ڪھاڻيون

اندر جو اُهاءُ

ڪتاب ”اندر جو اُهاءُ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي ليکڪ محترم ابو ايليا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. امداد چنا لکي ٿو:
”ابو ايليا هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو نه ته دنيا جي نشي ۾ مست دين کان اياڻو آهي ۽ نه ئي وري دينداريءَ جي مستيءَ ۾ دنيا کان پاسيرو آهي. بس هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ اهڙي انسان جي ڳولھا ڪري رهيو آهي، جيڪو يا ته ماڻهونءَ کان انسان بڻجڻ جي منزل ڏانھن وکون کڻي رهيو آهي ، يا وري انسان شناسيءَ جو اهو سفر مڪمل ڪري انسانيت جي معراج تي پھچي چڪو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 3844
  • 813
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ابو ايليا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر جو اُهاءُ

پڙهين ته پروڙ

آءٌ معمول مطابق آفيس ۾ هيس ته پٽيوالو سھڪندو سھڪندو منھنجي چيمبر ۾ آيو.
”سا ئين! هو اوهان جو دوست عادل اوهان سان ملڻ آيو آهي، لڳي ٿو ڏاڍو پريشان آهي، مون هن کي ويٽنگ روم ۾ ويھاريو آهي.“
آءٌ جلدي جلدي ويٽنگ روم ڏانھن ويس جتي عادل بيچيني سان منھنجو انتظار ڪري رهيو هو. مون کي ڏسي ائين ڊوڙندي اچي مليو ڄڻ ته آءٌ ڪو سندس پيرومرشد هجان ۽ هو ڪا وڏي حاجت کڻي آيو هجي. هن جي حالت ٿر جي ريگستان مان آيل ان مسافر جيان پئي لڳي، جيڪو تتل ريت مان ڪيئي ميل سفر ڪري اچي، ڪنھن پاڻيءَ جي تلاءَ مٿان ڪري پيو هجي. هن جا چپ ڪجهه چوڻ لاءِ حرڪت ته ڪن پيا پر ان مان لفظ بڻجي نه پيا نڪرن. شايد هن جو ڳلو بلڪل خشڪ ٿي ويو هو. مون پٽيوالي کي پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو، پاڻي پياري هن کي ڪجهه ٿڌو ڪيم.
”حسين! تو کي خبر آهي هن ”Yan Sou “ مونڏي خط موڪليو آهي.“ هن سھڪندي سھڪندي ٻڌايو.
”Yan Sou “ هن جي هڪ ڪورين نيٽ فرينڊ هئي جنھن سان هو نيٽ تي چيٽنگ ڪندو رهندو هو.
”ٺيڪ آهي خط لکيو اٿس ته ان ۾ ايڏو پريشان ٿيڻ جي ڪھڙي ڳالهه آ هي، خط ئي ته آهي ، ڪو سرڪاري ميمو ته نه آهي جو تو کي ميمواسڪينڊل جو ڊپ پيو ٿئي.“ مون کيس ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيو.
”اڙي يار مذاق ڇڏ، هي ڏس نه هي خط ڪورين زبان ۾ لکيل آهي ڪيئن پڙهندا سين.“ هن اٺن ڏهن پنن جو خط منھنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
”مونکي لڳي پيو ته هن غلطي سان ڪو آفيس جو ليٽر تو ڏانھن پوسٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هونءَ به اڄڪلهه هنIT جي دور ۾ ڪيرٿو ڪنھن کي خط لکي“ مون ھن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”نه ائين نه آهي هن مون ڏانھن خط ئي لکيو آهي، مون توکي ٻڌايو نه هو ته ڪجهه ڏينھن کان هوءَ نيٽ تي چيٽنگ لاءِ به نه پئي اچي، گهر وارن هن جي مٿان سختي ڪري ڇڏي آهي Job به ڇڏرائي وئي اٿس ۽ شايد ڪٿي هن جي شادي ڪرائن پيا.“ هن پنھنجي پريشاني ظاهر ڪندي چيو.
مون هن کي هڪ نظر ڏٺو هن جي چھري ۾ هڪ عجيب قسم جو تجسس هو، هن جي اکين ۾ انتھا درجي جي تڙپ ۽ بيچيني هئي. هوپنھنجي پُراشتياق نظرن سان هُن خط ڏانھن ائين ڏسي رهيو هو، جيئن ڪو ڪوھ پيما جبلن جي نقشي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. اُن بيچينيءَ، تڙپ ۽ اشتياق هن کي پريشانين جي ڪُن ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو . ان کان اڳ جو هن جي پريشاني سڄي آفيس جي پريشانيءَ جو باعث بڻجي ها، مون ان ۾ بھتري سمجهي ته اڄ آفيس کان موڪل ڪجي ۽ هن جي مسئلي جو ڪو حل ڳولهجي.
عادل منھنجو ننڍپڻ جو دوست هو ، اسين ٻئي گڏ کيڏندي وڏا ٿيا هئا سين اسڪول کان وٺي يونيورسٽي تائين هڪ ڪلاس هڪ ڊپارٽمنٽ ۽ وري هاسٽل ۾ به روم ميٽ رهيا هئا سين. بس خبر نه آهي ته الائي ڪيئن Job ٻنهي کي مختلف ڪمپنين ۾ ملي هئي.
عادل ننڍپڻ کان وٺي ڏاڍو ضدي هو، جيڪڏھن ڪنھن ڳالهه تي اڙجندو هو ته اها ڪري ئي ساھ پٽيندو هو ۽ وري ننڍپڻ کان گڏ هجڻ ڪري هن جوگهڻي قدر مون سان ئي هر ڳالهه تي ضد ٿيندو رهندو هو. ڀلي کڻي اهو اسمبليءَ ۾ اڳيان بيھڻ تي هجي يا ڪلاس روم ۾ هڪ ئي ڊيسڪ تي دريءَ واري پاسي ڏانھن ويھڻ تي هجي. ڪرڪيٽ پريڪٽس دوران ٻئي ڪنھن کان ته بال وٺي نه سگهندو هو پر مون کان زوريءَ کسي بالنگ ڪرائڻ شروع ڪري ڏيندو هو. آءٌ به هميشه هن جي ضد اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيندو هئس، ڇاڪاڻ ته مونکي خبر هئي ته ڀلي آءٌ ڇا به ڪيان پر هو ضد تا نه لھندو. اهي ننڍڙا ننڍڙا ضد اسان سان گڏ وڏا ٿي وڏن وڏن بحثن ۾ تبديل ٿي ويا. وڏا ۽ اڻ کٽ بحث ۽ عادل صاحب پنھنجي عادت مطابق منھنجي قوي ۾ قوي دليلن کي به پنھنجي ضعيف دليلن سان رد ڪري ڇڏيندو هو ۽ هميشه هار مونکي ئي مڃڻي پوندي هئي . هن جا بحث به عجيب هوندا هئا، مثال طور ڪڏهن چوندو هو ته دنيا ۾ پاڻي وڌيڪ اهميت رکي ٿو يا باھ ، جيڪڏهن انسان حيوان ناطق آهي ته ڇا حيوان کي گونگو انسان چئي سگهجي ٿو وغيرھ وغيرھ. هن جو منطق هن جو فلسفو به عجيب هو، جيڪڏهن هڪ پاسي کان هٿ وجهيس ته ٻئي پاسي ڀڄي ويندو هو. دنيا جون سڀ دليلون ختم ٿي وڃن پر هو پنھنجي موقف تان نه هٽندو هو.
