خود ڪش
هڪ وڏو ڌماڪو،
دل ڏاريندڙ تباهي ،
چوڌاري لاشن جا ڍير،
هر طرف ڪوڪون ۽ دانھون،
مٽي ،
دونھو ن،
ڌوڙ ۽ جنھن کان پوءِ سڀ ختم.
هو گهڻي ڪوشش کان پوءِ به بٽڻ کي دٻائي نه پئي سگهيو ، هن جي آڱر خودڪش جيڪٽ جي بٽڻ مٿان هئي، هن پنھنجي سڄي طاقت ڪٺي ڪري بٽڻ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جي ڪوشش ناڪام ٿي ويئي، هن کي ائين پئي لڳو ڄڻ آڱر هن جي جسم جو حصو ئي نه هجي يا وري هن جي جسم ۾ طاقت ئي نه رهي هجي، جو هو بٽڻ دٻائي سگهي، هن جا چپ خشڪ ٿي ويا هئا ، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري، هن وٽ وقت تمام ٿو رو هيو، هن جي ۽ جنت جي وچ ۾ بس هڪ ڌماڪي جي دير هئي ۽ هڪ وڏي تباهيءَ کان پوءِ، هو سوين لاشن تي پير رکندو جنت جي دروازي ۾ داخل ٿي ويندو.
پر هو الائي ڇو بٽڻ دٻائڻ جي ٻڏ تر جو شڪار هو، هن پنھنجي چوڌاري ماحول جو جائزو ورتو جنھن کان ڪجهه وقت پھريان هو بلڪل لاتعلق هو ، هن کي اها ته خبر هئي ته هو ٿوري دير ۾ جنت وڃڻ وارو هو پر اها خبر ڪونه هيس ته ڌماڪي کان پوءِ اتي موجود اجل جو شڪار ٿيندڙ ماڻهون جنت ۾ ويندا يا دوزخ ۾.
هن جي نظر اوچتو هڪ معصوم نينگريءَ ڏانھن ڇڪجي وئي، جيڪا ڪنھن جي چيچ کي پڪڙي ڪڏندي اچي رهي هئي.
”هن نينگريءَ ڪھڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ هي ته معصوم آهي هن ته اڃان هن دنيا کي ڏٺو ئي ناهي .“ هن جي ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀرڻ لڳا.
”متان! ائين نه ٿئي ته هن معصوم نينگريءَ کي ڌماڪي سان اڏائڻ ڪري منھنجي لاءِ جنت جا دروازا هميشه لاءِ بند ٿي وڃن!“
هن فيصلو ڪيو ته نينگريءَ جي اتان لنگهي وڃڻ کان پوءِ بٽڻ دٻائيندو. اهو پھريون دفعو هو جو هن پنھنجي ذهن ۾ اڀرندڙ سوالن جي ڪري مليل هدايت کان مختلف عمل ڪيو هو.
نينگريءَ جي لنگهڻ سان ئي هن هڪ دفعو وري ڪوشش ڪئي ته بٽڻ کي دٻائي جلد جنت ڏانھن اڏري وڃي، اڃان هن آڱر بٽڻ تي رکي ئي مس ته هن جي ديد سامهون ڪتابن جي دڪان ۾ هڪ جهوني شخص تي پئي، جيڪو ڪتابن کي ترتيب سان رکڻ کان پوءِ قرآن شريف کڻي تلاوت ڪرڻ لاءِ ويهي پيو، اهو شايد هن جو روز جو معمول هوندو ته هو دڪان کولي پھريان قرآن جي تلاوت ڪندو هو.
” هن کي جيڪڏهن قرآن سان گڏ ڌماڪي سان اڏايم ته هي جهونو ۽ قرآن قيامت ڏينھن مونکي جنت مان ڌڪي ٻاهر ڪڍندا.“ هن پنھنجي ۽ جنت جي وچ ۾ هڪ ٻي رڪاوٽ محسوس ڪئي ، هن اتان ٿورو اڳتي وڃي بٽڻ دٻا ئڻ جو فيصلو ڪيو.
هو جيئن ئي اڳتي وڌيو ته سامهون ويٺل موچيءَ تي نظر پئجي ويس جيڪو پنھنجي ضعيف هٿن سان جوتن جي مرمت ڪري پنھنجي ٻچن لاءِ حلال جي روزي ڪمائي رهيو هو، نه ته هو ڪو چور هو نه ئي ڪنھن جي اڳيان هٿ ٽنگي پني پيو، هن جي هٿ ۾ قرآن ته نه هو ۽ نه ئي وري هو تلاوت ڪري رهيو هو پر هو پورهيت ته هو .
