ڪھاڻيون

اندر جو اُهاءُ

ڪتاب ”اندر جو اُهاءُ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي ليکڪ محترم ابو ايليا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. امداد چنا لکي ٿو:
”ابو ايليا هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو نه ته دنيا جي نشي ۾ مست دين کان اياڻو آهي ۽ نه ئي وري دينداريءَ جي مستيءَ ۾ دنيا کان پاسيرو آهي. بس هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ اهڙي انسان جي ڳولھا ڪري رهيو آهي، جيڪو يا ته ماڻهونءَ کان انسان بڻجڻ جي منزل ڏانھن وکون کڻي رهيو آهي ، يا وري انسان شناسيءَ جو اهو سفر مڪمل ڪري انسانيت جي معراج تي پھچي چڪو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 3844
  • 813
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ابو ايليا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر جو اُهاءُ

ڇتو ڪُتو

اڄ مونکي ڇتي ڪتي کي مارڻو هو. هن ڪتي علائقي جي ڪيترن ئي ٻارن، نوجوانن ۽ پوڙهن کي ڏاڍو بيدرديءَ سان ڏاڙهيو هو. ڪيترن ئي گهرن ، اسڪولن، ڪاليجن، مسجدن ۽ مدرسن ۾ وڃي ماڻهن کي پنھنجو نشانو بڻائي چڪو هو. پر خبر نه آهي ته ڇو ماڻهو هن جي حملي کان بي خوف هئا. آءُ جيترو پريشان ۽ ڊنل نظر پئي آيس، ايترو پريشان ۽ ڊنل ماڻهون نظر نه پئي آيا . جيڪي هن جا کاڌل هئا اهي ته خير پنھنجي آپي ۾ ئي نه هئا، ڀلي کڻي انهن کي دردناڪ 14 ٽڪا ڇو نه لڳا هجن پر جيڪي اڃان هن جو کاڄ نه بڻيا هئا، اهي به هن جي چڪ کان بي خوف هئا.
هونءَ ته ڊاڪٽر چوندا آهن ته ڪتو جيڪڏهن ڇتو ٿي پوي ته هو پاڻ ئي هڪ ٻن ڏينھن ۾ مري ويندو آهي پوءِ يا ته ڳولهي اُن کي مارجي يا وري ماڻهن کي هن جي چڪ کان بچائجي، ته جيئن هن جو وائرس ماڻهن ۾ داخل ٿي نه سگهي، نه ته وري ماڻهن ۾ به ڇتي ڪتي واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي. پر هي عجيب ڪتو هو. ڏسڻ ۾ جرمن شيفرڊ پئي لڳو، پر ڪجهه خصلتون منجهس آمريڪن بلڊاگس واريون به هيون، عجيب ڳالهه ته هو سال ۾ هڪ ٻه چڪر ڇتو ٿيندو هو پر پوءِ به مرندو نه هو، هن جا ڏاڙهيل ماڻهو ڪڏهن به صحيح نه ٿيندا هئا ۽ مرندي گهڙيءَ تائين هن وانگر پيا ڀونڪندا رهندا هئا.
گهڻو عرصو اڳ اسڪالرشپ تي ويل هڪ شاگرد پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مغرب مان اسان لاءِ هي تحفو کڻي آيو هو. هن جي خوبصورتيءَ ۽ من موهيندڙ حرڪتن ماڻهن جي دلين ۾ جلد پنھنجو گهر ٺاهي ورتوهو ، آهستي آهستي هن جي ويجهڙائپ هڪ گهر کان سڄي علائقي جي گهر گهر ۽ گهٽي گهٽي سان ٿي وئي هئي. سڀ سانڻس ڀرپور پيار ڪندا هئا، سڀن کي ڏاّڍو وڻندو هو، اهڙي ته پيار سان پڇ لوڏائي هر ماڻهو اڳيان بيھندو هو جو هر ڪنھن کي هن سان پنھنجائپ ۽ ويجهڙائپ جو قرب ملندو هو. سڀن جو پيارو هجڻ ڪري هن کي ايترو ڪجھه ملندو هو جو کائي پي متارو ٿي ويو هو. علائقي جي اسڪول توڙي ڪاليج اندر وڃڻ ۾ به هن تي ڪا پابندي نه هئي. وڏي ڳالهه ته علائقي جي مسجد جو ملان ۽ مدرسي جو مولوي به هن کي حڪارت سان نه ڏسندا هئا.