مون آفيس مان گاڏي ڪڍي ۽ ٻئي گڏجي احمد ڏانھن ويا سين ته متان وٽس هن جي مسئلي جو ڪو حل هجي. اسين احمد جي گهر پھتاسين ته هو اکيون مھٽيندو ٻاهر نڪتو . هي صاحب سڄي رات نيٽ تي چيٽنگ ڪرڻ کان پوءِ سڄو ڏينھن ستو پيو هوندو هو. اسان ٻنهي کي معمول جي ابتڙ ايترو سوير در تي ڏسي حيران ٿي ويو.
”ڇو وري ڇا ٿيو اڄ وري ڪا هڙتال ٿي آهي ڇا جو توهان ٻئي آفيس ڇڏي هتي اچي نڪتا آهيو.“ احمد اکيون مھٽيندي پڇيو.
”ڇو توکي خبر نه پئي آهي ڇا ؟ آمريڪا نارٿ ڪوريا تي ائٽم بم ڪيرايو آهي “ مون هن جي ننڊ ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
”نه اهو نه ٿو ٿي سگهي “ هن اکيون مھٽيندي چيو.
”ڇو ! ڇونه ٿو ٿي سگهي“ مون هن کان پڇيو.
”ان ڪري ته آمريڪا اهو بزدل ملڪ آ جيڪو پنھنجي دشمن کي ڌمڪيون ته ڏئي سگهي ٿو پر ان تي ائٽم بم ته ڇا پٿر به نه ٿو اڇلائي سگهي، اهو سڀڪجهه هو صرف پنھنجي پٺو ملڪن سان ئي ڪري سگهي ٿو.“
”پر يار! ڪوريا تي ائٽم بم ڪيرائڻ سان اسان جي صحت تي ڪھڙو فرق ٿو پوي ؟“ هن وري حيرانگيءَ وچان چيو.
”ڇو ؟آخر هو به اسان جا دوست آهن پري آهن ته ڇا ٿيو نيٽ فرينڊ ته ٿي سگهن ٿا نه.“ ساڻس مذاق ڪندي چيم.
”يار احمد! حسين کي ته رڳو مذاق جي لڳي آهي.“ عادل پنھنجي صبر تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو.
”مسئلو هي آهي ته هي خط آيو آهي جيڪو ڪورين زبان ۾ لکيل آهي، جنھن جو ترجمو ڪرائڻو آهي.“ هن خط احمد جي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
احمد هن جي هٿ مان خط ورتو ۽ خط کي وڏي غور سان ڏسڻ لڳو ڪجهه گهڙين لاءِ ان ۾ ائين گم ٿي ويو ڄڻ خط نه پر صادقين جي تخليق ڪيل ڪا پينٽنگ ڏسي رهيو هجي.
”اسان توکي هي خط تحقيقي مشاهدي ڪرڻ لاءِ نه ڏنو آهي ، هن خط جو ترجمو ڪرائڻو آهي.“ مون کيس ٻانھن کان لوڏيندي چيو.
هو ٿورڙو ڇرڪيو ۽ عجيب نظرن سان عادل ڏانھن ڏسڻ لڳو.
” يار عادل! هن خط کي ترجمي ڪرائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي، هي ڪيڏو نه خوبصورت آهي، هن کي فريم ڪرائي ڪمري ۾ هڻي ڇڏ، ائين لڳندو ڄڻ واٽر ڪلر جي ڪا شاندار جديد تخليق آهي.“ احمد کيس صلاح ڏيندي چيو.
”اڙي يار! مذاق ڇڏ تون به وري حسين جي پويان لڳي پئين. ادا! هي منھنجي نيٽ فرينڊ جو خط آهي، هن کي انگلش لکڻ ڪونه ايندي آهي ان ڪري هي خط ڪورين ٻولي ۾ لکي موڪليو اٿس.“ هن احمد کي سمجهائيندي چيو.
”فرينڊ ! يعني محبوب، هي محبوب جو خط آهي!“ احمد خط کي ٻه ٽي چميون ڏئي اکين سان لائيندي چيو.
” محبوب جو خط، يار عادل تون وڏو خوش نصيب آهين، ڇڏ ترجمي کي چريا هي وڏي احترام لائق آهي، هن کي چمي ڏئي پيار سان سيني سان لائي رک، ائين کڻي رلائيندو نه وت.“ احمد خط کي سيني سان لائيندي چيس.
عادل کي ويتر ڪاوڙ لڳي وئي، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو هن کي ڪيئن سمجهائي.
” تون ته صفا ڪو بيوقوف آهين. مونکي اهو ڏسڻو آهي ته هِن خط ۾ ڇا لکيل آهي؟ آخر هوءَ مونکي چوڻ ڇا ٿي چاهي؟ اها خبر مونکي هن خط کي سمجهڻ سان پوندي يا چمي ڏئي سيني سان لائي رکڻ سان پوندي؟“ ذري گهٽ دڙڪا ڏيندي چيائينس.
احمد جي چھري تي پشيمانيءَ جا آثار صاف نظر اچڻ لڳا، هن مون ڏانھن هڪ نظر نھاريو.
”لڳي ٿو معاملو گهڻو سنجيده آهي ڪجهه ڪرڻوئي پوندو“ هن اسان کي پنھنجي ڪمري ڏانھن وٺي ويندي چيو.