”پورهيت ته الله جو دوست هوندو آهي پوءِ مان جي الله جي دوست کي ماريندس ته هو مونکي جنت ۾ ڪيئن داخل ڪندو.“
هن جي ۽ جنت اڳيان ور ي هي موچي اچي بيٺو، هو ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو، هن کي اڄ جنت ۾ وڃڻو هو ، وقت هن وٽ صفا گهٽ هو. هن کي چيو ويو هو ته هدف تي پھچي بٽڻ دٻائڻ ۾ دير ناهي ڪرڻي پر هن کي ٽارگيٽ سمجهه ۾ نه پئي آيو هن چوڌاري نظر ڦيرائي.
سامهون کير وارو ٻارن کي کير ڏيڻ ۾ مشغول هو.
حجم جو دڪان گراهڪن سان ڀريل هو.
مٿي فليٽن جي بالڪني ۾ڪجهه عورتون لٽا سڪائڻ لاءِ ٽنگي رهيون هيون.
ڀرسان هوٽل ۾ ماڻهون ناشتو ڪرڻ لاءِ ويٺا هئا.
روڊ تي ماڻهون پنھنجي پنھنجي منزلن ڏانھن وڌي رهيا هئا.
ڪو آفيس ڏانھن ته ڪو پنھنجي دڪان ڏانھن
ڪو اسڪول ڏانھن ته ڪو ڪنھن گيراج تي ڪم لاءِ وڃي رهيو هو.
هن کي هدف سمجهه ۾ نه پئي آيو، هن کي هتي جنت جا دروازا کلڻ بدران هميشه لاءِ بند ٿيندي نظر پئي آيا. هو حيران ۽ پريشان وچ رستي تي بيٺو هو، هن کي الائي ڇا ٿي ويو هو يا ته هن کي هتي جنت جو دروازو نظر نه پئي آيو، يا وري جنت وڃڻ جو شوق هن مان گهٽجي ويو هو.
ان ٻڏتر جو شڪار هوڪجهه ڏينھن کان وٺي هو پر هن پنھنجي ڪيفيت ڪنھن تي ظاهر ٿيڻ نه ڏني هئي، اهو ان ڪري ته ڪجهه ڏينھن اڳ پنھنجي هڪ ساٿيءَ جي اهڙي ڪيفيت استاد تي ظاهر ڪئي هئائين ۽ ان کان پوءِ اُهو ساٿي وري ڪئمپ ۾ ظاهر نه ٿيو هو.
هو دين جي معاملي ۾ سخت ۽ طبيعتْاً حساس هو ، پنج وقت نماز باقاعدگيءَ سان پڙهندو هو ۽ ديني احڪامن تي هلڻ جي پوري ڪوشش ڪندو هو پر پنھنجي چوڌاري ماڻهن کي دين کان پري ۽ دنياداريءَ ۾ گم ڏسي سدائين پريشان رهندو هو، دل چوندي هئس ته جيڪر هڪ گهڙيءَ ۾ سڀ هن جھڙا ٿي وڃن ۽ هن وانڱي سوچڻ به لڳن.
هن جي اهڙي طبيعت ڏسندي ملاڻڪي سنگت هن کي گهيرو ڪيو. هڪ دوست هن جي جذبن کي تيلي ڏيڻ لاءِ هن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنھن هن جي اندر حقيقي دينداريءَ جي وڌندڙ ٻوٽي ۾ پيوندڪاري ڪري شدت پسنديءَ جي هڪ قدآور وڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو . هو هن کي روز مختلف ملڪن ۾ مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلم جا وڊيوز ڏيکاري ، جذباتي تقريرون ٻڌائي ۽ قرآن شريف مان واقعن جي اڳ پٺ ۽ سياق سباصق ٻڌائڻ کانسواءِ، چونڊي چونڊي اڌوريون آيتون پڙهائي، هن کي ذهني طور جھاد لاءِ تيار ڪري ڇڏيو ۽ جنھن ڏينھن هن پاڻ کان سواءِ سڀن کي ڪافر ۽ مشرڪ سمجهڻ شروع ڪيو، ان ڏينھن هن کي شھر کان پري هڪ ويران گهر هيٺان ٺھيل تهخاني ۾ پھچايو ويو هو، جنھن کي هُنن جھادي ڪئمپ پئي چيو.
