ڪھاڻيون

اندر جو اُهاءُ

ڪتاب ”اندر جو اُهاءُ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي ليکڪ محترم ابو ايليا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. امداد چنا لکي ٿو:
”ابو ايليا هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو نه ته دنيا جي نشي ۾ مست دين کان اياڻو آهي ۽ نه ئي وري دينداريءَ جي مستيءَ ۾ دنيا کان پاسيرو آهي. بس هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ اهڙي انسان جي ڳولھا ڪري رهيو آهي، جيڪو يا ته ماڻهونءَ کان انسان بڻجڻ جي منزل ڏانھن وکون کڻي رهيو آهي ، يا وري انسان شناسيءَ جو اهو سفر مڪمل ڪري انسانيت جي معراج تي پھچي چڪو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 3844
  • 813
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ابو ايليا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر جو اُهاءُ

باغبان

پروفيسر احمد ڪمال جو اهو روز جو معمول هو ته هو شام جو ڊاڪٽر آفتاب انصاري جي بنگلي تي ويندو هو، جتي هو ڊاڪٽر سان گڏ لان ۾ ويھي چانھه به پيئندو هو ۽ ڪچھري به ڪندو هو.
پر اڄ هن کي الائي ڇو ڊاڪٽر آفتاب جي بنگلي تي ويٺي مزو نه پئي آيو، هن کي ائين لڳو پئي ته ڄڻ هن جي سڄي زندگيءَ جي حاصلات پاڻي ۾ ملي رهي هجي، هن کي اتي ويٺي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ هن جا حاصل ڪيل سڀ تمغا ۽ انعام هن لان ۾ دفن ڪيا پيا وڃن ۽ هو پنھنجي ئي هٿن سان انهن جي قبر کوٽي رهيو هجي.
ڊاڪٽر آفتاب پنھنجي پراڻي مالهيءَ مٿان وڄ وانگر ڪڙڪي پيو هو ۽ سندس ڪاوڙ هئي جا گهٽجڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي.
”اڙي نڀاڳا! آءٌ توکي هڪ قابل ۽ هوشيار مالهي سمجهندو هئس جيڪو منھنجي باغ جي ٻوٽن جي سٺي طريقي سان نشونما ڪندو پر تون ته ڪو جاهل نڪري پئين، هي تو ڇاڪري ڇڏيو، سڄي باغ جو ستياناس ڪري ڇڏيئي، هڪ به ٻوٽو ثابت نه بچائيئي“ ڊاڪٽر آفتاب گلو مالهيءَ جي مٿان گجندي چيو.
گلوءَ ڪجهه چوڻ لاءِ پنھنجي چپن کي حرڪت ڏني پر ان کان اڳـ۾ جو گلوءَ جا لفظ ڊاڪٽر جي ڪنن تائين پھچن ها ڊاڪٽر اڳـ۾ ئي دڙڪو ڏيندي چيس.
”خاموش مونکي سڀ خبر آهي ته تو ڇا ڪيو آهي، ڇا نه ڪيو آهي سڄو ڏينھن رڳو ٻيڙي ۽F.M Radio ٻيو ڇا ڪندو آهين.“
خبر ناهي ته ڇو ڊاڪٽر آفتاب جو گلوءَ کي ڳالهايل هڪ هڪ جملو پروفيسر احمد ڪمال کي پنھنجي ئي کوٽيل قبر ۾ پورڻ جو ڪم ڪري رهيو هو، هن کي اها خبر ئي ڪانه پئي ته هو ڪيئن اتان اٿيو۽ بنگلي کان ٻاهر نڪري آيو، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪيڏاهن وڃي رهيو هو، پنھنجي گهر ڏانھن ويندڙ رستو به هن کي اڄ اوپرو لڳي رهيو هو، جنھن رستي سان هو ڊاڪٽر جي گهر سالن کان ايندو ويندو رهيو هو اهو رستواڄ هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو، هن کي ائين پئي لڳو ته ڄڻ هو پنھنجي گهر ڏانھن نه پر ڪنھن اجڙيل باغ ڏانھن وڃي رهيو هجي ، جنھن جو هر ٻوٽو گلو مالهيءَ جي لاپرواهيءَ ڪري اُسري نه سگهيو هجي.
هن جو ذهن، هن جي سوچ منتشر ٿي چڪي هئي ، هن پنھنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏهن پاڻ کي ان زاويي کان نه ڏٺو هو. هو هڪ ريٽائرڊ سوشالاجي جو پروفيسر هو، پروفيشنل ڪيريئر جي دوران هن جون ڪي ڪاميابيون هجن يا نه پر ريٽائرمينٽ کان پوءِ هن پنھنجي ئي زندگي تي هڪ ڪتاب ”باغبان“ لکي پنھنجو نالو ملڪ جي وڏي اديبن ۽ دانشورن ۾ لکرائي ڇڏيو هو.