هن نوڪر کي چانھه ٺاهي اچڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ائين سوچن ۾ گم ٿي ويو ڄڻ ته کيس برمودا ٽرينگل جي ڳجهه کي سلجهائڻ لاءِ چيو ويو هجي. ويٺي ويٺي هن جي ذهن ۾ ڪا ڳالهه سجهي ، هن عادل کان پڇيو.
”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ! جيڪڏهن تنھنجي فرينڊ کي انگلش لکڻ نه پئي آئي ته پوءِ ھوءَ توسان نيٽ تي چيٽنگ ڪئين پئي ڪندي رھي؟“ ھن حيرانگي سان پڇيس.
” ڳالهه هي آهي ته آءٌ Google Translate استعمال ڪندو هئس، هو جيڪو ميسج موڪليندي هئي اهو Google Translate ۾ وجهي اردو يا انگلش ۾ ٽرانسليٽ ڪندو هئس ۽ اهڙي طرح هن ڏي ڪورين ۾ ٽرانسليٽ ڪري موڪليندو هئس ائين پاڻ ٻئي چيٽنگ ڪندا هئاسين.“ هن احمد جي حيرانگي کي گهٽائڻ بدران اڃان به وڌائي ڇڏيو.
”تون ته وڏوڪو خفتي آهين ! ڇا ته ٽيڪنڪ استعمال آندي اٿئي.“ احمد پنھنجي حيرانگي ظاهر ڪندي چيو.
”ادا! انسان وڏو طاقتور آهي، جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿو، بس ڪرڻ جو جذ بو هجي.“ مون ٻنهي کي مخاطب ٿيندي چيو.
”ادا! جذبو ته مون۾ تمام گهڻو آهي پر پوءِ به هي خط مون کان پڙهيو ڪونه ٿو وڃي. جيڪڏنھن هي Soft Copy ۾ هجي ها ته آءٌ هن کي ڪمپيوٽر ۾ ٽرانسليٽ ڪري وٺان ها پر ڇا ڪيان جو، هي ڪاغذي خط آءٌ ٽرانسليٽ نه ٿو ڪري سگهان.“ هن پنھنجي بيوسي ظاهر ڪندي ٻڌايس.
”احمد! تون ڪو هن مسئلي جو حل ڪڍ، همراھه هٿن مان پيو نڪتو وڃين.“ مون احمد آڏو عرض رکيو.
عادل خط لاءِ تمام گهڻو پريشان هو،کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو هن خط جو مطلب ڪيئن سمجهي ،هن کي اها پريشاني هئي ته آخر هن جي فرينڊ ”Yan Sou “ هن کي ڪھڙو نياپو موڪليو آهي، شايد ڪوريا اچڻ لاءِ چيو اٿس يا پاڻ پاڪستان اچڻ چاهي پئي، وغيره وغيره انهن سڀني سوالن جا جواب ان خط ۾ لڪيل هئا.
احمد ڪجهه سوچيندي سوچيندي چيو” هن مسئلي جو هڪ حل آهي.“
”ڪھڙو حل آهي؟ جلدي ٻڌاءِ!“ عادل ذري گهٽ ٽپ ڏيندي چيو.
”ڪورين ايمبيسي !“ هن ٻڌايس.
”پر ڪورين ايمبيسي ته اسلام آباد ۾ آهي.“ مون هن کيس ٻڌايو.
”ڪا ڳالهه نه آهي، منھنجو هڪ دوست اسلام آباد ۾ آهي، هن کي خط فيڪس ڪيون ٿا، هو وڃي ايمبيسي مان ٽرانسليٽ ڪرائي واپس اسان کي فيڪس ڪري ڇڏيندو.“ هن عادل ڏانھن نھاريندي فاتحانه انداز ۾ چيو.
”ها زبردست!هاڻي ئي هلي فيڪس ڪيون ٿا .“ عادل کيس ٻانھن کا وٺي اٿاريندي چيو.
”ها پر هڪ مسئلو آهي.“ احمد چيس.
”ڪھڙو مسئلو آهي؟“ عادل کانئس حيرانگيءَ مان پچيو.
”اهو ڪم سومر تي ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته ڇنڇر آچر ايمبيسي بند هوندي آهي ۽ جيستائين اسين فيڪس ڪندا سين ته ايمبيسي بند ٿي ويندي ۽ سڀاڻي ڇنڇر آهي، سو توکي سومر تائين انتظارڪرڻو پوندو.“ احمد کيس سمجهايو.
عادل جي منھن تي هڪ منٽ لاءِ آيل سڪون جي بھار بيچينيءَ جي خزان ۾ تبديل ٿي وئي، هو حسرت ڀريل نظرن سان خط کي ڏسڻ لڳو.
”ٻيو ڪو رستو ناهي؟ هي ٻه ڏينھن ڪيئن گذرندا؟“ هن ذري گهٽ روئيندي چيو.
”يار عادل! صبر به ڪا شيء هوندي آهي، ٻن ڏينھن جي ته ڳالهه آهي، ائين گذري ويندا جو خبر ئي ڪانه پوندي.“ مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”توکي ڪھڙي خبر تو ڪڏهن ڪنھن سان عشق ڪيو هجي ته توکي خبر پوي نه، ته معشوق جو خط هٿ ۾ هجي ۽ عاشق سندس نياپو نه سمجهي سگهي ته هو ڪھڙي پيڙا مان گذرندوهوندو، آءٌ هن وقت پاڻ کي پيڙائن ۽ سوچن جي ان اونداهين ڪوٽ جو قيدي محسوس پيو ڪيان جنھن جي آزادي ءَ جي راھه هن خط جي مفھوم ۾ لڪل آهي.“ عادل جي اندر جي آھه هڪ درد ڀري دانھن بڻجي اسان جي سماعتن سان ٽڪرائڻ لڳي.
عادل توڙي جي کڻي طبيعتاً ضدي هو پرڪنھن شيءِ جي لاءِ ايترو پريشان مون هن کي اڳ نه ڏٺو هو. هو هڪ شريف ۽ مذهبي گهراڻي سان تعلق رکندو هو سندس والد حافظ قرآن هو ۽ سٺي عھدي تي مقرر هجڻ باوجود به پاڙي واري مسجد ۾ هر سال تراويح ضرور پڙهائيندو هو.
