ڪھاڻيون

اندر جو اُهاءُ

ڪتاب ”اندر جو اُهاءُ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي ليکڪ محترم ابو ايليا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. امداد چنا لکي ٿو:
”ابو ايليا هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو نه ته دنيا جي نشي ۾ مست دين کان اياڻو آهي ۽ نه ئي وري دينداريءَ جي مستيءَ ۾ دنيا کان پاسيرو آهي. بس هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ اهڙي انسان جي ڳولھا ڪري رهيو آهي، جيڪو يا ته ماڻهونءَ کان انسان بڻجڻ جي منزل ڏانھن وکون کڻي رهيو آهي ، يا وري انسان شناسيءَ جو اهو سفر مڪمل ڪري انسانيت جي معراج تي پھچي چڪو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 3844
  • 813
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ابو ايليا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر جو اُهاءُ

مسلمان

” نه نه! اسان مسلمان آهيون ۽ هن انگريزياڻيءَ سان تنھنجي شادي ڪڏهن نه ڪرڻ ڏيندا سين.“ فواد جي ماءُ مون ڏانھن نھاريندي کيس دڙڪا ڏيندي چيو.
فواد Skype تي وڊيو چيٽ دوران پنھنجي ماءُ کي اسان جي شاديءَ جي خبر ڏئي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
” پر مام! جين هاڻي مسلمان ٿي چڪي آهي، هن جو نالو هاڻي جنت آهي ۽ مان هن سان شادي ڪري چڪو آهيان.“ فواد مون ڏانھن اشارو ڪندي ماءُ کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”جنت نالو رکيو اٿس ته ڇا ٿي پيو، آهي ته انگريز جي ڌيءَ نه، ڪافرن جي گهر ۾ پيدا ٿي آهي نه ، نالو نه بدلائي کڻي ڇا به ڪري، اسان مسلمانن جھڙي ٿي سگهندي ڇا، ماڻهون ڇا چوندا مرحوم الحاج نظام الدين جو پٽ هڪ عيسائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري آيو.“ ماءُ دڙڪا ڏيندي چيس.
” پر مام! هاڻي جنت مسلمان آهي ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي دور ۾ ڪيترا ڪافر ۽ مشرڪ مسلمان ٿيا هئا ۽ انهن کي ڪيڏو نه مان ۽ مرتبو ڏنو ويو.“ فواد ماءُ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
” ها ها! مونکي سڀ خبر آ ، تون مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪر ، اسان تو کي لنڊن پڙهڻ لاءِ موڪليو هو شادي ڪرڻ لاءِ نه ، هاڻي شرافت سان پڙهائي ۽ اها ڇوري ڇڏي جلدي واپس اچ ته باقي تنھنجي رهيل پڙهائي ۽ شاديءَ جو شوق هتي ٿا پورو ڪيون.“ ماءُ ڪاوڙ مان چيس ۽ ڪال ڪٽي ڇڏيائين.
مان بت بڻجي ٻنهي جو بحث ٻڌي رهي هيس ، فواد هڪدم مون ڏانھن نھاريو، مونکي پريشان ڏسي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين.
”تون پريشان نه ٿي جنت! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
پر منھنجي پريشاني وڌي وئي هئي. مان اسلام قبول ڪري مسلمان ته ٿي هيس پر هاڻ لڳو پئي ته مسلمان ٿيڻ لاءِ رڳو اسلام قبول ڪرڻ ڪافي نه هيو.
مان مسلمان ٿي به پاڻ ۾ ڪا گهٽتائي محسوس ڪرڻ لڳس ، توڙي جو مون باقاعدي ريسرچ ڪري پنھنجو دين ڇڏي اسلام قبول ڪيو هو پر اڄ فواد جي ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي مون ۾ اڃان به وڌيڪ پڙهڻ ۽ عمل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو ، مون اهو محسوس ڪيو ته شايد هنن جي سالن جي نماز ۽ عبادتن ۽ علم و عمل جي اڳيان منھنجي ٻن ٽن ڏينھن جي عبادت ڇا حيثيت رکندي هوندي.