مون کي الائي ڇو شروع کان وٺي هن مان ڪرڀ ايندي هئي. ڇو ته آءٌ اهو ڄاڻندو هئس ته هو ڪڏهن به ڇتو ٿي سگهي ٿو، هن جي هڪ عادت ڏاڍي خراب هئي جو هر ڀيري گندگيءَ مان اٿي وچ ماڻهن ۾ اچي پنھنجي جسم کي ائين ڇنڊيندو هو جو سڀن کي اها غلاظت ٿڦي ڇڏيندو هو . ڀلي کڻي هو سڀ کي نه کائيندو هو پر هن جي نجاست جو شڪار هر ڪو پيو ٿيندو هو.
پر هاڻي ته هو صفا ڇتو ٿي ويو هو، ان کان اڳ جو هوپنھنجو وائرس علائقي جي سڀن ماڻهن ۾ ڦھلائي ڇڏي ، مون هن کي مارڻ جو پڪو پھه ڪري ورتو هو. گهر وڃي پيٽي ۾ لڪائي رکيل بابا سائين جي پراڻي برمنگهم جي دونالي بندوق ڪڍيم، گهر وارا پريشان ٿي ويا ته الله خير ڪري وري الائي ڇا ٿيو، مون هنن کي ٻڌايو ته اڄ مونکي ڇتو ڪتو مارڻو آهي.
آءٌ بندوق کڻي هن جي ڳولا ۾ نڪتس. پاڙي ۾جنھن به مونکي هٿ ۾ بندوق ڏٺي پريشان ٿي پئي ويو. رستي تان ويندي حافظ الله ڏنو مليو جيڪو ظھر جي نماز پڙهائي مسجد مان ٻاهر پئي آيو. هن منھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسي حيران ٿيندي پڇيو.
”ابا حَسن! خير ته آهي نه ڪيڏانھن هي بندوق کڻي نڪتو آهين؟ “.
مون کيس ٻڌايو.” سائين! اڄ آءٌ هن ڇتي ڪتي کي مارڻ نڪتو آهيان، جنھن سڄي علائقي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي“
حافظ سائينءَ وڏي معصوميت مان چيو.” نه ڪر ابا! ڇا تو کي خبر نه آهي ته هو هر ماڻهوءَ جو هر دلعزيز آهي، سڀني کي گهڻو پسند آهي. هو پنھنجي من موهيندڙ حرڪتن سان سڀن کي لڀائيندو آهي، جيڪڏنھن تون هن کي ماريندين ته سڀ تنھنجي خلاف اٿي اُڀا ٿي پوندا، پوءِ تون ڇا ڪندين؟“
مون هن جي مٿي تي اڇي ٽوپي ۽ هٿ ۾ تسبيح تي نظر وجهندي چيو.
” سائين اوهان کي خبر به آهي ته هو نجس آهي ۽ نجس شيءِ جو مسجد، مندر ۽ گرجا گهر ۾ وڃڻ ممنوع آهي ان باوجود به ڪا عبادتگاه هن جي غلاظت کان محفوظ نه آهي،۽ جڏهن هو پنھنجي غلاظت سان هر مقدس شيءِ جي تقدس کي پامال ڪري ٿو، اُن وقت ته سڀني تي خاموشي طاري رهي ٿي ۽ هاڻي جڏهن هو ڇتو ٿي ويو آهي ۽ آءٌ اُن کي ماريندس ته سڀ منھنجي خلاف اٿي اُڀا ٿيندا ؟“
حافظ الله ڏني مونکي فڪرمند نظرن سان ڏسندي چيو.
”ڀلي پٽ! پنھنجي مرضي اٿئي. باقي مونکي ته لڳي ٿو هن ڇتي ڪتي جي ڪري سڀ ماڻهو تنھنجي مٿان نه ڇتا ٿي پون.“
مون هن جي ڳالهه کي اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ اڳتي پنھنجي منزل ڏانھن وڌيس. جيئن اڳتي وڌيس ته سامهون اسڪول جي گيٽ تي نظر پئي سوچيم متان اتي نه وڃي لڪو هجي ڇاڪاڻ ته هونءَ به اسڪول طرف گهڻو ايندو ويندو هو. چوڪيدار منھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسي اڳيان اچي بيھي رهيو ۽ اندر وڃڻ نه ڏنائين ، مون هن کي ٻڌايو.
