ڪھاڻيون

اندر جو اُهاءُ

ڪتاب ”اندر جو اُهاءُ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي ليکڪ محترم ابو ايليا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. امداد چنا لکي ٿو:
”ابو ايليا هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو نه ته دنيا جي نشي ۾ مست دين کان اياڻو آهي ۽ نه ئي وري دينداريءَ جي مستيءَ ۾ دنيا کان پاسيرو آهي. بس هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ اهڙي انسان جي ڳولھا ڪري رهيو آهي، جيڪو يا ته ماڻهونءَ کان انسان بڻجڻ جي منزل ڏانھن وکون کڻي رهيو آهي ، يا وري انسان شناسيءَ جو اهو سفر مڪمل ڪري انسانيت جي معراج تي پھچي چڪو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 3844
  • 813
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ابو ايليا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر جو اُهاءُ

بيوقوف

آءٌ تو کي ڪيڏو نه بيوقوف سمجهندو هئس۽ ڪيئن نه توکي هر وقت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، پر تون هئين جو پنھنجي عجيب حرڪتن کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئين، تون منھنجو گهاٽو دوست هئين ۽ منھنجي اها خواهش هوندي هئي ته تون به مون وانگر هِڪ ڪامياب زندگي گذارين پر تو هميشه پنھنجي بي جا ضد ۽ انا جي ڪري زندگي جي هر ونھوار ۾ پوئتي رهجي وئين.
تنھنجي به عجيب طبيعت هئي، جنھن قطار ۾ ماڻهون ٻين کي ڌڪا ڏئي اڳيان بيھڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اتي تون ٻين کي اڳتي ڪري پاڻ پويان بيھي رهندين هئين، جنھن ادارن ۾ گوسڙو شاگرد استادن جي چاپلوسي ۽ ڪاپي ڪري وڏين مارڪن سان پاس ٿيندا هئا، اتي تون پنھنجي قابليت تي ئي ڀاڙيندي هئين ۽ ڏينھن رات هڪ ڪري ڇڏيندين هئين، پاڻ ته پڙهندي هئين پر ٻين کي به پڙهائيندو وتندو هئين پر جڏهن رزلٽ ايندي هئي ته اڪثر سفارشي ۽ ڪاپي ڪندڙ شاگردن جون مارڪون تو کان وڌيڪ اينديون هيون، وري جي آءٌ تو کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته تنھنجي ڏينھن رات جي پڙهائيءَ باوجود به جڏهن هڪ ڪاپي ڪندڙ۽ سفارشي تو کان وڌيڪ مارڪون کڻي پاس ٿو ٿي وڃي ته تنھنجي هيڏي پڙهائيءَ جو ڇا فائدو ته موٽ ۾چوندو هئين،
” آءٌ هتي صرف ڊگري وٺڻ ڪو نه آيو آهيان، آءٌ ته علم پرائڻ آيو آهيان، علم پرائڻ بغير وڏين مارڪن سان ڊگري وٺي، دوکو پاڻ سان ڪيان ۽ بيوقوف ٻين کي سمجهان، اهو منھنجي سمجهه کان چڙهيل آ.“
” اڙي بيوقوف! هت نوڪريءَ لاءِ علم ڪٿي ڏٺو ويندو آهي، هتي ته سفارش ۽ ڊگري ڏٺي ويندي آهي ، اُها علمي قابليت ڪھڙي ڪم جي جو نه ته ڪنھن سٺي اداري ۾ داخلا وٺي سگهجي نه وري ڪا سٺي پوسٽ.“آءٌ تو کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.