مون نماز ۽ عبادتن تي ويتر زور ڏنو . اسان جي بلڊنگ کان ٻه ٽي گهٽيون ڇڏي مسجد هئي جتي هر هفتي مولوي صاحب ايندو هو، هن جو درس به ٻڌڻ لڳس ته جيئن دين جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ڪٺي ڪرڻ جو موقعو ملي.
مان باقائدي ڪلمو پڙهي مسلمان ته ٻه مھينا کن اڳ ٿي هيس پر اسلام ڏانھن مائل ٿيڻ کي سال ٿي ويو هو. مونکي جنھن شيءِ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪري مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو هو اها هئي اسلام ۾ عورت جي حيثيت هُن جو مقام ۽ حجاب جو فلسفو. منھنجي فيملي ڪيٿولڪ ڪرسچن هئي پر ڪرسچنٽي اسان جي گهر ۾ صرف هڪ ثقافت طور نظر ايندي هئي، باقي عمل۾ سڀ ايٿيئسٽ هئا. خاص ڪري منھنجو پيءُ هڪ آزاد خيال انسان هو ، هو ايترو ته آزاد خيال هو جو پاڻ آزاديءَ سان هڪ نه ٻئي ڏينھن ڪنھن دوشيزه کي گهر وٺي ايندو هو، پر وري جي زال کي ڪنھن آفيس ورڪر سان گڏ ڪافي شاپ تي يا ڪنھن پبلڪ پليس تي ڏسي وٺندو هو ته روئي اچي اسان کي دانھن ڏيندو هو. هُن کي جي ڪجهه ڪري نه سگهندو هو ته پاڻ کي شراب جي نشي ۾ ڌت ڪري ٻه ٽي ڏينھن دنيا کان لاتعلق ٿي ويندو هو.
اسان جي گهر ۾ هر مھيني ٻه ٽي پارٽيون ٿينديون رهنديون هيون ،.ڪڏهن پاپا جي اسٽاف جي ٽريٽ ۾ ته ڪڏهن ماما جي دوستن جي ، ڪڏهن ڪنھن جي سالگره تي ته ڪڏهن ڪنھن جي پروموشن جي خوشيءَ ۾، پارٽين جو بھانو کڻي ڪھڙو به هجي مقصد هڪ ئي هوندو هو، پنھنجي عورتن کي ٻين سان نچائي ٻين جي عورتن سان پاڻ آزاديءَ سان نچڻ . مونکي اهڙين پارٽين کان سخت چڙ هئي، خبر ناهي ته ڇو، شروع کان وٺي مونکي ائين عورت جو مردن جي سامهون نچڻ صفا نه وڻندو هو، کين هڪ رانديڪي واوانگر مردن کي مسرور ڪندو ڏسي پنھنجي عورت هجڻ تي شرم ايندو هو، ائين ڀائيندي هئس ڄڻ مان به جاهليت جي دؤر جي ڪنھن رومن امپيرئر جي غلام هجان .
” ماما هي ڇا آهي؟ ڇو اسان ائين مردن جي سامهون جسم جي نمائش ۽ بيھودا ڊانس پيا ڪيون ، هن طريقي سان ته بادشاه، غلامن، قيدين ۽ رنڊين کي نچائيندا هئا پر هاڻي اسان پاڻ ئي اهو ڪم پيا ڪيون.؟ “ مان پنھنجي ماءُ کان پڇيو هو.
” سويٽ هارٽ! اهو دور ويو هاڻي عورت ۽ مرد سڀ برابر آهن ڏسين نه پئي ته مرد به اسان سان گڏ پيا نچن.“
” پر مام! اها ڪھڙي برابري آهي ته سخت سرديءَ جي موسم ۾ مرد مڪمل گرم لباس ۾ ۽ عورت وري تمام مختصر لباس ۾“ مون هن کان پڇيو.