عادل جي والد ڪوشش ڪئي هئي ته عادل به قرآن شريف حفظ ڪري پر عادل اسڪول جي پڙهائيءَ سبب حفظ نه ڪري سگهيو هو، باقي هن جي گهر جي سڀني ڀاتين جو قرآن شريف حفظ ٿيل هو. ها پر عادل ڪجهه سورتون حفظ ڪري ورتيون هيون ۽ وري قرآن شريف جو ختمو به ڪڍي وٺندو هو، ڪڏهن ڪنھن ميت کي بخشرائڻ لاءِ يا رمضان شريف ۾ ججهو ثواب ڪمائڻ لاءِ .
ڀلي کڻي دين باقاعدي هن تي اثر انداز نه هو پر تھذيب ۽ اخلاق هن جو ديني هو، نماز ۽ عباداتن ۾ کڻي هو پنھنجي مرضي جو مالڪ هو پر حياءُ هن جو ديني هو، پاڙي ۾ توڙي يونيورسٽي ۾ هن ڪڏهن ڪنھن ڇوڪريءَ سان افيئر نه هلايو هو، بس خبر ناهي ته ڪيئن هيءَ ڪورين فرينڊ ٽڪرائجي وئي هيس ۽ هو سندس عشق ۾ هن حال تي اچي پھتو هو.
جڏهن کان هن سان اهو سلسلو شروع ٿيو هئس هر روز مونکي اچي هن جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو.
”اڄ هن مونکي چيو ته تون ڏاڍو خوبصورت آهين.“
”اڄ هن مونکي پنھنجو نئون فوٽو موڪليو.“
”هن مونکي پنھنجا ۽ پنھنجي گهروارن جا فوٽو موڪليا آهن.“ وغيره وغيره.
هن جون اهي ڳالهيون ٻڌي منھنجا ڪن پچي پيا هئا. هن ٿورڙن ڏينھن ۾ ڪورين تاريخ، جاگرافيءَ اتان جي مذهب توڙي معاشري بابت چڱي معلومات ڪٺي ڪري ورتي هئي. هن اهو به ٻڌايو هو ته هن جي فرينڊ اسلام کان گهڻو متاثر آهي ۽ مسلمان ٿيڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي، پر سندس هُن ۾ دلچسپي ڏسي اهو ڊپ لڳندو هئم ته ڪٿي هي پاڻ نه هُن جو مذهب اختيار ڪري ڇڏي.
عادل جي ديني معلومات به سندس دلچسپي جي حد تائين هئي، ۽ هن جي دلچسپي فقط بحث ۽ مباحثن ۾ ٻين کي پاڻ کان گهٽ ثابت ڪرڻ ۾ هئي، ان ڪري هن هر اهو گُر سکي ورتو هو جيڪو هن کي بحث مباحثا کٽڻ ۾ ڪم ايندو هو. هو جيڪڏهن ڪنھن مُلان سان بحث ڪرڻ ويھندو هو ته ڪميونسٽ ٿي ڪري هن سان اهڙو بحث ڪندو هئو جو ويچاري مُلان کي ذري گهٽ خدا ۽ خدائيءَ تان هٿ کڻڻو پئجي ويندو هو. جيڪڏهن ڪنھن ڪميونسٽ سان بحث ۾ ويھندو هو ته صوفي ٿي ڪري هن جي اڳيان روحانيت جا اهي باب کولي ڇڏيندو هو جو هن غريب کي ڪک پن ۾ به خدا ڏيکاري ڇڏيندو هو ۽ صوفيءَ سان ته وري اهڙي جُٺ ڪندو هو جو هن غريب کي اهو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته پنھنجي مرشد کي موسى چوي يا فرعون.
هر فڪر هر نظريي کي سمجهڻ ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو. مارڪس جي ڊائيليڪٽيڪل ٿيوري هجي يا ابن عربي جو وحدت الوجود جو نظريو هن توري تڪي پڙهيا هئا، نيوٽن جو لا آف گريوٽي هجي يا ڪنفيوشس جو فلسفو، هن سٺي طرح پڙهي ورتا هئا.
هو هڪ اهڙو مسلمان هو جنھن جي پھرين ۽ آخري ترجيح انسانيت هئي ۽ هن مطابق دنيا جو ڪو به اهڙو دين ناهي جنھن انسانيت جي ڳالهه نه ڪئي هجي. سو انسانيت جي پرک ۽ ان جي خدمت ۾ ئي الله جو راضپو آهي، باقي سڀ شيون پوءِ جون يا وري چئجي فضول آهن. ماڻهن کي پنھنجي علم مان متاثر ڪرڻ لاءِ هن صوفي ازم کان وٺي ڪميونزم ، بريلويت کان وٺي شيعت تائين، هر مڪتب فڪر کي پڙهي ورتو هو ۽ وري عجيب ڳالهه اها هئي ته سڀ ڪجهه پڙهڻ کان پوءِ به هن جي حالت ڪنھن وڏي چوراهي تي بيٺل هڪ اهڙي وائڙي شخص جيان هئي جيڪو مختلف منزلن ڏانھن ويندڙ رستن تي لڳل وڏا وڏا سائن بورڊ ڏسندي به منجهيل هجي ته هاڻي ڪيڏانھن وڃجي .
اهو سڀ ان ڪري هو جو هن هميشه مونجهارا پيدا ڪرڻ وارا ڪتاب پڙهيا هئا جيڪي هن کي هڪ مونجهاري مان ڪڍي ٻئي ۾ داخل ڪري ڇڏيندا هئا ۽ وري اُن مٿان هن جا فضول ۽ بي مقصد بحث کيس هميشه لاءِ مونجهارن جي دلدل ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڪافي هئا. هر دفعي فضول ۽ اڻکٽ بحث جي ڌُوڙ ۾گهوڙا ڊوڙائڻ سبب لڳل ڌُوڙ اچِي منھنجي اڳيان ڇنڊيندو هو ۽ وري هر ڪتاب مان چونڊي چونڊي گند به اچي منھنجي اڳيان هاريندو هو.
آءٌ کيس هر دفعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته هر ڪتاب صحيح رستي ۽ هر بحث ڪنھن حل تائين ناهي پھچائيندو. منھنجو ائين چوڻ ۽ هن جو مڇرجي وڃڻ ۽ وري پوءِ هڪ اڻ کٽ بحث جي شروعات .
”تنھنجي چوڻ جو ڇا مطلب آهي؟ ته اسين ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏيون، اسان کي هر ڪتاب هر فڪر کي پڙهڻ گهرجي ته جيئن اسين صحيح رستي جي پرک ڪري سگهون“. هن پنھنجو موقف پيش ڪندي چيو.