” هينئر منھنجو مقصد صرف علم حاصل ڪرڻ آهي، اُن مقصد تي پھچڻ مون لاءِ تمام ضروري آهي ۽ مقصد کان هٽائيندڙ هر شيءِ مون لاءِ فضول آهي، ڀلي کڻي اها ڪنھن پوسٽ جي لالچ هجي يا وري ڪنھن سٺي اداري ۾ داخلا ڇو نه هجي.“
تنھنجن اهڙن بيوقوفانه فلسفن تي مونکي کل به ايندي هئي ته وري چڙ به وٺندي هئي. تون پاڻ ڏسندين هئين ته تنھنجي اڳيان ڪھڙا ڪھڙا نااهل ماڻهون سٺيون مارڪون کڻي پاس ٿي ويندا هئا ۽ رشوَتون ڏئي وڏين وڏين پوسٽن تي به پھچي ويندا هئا، پر انهن ڳالهين جو توتي ڪو اثر نه ٿيندو هو ، جت ماڻهون چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ جي تيز رفتار لفٽ تي چڙهي ڪاميابيءَ جي منزل تائين جهٽ وڃي پھچندا هئا، اُتي تون پنھنجي فُضول اصولن جي ڀڳل ٽٽل ڏاڪڻ تان مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هئين، جيڪا هر دفعي ڦيرائي توکي پٽ تي ڪيرائيندي هئي. وري عجيب ڳالهه اها هئي ته هر دفعي ڌڪ کائڻ کان پوءِ به تون ڏاڪڻ ڏانھن ئي وڌندو هئين، لفٽ استعمال نه ڪندو هئين.
آءٌ تنھنجي سامهون هيس مون هر اها لفٽ استعمال ڪئي هر اُن گس تي هليس ۽ هر اهو طريقو اختيار ڪيو، جيڪو مونکي ڪاميابيءَ طرف وٺي ويو، آءٌ مڃان ٿو ته ڀلي کڻي توکان قابليت ۾ گهٽ هيس پر توکان سٺيون مارڪون کڻندو رهيس ۽ پوسٽ ۾ به مٿي رهيس. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته جي آفيشل ڊرافٽنگ جي ضرورت پوندي هئي يا وري ڪنھن ميٽنگ جي تياري ڪرڻي هوندي هئي ته تنھنجي مدد وٺندو هيس. پر افسوس اهو ٿيندو هئم ته تون پنھنجي قابليت سان نه پاڻ کي ۽ نه وري پنھنجي اولاد کي ڪو فائدو ڏئي سگهيو هئين.
ساڳئي ئي اداري ۾ جٿي ٻيا آفيسر رشوت جي مال جون ٽوڪريون ڀري پنھنجي وڏين وڏين گاڏين ۾ روزانو گهر ويندا هئا اتي تون خالي هٿين ڪپڙا ڇنڊي پنھنجي پراڻي موٽر سائيڪل تي گهر ويندو هئين. آءٌ توکان سينئر هوندي توکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته تون به ڪجهه پنھنجي ۽ پنھنجن ٻچڙن لاءِ سوچ ته ان تي فخر سان چوندو هئين.
” الله جو شڪر آ، جيتري اسان جي پيٽ جي گنجائش آهي ان کان وڌيڪ الله سائين رزق ڏنو آهي، ڪڏهن بکيا نه سمهيا آهيون، پر جي بکيو سمهڻو به پيو ته بک تي سڪون جي ننڊ سمهي پوندا سين، پر حرام جو گرهه پيٽ ۾ وجهي پنھنجي سڪون کي تباهه نه ڪنداسين.“
تنھنجو منطق به تو وانگي عجيب هو، هتي ماڻهون رڳو پنھنجو پيٽ ڀري مون وانگي ٿلها متارا نه ٿيا هئا پر انهن پنھنجا گهر پنھنجون ماڙيون به ڀري ڇڏيون هيون، پنھنجا ڌندا پنھنجون زمينون ۽ ملڪيتون ايتريون ته وڌائي ويا هئا جو هنن جون ست پيڙهيون به سڪون سان ويھي کائي سگهن پيون. ۽ وري ٻئي پاسي تون هئين جو تنھنجو پيٽ خوراڪ ۽ ذهن عقل جھڙي نعمتن کان ڄڻ ته پري ڀڳل هئا.