” چري عورت حسن آهي ۽ حسن کي ئي زيبائي ۽ ڏيکاءُ ٺھندو آهي، مرد ۾ حسن ڪو ٿوري آهي ان ۾ شجاع آ ۽ شجاعت کي ڏيکاءَ جي ضرورت ناهي هوندي.“
” ان مان اهو ثابت ٿيو ته مرد عورت کي تسڪين جو سامان سمجهي ئي استعمال ٿو ڪري، ڀلي کڻي اها جاهليت جي دور ۾ بادشاه جي درٻار هجي، يا ماڊرن دؤر جي ڪلب هجي يا وري ڪا سوشل پارٽي ۽ وري عورت به هر دؤر ۾ مرد اڳيان پاڻ کي هڪ تسڪين ڏيندڙ شيءِ طور ئي پيش ڪيو آهي، ڪڏهن غلاميءَ جي زنجيرن ڪري ته ڪڏهن معاش جي لالچ ۾ ته ڪڏهن برابريءَ جي دوکي ۾ .“ مرد جي وهنوار کي واضح ڪندي چيو مانس.
” جين ! تون نه ٿي سمجهين، ان ۾ ڪا زور زبردستي ناهي ،جنھن کي ڳالهه نٿي وڻي ته نه ڪري، هر ڪنھن کي آزادي آهي، وڻيس ته ڊانس ڪري وڻيس ته نه ڪري.“
” مام !مونکي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، جيڪڏهن ڪو مقدس ماءُ ميري کي يا مقدس پٽ جيسس ڪرسٽ کي نٿو مڃي ته ڇا اهو زور زبردستيءَ ۽ ڪنھن دٻاءَ ڪري نه ٿو مڃي.؟“ مون کانئس پڇيو.
” عقيده زبردستي ناهن مڙهيا ويندا، اهي عقل، فھم ۽ ساڃاھه جي غلط ۽ صحيح استعمال مطابق ٺاهيا ويندا آهن.“هن پنھنجو موقف واضح ڪيو.
” ان مان اهو ثابت ٿيو ته نا فھميءَ، ڪم عقليءَ ۽ جھالت ڪري اسان آزاديءَ جي نالي ۾ غلاميءَ واري زندگي به گذاري سگهون ٿا.“ مون غلاميءَ جي قبر مٿان چاڙهيل ،آزاديءَ جي چادر ڇڪي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي.
” صحيح چوندو آهي تنھنجو پيءُ ته تنھنجو فلسفي ۾ ماسٽرس ڪرڻ جو فيصلو بلڪل غلط هو، ان کان ڀلو هو ته تون ڪمپيوٽر سائنس ۾ داخلا وٺين هان.“ سندس دليلون منھنجي فلسفي جي ڊگريءَ تي اچي ختم ٿينديون هيون.
مونکي مغربي تھذيب ۾ عورت سواءِ هڪ شوپيس جي ڪجهه نظر نه ايندي هئي. ننڍي کان ننڍي گهريلو شي ءِ هجي يا وري ڪارخاني جي ڪا مشين، ڪا اهڙي شيءِ نه هئي جيڪا عورت جي تذليل ڪندڙ فوٽو کان سواءِ وڪامجندي هجي. هن ڊبل اسٽينڊرڊ ماحول ۾ عورت پنھنجي طبعي، جسماني ۽ فطري ڪمزوريءَ باوجود به مرد کان وڌيڪ ڪم به ڪري ٿي ، ذميداري به رکي ٿي ۽ وري ساڳئي وقت مرد جي دل لڀائڻ جو سامان به بڻجي ٿي.
جڏهن پھريون دفعو يونيورسٽي ۾ اسڪارف پھريل ڪنھن مسلمان ڇوڪريءَ کي سامهون ڏٺم ، ته هُن مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو، هن جي شخصيت جي پاڪيزگي مونکي هن ڏانھن ڇڪڻ لڳي.
مون مسلمانن جي باري ۾ ايترو نه پڙهيو هو ، بس هيڏانھن هوڏانھن ٻڌ سڌ تي رايو قائم ڪيو هيو پر هن ڇوڪريءَ جي پاڪيزگيءَ مونکي اسلام کي باقاعدي پڙهڻ تي مجبور ڪيو ، پوءِ وري قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ جڏهن اسلام ۾ عورت جو مقام، پردي جو فلسفو، محرم نامحرم جون حدون ، عورت ۽ مرد جي رشتن مطابق طئه ٿيل ذميوارين کي پڙهيم ته ويتر اسلام ڏانھن جهڪاءُ وڌي ويو.
