واپسي
آءٌ اسٽيج تي معزز مھمانن سان گڏ ويٺو هيس، هي سڄو وايو منڊل منھنجي ڪري ئي سجايو ويو هو. آءٌ اسٽيج تي ويٺو ته هئس پر منھنجون سوچون سڄي هال ۾ گردش ڪري رهيون هيون، منھنجو حال توڙي جي هال ۾ ويٺل ماڻهن جي حال کان مختلف نه هيو، پر ماضي وري هال ۾ لڳل تصويرن جي حال جو جيئرو جاڳندو اهڃاڻ هو.
ٿوري دير ۾ رسمي تقريرون شروع ٿيون.
” اسان دنيا کي ڏيکارڻ ٿا چاهيون ته بک ۽ بدحالي ڇاکي چئبو آ“......
” اسان جون مائرون اسان جون ڀينرون ٿر جي ريگستان ۾ پنھنجي آجپي جي جنگ وڙهي رهيون آهن ......“
” اسان سڀن جو هت گڏ ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان ٿرواسين سان گڏ آهيون“......
” جس هجي هن انٽرنيشنلNGOکي جنھن هيڏو وڏو سيمينار ڪوٺائي اسان جي اڳيان ٿر جي حالتن کي پيش ڪيو.......“
هرڪو اسٽيج تي اچي ٿر جي حالت تي روشني وجهي، پنھنجي روشن خياليءَ جو مظاهرو ڪندو ٿي ويو ، آءٌ معمول مطابق پنھنجي واري جي انتظار ۾ سڀن کي ٻڌندو رهيس.
منھنجو وارو سڀن کان آخر ۾ هوندو هو ڇو ته مونکي ٿر جي بک ۽ بدحاليءَ تي ڪيل کوکلين تقريرن ۾ حقيقت ۽ لڳل بي جان تصويرن ۾ روح ڦوڪڻ لاءِ آخر ۾ پيش ڪيو ويندو هو. اهو انڪري ته آءٌ ان بک ۽ بدحاليءَ مان نڪري آيل هڪ زنده مثال هيس ، آءٌ هنن سڀني لاءِ هڪ عملي نمونو هيس.
آءُ مٺيءَ کان ڪي ئي ميل پري هڪ ڪکائين گهر ۾ هوش سنڀاليندڙ، بکن جو ستايل ٻارهيس، پنھنجي ماءُ سان گڏ پري پري کان پاڻي ڀري اچڻ منھنجي پيرن ۾ اها سگهه ڏئي ڇڏي هئي جو جسماني طور ڪمزور هئڻ باوجود به ٿر جي ريگستاني علائقي ۾ اٺ وانگر ڊوڙندو هئس. جڏهن سانڀر سان ٿيس ته مٺيءَ پنڌ ايندو ويندو هيس پوءِ اتي هڪ سيٺ جي دڪان تي نوڪري ڪرڻ لڳس ، سيٺ روزانو صبح جو اخبار پڙهي ته آءٌ عجيب نظرن سان کيس ڏسندو هئس ، جڏهن سيٺ اخبار جي آخري پيج تي لڳل ماڊلز جي رنگين تصويرن سان پنھنجي من اندر رنگ ڀرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هو ته ان وقت آءٌ فرنٽ پيج تي لکيل وڏين وڏين سرخين کي پنھنجي ننڊڙي ذهن سان سمجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هئس. سرخين ۾ لکيل اکرن جو مفھوم پڙهي نه سگهڻ ڪري سمجهي نه سگهندو هئس پر هر ڏهاڙي اخبار ۾ لکيل اکر اهو ضرور سمجهائي ويندا هئا ته مونکي پڙهڻ گهرجي، اهڙي طرح مون ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو ، مون سيٺ جي نوڪري ڇڏي اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. آءُ بغير داخلا بغير ڪتابن جي وڃي ڪلاس ۾ ويھي رهندو هئس جنھن تي استاد ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو هو پر آءٌ به وري ٻئي ڏينھن اچي ڪلاس ۾ ويھي رهان، استاد ڪڍڻ کان نه مڙي آءُ اچڻ کان نه مڙان . اسڪول جو هيڊماستر منھنجو اهڙو شوق ڏسي حيران ٿي ويو . هن منھنجي پڙهڻ جو ذمو پنھنجي ڪلهن تي کنيو. اٺين تائين ڪورس مڪمل ڪرائي سرٽيفيڪيٽ وٺرائي نائين ۽ ڏهين جو امتحان گڏ ڏياري مونکي ڪاليج ۾ ويھاريائين. ڪاليج ۾ آءٌ پڙهائيءَ جا ريڪارڊ قائم ڪرڻ لڳس. ٻين جي حيرانگي مونکي انڪري حيران نه ڪندي هئي، جو آءٌ پاڻ ايترو حيران هئس جو صبح جو ننڊ مان اٿي ڪاليج وڃڻ کي خواب ۽ وري رات جو خوابن ۾ ٿر جي ريگستانن ۾ رلڻ کي حقيقت سمجهندو هئس. مونکي ائين تيزيءَ سان اسرندو ڏسي هڪ انٽرنيشنل NGO مونتي هٿ رکيو ۽ منھنجي پڙهائڻ لکائڻ جو ذمو به کنيو، هيڊماستر صاحب جي گذاري وڃڻ ڪري آءٌ به پريشان هئس پوءِNGOجي سھاري پڙهائي جاري رکندي يونيورسٽي مان سوشالاجي ۾ ماسٽرس ڪري آيس .