ڀلي تون کڻي پنھنجي لاءِ نه سوچين ها پر پنھنجي اولاد لاءِ ته سوچين ها انهن جي مستقبل لاءِ ڪجهه ٺاهي وٺين ها، آءٌ توکي ڪيڏو سمجهائيندو هئس ته ڪٿي تنھنجي اولاد احساس ڪمتريءَ جو شڪار نه ٿي وڃي ، هو پنھنجي چوڌاري سڀڪجهه ڏسن وائسن پيا، متان ڪٿي هنن جي اڄ جي محرومي سڀاڻي تنھنجي پڇتاءَ جو ڪارڻ نه بڻجي پوي .
” ڇا، مون پنھنجي اولاد کي سٺي تعليم ۽ تربيت نه ڏني آهي؟ مون هنن کي سٺي تعليم سان گڏ اهڙي تربيت ڏني آهي جنھن سان هو پنھنجي خواهش، طاقت ۽ غضب جي هٿيار کي پنھنجي قابو ۾ رکڻ جي مھارت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته بغير ڪنھن تربيت جي مليل هٿيار ٻين کي ته نقصان پھچائيندو پر پنھنجي تباهيءَ جو ڪارڻ به ٿي سگهي ٿو. باقي جيستائين محروميءَ جي ڳالهه آهي ته ڪنھن شيءِ کي حاصل ڪرڻ هنن لاءِ مشڪل ناهي، هو جيڪا به شيءِ پنھنجي لاءِ بھتر سمجهندا، اها حاصل ڪري وٺندا.“ تون بيوقوفن جي جنت مان هڪ گُل پٽي منھنجي اڳيان رکڻ جي ڪوشش ڪندو هئين.
آءٌ مڃان ٿو ته منھنجا ٻار تنھنجي ٻارن وانگر پنج وقت نماز نه پڙهندا هئا، منھنجي ڌيءَ تنھنجي ڌيءَ وانگر پڙدي جو خيال نه رکندي هئي، پر ان جو اهو مطلب به نه هيو ته هو ڪا ڇڙواڳ زندگي گذاريندا هئا، بس جيڪو ڪاليج، يونيورسٽي جو ماحول هو ۽ اسان جو سماجي ڪلچر هو ان مطابق زندگي گذاريندا هئا. آءٌ تو وانگر بيوقوف نه هئس، مون هنن کي سٺيون ڊگريون ۽ سٺيون نوڪريون وٺڻ جي فڪر کان آزاد ڪري ڇڏيو هو ۽ هنن کي وڏين پوسٽن تائين پھچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي. الله جو شڪر آ ٿورڙي عرصي ۾ گهڻو ڪجهه ٺاهي ورتو هئم، هڪ ڪوٺي ڳوٺ ۾، هڪ بنگلو ڪراچيءَ ۾، ٽي چار فليٽ ۽ هڪُ فارم هائوس باقي ٻنين جو ڪو حساب ئي ناهي، اُن تي وري تنھنجي بيوقوفيءَ جي انتھا اها ڏسندو هئس ته اهو سڀ ڪجهه ڏسندي به تو کي رِيس ته نه ايندي هئي پر ويتر چوندي هئين،
” هي سڀڪجهه تون ڪيڏانھن کڻي ويندين.“
” اهي سڀ الله سائينءَ جون نعمتون آهن جيڪي هن مونکي محنت جي نتيجي ۾ عطا ڪيون آهن انهن کان لطف اندوز نه ٿيان الله جي نعمتن کي پٺي ڏيان.؟“
” ڪھڙي محنت جي نتيجي ۾ تو کي هيڏيون ساريون نعمتون مليون آهن اهو به ته ٻڌاءِ نه ؟.“
” ڇو جيڪا محنت هر ڪو ڪري ٿو ، مون ڪو ڪنھنجو حق غضب ناهي ڪيو بس ٿورڙي گهڻي رشوت جي ورتي آهي ته ان ۾ ڇا ٿيو، پر مون باقاعدي سان صدقا ۽ زڪوات ڪڍي آهي جيڪا تنھنجي مُلن ٻڌائي آهي.“ مون تنھنجي اڳيان پنھنجي محنت جي تشريح پيش ڪئي هئي.