مون اسلام کي پڙهي اهو ڄاڻيو ته اسلام ئي واحد دين آهي جنھن عورت کي هن جي مقام مطابق عزت ڏني آهي، مون اسلام کي قبول ڪري مغربي عورت کان هميشه لاءِ آزادي وٺي ڇڏي ،پر منھنجي والدين مونکي اسلام کان نفرت ڏيارڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي .
ڪڏهن ڪنھن دهشتگرد کي سمبل ٺاهي مسلمانن کي دهشتگرد ۽ انتھا پسند ثابت ڪن ته وري ڪڏهن ڪنھن ڪلب ۾ ڊانس ڪندڙ مسلم ڇوڪري ڏيکاري مسلمانن کي به پاڻ جھڙو ثابت ڪن، پر مان هُنن جي ڏٽن ۾ اچڻ واري نه هيس ، ڇاڪاڻ ته مون صرف مسلمانن کي ڏسي اسلام قبول نه ڪيو هو، پر اسلام کي ڏسي مسلمان ٿي هيس.
مون سچي دل سان اسلام کي پنھنجي دل ۾ جڳھه ڏني هئي ۽ فواد سان شاديءَ ڪري هنن کان هميشه لاءِ جند ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.
فواد لنڊن ۾MBAڪرڻ آيو هو . اسان هڪ ٻئي کي گهڻي وقت کان سڃاڻيندا هئا سين، هڪ يونيورسٽي ۾ هئڻ ڪري اسان جي دوستي اڳ ۾ ئي هئي پر وري اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ فواد منھنجي لاءِ ۽ مان فواد جي لاءِ وڌيڪ اهميت جوڳا ٿي وياسين . فواد مونکي ديني معلومات ۾ کڻي ڪا ايڏي سپورٽ نه ڪئي هئي پر منھنجي اسلام ڏانھن سفر جي هر قدم تي منھنجو ساٿ ضرور ڏنو هئائين. منھنجي مسلمان ٿيڻ کان اڳ فواد به هت رهندڙ مسلمانن وانگر هتان جي رنگ ۾ رنگيل هو، پر مون سان گڏ حق جي تلاش ۾ ڊوڙندي ڊوڙندي هن پنھنجي حقيقت به ڳولهي ورتي هئي، پوءِ جيئن ئي مون اسلام قبول ڪيو هن مونکي شادي لاءِ پروپوز ڪري ڇڏيو هو.
مان هن سان گڏ هڪ نئين پاڪيزه زندگي گذارڻ جا خواب ڏسڻ لڳي هئس. شادي کان اڳ ئي مون سنڌي سکڻ شروع ڪري ڇڏي هئي، ڳالهائڻ ايترو نه پيو اچي پر سمجهي گهڻو ڪجهه ويندي هئس. منھنجي خوشيءَ جي ڪا انتھا نه هئي، مونکي ڄڻ ته يقين ئي نه ايندو هو ته مان هن ماحول مان نڪري هڪ پاڪيزه ماحول ۾ رهنديس، جتي منھنجي چوڌاري مسلمان مومنن جي صحبت جون برڪتون ۽ منھنجي مٿان اسلامي معاشري جو نور لاٽون ڪري وسندو. هن بي راه روي واري ماحول بيھوده ڪلچر ۽ عورت جي استحصالي نظام مان جان ڇٽي ويندي. منھنجي دل چوندي هئي ته جيڪر هاڻي ئي اُڏي وڃي پاڪستان پھچان ۽ فواد جي فيملي سان رهي پنھنجي ايترن سالن جي بي پردگي بي حيائيءَ واري زندگيءَ جو ازالو ڪيان ، پر اڄ فواد جي ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي مان ٿورو پريشان ٿي هيس. خبر نه پئي پئيم ته هو هڪ اهڙي عورت کي قبول ڪندا به الائي نه، جنھن سان سالن جي بي حيائي ۽ بي ديني هڪ نه وسرندڙ ياد جيان ساڻ هجي.