” آءٌ هن ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ ڳولهي رهيو آهيان متان اسڪول اندر لڪو ويٺو هجي“
هن چيو ”سائين هونئن ته هيڏانھن ايندو ويندو آهي، پر اڄ مون هن کي نه ڏٺو آهي“
”تون هن کي ڏسندي به اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيندو آهين، تو کي اهو خيال به نه ٿيندو آهي ته ڪٿي ڪنھن ٻار کي ڏاڙهي وجهي ته پوءِ؟“
هن پنھنجي مجبوري ٻڌائيندي چيو. ”سائين آءٌ هن کي ڪيئن روڪيندس، هو سڌو هيڊ ماستر صاحب جي آفيس ۾ به هليو ويندو آهي ته هو هن کي نه روڪيندو آهي. شاگرد ته هن مان ايڏو مانوس ٿيل آهن جو هتي ته ڇا، گهرن ۾ وڃي به هن جون ڳالهيون ڪندا آهن. سائين اسان جي اسڪول ۾ ته هن جون ڪھاڻيون مشھور آهن ته هو ڪيڏو نه پيارو ڪتو آهي، هن جي ڀونڪڻ ۽ عجيب و غريب حرڪتن جو شاگردن تي اهڙو ته اثر پيو آهي جو هنن بيھودگيءَ ۽ بيحيا ئيءَ کي فن ، ثقافت ۽ تھذيب جو نالو ڏئي پاڻ کي ۽ اسڪول کي بيحيائيءَ جو اهڃاڻ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ وري پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ عورت ، مزدور ، استاد ، ۽ شاگرد وغيره جي آزادي جا نعره هڻي عورت کي عزت کان، شاگرد کي پڙهائيءَ کان ، استاد کي پڙهائڻ کان ۽ سماج کي قدرن کان آزاد ڪرائڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. هن در در تا ٽڪر پنندڙ ڪتي کي ڏسي ڪري شاگرد هر ان شخص اڳيان پڇ لڏائيندا ٿا وتن جٿان هنن کي جعلي ڊگري، جعلي نوڪري ۽ جعلي عھدو ملڻ جي اميد هوندي آهي.“ هن ڇتي ڪتي جون وصفون بيان ڪندي چيو.
”ڇا، اسڪول جي هيڊماستر کي خبر نه آهي، ته هن ڇتي ڪتي ڪيترن ٻارن کي ڏاڙهيو آهي؟ “مون هن کان پڇيو.
هن ٻڌايو. ”سائين هن کي ته پنھنجي به خبر نه آهي، ته کيس ڪنھن ڇتي ڪتي کاڌو آهي يا نه، اسڪول جي شاگردن جي هن کي ڪھڙي خبر! بس هن جو اهو ڪم آهي ته رڳو اهو چيڪ ڪري ته اسڪول ۾ ٻارن کي مليل نصاب صحيح پڙهايو پيو وڃي يا نه. اُهو نصاب جنھن سان شاگرد سٺا انسان نه پر پڙهيل لکيل سٺا نوڪر بڻجي سگهن.“
مون اسڪول جو جائزو ورتو۽ هر ڪنڊ پاسي کي جاچي ڏٺم. ڪٿي به اهو ڪتو نظر نه آيو. سوچيم ته متان ڪاليج ڏانھن ويو هجي، ڇاڪاڻ ته اتي هن لاءِ لڪڻ جون گهڻيون جايون هيون پوءِ اتان سڌو ڪاليج جو رخ ڪيم. واٽ تي ويندي ويندي ياد آيم ته منھنجي ڪاليج جي ڏينھن دوران اُن ڇتي ڪتي هڪ شاگرد کي چڪ هنيو هو ۽ هن جي چڪ لڳڻ کان پوءِ اُن شاگرد ۾ عجيب قسم جي ڀونڪ پيدا ٿي هئي. هن مان ڪاليج جي استادن جو ته ڇا پر ماءُ پيءُ جو به ادب احترام نڪري ويو هو. ڇتي ڪتي جي چڪ کان پوءِ هُن جو پڙهائيءَ ڏانھن ڌيان گهٽ تقريرن ۽ جلسن ڏانھن ڌيان وڌي ويو هو، چڱو ڀلو نيڪ نمازي ڇوڪروشراب ۽ شباب جو متوالو ٿي ويو هو، جنھن شخص کي هن دنيا جي پرواهه نه هجي اُن جي آخرت جي ڀوءَ جِي ڇا ڳالهه ڪجي. مذهب ۽ مذهبي مُقدسا ت کي سرِعام گهٽ وڌ ڳالهائيندو وتندو هو پر ڪير به هن کي خاموش ڪرائي نه سگهندوهو، ڇو ته هو ڇتو ٿي ويو هو ۽ ڇتو ڪنھن کي به چڪ هڻي ٿي سگهيو.