”۽ هاڻي آءُ ان شخصيت کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏيندس جنھن ادب جي دنيا ۾ پنھنجو ۽ سنڌي ادب جو نالو سڄي دنيا ۾ مشھور ڪرايو آهي، ادب جي دنيا جا ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا اٿس ۽ اوهان سمجهي سگهوٿا ته اها سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏي خدمت آهي سو آءُ هاڻي گذارش ڪندس هڪ عظيم ڪتاب ”باغبان“ جي ليکڪ جناب پروفيسر احمد ڪمال جن کي ته اهي اسٽيج تي اچن..............“
”سڄو هال تاڙيل جي گونج سان ڀرجي ويو هو.............”
پر اڄ الائي ڇا ٿيو هو، جو هن کي اهي سڀ پنھنجون ڪاميابيون ناڪاميون پئي لڳيون هن کي ائين پئي لڳو ڄڻ ڪا سوچ ڪا قوت هن جي هٿ مان هن جا حاصل ڪيل سڀ تمغا سڀ انعام کسي رهي هجي.
باغبان صرف هڪ ڪھاڻي هڪ آتم ڪٿا يا هڪ ڪتاب نه پر هن جي سڄي زندگيءَ جي تلخ حقيقت هئي، باغبان اهو ڪتاب هو جنھن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي مختلف رنگن کي گڏ ڪري هڪ اهڙي اسڪيچ کي تخليق ڪيو هو جنھن دنيا آڏو ماڊرن معاشري جون تلخ حقيقتون ظاهر ڪري ڏيکاريون هيون. انساني چھرن پٺيان بگيڙ نما ماڻهن کي ظاهر ڪيو هو ، عھدن ۽ رتبن تان لھي وڃڻ کان پوءِ ڪيئن ماڻهو پنھنجن جي دلين تا به لھي وڃي ٿو،هن ظاهر ڪري ڏيکاريو هو، هُن پنھنجي رڳن ۾ گردش ڪندڙ رت کي پاڻي ٿيندي ڏيکاريو هو.
پنھنجي آتم ڪٿا جو نالو باغبان رکڻ کان اڳـ۾ هن جي ذهن ۾ گهڻا ئي نالا آيا هئا پر گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن ان جو نالو باغبان رکيو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي سڄي آتم ڪٿا ۾ هن جو ڪردار هڪ باغبان وانگر هو. اهو باغبان جنھن پنھنجي باغ ۽ ان جي ٻوٽن کي نه صرف پاڻ اسرندي ڏٺو هو، پر انهن ٻوٽن جي ڦٽڻ کان وٺي وڌي وڻ ٿيڻ تائين هر ضرورت هڪ سٺي باغبان وانگر پوري ڪئي هئي، ها پر جڏهن باغ جا ٻوٽا وڻ بڻجي ميوي ڏيڻ جھڙا ٿيا ته ان وقت تائين هو پنھنجي سگهه وڃائي ويٺو هو ۽ باغ کي به باغبان جي ضرورت نه رهي هئي، عمر جي ان حصي ۾ جڏهن هو جسماني سگهه وڃائي چڪو هو، ان وقت هڪ وڌي ويل وڻ تان ميوو لاهڻ هن لاءِ مشڪل ٿي ويو هو.
”باغبان“ هن جي زندگيءَ جي هڪ وڏيAchievement هئي، باغبان هن کي ڪيترائي ايوارڊ ڏياريا هئا. ٿوري ئي وقت ۾ ان جا ترجما ملڪ جي مختلف ٻولين ۾ ٿي چڪا هئا. پر اڄ خبر ناهي ته ڇو هن کي سڀ ايوارڊ ۽ مليل تمغا پنھنجي مٿان ٺٺول ڪندي محسوس ٿي رهيا هئا. هن کي ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ هو ڊاڪٽر آفتاب انصاريءَ جي سامهون گلو مالهيءَ وانگر هٿ ٻڌي بيٺو هجي هڪ نا اهل مالهيءَ وانڱر.
هو سھڪندو سھڪندو پنھنجي گهر پھتو، جيئن ئي بيڊروم ۾ داخل ٿيو ته سامهون آئيني تي نظر پيس جتي هن کي پنھنجو عڪس بيٺل نظر آيو. جيڪو هن کان ڄڻ ته ڪجهه سوال پڇڻ چاهيندو هجي ۽ هو پاڻ کي هن جي سامهون گلو مالهيءَ وانگر بيوس ۽ لاچار بيٺل محسوس ڪندو هجي، هن پنھنجي سوچ، پنھنجي خيالن کي هٽائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر هن جي هر ڪوشش ناڪام وئي، هن جون سوچون هن کي واپس ڊاڪٽر آفتاب جي لان ۾ وٺي ويون.
ڊاڪٽر آفتاب گلو مالهيءَ مٿان وڄ وانگر ڪڙڪي رهيو هو.
”تون مونکي ٻڌاءِ جاهل! ته مالهيءَ جي ڪھڙي ذميواري هوندي آهي! پنھنجي ٻوٽن جي اسرڻ لاءِ ضروري هر شيءِ جو خيال رکڻ يا .....“
هو پنھنجي سوچن کي زوريءَ ڇڪي واپس کڻي آيو ۽ وڏي اعتماد سان پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو.