جيتوڻيڪ فواد مونکي يقين ڏياريو هو ته هو گهر وارن کي راضي ڪري وٺندو پر ان باوجود به مان پنھنجي وجود مان هر ان نقش کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس جنھن مان منھنجي ماضيءَ جي ڪا جهلڪ به نظر اچي. مون پاڻ کي اسلام جي اهڙي ته رنگ ۾ رنگي ڇڏيو جو ان کان علاوه هر رنگ، بي رنگ ۽ بي رونق لڳڻ لڳو هو .
اسان جي ماسٽرس پوري ٿيڻ تائين فواد پنھنجي گهروارن کي راضي ڪري ورتو هو ، بس رڳوهنن اها شرط رکي هيس ته هو نڪاح پاڪستان ۾ ٻيھر وجهندا، مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته نڪاح مٿان نڪاح ڪيئن پوندو پر مسلم ماحول ۾ وڃڻ جي شوق منھنجي هر سوال کي ذهن مان ڪڍي ٻاهر فٽو ڪري ڇڏيو. مونکي بس انتظار هو ته ڪڏهن مان هتان اڏري هميشه لاءِ هن ڪلچر مان جان ڇڏائينديس ۽ پنھنجي باقي زندگي هڪ اسلامي معاشري ۾ هڪ باوقار زال هڪ عزتدار نھن ۽ هڪ پاڪيزه ماءُ جي حيثيت سان گذارينديس.
نيٺ اهو ڏينھن اچي ويو پاڪستان جون ٽڪيٽس اسان جي هٿ ۾ هيون، منھنجي خوشيءَ جي ڪا حد نه هئي، مونکي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان ڪيئن فواد جي فيمليءَ آڏو اينديس. مون اسڪارف ۽ ڪاري چادر سان پاڻ کي ڍڪي ورتو هو، منھنجي دل ته مڪمل حجاب ڪرڻ پئي گهري پر فواد چيو ته اسڪارف ڪافي آهي. فواد جو ڀاءُ اسان کي ايئرپورٽ تي وٺڻ آيو هو، هن ٻڌايو ته باقي سڀ اسان کي گهر ۾ خوش آمديد ڪندا.
اسان جي گاڏي جيئن ئي هنن جي بنگلي ڀرسان پھتي ته آسمان فائرنگ جي آواز سان گونجڻ لڳو ، آتش بازيءَ جا رنگ سڄي آسمان کي جرڪائڻ لڳا. مان ان وقت حيران رهجي ويس ،جڏهن بنگلي جو در کليو، ماحول شرناين ۽ دُهلن جي موسيقيءَ سان سڀن کي مست ڪري رهيو هو ، منھنجي ٻنهي طرف جوان ناريون جوان مردن سان گڏ، اسان جي مٿان گل هاري رهيون هيون ، هنن جو لباس ڏسي مونکي تميز ڪرڻ مشڪل هئي ته ڪھڙي لباس ۾ بي پردگي وڌيڪ هئي . ان ۾ جنھن کي مان مغرب ۾ ڇڏي آئي آهيان يا وري هِن ۾ جيڪو منھنجي آجيان ۾ بيٺو آهي. جڏهن اسان کي هال ۾ آجيان پارٽي لاءِ ويھاريو ويو ته مون هڪ دفعو پاڻ کي ۽ پنھنجي چوڌاري ماحول کي ڏٺو. مان حيران رهجي ويس ته اسلام قبول ڪري جنھن ڪلچر، تھذيب ۽ ماحول کي پوئتي ڇڏي آئي هيس، اهو ئي ماحول منھنجي اڳيان گل وڇائي آڌر ڀاءَ لاءِ بيٺو هجي.
مان ڄاڻان پئي ته مغرب پنھنجي تھذيب جو شڪار هر ملڪ هر آئڊيالاجي کي ڪيو هو ۽ پاڪستان ان جو خاص شڪار هو ڇو ته مغرب اهو ڄاڻي ورتو هو ته هي دؤر تھذيبن جي جنگ جو دور آهي ۽ هنن کي سڀ کان وڌيڪ خطرو اسلامي تھذيب کان ئي آهي. پر گهٽ ۾ گهٽ مان فواد جي گهر کي ان يلغار کان بچيل سمجهيو پئي، اهو ان ڪري به ته فواد ڪڏهن به مونکي پنھنجي فيملي جي اها تصوير نه ڏيکاري هئي. شايد هن کي ڀوءُ هو ته ڪٿي منهجي ذهن ۾ ٺهيل اسلامي تصوير نه ڀڄي پوي يا وري منھنجا اسلام ڏانھن کنيل قدم نه رڪجي وڃن.