ڪاليج جي چوڪيدار منھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسندي به اندر وڃڻ کان نه روڪيو، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه ڪاليج ۾ هٿيار کڻي وڃڻ فيشن ۾ شمار ٿيندو آهي. آءٌ سڌو پرنسپل جي آفيس ۾ ويس. هو منھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ رڙ ڪندي چيائين.
” ڪجهه دير اڳ ته تنھنجا ساٿي امداد جي رقم ۽ جلسي ۾ وڃڻ لاءِ ٻه بسون وٺي ويا آهن وري تون ڇو آيو آهين؟ “
” سائين آءٌ ڪنھن تنظيم طرفان نه پر علائقي وارن طرفان آيو آهيان، هو ڪتو هاڻي ڇتو ٿي پيو آهي، جيڪو اوهان جي ڪاليج ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ، اڄ مون هن کي مارڻ جو پڪو پھه ڪيو آهي تنھن ڪري اوهان وٽ آيو آهيان ته متان اوهان کي ڪا خبر هجي.“ مون کيس سمجهائيندي چيو.
پرنسپال حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسندي چيو.
” ڪاش! هن ڪتي جي مونکي خبر هجي ها ته مان به تو سان گڏ کيس مارڻ هلان ها، هن منحوس ڪتي مونکي تمام گهڻو تنگ ڪيو آهي. جڏهن کان هن ڪاليج ۾ پير رکيو اٿس تڏهن کان ڪاليج ۾ ڪلاسن کان وڌيڪ پارٽيون ٿي ويون آهن ۽ هر پارٽي پاڻ کي سڀ کان وڌ قوم پرست ، حق پرست، سماج سڌارڪ ۽ انقلابي هجڻ جي دعوى پئي ڪري. هر شاگرد تي رڳو چي گويرا، نيلسن منڊيلا، لينن ۽ ڪارل مارڪس ٿيڻ جو ڀوت سوار ٿي پيو آهي، ڄڻ ته راوڻ جي ظلم جي لنڪا ڊاهي قوم کي آزاد ڪرائڻ وارو رام، فرعون جي اقتصادي، طبقاتي ۽ جبري غلبي کا قوم کي آزادي ڏيارڻ وارو موسى ، آزر جا بت ڀڃي، نمرود جھڙي خدا جي انڪاريءَ کان قوم کي آزادي ڏياريندڙ ابراهيم ۽ ابو جھل، ابولھب جي جھالت ۾ قيد امت کي علم جي نور سان هميشه لاءِ آزاد ڪرائڻ وارو پيارو پيغمبر حضرت محمد ﷺدنيا۾انقلاب سمجها ئڻ آيا ئي نه هئا. هر ڏينھن هڙتال ۽ هر ڏينھن ڪارو ملھائي پنھنجي تعليمي مستقبل کي ئي ڪارو ڪري ڇڏيو اٿن، رياست ۾ لفاظي انقلاب جي دوکي ۾ تعليمي ادارن ۾ انقلابي تباهي پيا آڻن.“
هن وڌيڪ چيو” آءٌ پاڻ سمجهان ٿو، جيستائين اهو ڪتو نه مرندو تيستائين شاگرد ان لفاظي انقلاب جي ڄار مان نه نڪري سگهندا.“
پرنسپل ته ذري گهٽ اٿي مونسان گڏ ڪتي جي ڳولا لاءِ نڪتو پئي پر مون کيس سمجهائي آفيس ۾ ويھاريو ۽ پاڻ ڪاليج ۾ ڳولهڻ لاءِ نڪري ويس. مون ڪاليج جي لان جو رخ ڪيو،لان عمارت جي پوئين طرف هو جتي چوڌاري وڏيون جهاڙيون هيون ، جن ۾ هو لڪي سگهيو ٿي، آءٌ اڳتي وڌيس ته هڪ وڻ پٺيان ٿورڙي چرپرٿيندي محسوس ٿي، ٿورو اڳتي وڌيس ته سامهون ڪتو بيٺو هيو. مون کي ڏسندي ئي سمجهي ويو ته آءٌ کيس مارڻ آيو آهيان . وٺي بل ڏئي اتان ڀڳو مون پويان ٻه فائر ڪيا پر منھنجو نشانو خطا ٿي ويو. ڪتو ڪاليج جي گيٽ کان ٻاهر بل ڏئي ڀڄي ويو پر هاڻِ مونکي گهٽ ۾ گهٽ اهو يقين ٿي ويو ته هو وري ڪاليج ۾ اچڻ جي همت نه ڪندو.
