل، مخالف هوائون.
اسين هلندا رهياسون!
پٿون پيار پنهنجو، رتو ڇاڻ صدائون.
اسين هلندا رهياسون!
چپ چاپ سهي سڀ، سنگسار سزائون.
اسين هلندا رهياسون!
اسان ساهه سلهاڙي، رکيون بس وفائون.
اسين هلندا رهياسون!
اسين هلندا رهياسون!