” بلڪل پڙهڻ گهرجي پر ڇا تو ڪڏهن قرآن شريف ائين پڙهيو آ، جيئن اُن کي پڙهڻ گهرجي ، ڇا تو قرآن کان اهو پڇيو آ ته ڇا پڙهڻ گهرجي؟“
”ڇا تون اهو ٿو چوڻ چاهين ته مون قرآن شريف نه پڙهيو آهي. سائين! اوهان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته اسان جي گهر ۾ سڄو ڏينھن قرآن شريف پڙهيو ويندو آهي ۽ رڳو پڙهيو نه پر پڙهائيو به ويندو آهي ۽ مون سڄو قرآن شريف پڙهيو به آهي ۽ چڱو ڀلو ياد به ڪيو آهي.“ هن فخر سان ٻڌايو.
”قرآن شريف رڳو پڙهيو ۽ حفظ ڪيو اٿئي يا سمجهيو به اٿئي.؟“ مون کانئس پڇيو.
”الحمدالله ! پڙهيو به آهي ۽ سمجهيو به آهي، تو وانگر نه ته بس رڳو نماز ۾ پڙهڻ واريون ٻه ٽي سورتون ياد ڪيون ۽ بس.“ هن مون تي تنقيد ڪندي چيو.
”چڱو ڀلا! آيت الڪرسي جي معنى ته ٻڌاءِ ،جيڪا توکي ياد به آهي ۽ هروقت جن ڀوت جي ڊپ کان پڙهندو به آهين.“مون کانئس سمجهه جو امتحان وٺندي پڇيو.
هو ٿورو حيران ٿيو، هيڏانھن هوڏانھن نھاريائين پنھنجي دماغ جي خالي خانن مان آيت الڪرسي جي معنى ڳولڻ جي ڪوشش ڪيائين . هن کي تلاوت ته ملي پر معنى ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ ڪانه مليس.
” آيت الڪرسي جي معنى جي ڪھڙي ضرورت آهي، هن جي تلاوت ۾ ئي ايڏو وڏو ثواب آهي جو هر مشڪل هر مصيبت اُن جي پڙهڻ سان دوُر ٿي ويندي آهي.“ هن پنھنجي ڪمزوري کي ثواب ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
”ته اِن مان ثابت ٿيو ته تو قرآن شريف صرف پڙهيو آهي، سمجهيو ناهي.“ مون هن کي ثواب جي چادر مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي.
” پڙهيو آهي، سمجهيو ناهي!الائي ڇا پيو ڳالهائين، پڙهڻ ئي ته سمجهڻ آهي نه ۽ الله پاڪ قرآن شريف کي پڙهڻ ۾ ثواب رکيو آهي، اهو ثواب اُن جي تلاوت ۾ آهي، ترجمو پڙهڻ ۾ نه آهي.“ هن تشريح ڏني.
”چڱو ڀلا! اهو ته ٻڌاءِ ، قرآن شريف هدايت جو ڪتاب آهي يا ثواب جو ؟“ مون کانئس پڇيو.
” هدايت جو ڪتاب آهي، پر اُن کي پڙهڻ ۾ ثواب رکيل آهي.“ هن جلدي سان جواب ڏنو.
” ان جو مطلب، ته تو ثواب تمام گهڻو ڪمايو آهي، پر هدايت حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو آهين، ڇاڪاڻ ته هدايت سمجهڻ کان سواءِ ملي نٿي سگهي ۽ سمجهڻ لاءِ رڳو تلاوت ۽ حفظ ڪرڻ ڪافي نه آهي. “ مون کيس چيو.
” تون به بنهه ڪو جاهل آهين. تلاوت ۽ حفظ کي ڪجهه به نه ٿو سمجهين، جيڪڏنھن ائين هجي ها ته الله تعالى تلاوت ۾ ثواب ڇو رکي ها، ۽ هر نماز ۽ عبادت ۾ تلاوت نه پر ترجموپڙهيو وڃي ها.“ هن پنهنجو موقف بيان ڪيو.
” تلاوت جي ثواب ۾ وڏو فلسفو آهي، جيڪو تون سمجهي نه سگهندين. بس ايترو سمجهي ڇڏ ته جيڪڏهن آمريڪن گرين ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزي سکي سگهجي ٿي ته اِلاهي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ عربي نه ٿي سکي سگهجي! اسان جي ملڪ ۾صرف 15 کان 20 سيڪڙو ماڻهن جو واسطو دفترن ۾ انگريزي لک پڙهه سان رهي ٿو، پر پوءِ به سڄي ملڪ جي دفتري زبان انگريزي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ملڪ جي سڀني مسلمانن جو واسطو اِلاهي دفترن يعني مسجد، قبرستان، ڪعبة الله ۽ ٻين مقدس زيارتن سان ڪڏهن نه ڪڏهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي ضرور پوي ٿو، جتي عربي پڙهي ۽ ٻڌي وڃي ٿي ته ڇا اسان جي ديني زبان عربي نه ٿي ٿي سگهي! عربي تلاوت مرڪزيت قائم ڪرڻ جو ذريعو آهي. جنھن اصول تي انگريز ڪم ڪري اسان کي پنھنجي ٻولي پٺيان لڳائي ويو ۽ انگريزي زبان کي هر هنڌ پھچائي ويو پر افسوس جو اسين اهو ڪم ڪري نه سگهياسين. ها! پر ان جو مطلب اهو به نه آهي، ته اسين صرف عربي تلاوت ئي سڄي عمر ڪندا رهون، بلڪه نمازوعبادات کان علاوه فرصت ۾ اسين قرآن شريف کان سنڌي ٻوليءَ ۾ به پڇؤن ته الله سائين اسان کي آخر ڪھڙي هدايت ڏيڻ ٿو چاهي.“ مون سندس اڳيان ثواب ۽ هدايت کي کولي رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
”قرآن شريف کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سمجهڻ مشڪل آهي جيترا ترجما اوترا مونجهارا ، ڪنھن کي پڙهي ڪنھن کي پڙهجي، هر ڪنھن جو پنھنجو نقطه نظر آهي.“ هن ترجمن جي اختلافن ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
” اهي سڀ قرآن شريف کا پري رهڻ جا اجايا بھانا آهن. ڀلا! ڇو تون لينن ، مارڪس، ابنِ عربي، شاهه ولي الله ۽ ٻين کي پڙهي به مونجهاري جو شڪار نه ٿو ٿين، جن ڪڏهن به ڪو ڪتاب سنڌي ۾ نه لکيو آهي ته پوءِ تون قرآن شريف جو ترجمو پڙهي مونجهاري ۾ ڪيئن ٿو پوين.“ مون کائنس پڇيو.