هن ڇتي ڪتي پاڙي ۾ رهي ڪري گهڻا ڪرتب سکي ورتا هئا صبح جو جيئن هاڪر اخبار ڦٽي ڪندو هو، هي مالڪ کي ناشتي کان اڳ وڃي بيڊ تي اخبار ڏئي ايندو هو ڄڻ ته اخبار هن جي خبرن سان ڀري پئي هجي، هر ڪنھن سان هٿ ائين گرم جوشيءَ سان ملائيندو هو جيئن فرنگي فوجي پنھجي ڀوري آفيسر سان ملائيندا هئا، سلوٽ ته وري ائين ڪندو هو ڄڻ نازي فوجي هٽلر اڳيان بيٺو هجي.
هن جي پٺيان وڃڻ کان اڳ ضروري سمجهيم ته رستي ۾ ايندڙ ميونسپالٽي آفيس ۾ اطلاع ڏيندو وڃان ته جيئن اهي به هن ڪتي کان آگاهه ٿي وڃن ۽ پنھنجا ماڻهون به هن کي پڪڙڻ لاءِ موڪلن. مون جيئن ئي ميونسپل ايڊمنسٽريٽر وٽ پھچي هن کي ڇتي ڪتي جي باري ۾ ٻڌايو ته ايڊمنسٽريٽر وراڻيو.
” سائين اسان انهن ڪتن کي، نه پڪڙي ٿا سگهون ۽ نه ئي وري ماري ٿا سگهون ، جن ڪتن جي ڳچيءَ ۾ پٽو لڳل هجي ۽ هن ڪتي کي ته گهڻا ئي پٽا لڳل آهن. اسين هن کي ڪيئن ٿا پڪڙي سگهون؟“
مون کيس ٻڌايو، ”سر هو ڇتو ٿي ويو آهي، هن کان علائقي جي عوام کي تمام گهڻو خطرو آهي، مھرباني ڪري هن کي پڪڙيو، ڪٿي دير نه ٿي وڃي ۽ پوءِ پاڻ ويٺا هٿ مھٽيون.“
هن معذرت ڪندي چيو. ” سائين! اها ته اسان کي گهڻو اڳ ئي خبر هئي ته هو ڇتو ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به اسين ڪجهه نه پيا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته هن جي ڳچي ۾ لڳل پٽن، اسان کي مجبور ڪيو آهي، جيڪڏهن اسان هن کي پڪڙيو ته سڀ کان اڳ انهن پٽن جا مالڪ اسان جي ڳچيءَ ۾ پٽا وجهي جيل اماڻيندا يا وري هن وانگر آزاد ميڊيا تي، اسان خلاف لائيو ٽرانسميشن ڏيکاري ويندي ته ڪيئن اسان هڪ مظلوم کي پڪڙيو آهي. جي ائين نه ٿيو ته سڀاڻي جي اخبار ۾ اچي ويندو ته اسان هڪ قومي اثاثي کي ڌڪ رسايو آهي ۽ پوءِ سڀاڻي توهان ئي منھنجي خلاف لکيل هر اخبار مان چونڊي ڪالم پڙهي ٻڌائيندوءَ ته مان قوم ۽ ڌرتي جو غدار آهيان.“
آءُ چڱيءَ طرح سمجهي ويس ته ڪتي جي ڳچيءَ ۾ پيل پٽا، ڪتي جي آزاديءَ ۽ هن جي غلاميءَ جو سبب آهن. بھرحال آءٌ خاموشيءَ سان اُتان نڪري آيس ۽ سوچيم ته جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي، اهو مونکي ۽ علائقي جي ماڻهن کي ڪرڻو آهي. اهو سوچي فيصلو ڪيم ته ڇو نه پاڻ سان ڪجهه ماڻهن کي گڏ ڪجي ته جيئن هن کي هٿ ڪرڻ ۾ سھولت ٿئي. هونءَ به چوندا آهن ”ٻه ته ٻارنھن“. اهو سوچي آءٌ سڌو وڏيري سائينداد جي اوطاق تي ويس، مون سمجهيو پئي ته سڀ کان وڌيڪ هن ڪتي کان خطرو وڏيري کي هجڻ گهرجي، اهو اُن ڪري جو سڀ کان وڌيڪ هن ڪتي وڏيري جي هارين کي ڏاڙهيوآهي، هن جو ڏاڙهيل هڪ ڪمدار ته ڇتو ٿي هن کي ڇڏي وڃي ڪنھن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيو هو ۽ هن خلاف اوستائين ڀونڪندو رهيو جيستائين اليڪشن کٽي اسيمبليءَ ۾ نه پھتو .