جنھنNGOمونکي سھارو ڏنو هو، اها ٿر جي تعليمي معيار، تعليمي ڄاڻ ۽ تعليمي سھولتن جي ترقيءَ تي ڪم ڪري پئي. منھنجي سوشالاجي ۾ ماسٽرس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، ان ئي NGO مونکي جاب ڏئي پنھنجي تعليمي ترقيءَ جي ڪم جو حصو بڻائي ڇڏيو. تعليم جي ترقيءَ تي ڪم ڪيم به الائي نه پر پاڻ ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندو پئي ويس ، پھريان حيدرآباد پوءِ ڪراچي ۽ آخر ڪار اسلام آباد شفٽ ٿي ويس ، 5 سالن کان ٿر جي بک، بدحاليءَ ۽ تعليمي معيارتي ڪوٺايل ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر سيمينارن ۾ پنھنجي ڪاميابيءَ جي مثالن ۽ NGO جي ڪردار تي تقريرن ڪرڻ ۾ ايڏو ته مصروف رهيس جو ٿر کي ويجهي کان ڏسي ئي نه سگهيس، پر ٿر جي بک، بد حاليءَ ۽ تعليمي معيارجو حال ڪڏهن اخبار ۾ پڙهي وٺندو هئس يا وري نيوز چينل تي ڏسي وٺندو هئس. مونکي ڪڏهن ڪڏهن اهو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته مون ٿر مان بک ۽ بدحاليءَ کي هميشه لاءِ ڪڍڻ لاءِ ٿر ڇڏيو هو، يا وري پاڻ کي بک ۽ بدحاليءَ مان ڪڍڻ لاءِ ٿر هميشه لاءِ ڇڏي آيو هئس.
گذريل مھيني بابا سائين پنھنجي سوٽ جي انتقال تي مونکي زوريءَ ڳوٺ وٺي ويو هو. مون جڏهن ٿر جي واريءَ تي پنھنجن پيرن ۾ پاتل امپورٽيڊ ڪيٽرپلر جا بوٽ رکيا ته ٿر مان صور ڦوڪجڻ جھڙي دانھن نڪتي . جنھن ٿر ۾ پيرين اگهاڙي ميلن جا ميل ڊوڙندو وتندو هئس ان ٿر ۾ امپورٽيڊ بوٽ پاتل هوندي به هڪ وک کڻڻ ڏکي پئي لڳم. ڳوٺ پھچڻ تي ائين لڳم ته ڄڻ هتان جي هر اک منھنجي ڪاميابي جي سفر کي ڏسڻ ۽ هر ڪن منھنجي ڪھاڻي ٻڌڻ پيو گهري پر مونکي پنھنجي حيرانگيءَ وڌيڪ پريشان تڏهن ڪيو جڏهن اهو احساس ٿيم ته هت نه ٽي وي آهي ۽ نه وري اخبار، نه ڪو پڙهي ٿو ۽ نه وري ڪو خبرون ٿو ڏسي ته پوءِ آءٌ پنھنجي ڪاميابيءَ جون ڪھاڻيون هُنن وڏن وڏن سيمينارن ۾ ڪنھن کي پيو ٻڌايان ؟
انهن کي، جن جو نه ته ٿر سان ۽ نه وري ٿري زندگيءَ سان ڪو واسطو آ، جڏهن منھنجي تقريرن مان ٿرواسين کي ڪو لاڀ ئي نه ٿو ملي ته پوءِ هنن سيمينارن ۾ ڊگهيون ڊگهيون تقريرون آخر ڪنھن لاءِ !.
مونکي اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هتNGOsبک ۽ بدحاليءَ کي ٿرمان ڪڍڻ جو ڪم ڪري رهيون هيون يا بک ۽ بدحاليءَ سان پنھنجي سر پاڻ مھاڏو اٽڪائيندڙ ٿرواسين کي ٿر مان ڪڍڻ جو ڪم ڪري رهيون هيون.