”مون پنھنجي باغ جي هر ٻوٽي جي ضرورت پوري ڪئي ننڍي کان ننڍي شيءِ کان وٺي دنيا جي هر اها شيءِ انهن کي ڏني جيڪا انهن جي اسرڻ لاءِ ضروري هئي.“
هو واقعي هڪ سٺو باغبان هو هن جي باغ جا ٽي ٻوٽا جمال،سھيل ۽ راحيل وڌي وڻ ٿي چڪا هئا ۽ اها حقيقت هئي ته اهي ائين ئي نه اسريا هئا، انهن جي وڌي وڻ ٿيڻ ۾ هن جي ڏينھن رات جي محنت شامل هئي، هن کي هڪ هڪ ڏينھن هڪ هڪ لمحو ياد آهي ته ڪيئن انهن کي پالي نپائي وڏو ڪيو هئائين. اڄ جي ڪڏهن هو سڀ وڏن عھدن تي فائز هئا ته اهو سڀ هن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جو نتيجو هو، نرسري اسڪول کان وٺي ملڪ جي وڏن تعليمي ادارن تائين ۽ ملڪ کان وٺي ٻاهرين ملڪن تائين هن هر خرچ خوشي خوشي ڪيو هو ته جيئن هن جي اولاد ڪنھن سٺي منزل تي پھچي سگهي.
هن پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو.
” آءُ اهو باغبان آهيان، جنھن پنھنجي ٻوٽن جي انهن جي خواهش مطابق ضرورت پوري ڪئي آهي“.
هن کي ياد آيو ته ڪيئن هڪ دفعي اڌ رات جو سھيل آئيس ڪريم جو ضد ڪيو هو ۽ اهو به ڊسمبر جي سرد رات ۾ ۽ هن ان وقت گاڏي ڪڍي هئي ۽ سڄي شھر ۾ گاڏي ڊوڙائي، الائي ڪٿان هُن لاءِ آئيس ڪريم وٺي آيو هو. هن کي اهو به ياد آيو ته ڪيئن جمال ڪاليج وڃڻ لاءِ موٽر سائيڪل جي فرمائش ڪئي هئي ۽ هن ٻئي ڏينھن تي هن جي هٿ ۾ بائيڪ جي چاٻي رکي هئي. هو راحيل جي رڳو هڪ نڇ ڏيڻ تي هاسپيٽل جي ڊاڪٽرن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو هو.
هن هڪ دفعو ٻيھر فاتحانه انداز سان آئيني ۾ پنھنجي عڪس ڏانھن نھاريو، پر عڪس هو جو هن ڏانھن عجيب طرح سان نھاري کلي رهيو هو، هن جي حيرانگي ۽ پريشاني اڃان به وڌي ويئي. عڪس ڄڻ ته هن تي ٺٺوليون ڪري رهيو هجي ۽ طنزيه کلندي چئي رهيو هجي ته.
”تون پنھنجين سڀني راتين جون ننڊون ڦٽائي پنھنجي ڪمايل سڄي دولت اولاد مٿان لٽائڻ باوجود به گلو مالهيءَ وانگر هڪ نااهل ۽ ناڪام مالهي آهين.“
هن جي پريشاني اڃان وڌي وئي هن جي مٿي تي پگهر لھي آيا هن کي ائين لڳڻ لڳو ڄڻ گلو مالهي هن جي وجود ۾ گهڙي آيو هجي ۽ هو ان کي ڪڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هجي. آئيني ۾ سامهون بيٺل هن جو ئي عڪس هن کي گلو مالهي چئي ٺٺوليون ڪري رهيو هجي. هن جي سوچ هن کي هڪ دفعو ٻيھر ڊاڪٽر آفتاب جي لان ۾ وٺي وئي جتي گلو مالي ڊاڪٽر جي پيرن ۾ ڪريو پيو هو ۽ هٿ ٻڌي ڊاڪٽر کي چئي رهيو هو.
”سائين اوهان کي ته خبر آهي ته هن دفعي جهولو ڪيڏو نه تيز لڳو هو، جنھن گلاب جي مکڙين کي گل ٿيڻ کان اڳ ئي ساڙي ڇڏيو ۽ سائين مون اوهان کي اڳ به ٻڌايو هو ته دريا جي پاڻي ۾ به هن دفعي اها طاقت نه هئي، جنھن ڪري به ٻوٽا ڪمزور ٿي پيا، مٿان وري پاڙي وارن ڇورن جي بيٽ بال به باغ جو حشر خراب ڪري ڇڏيو مون کين گهڻو روڪيو پر ڇورا مڙن ئي ڪانه پيا آءُ ڇا ڪريان.“
ڊاڪٽر آفتاب گلو مالهيءَ جا اهي عذر ۽ بھانا ٻڌي ويتر مڇرجي پيو.