جھادي ڪئمپ ۾ استاد هن کي روز جنت جا اهڙا ته خواب ڏيکاريا جو دنيا جي زندگيءَ تان هن جو، ارواح ئي کڄي ويو هو، هتان جي زندگي کي پنھنجي ۽ حورن جي وچ ۾ هڪ رڪاوٽ سمجهڻ لڳو ۽ ان رڪاوٽ کي هٽائي هميشه هميشه حورن جي وچ ۾ رهڻ لاءِ هو خودڪش حملي لاءِ تيار ٿي ويو.
هن کي هڪ ٻئي ساٿيءَ سان گڏ الڳ ڪمري ۾ رکيو ويو، جتي هنن کي خود ڪش حملي جي تربيت ملڻي هئي.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ هن پنھنجي ساٿيءَ جي سوچ ۾ تبديلي ايندي محسوس ڪئي هئي، جيڪو هن جي جنت ڏانھن ويندڙ رستي تي هر روز هڪ نئين رنڊڪ اڏڻ لڳو هو.
”ڇا ضروري آهي ته اسان دين قائم ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي قتل ڪريون ۽ پاڻ به جھاد جي نالي ۾ خودڪشيءَ جي حرام موت مرون.؟“ هو سرگوشيءَ مان هن کان پڇندو هو.
”ڇو تون نه ڏسندو آهين استاد ڪيڏيون آيتون قرآن مان ڪڍي ڏيکاريندو آهي ته ڪيئن قتال ضروري آهي ۽ الله جي راه ۾ مرندڙ شھيد هوندو آهي ۽ شھادت کان پوءِ هميشه لاءِ جنت آهي. ڇا تون جنت ۾ وڃڻ نه ٿو چاهين.“ ساٿيءَ کي جنت جا خواب ڏيکاريندي چوندو هو
”ڇو قرآن شريف ۾ سوره مائده ۾ اهو ناهي لکيل ته جنھن هڪ انسان کي بي گناهه قتل ڪيو تنھن سڄي انسانيت کي قتل ڪيو، ڇا اسان جي سامهون حضور ﷺ جن جو اسوه ناهي، ڪيئن هنن 40 سال الله جي وحدانيت ۽ معرفت کان آگاھ ڪرڻ لاءِ خاموش تبليغ ڪئي ۽ اعلانِ نبوت ڪرڻ کان پوءِ جيڪي جنگيون ڪيون اهي ان لاءِ ڪرڻيون پيون جو ڪفر جي طاقتور ڌرين مسلمانن کي پنهنجي دين تي هلڻ کان هر طرح سان روڪيو پئي. هُنن لڪم دينڪم ولي دين جو معاشرو قائم ڪرڻ نه پئي ڏنو. پاڻ سڳورن پھرين ترجيح هميشه صلح ، امن ۽ مذاڪرات کي ڏني ۽ حالت جنگ ۾ به دشمن جي ٻارن، عورتن ، پوڙهن ۽ جنگي قيدين کي قتل ڪرڻ کان منع ڪيو. وري جڏهن هي چيو ويو ته الله هن دين کي مڪملڪري ڇڌيو آهي ته ان کان پوءِ دين جو مقام رڳو ڦهلائڻ سان ٿيندو، قتال سان نه ٿيندو.“ سندس ساٿيءَ هن جي اڳيان هڪ رنڊڪ بيھاريندي چيو.
” ها اهو به آهي پر الله سائين قرآن شريف ۾ سوره نساءِ ۾ فرمايو آهي ته جھاد ڪرڻ وارن جي فضيلت وڌيڪ هوندي آهي، گهر ويھي عبادت ڪرڻ وارن کان، اسان جھاد ڪرڻ وارا آهيون ۽ جھاد ۾ شھيد به ٿيا سين ته جنت ۾ ويندا سين.“ ساٿيءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين
” پر جهاد جو مطلب به سمجهو اٿئي ؟ ۽ هتي اسان مسلمانن کي ماري ڪھڙو جھاد پيا ڪيون؟ ساٿيءَ کانئس پڇيو
”ڏسين نه پيو ته ماڻهون حق جي راه کان هٽي ويا آهن ۽ هاڻي رڳو هڪ ئي رستو آهي جھاد جو.“
” اهو رستو تو پاڻ ٺاهيو آهي يا الله کان پڇيو اٿئي ؟ قرآن ته سوره يو سف ۾ چئي ٿو ته الله جي طرف دعوت جو بھترين طريقو بصيرت سان سڏڻ ۾ آهي. پنھنجي ڪردار پنھنجي اخلاق سان ماڻهن کي پاڻ طرف ڇڪيو، نه ڪي انهن کي ماري، ڀلا! اهو ته ٻڌاءِ ڪڏهن ڪنھن کي مارڻ کان پوءِ به مومن ڪري سگهجي ٿو ڇا ؟“ ساٿيءَ سوال ڪيس.