انگ اکر ڏسڻ سان ائين پيو لڳي ته جي ٿر جي امداد جي نالي تي ڪٺي ڪيل رقم، ٿر تي خرچ ڪئي وڃي ها ته ملڪ ۾ هڪ نئون شهر اڏجي وڃي ها ، ۽ وري ٻئي پاسي ٿر جي گهر گهر جا جيترا انگ اکرNGOsڪٺا ڪيا هئا، جي سرڪاري ادارن وٽ هجن ها ته شايد سرڪار کي پنھنجي نااهليءَ جي خبر پئجي وڃي ها ، خبرنه پئي پيم ته ڪٺا ڪيل انگ اکر ۽ خرچ ڪيل رقم مان فائدو ڪير پيو وٺي.
مون کي ٿر ۾ ڪجهه ڏينھن گذاري اهو احساس ٿيو ته هيترا سال آءٌ جن ماڻهن اڳيان پنھنجي ڪاميابيءَ جا راڳ ڳائيندو رهيس،انهن ۾ ته ڪو فرق نه پوڻو هو پرٻئي پاسي جي آءٌ هتي جي ماڻهن ۾ رهي ڪري انهن جي محنت ۽ ارادن ۾ پنھنجي ڪاميابيءَ جي قصن سان روح ڦوڪيان ها ته شايد ڪيترائي مون جھڙا ٻيابه پيدا ٿي پون ها.
جڏهن کان آءٌ، ٿر کان ٿي آيو هئس ته مون اهو سمجهي ورتو هو ته اڪثرNGOsجو ٿر لاءِ ڪم ڪرڻ جو طريقو غلط آهي. اهي سڀ ان شخص وانگي آهن، جيڪو ڪناري تي بيھي ٻڏندڙ ماڻهن جا فوٽو ڪڍي فيس بڪ تي ته لڳائي ٿو ، پر هٿ وڌائي انهن کي ڪناري تي نه ٿو پھچائي. ان ئي ڪري منھنجي سيمينارن ۾ تقريرن ڪرڻ تان صفا دل کڄڻ لڳي هئي .
مون هڪ دفعو وري هال ۾ ويٺل ماڻهن ڏانھن نظر ڦيرائي، ڪو به شخص اهڙو نظر نه آيو جنھن تي منھنجي تقرير جو ڪو اثر پوڻ وارو هو. هال ۾ جذباتي تقريرن جا آواز گونجي رهيا هئا، تقريرن ۾ لفظن کان وڌيڪ رڙين سان جذبات ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. آءٌ اسٽيج تي ويٺي پنھنجي رٽيل تقرير به وسارڻ لڳس، ائين لڳي پيو ته جملا مونکان هٿ ڇڏائي پنھنجي اصلي ماڳ ڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هجن. منھنجو وارو اچڻ وارو هو سمجهه ۾ نه پئي آيم ته آءٌ اسٽيج تي بيھي ڇا ڳالهائيندس ؟ منھنجي آتم ڪھاڻي، منھنجي جدوجھد، منھنجي ڪاميابي هتي ويٺل ماڻهن جي لاءِ ته عملي نمونو آهي ئي نه ته پوءِ ڇو آءٌ هنن کي ويٺو هردفعي پنھنجا داستان ٻڌايان.مون سمجهي ورتو هو ته هت NGO صرف زخم ڏيکارڻ جو ڪم پئي ڪري ان تي مرهم رکڻ جو نه .
آخرڪار مونکي اسٽيج تي گهرائڻ لاءِ منھنجي تعريف جا بند ٻڌا ويا ، هال ۾ ويٺل ماڻهن ۾ منھنجي ڪھاڻي منھنجي واتان ٻڌڻ جو شوق اڃان به وڌيڪ جاڳي پيو سڀ نظرون مونکي تڪڻ لڳيون ، مون هڪ دفعو ٻيھر هال ۾ نظر ڦيرائي سڄو هال منهنجي اصل مخاطبن کان خالي هو. مون ڄاڻي ورتو هو ته ٿر جي حال تي جي ڪو اثر ٿيڻو هو ته اهو مون سان ۽ منھنجي ٿر سان لاڳاپي سان، پري ويھي کوکلين تقريرن ڪرڻ سان نه. مونکي تقرير لاءِ گهرايو ويو آءٌ پنھنجي ڪرسي تا اٿيس، گهڻي ڪوشش ڪيم ته ڊائيس ڏانھن وڌان پر قدمن ساٿ نه ڏنو ، منھنجا قدم پنھنجي ليکي مونکي هال کان ٻاهر وٺي آيا، مونکي ائين لڳو ته ڄڻ مونکي سڏ هال ۾ لڳل اسٽيج تان نه پر ٿر جي تتل ريگستان مان ٿيو هجي، مون ڄاڻي ورتو ته منھنجي تقرير جا مخاطب هال ۾ ويٺل شھر جا امير نه پر ٿر ۾ ويٺل منھنجا غريب ماروئڙا آهن.