”وڏيري سائيندادا کي ٻڌاءِ ته محمد حسن ملڻ آيو آهي.“ نوڪر نڪتو ته مون کيس چيو.
وڏيرو اوطاق ۾ مونسان مليو، مون کيس چيو.” سائين هو ڪتو ته هاڻي صفا ڇتو ٿي پيو آهي، هلو ته هلي اُن کي ماريون. توهان جي ته گهڻن هارين کي هو ڏاڙهي چڪو آهي“.
وڏيري وڏي پر سڪون انداز ۾ وراڻيو.” ابا مونکي ته هن ڇتي ڪتي مان ڪو ڊپ ڪونهي. هن جيترا منھنجا هاري ڏاڙهيا آهن، ان کان وڌيڪ مونکي ملي ويا آهن، الحمدالله زمين به مونکي اڳ کان جهجي آهي ، اڳ ته آءٌ رڳو زميندار هيس، پر هاڻي ته سياست ۾ به پير پاتو اٿم .“
مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”پر سائين هو اوهان جي زمينداري ۽ سياست ٻنهي لاءِ خطرو آهي. هن جي ڏاڙهيل ماڻهونءَ لاءِ وڏيرو ته ڄڻ وڏو دشمن آهي ڪير توهان جي وڏيرائپ قبول ڪندو ، ڪير توهان کي ووٽ ڏيندو“.
وڏيري سائينداد کلي چيو.” اڙي چريا! هن جي ڪري منھنجا ماڻهون ايترا خراب ۽ منھنجا ووٽ ايترا نه ڪريا آهن، جيترو هن جي ڪري نوجوانن جي تعليم، عقل ۽ شعور هيٺ ڪريو آهي ۽ تون چڱي طرح سمجهي سگهين ٿو ته گهٽ تعليم ۽ ڪم عقليءَ جو نتيجو بيروزگاري ۽ بدحالي آهي ۽ جتي بيروزگاري هوندي اُتي مونکي هاري به ملي ويندا ته ووٽ به.“
وڏيري مونکي حيران ڪري ڇڏيو. مون پنھنجي حيرانگي ساڻ کڻي اتان نڪرڻ ۾ ئي بھتري سمجهي ۽ نڪري سڌو هڪ ديني مدرسي جو رخ ڪيم، مونکي پڪ هئي ته هتان مونکي هن ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ ضرور ٻه ٽي ماڻهون ملي ويندا، آءٌ مدرسي ۾ سڌو مولوي صاحب جي حجري ۾ ويس. جيڪو منھنجي هٿ ۾ دونالي بندوق ڏسي حيران ٿي ويو ۽ ائين اچڻ جو سبب پڇڻ لڳو.