”برائي جي وڌي ويندي ته لازمي آ ته ان کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙندا آهن.“ هن عذر پيش ڪيس
”جھادين خلاف آپريشن ۾ جي جھادي ماريا ويندا آهن، ته جھادين جي ساٿين جي فوجين ۽ آپريشن سان نفرت وڌندي آهي يا گهٽبي آهي ؟“ ساٿيءَ پڇيس.
” لازمي آ جي بيگناه جھادين کي شھيد ڪيو ويندو آهي ته نفرت وڌندي آهي.“ هن اعتماد سان وراڻيس.
”پوءِ جي اسان سوين بيگناه ماڻهن کي ماريندا سين ته اُنهن جي پوين جِي اسلام ۽ اهڙن مسلمانن سان نفرت وڌندي ياگهٽبي ؟ اها دين ڏانھن سڏڻ جي دعوت چئبي يا دين کان ماڻھن کي پري ڪرڻ جو ڪارڻ. مونکي ته اها دين دشمنن ايجنڊا لڳندي آهي جن دين کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪجهه نالي نالي جي مسلمانن کي انهيءَ ڪم تي لڳايو آهي.“ ساٿيءَ کيس لاجواب ڪندي چيس.
” مونکي ته لڳي ٿو، تون ٿڪجي پيو آهين ۽ الله جي راه ۾ جان ڏيڻ کان ڊڄين پيو.“
”مان جان ڏيڻ کان نه پيو ڊڄان ، پر ان ڳالهه کان ٿو ڊڄان ته اهڙي جنت جو ڪندس ڇا جيڪا بيگناه ماڻهن کي مارڻ کان پوءِ ملي.“ ساٿيءَ جنت تان هٿ کڻندي چيس.
اهڙيءَ ريت هن کي پنھنجو هي ساٿي جنت ڏانھن ويندڙ رستي تي هڪ وڏي رنڊڪ محسوس ٿيڻ لڳو هو. هن وڃي استاد اڳيان پنھنجي ساٿيءَ جي ڪيفيت کي کولي بيان ڪيو هو ۽ پوءِ ان ئي ڏينھن هن جي ساٿيءَ کي ڪنھن نامعلوم مقام ڏانھن کڻي ويا هئا. اها خبر نه هئي ته کيس ڪھڙي مقام ڏانھن کڻي ويا هئا پر ان ساٿيءَ جي ڪيفيت سندس ذهن ۾ مقام ٺاهي ورتو هو.
هو ٻڏ تر جو شڪار ٿي ويو هو ، هن کي اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته جنھن رستي ڏانھن هو وڌي رهيو هو اهو جنت ڏانھن پيو وڃي يا دوزخ ڏانھن، هو پاڻ کي هڪ اهڙي پل تي بيٺل ڏسي رهيو هو، جنھن جي هُن ڀر ڪڏهن کيس جنت جون حسين واديون ٻانھون کولي پاڻ ڏانھن سڏيندي نظر پئي آيون ته ڪڏهن وري دوزخ پنھنجو وات ڦاڙي هن کي ڳڙڪائڻ لاءِ تيار بيٺي نظر ٿي آيو، هن کي اها ته پڪ هئي ته هو اڳتي وڌي يا پوئتي هٽي ،ٻنهي صورتن ۾ موت هن جو انجام ٿيندو پر اها پڪ ڪانه هيس ته هن جو انجام هن کي جنت وٺي ويندو يا دوزخ.
پر هاڻي سوچڻ جو نه پر عمل جو وقت هو ، استاد هن کي نئين ساٿيءَ سان گڏ خود ڪش جيڪٽ پارائي هدف ڏانھن اماڻي ڇڏيو هو، هنن کي ٻڌايو ويو هو ته حدف تي پھچي الله اڪبر چئي بٽڻ کي دٻائڻو هو.