” جاهل انسان مونکي ٿو پڙهائين، ڇا ان جهولي سڄي شھر جا ٻوٽا ساڙي ڇڏيا، وڃ وڃين ڀرسان سائين جان محمد جي بنگلي تي ڏسي اچ ڪيڏا نه سھڻا گل ڦٽي آيا آهن، اڙي نا اهل! اهو تنھنجو ڪم هيو ته تون پنھنجي باغ کي سٺو پاڻي سٺوماحول ڏين هان ۽ وري هر خطري کان محفوظ به رکين ها.“
هو پنھنجي سوچ کي واپس بيڊروم ۾ ڇڪي کڻي آيو، هن دفعي پاڻ کي وڌيڪ پر اعتماد محسوس پئي ڪيائين، هن پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون ملائي هُن کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هو ڪيڏو نه مھان باغبان آهي. هن کي ياد آيو ته ڪيئن هن پنھنجي باغ جي نازڪ گلن کي سردي گرمي کان محفوظ رکيو هو، هر بيماري کان بچايو هو. هو پنھنجي محدود وسيلن باوجود به گهر ۾صحت ۽ صفائي لاءِ هر اُپاءُ وٺندو هو، هڪ دفعي سڄو ڏينھن بجلي ڇا وئي هئي، هو ڀڄي وڃي وڏو جنريٽر وٺي آيو هو. هن کي اهو ڏينھن به ياد آيو، جڏهن ڪرڪيٽ کيڏندي پاڙي جي ڇوڪري جو بائونسر سھيل کي لڳو هو ۽ هن ان ڇوڪري کي اها ڪٽ ڪڍي هئي جو هو ست ڏينھن بيڊ تان نه اٿي سگهيو هو.
هن هڪ دفعو ٻيھر پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون وجهي پنھنجي فتح جو اعلان ڪرڻ ٿي چاهيو پنھنجي وجود ۾ گهڙيل گلو مالهيءَ کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين پر هن جو عڪس هئو جو هن مٿان مسلسل طنز سان کلي رهيو هو هن جي پريشاني ويتر وڌي وئي هن جي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا نڪري آيا هن جي زبان خشڪ ٿي وئي هن فرج مان ٿڌو پاڻي ڪڍي پيتو ۽ صوفي تي لاچار ۽ بيوس ٿي ويھي رهيو.
اڄ هو پاڻ کي بلڪل ائين بيوس ۽ لاچار محسوس ڪري رهيو هو جيئن هن پاڻ کي ريٽائرمينٽ کان پوءِ پھريون دفعو بيوس ۽ لاچار محسوس ڪيو هئائين. اڄ هن کي پنھنجي اها بيوسي ياد اچي ويئي جيڪا هن کي ريٽائرمينٽ کان پوءِ سرڪاري بنگلو واپس ڏيڻ وقت محسوس ٿي هئي. هو اهو باغبان هو جنھن پنھنجي سڄي زندگي باغ جي ٻوٽن کي ٿڌي ڇانو ڏيڻ ۾ گذاري ڇڏي هئي پر پنھنجي ڇانو لاءِ هڪ سڪل وڻ به نه بچايو هئائين . هن کي ياد آيو ته ڪيئن هن پنھنجي وڏي پٽ جمال کي شوق سان پرڻايو هو ۽ شھر جي وڏي بزنس مين لالا رحمت جي ڌيءُ کي گهر ۾ نھن بڻائي وٺي آيو هو، پر لالا رحمت جي ڌيءُ کي هن جو گهر ننڍو لڳو هو ۽ ٻئي زال مڙس ڊفينس ۾ بنگلو وٺي شفٽ ٿي ويا هئا. هن کي اهو به ياد آيو ته ڪيئن سھيل هن سان انگلينڊ مانMBA ڪرڻ جو ضد ڪيو هو، هن پنھنجي سڀ جمع پونجي لڳائي، هن کي انگلينڊ موڪليو هو ۽ سھيل انگلينڊ مانMBA سان گڏ ميڊم به وٺي آيو . MBA هن کي ڪاروبار ڪرڻ سکاريو الائي نه پر ميڊم هن کي ماءُ پيءُ کان پري ٿيڻ ضرورسيکاري ڇڏيو.
ريٽائرمينٽ کان پوءِ هڪ راحيل ئي بچيو هو، جيڪو هن ٻنهي زال مڙسن جو خيال به رکندو هو ۽ وري پنھنجي ٻنهي ڀائرن کي والدين ڏانھن توجه نه ڏيڻ تي ٽوڪيندو به رهندو هو. هر وقت پنھنجي پيءُ ماءُ جون ننڍيون ننڍيون ضرورتون ۽ خواهشون پوريون ڪرڻ ۾ لڳو پيو هوندو هو. هر هفتي لڪي لڪي ڀاءُ جي گاڏي ڪڍي ٻنهي کي گهمائڻ به وٺي ويندو هو. پر جڏهن کان جمال هن جي شادي پنھنجي ساليءَ سان ڪرائي ۽ هن کي هڪ ننڍو بزنس سيٽ اپ هڻي ڏنو هو ته هو به ٻين ڀائرن وانگر والدين کي بار سمجهڻ لڳو هو.
