شاعري

نيرانا ئي نيڻ

هي ڪتاب “نيرانا ئي نيڻ” لاڙ پٽ جي مشهور شاعره آپا مريم مجيدي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب سچائي اشاعتي گهر دڙو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3526
  • 825
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مريم مجيدي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيرانا ئي نيڻ

چار سٽا، پنج سٽا

ڀوري ڇو ٿي آهين گوري؟
اڃا ٿي سڏجين تون ڪمزوري،
سي ئي جڳ ۾ ٿين سوڀارا،
پاڻ مڃايو جن آ زوري.


اسان جي سڀيتا ۾ سوڀيا الا!
ڪلهي تي اجرڪون ۽ کهنبا ڀلا،
وڻي واه! دل کي ٿي دانگي ڪُني،
چڙهن روز جن ۾ پيا ڪرڙا، پلا!


تنهنجي چاهت ۽ نڪ ڦُلي،
ڪانئر ويو آهه گروي رکي،
لڄّ بچائي ڪين سگهيو هُو،
ڪنڌ بچائي ويو آ سکي!


اُتي ماڳ ملندو جتي پنڌ پُڄندا،
سچايون کڻي جي اوهان ساڻ هلندا،
متان چئو مري ويا سويرا ۽ سوڀون،
پرهه باک ڦٽندي اجهو رنگ رچندا.


مينهن پوَڻ کان پوءِ جانب،
تڙڪي ۾ آ ڪيڏو تجلو،
نيڻ وَسن پيا سالن کان پر،
جيون ساڳيو ميرو گدلو.


سنڌ! جي ساک سڳنڌ چوان،
يا ماروئڙن جي جند چوان،
سچ جا سورهيه ساٿي! توکي!
رند چوان يا سنڌ چوان!


1.ست اپريل ويهه سو ٽي ۾ هو،
ڪو وڻ جهوريو طوفان گُهليو،
منهنجي دنيا ڪک پن ٿي وئي،
مون کان وڇڙي ويو ساهه سڳو.


سنڌ اسان جي، سنڌ اوهان جي،
سڀني سنڌين جو آهي ماڳ،
ڪو ڏور رهي ڪو ڀاڪر ۾،
پنهنجو، پنهنجو ٿئي ٿو ڀاڳ!


2.تنهنجي پڄاڻان سج رنو،
دم روشنيءَ ڦٽڪي ڏنو،
تڙپيو ضميرن جو ذهن،
سچ وري ٿيو ڇورو ڇنو.
1. بابا جن جو وڇوڙو 7 اپريل 2003ع
2. محترمه جي شهادت 27 ڊسمبر 2007ع


نصيب جون غريب اکيون،
ڏک ڏسي، ڏسي ٿڪيون،
سک وٺي ويا روڊ وڏو،
نعرا هڻنديون رهيون گهٽيون!


جي لنڊن ۾ تون آهين،
انگريزي ۾ ٿو ڳالهائين،
سنڌ جو ڄائو سڏائين،
سنڌي ڇو نه ٿو ڳالهائين؟


نه مايوس نه اُداس آهيان،
نه ئي ڪو وري حشاش آهيان،
رڳو بس هڪ انسان آهيان،
۽ ماڻهپي جو واس آهيان.


احتجاج ڪري ٿي خاموشي،
احساسن جا نعرا تڙپن،
“تراتاني” جي ڳوڙهن ۾ اڄ،
اعلان بغاوت جا ٿا ڀڙڪن!


دل جي حدن تي اوهان جي خدائي!
دل جي اندر ۾ اوهان جي جدائي،
ٻئي ڳالهه هڪڙي ته ناهن سڄڻ!
پر ٻنهي مان ٿي پسجي اوهان جي وڏائي!

دعا

منهنجي پياري، سهڻي ساراهه،1
ڪهڙِي ڪريان تنهنجي ساراهه،2
جنهن واٽ مٿان تون وک ڌرين،
توکي ماڳ رسائي سا راهه!3

1 نالو 2 واکاڻ 3 اها واٽ

اي ! زندگي تو وٽ اچي،
ڇو؟ موٽ کائي ٿي وڃان،
موج آهيان ڄڻ سمنڊ جي
وير وانگي ٿي وران!


ساري جڳ کي جاڳ ڏياري، پوءِ آئون سمهي پونديس
ڪائنات کي سُک ڏياري، پوءِ آئون سمهي پونديس
سنڌ امڙ جي هنج سدوري ۾ پاڻ لڪائي، پيارا،
توکي پنهنجي ياد ڏياري، پوءِ آئون سمهي پونديس!

1سنڌ امڙ جو سورهيه پٽ سوڍو،
واهه! بشير خان قريشي جوڌو،
سرواڻ فريڊم مارچ جو آ،
هي اڄ جو هوشو، اڄ جو دودو!