مون مولوي صاحب کي چيو، ”سائين! هو پاڙي وارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي، مونکي ڪجهه ماڻهون ڏيو ۽ پاڻ به هلو ته هلي ان ڇتي ڪتي کي ماريون. هن علائقي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏاڙهيو آهي ۽ هن جو ڏاڙهيل چاهي جوان هجي يا پوڙهو،مرڻ گهڙيءَ تائين اوهان جي مدرسي جو رخ نه ٿو ڪري ۽ نه ئي وري اوهان جو لکيل مواد ٿو پڙهي. مون ته اوهان جي ڪيترن شاگردن کي هن ڪتي جو نشانو بڻجندي ڏٺو آهي.“
مولوي صاحب وڏي اطمينان سان فرمايو” سائين الحمدالله! اسين هن ڇتي ڪتي کان گهڻو بچيل آهيون، مون پنھنجن شاگردن کي اهڙي ويڪسين ڪرائي ڇڏي آهي جو هن ڇتي ڪتي جو وائرس ته ڇا، پر مدرسي کان ٻاهر جي ڪا به شيءِ هنن تي اثر انداز نه ٿيندي. باقي ڳالهه جيستائين علائقي جي ماڻهن جي آهي، سو اهو اسان جو ڪم نه آهي، اها ذميداري رياست ۽ رياست جي ماڻهن جي آهي اسان جو ڪم ماڻهن کي نمازپڙهائڻ ۽ عبادات سيکارڻ آهي، سو اسين هتي آرام سان ڪيون پيا باقي ٻاهرين ماڻهن سان اسان جو ڪھڙو ڪم؟“
مون حيران ٿيندي چيو، ” ڇو سائين! توهان صرف انهن ئي شاگردن کي پيا پڙهائيندا، جيڪي هن وقت اوهان جي مدرسي ۾ پڙهن پيا ؟ ڇا اوهان کي نوان شاگرد نه کپن ؟ ۽ ڇا اوهان ٻين ماڻهن لاءِ نه سوچيندا ؟ انهن کي ڀلائي جي راهه نه ڏيکاريندا ته اهي ڪيئن هن ڇتي ڪتي مان جان ڇڏائن.“
هن منھنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو. ” بابلا! جن مونکي پنھنجا ٻار پھريان ڏنا آهن اتان مونکي شاگرد پيا ملندا رهندا. باقي رهي ڳالهه ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ جي، ته مون گهڻو وقت اڳـ۾ ڪوشش ڪئي هئي، ته ان ڇتي ڪتي کان پھچندڙ نقصانن کان ماڻهن کي آگاه ڪيان، پر ماڻهن کي منھنجون عقلي ڳالهيون نه پر ڪتي جو ڀونڪڻ پسند پئي آيو، سو مون به کڻي چپ ڪئي، هاڻي اسان کي هن مدرسي ۾ نمازوعبادات سيکارڻ لاءِ ڇڏي ڏيو باقي اوهان ڄاڻو اوهان جا ڪم.“
منھنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي ، هن ڪتي جا ٻه وڏا شڪار وڏيرو ۽ روائتي ملان ايترا مطمئن هئا. آءٌ ته ائين پيو سمجهان ته هن ڇتي ڪتي ڪري ٻنهي کي ڳچ نقصان رسيو هوندو، پر مان غلط هيس هن ڇتي ڪتي کان انهن کي ڪو خطرو نه هو ، جيڪڏنھن خطرو هو ته عام ماڻهوءَ کي. علائقي ۾ هن جي موجودگيءَ اسڪول ،ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، جنھن سان نوجوانن جي علمي ساڃاهه ۽ عقلي اوسر مسلسل هيٺ ڪري رهي هئي، جنھن پوري علائقي جي شعور کي ڇيھو رسايو هو.
هاڻي پاڻ کي پنھنجي بندوق سان گڏ اڪيلو محسوس ڪيم ۽ فيصلو ڪيم ته هن ڇتي ڪتي کي اڪيلوئي انجام تي پھچائيندس. آءٌ مدرسي مان نڪري گهٽين ۽ گهرن جي پاسن کان ڇتي ڪتي کي ڳولهڻ لڳس. هڪ گهٽيءَ جي ڪنڊ کان هو مونکي نظر آيو، مون تي نظر پوندي ئي وٺي ڀڳو. هن جي اڳيان هڪ بند گهٽي هئي. مون بند وق کي لوڊ ڪيو ۽ دل ۾ سوچيم ته هاڻي هي ڪتو منھنجي هٿان ختم ٿيندو، پر ان کان اڳ جو آءٌ مٿس فائر کوليان ها، هو ٽپو ڏئي ڀر واري بنگلي ۾ گهڙي ويو.
مون بنگلي جو در کڙڪايو. در کليو ۽ منھنجي سامهون علائقي جو هڪ وڏو نالي ماتر عوام دوست، قوم پرست ۽ سماج سڌارڪ قلم ڪار بيٺو هو، جنھن مونکي اُن وقت بندوق سان گڏ پنھنجي گهر جي سامهون ڏسي حيران ٿيندي دڙڪي سان پڇيو.