ٿوري دير ۾ انڊيا جي اهڙن گانن جا ساز هال ۾ گونجڻ لڳا، جن کي ڏسي مغربي ڪلچر به شرم مان اکين تي هٿ رکي ڇڏيندو هو. جن گانن جو ٻڌڻ ئي اخلاقي قدرن کي لتاڙڻ لاءِ ڪافي هو، انهن گانن تي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجي ڊانس جا ڪرتب ڏيکاري اخلاق جي تابوت کي آخري ڪوڪو هڻي هميشه لاءِ دفن ڪري رهيا هئا. جيئن ته مان هنن جي پاڻ ۾ رشتن کان اڻ واقف هيس، ان ڪري اها خبر نه پئي پئيم ته ڪير ڪنھنجو محرم هو ۽ ڪنھنجو نامحرم ، پر هنن جون ڊانسون هر اها حد لتاڙي رهيون هيون جيڪي محرم ۽ نامحرم لاءِ مقرر ٿيل هيون.
مونکي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان هنن جي حرڪتن کي ڏسي اسلام لاءِ رايو قائم ڪيان يا اسلام جي اصولن کي ڏسي هنن جي مسلمانيءَ تي ڪا فتوى ڏيان.
وڏي ڳالهه اها لڳم پئي ته مان جنھن ڪلچر کي ڇڏي، اسلام کي سيني سان لائي ، هيڏانھن ڀڄي آئي هئم، هي وري اسلام کي ڪڇ ۾ کڻي ان ڪلچر ڏانھن ڊوڙندا پيا وڃن.
هي سڀ مونکي هڪ اهڙي مسافر جيان پئي لڳا، جيڪو ايئرپورٽ جي چيڪ ان ڪائونٽر تي اچي چوي ته مونکي حج تي وڃڻو آهي، پر وري ٽڪيٽ، ويزا ۽ سامان ٿائيلينڊ جو ساڻ هجيس .
منھنجي ڪنن ۾ فواد جي ماءٌ جا چيل جملا گونجڻ لڳا.
” نه نه! اسان مسلمان آهيون ۽ هن انگريزياڻيءَ سان تنھنجي شادي ڪڏهن نه ڪرڻ ڏيندا سين“
منھنجي دل پئي چوي ته مان رڙيون ڪري هنن کي چوان، ته توهان سڀ صرف نالي جا مسلمان آهيو، توهان اسلام کي پڙهي ۽ سمجهي مسلمان ناهيو ٿيا پر توهان صرف ان ڪري مسلمان آهيو جو هڪ مسلمان گهر ۾ پيدا ٿيا آهيو.
مان لنڊن ۾ جنھن بي حيائي بي هودگيءَ کي اسلام جي پاڪيزگيءَ ڪري ننديندي هيس، ان ئي بي حيائي ۽ بي هودگيءَ سان هي اسلام جي پاڪيزگيءَ تي داغ لڳائي رهيا هئا.
فواد مون ڏانھن ڏسي کڻي اکيون هيٺ ڪيون . هن جي چھري تي شرمندگيءَ جا آثار صاف نظر اچي رهيا هئا. هن هڪ دفعو مون ڏانھن اکيون کڻي ٻيھر نھاريو ، هن جي اکين ۾ پنھنجي بي وسي جا آثار ۽ منھنجي وڃائجڻ جو ڊپ پڌرو هيو.
مون هن جي هٿ تي هٿ رکي چيو. ” فواد! تون پريشان نه ٿي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
مون اهو سوچيو هو ته جنھن ڪلچر کان جان ڇڏائڻ لاءِ جيڪو سفر پنھنجي گهر کان شروع ڪيو هو، اهوشايد فواد جي گهر پھچي ختم ٿيندو، پر هتي پھچي اهو ڄاتو اٿم ته اصل سفرته شروع ئي هتان ٿيندو .