هن کي ياد آيو ته ڪيئن هن جي اولاد وٽ هنن جي پنھنجي اولاد لاءِ ته وقت هوندو هو پر والدين لاءِ هنن وٽ وقت صفا نه هو. جڏهن کان هن سرڪاري بنگلو ڇڏيو هو تڏهن کان ٻئي زال مڙس ڄڻ آسمان ۾ ڪاٽا ٿيل لغڙ وانگر ٿي پيا هئا، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، جيڏانھن هنن جي اولاد جي مرضي هنن کي وٺي ويندي هئي اتي وڃي رهندا هئا. هونءَ ته هن جا پٽ پنھنجي پنھنجي ٻارن سان وڏن وڏن بنگلن ۾ رهندا هئا پر انهن وڏن بنگلن ۾ هنن لاءِ ٿوري جڳهه به مشڪل سان هئي. جنھن ڪري هي ٻئي ڪڏهن ڪنھن پٽ وٽ ته ڪڏهن ڪنھن پٽ وٽ رهندا هئا. ڪڏهن هڪ نُھن جا مھڻا ته ڪڏهن ٻئي جا طعنا ٻڌڻ هنن جو معمول بڻجي ويو هو. آخر ڪار هن جي پٽن هنن ٻنهي کان بيزار ٿي، هڪ الڳ گهر وٺي ٻنهي پوڙهن کي ان ۾ شفٽ ڪري ڇڏيو . اها هن لاءِ هڪ وڏي سزا هئي جو هڪ باغبان کي پنھنجي باغ کان جدا ڪيو وڃي پر هن ان کي قسمت جو فيصلو سمجهي قبول ڪري ورتو ۽ ان فرصت دوران پنھنجي احساسن کي قلم جي زبان ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ پنھنجي باغبانيءَ کي دنيا تائين پھچايائين.
باغبان هن جي هڪ عظيم تخليق هئي. باغبان صرف هڪ آتم ڪٿا نه پر هن ترقي يافته دور جي گهر گهر جي ڪھاڻي هئي، هن دور جي مجبور ۽ لاچار والدين جي آهه و بُڪا هئي ، هن دور جي نئين نسل جي تنگ نظري ۽ بي حسيءَ جي عڪاسي هئي. باغبان اهڙي ته پسند ڪئي وئي جو هن جو پھريون ايڊيشن ٿورڙي وقت ۾ ختم ٿي ويو. باغبان هن کي صرف نالو نه پر تمام گهڻو پئسو به ڏنو. پنھنجي ٽيهه سالا پروفيشنل دور ۾ هن ايترا ايوارڊ حاصل نه ڪيا هئا، جيترا باغبان لکڻ کان پوءِ هن کي مليا هئا.
هن جو نالو، پئسو ۽ معاشري ۾ حيثيت ڏسي، هن جي باغ جا اُسريل ٻوٽا جمال، سھيل ۽ راحيل هن ڏانھن ڊوڙندا آيا ته جيئن هن کي پرچائي هن جي دولت ۽ شھرت مان ڪجهه مستفيد ٿي سگهن ، پر هن انهن کي هميشه لاءِ عاق ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي گهر جا دروازا هنن لاءِ هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيا هئا.
هاڻي هو وڌيڪ غضب ۽ ڪاوڙ سان صوفي تان اٿي آئيني ڏانھن ويو پنھنجي جوش ۽ همت کي ڪٺو ڪندي پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون ملائي چيو.
” تون ڇا ٿو سمجهين، آءُ گلو مالهيءَ وانگر هڪ جاهل مالهي آهيان جنھنجا ٻوٽا صحيح ماحول نه ملڻ ۽ غذا جي ڪمي ڪري سڙي ويا هئا . نه تون غلط ٿو سوچين مون پنھنجي ٻوٽن پنھنجي اولاد کي کاڌ خوراڪ ۽ سٺي ماحول جي ڪا به ڪمي نه ڏني هئي مون پنھنجي ٻوٽن کي بھتر کا بھتر خوراڪ ۽ ماحول ڏنو هو.“ هن وڌيڪ جذباتي ٿيندي چيو.
” تون ڇاٿو سمجهين، آءُ به گلو مالهيءَ وانگر آهيان، جنھن پنھنجي ٻوٽن کي صحيح وقت ۽ توجهه نه ڏني، جنھن ڪري هن جي ٻوٽا گل ۽ ميوو ڏيڻ جي موسم ۾ سڪل پنن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏئي سگهيا. نه تون غلط آهين، تنھنجي سوچ غلط آهي منھنجي ٻوٽن گل به ڏنا ۽ ميوو به ۽ اهو سڀ ڪجهه منھنجي صحيح توجهه ۽ وقت ڏيڻ جي نتيجي ۾ ٿيو.“
هن جي انهن سڀن ڳالهين جو هن جي عڪس تي ڪو به اثر نه پيو پئي. عڪس هن ڏانھن مسلسل طنزيه نظرن سان ڏسي رهيو هو. هن کي آئيني ۾ بيٺل عڪس تي ڪاوڙ اچي رهي هئي، هن پنھنجي نرڙ تان پگهر اگهندي رڙ ڪندي چيو.