” توبهه توبهه تون قرآن شريف کي مارڪس ۽ لينن سان ٿو ملائين، ڪٿي قرآن شريف جو رتبو ۽ ڪٿي هنن دنياوي شخصيتن جون لکڻيون. قرآن شريف اِلاهي ڪتاب آهي ،اُن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه نه آهي، تون اها ڳالهه نه سمجهي سگهندين اهي الله تعالى جا ڳجهه آهن. تنھنجي ۽ منھنجي سوچن کان گهڻو مٿي، تون استغفار ڪر ته الله سائين توکي بخشي، توبھه توبھه !“ ٻنهي هٿن سان ڪن پڪڙي توبھه ڪندي چيائين.
۽ اهڙيءَ ريت هو هر بحث جي اُن کڙڪيءَ کي استغفار جو تالو هڻي، هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيندو هو، جنھن مان ڪنھن نتيجي ڏانھن نڪرڻ جي واٽ نظر ايندي هئي. اونداهيءَ ۾ سڄي رات جنھن شيءِ کي ٿاڦوڙا هڻي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ڏينھن جي روشنيءَ ۾ ان کي سامهون ڏسي منھن ڦيرائي ڇڏيندو هو.
هُن جي اهڙين ڳالهين ڪري، آءٌ هن سان بحث کان پاسو ڪندو هئس. جنھن بحث مان ڪو نتيجو نه نڪري ، ان کي ڇڏي ڏجي ته بھتر آهي.
احمد جنھن گهڙيءَ کيس ٻه ڏينھن انتظارڪرڻ لاءِچيو هو، ان گهڙيءَ سندس منھن ائين ڦڪو ٿي ويو هو ڄڻ ته هو ڪٽھڙي ۾ بيٺل اهو مجرم هجي، جنھن کي عدالت ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي هجي. احمد ۽ مون کيس آٿت ڏئي گهر ڇڏي آيا هئاسين.
خبر ناهي ته اهي ٻه ڏينھن هن ڪيئن گذاريا، پر سومر ڏينھن جڏهن مون وٽ آيو ته هن جي حالت مريضن جيان هئي. هن جي چھري جي رونق ۽ جسم مان چستي ختم ٿي چڪي هئي. مون گاڏي ڪڍي ۽ پاڻ سڌو احمد ڏانھن وياسين، جتي هو ڄڻ اڳ ئي اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو.
” آءٌ پاڻ اوهان جي انتطار ۾ ويٺو هئس، مون عادل جو مسئلو هتي ئي حل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اسان کي ايمبيسي مان ٽرانسليشن ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي“ احمد اسان سان ملندي ئي ٻڌايو.
” ڇو ڀلا ! تو ٻن ڏينھن ۾ ڪورين ٻولي سکي ورتي آهي ڇا ؟“ مون ساڻس مذاق ڪندي پڇيو.
” نه يار منھنجو هڪ دوست آهي جيڪو ڏهه سال ڪوريا ۾ نوڪري ڪري آيو آهي، مون جڏهن هُن کي اهو مسئلو ٻڌايو ته هو چوڻ لڳو ته هو اسان کي اهوخط پڙهي ٻڌائيندو.“ اهو ٻڌي عادل جي منھن تي رونق وري آئي.
” ڪٿي آهي؟ هلو ته پاڻ هُن ڏانھن هلون ٿا.“ عادل ٽپو ڏئي اٿندي چيو.
” هُن ڏانھن هلڻ جي ڪا ضرورت ناهي، هو رات ئي ڪوريا مان پھتو آهي ۽ مون کيس تنھنجي ڪري ئي هيڏانھن گهرايو آهي. اجهو پيو اچي.“ هن کيس ويھاريندي چيو.
احمد جو دوست ٿوري ئي دير ۾ اچي پهتو. جيئن ئي احمد سندس تعارف ڪرايو، عادل جهٽ سان هن جي هٿ ۾ پنھنجي گرل فرينڊ جو خط ڏيندي عرض ڪيو.
” ادا! توهان جي وڏي مھرباني ٿيندي هي خط پڙهي ٻڌايو هن خط ٻن ڏينھن کان منھنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن.“
احمد جي دوست خط هن جي هٿ مان ورتو ۽ پوءِ هن عجيب قسم جي زبان ۾ خط پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. شايد اها زبان ڪورين ئِي هوندي. هو مسلسل گهڻي دير تائين ان عجيب قسم جي ٻوليءَ ۾ خط پڙهندو رهيو، وچـ۾ ساهي پٽڻ لاءِ بيٺو ۽ پاڻي پيئڻ لڳو .
” واهه سائين واه! اوهان جي ڪورين ته تمام سٺي آهي، ايتري ته Fluent آهي جو ائين پيو لڳي ته ڄڻ ڪو اتان جو رهاڪو پيو پڙهي. منهنجي فرينڊ Yan Sou” “ به بلڪل ايئن ڳالهائيندي آهي .“عادل هن جي تعريف ڪندي چيو.
” اوهان جي Fluency and Pronunciation ته سٺي ئي هوندي پر اوهان جي مھرباني ٿيندي، جيڪڏهن گڏ گڏ معنى به ڪندا وڃو ته جيئن خط جو مفھوم به سمجهه ۾ ايندو وڃي.“ مون وچـ۾کيس عرض ڪندي چيو.
احمد جودوست ڪجهه پريشان ٿيو. هن جي نرڙ تي پگهر لھي آيا، هن پنھنجي نرڙ تان پگهر اگهيا، پاڻي جو هڪ ٻيو گلاس پيتو.
” Actually” ڳالهه هي آهي ته هن خط ۾ ٺيٺ ڪورين لکيل آهي، جيڪا آءٌ صرف پڙهي ته سگهان ٿو، پر ان جو ترجمو نه ٿو ڪري سگهان. ان ڪري ئي آءٌ اوهان کي صرف پڙهي پيو ٻڌايان.“ هن بيوسيءَ وچان چيو.
”عجيب بيوقوف آهين ! تنھنجي هن رڳو پڙهڻ سان اسان کي ڪھڙو فائدو ، اسين ته هن جو مفھوم سمجهڻ ٿا چاهيون ، ائين ته ڀلي کڻي تون سڄو ڏينھن ويٺو پڙهه، ڇا اسين هن جو مطلب سمجهي سگهندا سين .؟“ عادل کيس ڪاوڙ مان چيو.