هن گهڻي ڪوشش ڪئي هئي پر هن کان بٽڻ نه پيو دٻجي، هن کي اها به خبر هئي ، ته جي هن دير ڪئي ته استاد هن کان ناراض ٿي ويندو ، هن هڪ دفعو وري پنھنجي چوڌاري ديد ڦيرائي ، هر طرف کان زندگي جي سمنڊ جون مست ڇوليون هن ڏانھن انسانيت جي بقا جي التجا کڻي وڌي رهيون هيون. هن پاڻ کي ٻڏ تر جي ڪُن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪنھن فيصلي تي بيھارڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن کي ياد آيو ته هن کي هڪ سيل فون ڏنو ويو هو ته جيئن ڪنھن به مسئلي جي صورت ۾ مدد وٺي سگهي ، ان کان اڳ جو هو ڪال ڪري ها هن جِي فون وڳي هن فون رسيو ڪئي ٻئي پاسي استاد هو.
”ڇا ٿيو آ، تو اڃان تائين ڌماڪو ڇو نه ڪيو آ، جنت ۾ حورون تنھنجو انتظار ڪري رهيون هونديون، شھادت لاءِ دير نه ڪبي آهي“ استاد هن کي سمجهائيندي چيو.
” استاد مان ته جنت لاءِ بيچين آهيان پر لڳي ٿو هن جيڪٽ جو بٽڻ خراب ٿي ويو آهي ،ڪم ئي نه ٿو ڪري مان ڇا ڪريان“ هن دير ڪرڻ جو بھانو ٺاهي ورتو.
” اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي! مان گاڏي موڪليان ٿو ، تون هيڏانھن اچ ته مان ڏسي ٿو وٺان ته ڇا پرابلم آهي.“
هو گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو
هن فيصلو ڪري ورتو هو ته هو هت موجود سوين بيگناه ماڻهن کي ماري ڪڏهن به جنت ۾ داخل نه ٿي سگهندو، هن هڪ دفعو پنھنجي خودڪش جيڪٽ کي هٿ لڳائي ڏٺو، جيڪا هن جنت ڏانھن وڃڻ جو لباس سمجهيِ پھري هئي. هن جي ذهن ۾ استاد جا سحرانگيز جملا گونجڻ لڳا، جن سان سندس سوچن جي ڪينواس تي حورن جا حسين پورٽريٽ ٺاهيا ويا هئا. پر هاڻي هن کي استاد جو چيل هر جملو هڪ حسين دوکو لڳي رهيو هو، هُن سمجهي ورتو هو ته هڪ مومن ڪڏهن به ڪنھن مسلمان ته ڇا پر ڪنھن بيگناه انسان کي به نه ٿو ماري سگهي ، اهو صرف اسلام جو لباس پھريل ڪو منافق يا غير مسلم ئي ڪري سگهي ٿو. هن کي پنھنجي استاد ۾ هڪ وڏي اسلام دشمن قوت نظر اچڻ لڳي، جيڪا اسلام کي اسلام جي نالي سان ۽ مسلمانن کي مسلمانن کان ئي ختم ڪرائڻ گهري پئي.
گاڏي پھچي وئي، جيڪا هن کي سڌو جھادي ڪئمپ کڻي وئي ۽ ٻئي لمحي هو استاد جي سامهون بيٺو هو.
” ڇا ٿيو، ڇا پرابلم آ؟“ استاد هن کان پڇيو.
هن استاد جي اکين ۾ ڏٺو، جنھن ۾ کيس اسلام ۽ مسلمانن خلاف ڀڙڪندڙ باهه صاف نظر اچڻ لڳي، ان کان اڳ جو استاد سندس اکين ۾ پنھنجي خلاف ڀڙڪندڙ باهه ڏسي وٺي ها، هن تڪڙ ۾ استاد جي ويجهو ويندي چيو.
” پرابلم هن جيڪٽ ۾ آ استاد ، لڳي ٿو اوهان مونکي غلط جيڪٽ پارائي آهي. هيءَ جيڪٽ ڪنھن مسلمان ، معصوم ٻار، پوڙهي، عورت ۽ بيگناه جي سامهون ڪم ئي نه ٿي ڪري ، مون سو چيو ڏسون اوهان جي سامهون ڪم ڪري ٿي.“ هُن بٽڻ تي آڱر رکندي چيو.
استاد رڙ ڪري هن کي روڪڻ لاءِ ٽپو ڏئي اٿيو، پرتيستائين دير ٿي چڪي هئي. هن بٽڻ دٻائي ڇڏيو ۽ پوءِ هڪ وڏو ڌماڪو ۽ سڀ ڪجهه ختم.“