”آخر تون مڃين ڇو ڪونه ٿو ، ته آءُ هن مالهيءَ وانگر ناڪام نه آهيان ، آءُ ته هڪ ڪامياب مالهي آهيان تون ته ڇا، مونکي سڄي دنيا مڃي پئي. آءٌ بھترين والدين لاءِ هڪ اهڃاڻ ٿي پيو آهيان، ۽ تون آهين جو مونکي مڃين ئي ڪانه پيو.“ هن پنھنجي اندر جي باهه ڪڍندي چيو.
” ها آءُ وري به چوندس ته تون هڪ نااهل، جاهل ۽ ناڪام مالهي آهين بلڪل گلو مالهيءَ وانگر.“ عڪس هن جي اکين ۾ اکيون وجهندي اعتماد سان چيو.
” نه نه، مان ناڪام نه آهيان ! تون نه پيو ڏسين مون کي ڪيڏا انعام ڪيڏا تمغا مليا آهن.“ هن گڙگڙائڻ جي ڪيفيت ۾ عڪس کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي.
” ها بلڪل! تو کي انعام ۽ تمغا مليا آهن، پر اهي سڀ تو کي تنھنجي ڪامياب باغبانيءَ جي ڪري نه، پر ناڪام باغبانيءَ جي قبر تي بھترين لفظن جي چادر چڙهائڻ تي مليا آهن. جيڪڏهن گلو مالهيءَ کي به پنھنجي ناڪامي تي ڪجهه لکڻ اچي ها ته شايد هن کي به انعام ڏنا وڃن ها.“ عڪس هن جي ڪاميابيءَ کي ناڪامي ثابت ڪندي چيو.
ڪاوڙ ۽ غضب جا آثار هن جي منھن تي تري آيا، هو ڳاڙهو لال ٿي ويو.
” تون منھنجي ڪاميابي تي سڙين ٿو، آءُ گلومالهيءَ وانگر نا اهل ۽ ناڪام ڪيئن ٿو ٿي سگهان، جنھن جا سڀ ٻوٽا سڙي ويا جڏهن ته مون پنھنجن ٻوٽن کي پنھنجي مقام تي پھچايو آهي، انهن کي انهن جي رتبن تي پھچائڻ ۾ منھنجن ئي ڪاوشن جو عمل دخل آهي.“ هن پنھنجو ڪاميابيون کولي ٻڌايون.
هن جي عڪس هن ڏانھن کلندي نھاريو.”اهو ئي ته ڏک آهي ته تون پنھنجي باغ جي ٻوٽن کي پنھنجي مقام تي نه پھچائي سگهين.“ عڪس هن کي ويتر حيران ڪندي چيو.
هن جي ڪاوڙ اڃان به وڌي وئي. هن هيڪر چاهيو ته ٽيبل تي رکيل گلاس کڻي آئيني کي هڻي ۽ پنھنجي عڪس جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي پر اهو سوچي هن پاڻ کي روڪي ورتو ته هڪ عڪس کي جواب ڏيڻ سئو عڪسن کي جواب ڏيڻ کان آسان آهي. هن پنھنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪندي وراڻيو.
” مقام! تون نه ڏٺو ڇا؟ ته ڪيئن جمال، سھيل ۽ راحيل وڏن وڏن عھدن تي فائز آهن ۽ سڄو شھر هنن جي مقام ۽ مرتبي کي مڃي پيو اڃان مان هنن کي ڪھڙي مقام تي پھچايان ها ؟“
” پروفيسر احمد ڪمال صاحب ! تنھنجي باغ جو مقام ۽ مرتبو گلو مالهيءَ جي باغ جي مقام ۽ مرتبي کان مختلف آهي ، مقام تي پھچڻ معنى فطري ڪمال تي پھچڻ ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هڪ ٻوٽي جي فطري ڪمال ۽ انسان جي فطري ڪمال ۾ ڪھڙو فرق آهي. ٻوٽي جو ڪمال ٻج کان اسري هڪ مڪمل ٻوٽو يا وڻ ٿيڻ آهي، جنھن جا گل خوشبودار ،پن ساوا ۽ ميوو مٺو هجي ۽ اهو سڀ ڪجهه هڪ سٺو باغبان پنھنجي باغ جي نباتاتي ضرورتون پوريون ڪري ئي ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ نباتات ساز آهي، ٻوٽن کي پالڻ نپائڻ وارو هنن کي ڪمال تي پھچائڻ وارو پر تون جنھن باغ جو باغبان آهين ان جي ٻوٽن کي انسان بڻجڻو آهي، تون هڪ انسان ساز آهين، انسان کي پالڻ نپائڻ وارو ان کي ڪمال تي پھچائڻ وارو، تنھنجي ٻوٽن جو مقام عظيم آهي، انهن کي صرف جسماني طور وڌي وڏو ناهي ٿيڻو پر انهن کي انسانن لاءِ نفعي بخش ۽ معاشري جو هڪ با ڪردار انسان بڻجڻو آهي،.جيئن هڪ ٻوٽي جون نباتاتي ضرورتون پوريون نه ٿينديون ته هو سڪل سڙيل پنن کان سواءِ ڪجهه نه ڏيندو، ائين ئي جيڪڏهن انسان جون فطري ضرورتون پوريون نه ٿينديون ته هو اخلاق ۽ ڪردار کان آجو رهجي ويندو.“ عڪس هن جي ذهن جا پڙدا کوليندي چيو.
هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو، هن جا چپ خشڪ ٿي ويا، هن کي ائين پئي لڳو ڄڻ سامهون بيٺل هن جو عڪس هن کان پنھنجي شناخت کسي رهيو هجي. هو پاڻ کي ان ڪوهه پيما وانگر محسوس ڪري رهيو هو جيڪو K2 جي آخري چوٽيءَ تان ٿاٻو کائي اونهاين ڏانهن هيٺ ڪري رهيو هجي. هن بيزاريءَ مان عڪس ڏانھن نھاريندي چيو.
” مون کي تنھنجون ڳالهيون سمجهه ۾ نه پيون اچن، تون آخر چوڻ ڇا پيو چاهين؟ ڇا مون پنھنجي ٻوٽن پنھنجي اولاد جي فطري نشونما جون ضرورتون پوريون نه ڪيون آهن؟“
” ڪاش! تو پوريون ڪيون هجن ها ! ته هو اڄ صرف جسماني طور تي وڌي ويل گهمندڙ ڦرندڙ انسان نما جانور نه هجن ها ، آفيسن ۾ڪم ڪندڙ روبوٽ نما مشينيون نه هجن ها ۽ جديد دور جي بنگلي نما غارن ۾ رهندڙ بگهيڙ نه هجن ها.
ڇا تو ڪڏھن ڪنھن گلاب جي ٻوٽي لاءِ ڪنھن کي ائين چوندي ٻڌو آهي ته جيڪڏهن هن جي صحيح نشونما يا باغباني ٿئي ها ته هي ڪيڏو نه با اخلاق ، باڪردار ۽ شرافت مند گلاب جو گل ٿئي ها، نه ! ڪير به ائين نه چوندو ڇاڪاڻ ته هن جي فطرت ۾ اها خاصيت آهي ئي نه، اها خاصيت صرف انسان جي فطرت ۾ آهي ته هو هڪ با ڪردار ، با اخلاق، شرافت مند، ذميدار ۽ فرض شناس ٿي سگهي ٿو. هاڻي تون ٻڌاءِ ته جھڙي طرح هڪ ٻوٽي جي سڪي ۽ سڙي وڃڻ جو ڪارڻ مالهي ٿي سگهي ٿو ته انسان جي بد ڪرداري، بد اخلاقي، بي حسي ۽ بي ادبي جو ڪارڻ ڪير ٿي سگهي ٿو.“ عڪس هن جا حواس خطا ڪندي پڇيو.
عڪس جون ڳالهيون هن جي ذهن تي ڊرون حملن جيان ڪم ڪري رهيون هيون. هن جو سڄو جسم ڏڪي رهيو هو، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري ڇا چوي. عڪس وڌيڪ چيو.
” مالهيءَ جي لاپرواهي نا اهليءَ جي ڪري هڪ گل ڦٽڻ کان اڳـ۾ سڪي سگهي ٿو ، هڪ ٻوٽو اسرڻ کان اڳـ۾ سڙي سگهي ٿو ۽ هڪ باغ سرسبز ٿيڻ کان محروم ٿي سگهي ٿو پر انساني باغبان جي لاپرواهيءَ نا اهليءَ سبب هڪ انسان بدڪردار فرد بڻجي ٿو، جنهن وٽ نه انسان دوستيءَ جا قدر هجن، نه پنھنجي سماج جي اڏاوت جو جذبو هجي، نه رشتن جو احترام هجي ۽ نه قدرت جي حرمت هجي. اهڙو انسان پنھنجي ذات جي سڀاءَ ۽ ڀلاين کان ته سماج کي محروم رکي ٿو پر گڏو گڏ هڪ اهڙي خاندان جو بنياد رکي ٿو، جنھن مان انساني قدرن کان خالي معاشرو جنم وٺي ٿو. ڪنھن اجڙيل باغ کي ته وري سرسبز ڪري سگهجي ٿو، پر ڪنھن معاشري کي سڌارڻ ۾ صديون ٿيون لڳي وڃن .“
هن جا چپ صفا خشڪ ٿي ويا هئا، هو پاڻ کي ڪٽھڙي ۾ بيٺل هڪ ڏوهيءَ وانگر محسوس ڪري رهيو هو، اهڙو ڏوهي جنھن جي ڏنل هر دليل هن جي ئي مٿان ڏوهه ثابت ڪرڻ جو ڪم پئي ڪري . هن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هو فرياديءَ جي ڪٽھڙي ۾ بيٺل هڪ مجرم هجي ، جنھن جي پنھنجي فرياد ئي هن مٿان فرد جرم ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي هجي. هن کي ائين پئي لڳو ڄڻ هن جي مجرم جون هٿڪڙيون کولي سندس هٿن ۾ ٻڌيون پيون وڃن ۽ هو واڪا ڪري چوندو هجي ته آءُ بي ڏوهي آهيان.