عادل جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو، هن جو وس پڄي ها ته کيس گولي هڻي ماري ڇڏي ها . هن غضبناڪ نظرن سان احمد ڏانھن ڏٺو، جنھن لڄي ٿيندي نظرون کڻي جهڪائي ڇڏيون.
” سائين! در اصل اڄڪلهه اها ٺيٺ ڪورين اُتي گهٽ لکي پڙهي وڃي ٿي. جنهن ڪري هن جو ترجمو ڪرڻ مشڪل پيو لڳي، پر اوهين پريشان نه ٿيو، منھنجو هڪ ڪورين دوست آهي، جيڪو هتي هڪ ڪمپني ۾ IT ڊپارٽمنٽ جو انچارج آهي، هو هڪ منٽ ۾ هن جو ترجمو ڪري ڏيندو.“ احمد جي دوست پنھنجي شڪست مڃيندي چيو.
” ڪٿي آهي! ڪھڙي ڪمپني ۾ آهي؟ هلو ته هُن ڏانھن هلون پيا هاڻي ئي.“ عادل تڪڙ ۾ اٿندي چيو.
” اوهان سڀني جي هلڻ جي ڪا ضرورت ناهي، آءٌ هن کان هڪ ڪلاڪ اندر ئي ترجمو ڪرائي موٽي ٿو اچان، اوهان دلجاءِ ڪيو.“ هن عادل کي يقين ڏيارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.
”چڱو وڃ ۽ جلدي موٽي اچ.“ احمد کيس ڪمري مان ڪڍندي چيس.
هو در تائين ويندي ويندي وري واپس موٽيو.
” آءٌ اوهان کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته هو ترجمو انگلش ۾ ڪري ڏيندو.“ هو پڇڻ پيو چاهي الائي ٻڌائڻ پيو چاهي.
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ! اسين انگلش سمجهي وٺنداسين، تون پريشان نه ٿي.“ عادل تڪڙ ۾ جواب ڏنس.
هو هڪ دفعو وري در تان واپس وريو.
” هڪ ٻئي ڳالهه پڇڻ وسري وئي ته ڪھڙي انگلش ۾ ٽرانسليشن ڪرائي اچان آمريڪن ۾ يا برٽش انگلش ۾؟“
” اڙي يار ڪھڙي به انگلش ۾ ڪرائي اچ پاڻھي سمجهي ويندا سين تون رڳو اسان تي مھرباني ڪر ترجمو ڪرائي اچ“ عادل هن کي هٿ ٻڌي چيو.
احمد جو دوست خط ته کڻي ويو پر خط سان گڏ ڄڻ عادل جو ساهه به کڻي ويو ، عادل ائين ويٺو رهيو ڄڻ هن جو رڳو جسم هتي هجي باقي روح ڄڻ خط سان گڏ اڏامي ويو هجي، هن لاءِ هڪ پل هڪ ورهيه برابرهو. خط جي معنى سمجهڻ جي اڻ تڻ وقت سان گڏ وڌندي پئي ويس، هو مختلف خيالات ۽ سوچن جي ڪُن ۾ ڦاٿل ٿي نظر آيو، هڪ اهڙي ڪُن ۾ ڦاٿل، جنهن مان نڪرڻ جي هر ڪوشش هن کي ويتر ڦاسائڻ جو ڪم ڪري رهي هئي.
ان کان اڳ جو هن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿئي ها ۽ سندس انتطار اسان لاءِ وڌيڪ زحمت جو باعث بڻجي ها احمد جو دوست اچي پھتو، عادل ڊوڙي وڃي در کوليو. احمد جو دوست هٿ ۾ هڪ بند لفافو کڻي آيو هو جيڪو هن عادل جي هٿ ۾ ڏنو ۽ هن کي سمجهائيندي چيائين.
” ڀاءَ عادل! هي ڏاڍو اهم ۽ ذاتي خط آهي آءٌ اهو چوندس ته اوهان هن کي هتي نه پر پنھنجي گهر وڃي اڪيلائيءَ ۾ پڙهو باقي جيئن اوهان جي مرضي.“
عادل کانئس لفافو وٺي هڪ نظر اسان ٻنهي ڏانھن نھاريو ۽ بغير لفظن جي گهريل اجازت نامي کي اسان به اشارن ۾ قبول ڪري ورتو ۽ هو ائين اتان اڏامي ويو، ڄڻ ڪڏهن هتي هيو ئي ڪونه.
جيئن ئي عادل ڪمري مان نڪتو احمد مونڏانھن هڪ عجيب قسم سان مسڪرائيندي ڏٺو.
” يار حسين! سلام آ توکي ڇا ته پلان ٺاهيئي هي عادل ته صفا بيوقوف بڻجي ويو، هڪ پل لاءِ به سمجهه ۾ نه آيس ته هي سڀ فقط هڪ ڊرامو هو. “ احمد مونکي داد ڏيندي چيو.
” نه احمد مون هن کي بيوقوف نه بڻايو آهي پر هن کي هڪ بيوقوفاڻي سوچ مان ڪڍڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي، شايد هُن تي ان جو ڪو اثر پوي “ مون سندس تصحيح ڪئي .
”اڳُ ڪڏهن هُن تنھنجي ڪنھن ڳالهه جو اثر ورتو آهي، جو هاڻي وٺندو.“ هن پنھنجو گمان پيش ڪيو. هن کي منجهس ڪا به مثبت اميد نه هئي.
” تون صحيح آهين! پر هن ڀيري گهٽ ۾ گهٽ کيس پنھنجو ضمير ملامت ضرور ڪندس، ته هڪ دنياوي دوست جي پيغام کي سمجهڻ لاءِ جيترو هو پريشان پئي رهيو ته ڇا ڪڏهن اُن بلند وبالا هستي الله پاڪ جي پيغام کي سمجهڻ لاءِ ايترو پريشان رهيو هو. اٺن ڏهن پنن جي هڪ معمولي خط جو مواد سمجهڻ لاءِ جيتري جدوجھد ۾ رهيو پئي، ڇا ڪڏهن انسانيت کي عطا ڪيل هدايت جي سر چشمي قرآن شريف کي سمجهڻ لاءِ ايتري جاکوڙ ڪئي هئائين. مونکي اميد آهي ته اسان جي هن نيڪ ڪاوش جو مٿس سٺو اثر پوندو“ مون کيس اميد ڏياريندي چيو.