” ڇا ٿيو آهي؟ ڇو هن وقت بندوق کڻي دهشت ٿو ڦھلائيندو وتين، وڃ وڃين گهر آرام ڪر ۽ ٻين کي به سڪون جو ساهه کڻڻ ڏي.“
مون هن کي ٻڌايو.” ادا! هو ڇتو ڪتو اوهان جي گهر ٽپي آيو آهي ۽ مون کي اڄ اهو ڪتو مارڻو آهي.“
هن ڪاوڙ مان چيو” اڙي ! ڇو ڇتو ٿيو آهين؟ هو هڪ معصوم جانور آهي ۽ جانورن کي به جيئڻ جو حق آهي. هو هڪ سھڻو ۽ سٺو ڪتو آهي ۽ هن سڀني ماڻهن کي پئي خوش ڪيو آهي، ڪنھن کي به ڪو نقصان نه پھچايو اٿس، باقي تو کي الائي ڪھڙي هن مان تڪليف آهي.“
مون کيس جواب ڏنو.” ادا سڀني کي بلڪل جيئڻ جو حق آهي، پر هي ڪتو ڇتو ٿي چڪو آهي ۽ هن جو کاڌل هر ماڻهون هن وانگر ڇتو ٿي ڀونڪڻ لڳو آهي، ان کا اڳ جو اسين سڀ هن جي وائرس جا شڪار ٿي وڃون ۽ ڀونڪڻ لڳون آءُ هن قصي کي هميشه لاءِ ختم ٿو ڪرڻ چاهيان، پليز! اوهان منھنجي اڳيان پري ٿي وڃو.“
هن ويتر ڪاوڙ مان چيو ” آءٌ تو کي ڪڏهن به هن کي مارڻ ڪونه ڏيندس، هر ڪنھن کي پنھنجي خيالن جي اظھار جي آزادي آهي، جي هن کي اچي ئي ڀونڪڻ ٿو ته هو ڀونڪي ئي اظھار ڪندو نه.“
مون وري کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي” ادا! هن پاڙي جي ڪنھن ٻار، ڪنھن جوان ڪنھن پوڙهي کي نه ڇڏيو آهي، سڀني کي پنھنجي چڪ جو نشانو بڻايو اٿس، هن جو وائرس اسان جي علائقي، اسان جي نسل ۽ سڄي قوم لاءِ خطرو آهي. اوهان نه سمجهندا، اوهان پري ٿيو آءٌ اڄ هن کي نه ڇڏيندس“.
هن ٿڌي دماغ ۽ اطمينان سان چيو ” ڇا ! توکي ڪنھن دانھن ڏني آهي؟ ڇا توڏي ڪو پنھنجو زخم مرهم رکڻ لاءِ کڻي آيو آهي؟“ آءٌ لا جواب ۽ حيران ٿي ويس هن وڌيڪ چيو.
”تون بغير ڪنھن ثابتيءَ، بغير ڪنھن شڪايت جي هن ڪتي کي نه ٿو ماري سگهين، تون ڏسين نه پيو ته هن جي ڳچيءَ ۾ ڪيترا پٽا پيل آهن اهو هن سان ماڻهن جي همدردي جو ثبوت آهي، جيڪڏهن تون يا ڪير به هن کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو ته آءٌ اهو ڪونه ڪرڻ ڏيندس تون هاڻي جو هاڻي هتان هليو وڃ.“
هن جو اهو چوڻ ۽ ڪتو پڇ لوڏائي اچي هن جي پيرن ۾ ويھي رهيو ۽ پوءِ مون سمجهيو. ”ڪتو ڀلي ڇتو ٿي وڃي، پر پنھنجي مالڪ کي سڃاڻيندو آهي“ .
اُن وقت آءٌ زمان و مڪان جي قيد مان آزاد ٿي ويس، منھنجون سوچون مونکي مختلف زمانن ۽ مڪانن ۾ گردش ڪرائينديون رهيون ۽ منھنجي ذهن جي ياداشت جي خانن ۾ نقش چٽينديون رهيون، چٽا ۽ صاف نظر ايندڙ نقش جن مونکي سمجهايو پئي ته هر دور ۾ ڇتن ڪتن ، قومن ۽ نسلن جي علم، عقل، شعور ۽ ساڃاه کي ڪيرائي تباهه ڪيو آهي ۽ هر دور ۾ مفاد پرست ۽ وڪاميل عوام دوست، قوم پرست، سماج سڌارڪ قلم ڪار کيس بچائيندو رهيو آهي.
آءٌ بيوس ۽ لاچار ٿي پنھنجي برمنگهم جي بندوق سان گڏ گهر واپس وريس. بندوق ڦٽي ڪري قلم کنيم ۽ پاڻ کي سمجهايم ته جيڪا شيءِ قلم سان مري ان کي بندوق سان ڇو مارجي ڇاڪاڻ ته هيءَ طاقت جي نه پر شعور جي جنگ آهي ۽ شعور جي جنگ قلم سان ئي کٽي سگهجي ٿي.