هن ڪجهه چوڻ چاهيو پر هن جا لفظ خشڪ ڳلي ۾ اٽڪي پيا هن پاڻيءَ جو گلاس پي پنھنجي ڳلي کي آلو ڪيو.
” تون ڇا ٿو چوڻ چاهين ته پنھنجي اولاد پنھنجي گهر ۽ معاشري جي هر برائي جو ذميوار آءُ آهيان ..... نه نه تون غلط ٿو سوچين، هر ڪو پنھنجي سوچ سمجهه ۽ ڪردار جو ذميوار پاڻ آهي، آءُ ڇو آهيان؟“ هن عڪس اڳيان پنھنجي صفائي پيش ڪئي.
” جي ائين آهي ته پوءِ تون ڇو ڀڄي آئين ڊاڪٽر آفتاب جي بنگلي تان وڃ نه اتي ٻيھر ۽ ڊاڪٽر کي سمجهاءِ ته سائين ڇو هن غريب مالهيءَ کي پيا ڳالهايو هن غريب جو ته ڪو ڏوهه ئي ڪونھي، سڄو ڏوهه ته توهان جي هنن ٻوٽن جو آهي جو صحيح طرح اسري نه سگهيا ڪٽي ڦِٽي ڪيو هنن ٻوٽن کي هي پاڻ سڪي سڙي ويا آهن.“ عڪس هن کي تنقيدي جملن جي مار ڏني. ”وڃ نه، ڇو نه پيو وڃين.“ عڪس زور ڀريندي چيس.
هو ائين بت بڻجي بيٺو هو ڄڻ ڪنھن هن جي پيرن ۾ ڪوڪا هڻي ڇڏيا هجن ڀت چري جو هو چري.
” تون ڄاڻي ٿو ته جھڙي طرح مالهيءَ جي ذميواري هوندي آهي اهڙي طرح والدين جي به ذميواري هوندي آهي ۽ اها ذميواري هڪ عظيم ذميواري آهي، جنھن جي ڪري ئي الله تعالى ماءُ پيءُ جو عظيم رتبو ڪيو آهي. اهو رتبو صرف جنسي جذبي تحت اولاد کي وجود بخشڻ ڪري نه مليو آهي، پر اهو ان ذميواريءَ ڪري مليو آهي جنھن تحت هو اولاد کي فطري ڪمال تي پھچائن ٿا. پنھنجي اولاد کي انسانِ ڪامل بڻائن ٿا، والدين جي ذميواري صرف اها نه آهي ته اولاد جي کاڌي پيتي رهڻ ڪرڻ جون ضرورتون پوريون ڪن، پر انهن جي بھتر تربيت جون ضرورتون به پوريون ڪن. هڪ باغ جو باغبان ته صرف ان باغ جو ذميوار آهي، پر بگڙيل اولاد جا والدين سڄي معاشري جي بگاڙ جا ذميوار آهن. ڇاڪاڻ ته اڄ جو ٻار ئي سڀاڻي جي معاشري جي تشڪيل ڏيندو. جيڪڏهن هن جي تربيت صحيح ٿيل هوندي ته سڀاڻي جو معاشرو هڪ ڪامل ۽ بھترين معاشرو هوندو. سڀاڻي جون سڀ علمي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون انهن مان وجود ۾ اچڻيون آهن، ان ڪري جو اڄ جو ٻار سڀاڻي جو ماءُ پيءُ آهي، هڪ انسان ساز آهي، سڀاڻي جو باغبان آهي.“ عڪس هن جي اڳيان پنھنجو موقف کولي رکيو.
عڪس جون ڳالهيو هن جي ذهن کي وڪوڙي ويون هيون، هو پاڻ کي پنھنجي ئي وجود جو قيدي محسوس ڪري رهيو هو، هڪ اهڙو قيدي جنھن جي چوڌاري اڏيل ڪوٽ جا سڀ در ۽ رستا کليل هجن پر هن ۾ فرار جي سگهه ئي نه بچي هجي. هن کي پنھنجا سڀ تمغا ۽ انعام بيڪار محسوس ٿي رهيا هئا، هن دل سان اهو فيصلو ڪيو ته هو پنھنجي عڪس جي سامهون هار مڃيندو ۽ اقرار ڪندو ته واقعي هو هڪ ناڪام باغبان آهي، هن اهو فيصلو ڪيو ته هو پنھنجي عڪس جا لڳايل سڀ الزام قبول ڪندو. هو همت ڪري هڪ دفعو ٻيھر آئيني جي سامهون آيو ته جيئن هو عڪس جي سامهون پنھنجي جرم جو اقرار ڪري. پر هن دفعي جيئن ئي آئيني ڏانھن نھاريائين ته پنھنجي عڪس کي بي وس ۽ لاچار بيٺي ڏٺائين ، جنھن جي هٿ ۾ ته ڪامياب ليکڪ، اديب ۽ دانشور جا ڪيترائي ايوارڊ هئا پر ان جي چھري تي هڪ ناڪام باغبان جا آثار صاف نظر اچي رهيا هئا.
هن آئيني ڏانهن کلندي ڏسي چيو.
” پروفيسر احمد ڪمال!“