” الله ڪري ائين ئي ٿئي، پر مونکي ڊپ ٿو لڳي ته ڪٿي هُن ڪورين گرل فرينڊ جي خيالي بت ٽٽڻ تي هو ويتر تنھنجي مٿان ڏمرجي نه پئي.“ هن پنھنجي ڊپ جو اظھار ڪندي چيو.
” ڏسجي ! مون ته فقط هن جي ذهن ۾ هن دور جي آزر جا ٺاهيل جديد بت ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“ مون کيس سمجهايو.
”اهو ته ٺيڪ آهي پر يار! اهو ته تو ٻڌايوئي ڪونه ته ان بند لفافي ۾ ڇا هو ڪھڙي خط جي ٽرانسليشن هئي جيڪو عادل کڻي ويو آهي.“ هن سوال پڇيو.
” اُن لفافي ۾ ڪنھن به خط جي ٽرانسليشن ڪانه آهي، ها پر مون اُن ۾ سڄي ڪهاڻيءَ جي حقيقت لکي آهي ته هن سڄي ڊرامي ٺاهڻ جي پويان اسان جو ڪھڙو مقصد هو. “ مون احمد کي ٻڌايو.
هي سڄو ڊرامو مون تخليق ڪيو هو، مون هڪ ڪورين گرل فرينڊ جو خيالي ڪردار ٺاهيو ۽ احمد کي اُن پلان ۾ شامل ڪيو، اهو ان ڪري ته احمد کان سواءِ ڪورين گرل فرينڊ جو ڪردار ٺاهڻ مشڪل هو. هو ڪورين گرل فرينڊ جي طور تي رات جو دير تائين هن سان چيٽنگ ڪندو هو ۽ ٻئي ڏينھن تي جڏهن آءٌ کيس عادل جا تاثرات ٻڌائيندو هئس ته هن کي ويتر مزو ايندو هو.
هن سڄي ڊرامي ٺاهڻ ۾ منھنجو مقصد صرف اهو هو ته آءُ عادل کي سمجهائي سگهان ته قرآن شريف هدايت جو ڪتاب آهي صرف تعويذ سڳي جو ڪتاب ناهي، قرآن شريف زنده ماڻهن جِي سڌي رستي ڏانھن رهنمائي ڪرڻ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي، مُردن کي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ نه. هي قرآن شريف پوتين ۾ ويڙهي ڪمري جي ڪنھن سنسان ڪنڊ ۾ رکڻ لاءِ نه آهي ۽ نه وري بغير سمجهي طوطي وانگر رٽڻ لاءِ آيو آهي، پر جيڪڏهن قرآن شريف نازل ٿيو آهي ته صرف اسان کي اوندانھين مان ڪڍي روشنين تائين پھچائڻ لاءِ. هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ سڄي انسانيت لاءِ رحمت ۽ آسانين جا اصول ٻڌايل آهن. قرآن شريف منشور آهي، دين اسلام جو جيڪو حضرت آدم کان شروع ٿي حضرت محمد ﷺ تائين پهتو ۽ الله تعالى پنھنجي پياري پيغمبر حضرت محمد ﷺ کان مڪمل ڪرائي، پنھنجو راضپو ڏيکاريو ۽ اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته منشور صرف مختلف هنڌن تي سائن بورڊ وانگر هڻڻ ، ماڻهن کي ياد ڪرائڻ، ٽي وي ريڊيو تي ٿوري دير لاءِ نشر ڪرڻ يا وري آفيس ۽ گهرن ۾ خوبصورت اکرن سان لکي لڳائڻ لاءِ نه هوندو آهي ، پر منشور لاڳو ڪرڻ لاءِ هوندو آهي پنھنجي ذات کان وٺي گهر، گهر کان آفيس، آفيس کان معاشري ۽ معاشري کان ملڪ ۾ ، ۽ ڪو به منشور تڏهن لاڳو ٿي سگهندو آهي جڏهن اُن کي سمجهيو ويندو آهي .
احمد ۽ مان اڃان ان سوچ ويچار ۾ هئاسين ته عادل تي هن سڄي پلان جو ڇا اثر ٿيو هوندو؟ ته اچانڪ در کڙڪيو، احمد جيئن ئي در کوليو ته سامهون عادل اهو ساڳيو لفافو هٿ ۾ کنيو بيٺو هو. هن جي اکين ۾ عجيب قسم جي چمڪ هئي، اها چمڪ هن جي چھري تي آيل شرمندگيءَ کي به لڪائي رهي، هئي. هو ايئن مطمئن نظر پئي آيو، جيئن ڪو ڪنهن وڏي مقصد حاصل ڪرڻ کان پوءِ مطمئن هوندو آهي. جيترو بيچين ۽ پريشان هو ڪجهه دير اڳـ هو اوترو ئي پر سڪون ۽ مطمئن هو هاڻي نظر پئي آيو.
هو سڌو مون ڏانھن وڌي آيو ۽ مونکي ڀاڪر پائي، ائين سيني سان لاٿائين، ڄڻ اسين ٻئي صدين کان پوءِ مليا هجون. سندس اکين مان لڙڪ وهي آيا هئا ، هن منھنجي هٿن کي جهلي چيو.
” حسين! تو اڄ منھنجون اکيون کولي ڇڏيون .آءٌ تنھنجو اهو ٿورو ڪڏهن به لاهي نه سگهندس. اڄ مونکي پنھنجي سوچ ۽ نظريي تي شرم پيو اچي. آءٌ هڪ گرل فرينڊ جي لکيل خط جو مفھوم سمجهڻ لاءِ جيترو پريشان رهيس، ايترو آءٌ ڪڏهن الله تعالى جي موڪليل عظيم پيغام قرآن شريف جو مفھوم سمجهڻ لاءِ به نه رهيو هئس.
هو جذبات سان ڀرجي ويو هو، هن جي اکين مان لڙڪ جاري هئا هن جا احساسات انقلابي جملن ۾تبديل ٿي نڪري رهيا هئا، سندس هر جملي مان قرآن جي صدا بلند ٿي رهي هئي، جنھن ۾ قرآن پنھنجي محجوريت ۽ اڪيلائپ جي دانھن ڏئي رهيو هو.
” حسين! اڄ کان وٺي آءٌ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير پڙهندس ۽ پاڻ ٻئي عربي به سکنداسين.“ هن وچن ڪندي چيو.