ڪڏهن رات سان نينهن لائي ڏسو،
انهيءَ درد کي آزمائي ڏسو،
ڏنو زندگي واڪ نيلام جو آ
جيئڻ جو به ڪو اگهه چڪائي ڏسو،

’امان جندو‘ جي جذبي کي آ جس
ڪو خوف نه لالچ جهڪائي سگهيس،
جابر آڏو پاڻ جبل ٿي بيٺي،
مات ڏئي آمر کي ڪيائين بيوس!

2لياري لڙڪ تنهنجا اُگهي ڪير سگهندو؟
وفاداري ۾ ايئن وڍ سهي ڪير سگهندو؟
کڻي ٿي لاش پنهنجي ٻچن جا ماءُ پيه
اکين کان سڀ وڏا ٿيا ڏسي ڪير سگهندو؟
______________________________
1، 23 مارچ 2012ع تي ڪراچي ۾ فريڊم مارچ،
2، حڪومت پاران لياري (ڪراچي) ۾ ڪيترن ڏينهن کان هلندڙ ناحق آپريشن 2012ع.

قومي جذبو ۽ لوچ هئي،
هُوءَ جاڳرتا جي سوچ هئي،
سنڌ امڙ جو آواز بڻي،
جيجي زرينه بلوچ هئي!


’پليجو‘ انقلاب آهي،
فڪر ۾ لاجواب آهي،
سپه سالار سنڌڙيءَ جو،
سڀن ۾ گُل گلاب آهي.


سڄي سنڌ ۾ جا سچي سوچ جاڳي،
جدوجهد، تحريڪ ۽ لوچ جاڳي،
جڏهن ٿي آزادي جو آواز قومي،
هئي جيجي زرينه بلوچ جاڳي!


ڏکويل ڏات ٿي ڏسجي،
لطيفي لات ٿي ڏسجي،
پُڄاڻي سوڀ تي ٿيندي،
هينئر جي مات تي ڏسجي.


ٻوڏ اَجها، گهر ٻوڙي ويئي،
رشتا، ناتا ٽوڙي ويئي،
مال متاع ۽ ميڙي، چونڊي،
ساوڪ، ساهه اُکوڙي ويئي.

تبديلي جا پاڻ سفير ٿيون،
روشن منزل جي تقدير ٿيون،
ووٽن سان هي بدلايون دنيا،
ڀوتارن جا ڪين اَسير ٿيون!

نينهن تنهنجي جون نمازون،
قرب تنهنجي جا قيام،
سڪّ جا سجدا ڪياسون،
عشق هو پنهنجو امام!


وفائن جي گس تي وياڪل ٿياسون،
مئاسون، جئاسون ته به توسان رهياسون،
ڀُري ڀينڊ بڻجي ڀنڙ ۽ بنجهو جئن،
ائين سڪّ جي سينور ۾ ڀُرندا وياسون.


ساڻيهه ۽ سڄڻ! وسرڻ ممڪن ناهي!
ساهه کڻڻ کي ڇا وساري سگهبو آ؟
ڇا؟ اُس اُتت کي ڪو ٺاري سگهبو آ،
سج جو رات ۾ نڪرڻ ممڪن ناهي!
ساڻيهه ۽ سڄڻ! وسرڻ ممڪن ناهي!


چانڊوڪي ۾ جيئن ديپ وياڪل،
اُجڙيل پن ڇڻ ۽ سرد سيارا،
پنهنجو جيون اهڙو پيارا،
ڪوڪ ڪوئل جي گهائل، گهائل،
چانڊوڪي ۾ جيئن ديپ وياڪل!


اوهان جي اسان وٽ رهي آ نشاني،
ڇلڙو نه گل ڪو نه ڪوئي ڪتاب،
لکيل خط به ڪونهي نه ڪو آهه خواب،
اَڌورا ٻه پل ۽ رُٺل هڪ ڪهاڻي،
اوهان جي اسان وٽ رهي آ نشاني!


توکان وڇڙڻ جو نه سبب ڄاڻي سگهياسون،
عشق ۾ جي پل پنهنجا شبنمي ڪومل هئا،
سي لمحا تو بن سڄڻ! اجنبي بنجي ويا،
آلاڻ اکين ۾ نه اسين آڻي سگهياسون،
توکان وڇڙڻ جو نه سبب ڄاڻي سگهياسون.

اچ! گڏجي درد ونڊايون پيارا،
هي صديون سنڌ سنڀاليا آهن،
تاريخ ڪُکن ۾ پاليا آهن،
آڪاش ۾ جيئن ڄڻ کير ڌارا،
اچ! گڏجي درد ونڊايون پيارا.


تاريخ جو رخّ نه موڙي سگهندين،
ٻُڌ اي ڪانئر! سنڌين جا ويري،
سنڌ اَمڙ ڏانهن نه کڻ اک ميري،
مڪلي کي ڪين اُکوڙي سگهندين،
تاريخ جو رخّ نه موڙي سگهندين!


سڄڻ! توکان شڪايت آ،
نڪو سمجهي سگهي آهيان،
نه سمجهائي سگهان ٿي مان!
مگر هڪڙي شڪايت آ،
سڄڻ! توکان شڪايت آ.