” مونکي اهو ته ٻڌاءِ! هڪ مڻ کير ۾ جي هڪ ٽيپو زهر جو پئجي وڃي ته ان کي پيئڻ لائق ڪرڻ لاءِ ان مان ڪيترو کير ڪڍڻو پوندو.؟“
تنھجو سوال نڙيءَ ۾ هڏيءَ وانگر اٽڪي پوندو هو جنھن کي ڳھڻ به مشڪل هو ته اوڪارڻ به مشڪل ، پوءِ پاڻ کي اهو چئي مطمئن ڪندو هئس ته چرين جي هر سوال جو جواب نه ڏبو آهي.
پر هاڻي تنھنجو ڪيل هر سوال تنھنجي عقل جو ثبوت ۽ پنھنجو ڏنل هر جواب منھنجي بيوقوفيءَ جو اهڃاڻ پيو لڳي. اهو پيو محسوس ٿي ته هڪ پل ۾ هي سڀ ڪجهه گذري ويو 60 سالن جي عمر ۾ ٻه دفعا دل جو دؤرو پئجي چڪو آهي ۽ باءِپاس ڪرائڻ کان پوءِ به طبيعت ۾ مزو ناهي، مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر هر مزيدار شيءِ کائڻ کان جهلي ڇڏيو آهي، هن جون جهليل ذائقيدار شيون به کائڻ کان مڙي ويو آهيان پر ڪو وقت هو جو الله جون جهليل بي ذائقه ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار شيون کائڻ کان به نه مڙندو هئس. پنھنجن بنگلن هوندي به گهڻي قدر وقت اسپتالن ۾ پيو گذري، تون هن وقت به مونکي ذهني ۽ جسماني طور تي مضبوط ۽ صحت مند پيو لڳين، اها ٻي ڳالهه آهي ته فنا سڀن لاءِ آهي، سڀ پنھنجي پڄاڻيءَ ڏانھن پيا وڌون، پر زندگيءَ جي هن موڙ تي آءٌ پاڻ کي هارايل پيو محسوس ڪيان، سڄي عمر توکي بيوقوف چوندو آيس پر هاڻي پاڻ کي مھابيوقوف پيو سمجهان.
آءٌ پاڻ کي ميراٿن ريس ۾ ڊوڙندڙ ان شخص وانگر پيو سمجهان، جيڪو فنش لائين تائين صرف ان ڪري نه پھچي سگهيو، جو هن کي رستن جون رنگينيون، پاڻ ۾ ائين گم ڪري ويون ،جو هن کان فنش لائين ڏانھن وڌڻ ئي وسري ويو. آءٌ اهو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهان ته مون ڇا وڃايو ۽ تون ڇا ڪمايو، پر اهو ضرور چوندس ته تون پنھنجي مقصد جي چٽي هجڻ ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ڪري، دنيا جي هر خوبصورت دوکي کان بچي نڪري آئين . پر آءٌ هر موڙ تي حوس ۽ خواهش جي خوبصورت دوکن هٿان بيوقوف ٿيندو آيس.
اهو سڀ آءٌ ان ڪري نه پيو چوان جو هاڻي عمر جي هن حصي ۾ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه ناهي رهي يا وري دوزخ جو ڊپ ۽ جنت جو شوق پيدا ٿيو اٿم،پر اهو سڀ ان ڪري پيو چوان جو مونکي پنھنجي بيوقوفي هاڻي آشڪار ٿي آهي، آءٌ جيڪڏهن ماضي ۾ پيو وڃان ته تون مون کي هڪ آزاد انسان ٿو نظر اچين فطرت کان آزاد، خواهش کان آزاد، سماج کان آزاد ۽ وڏي ڳالهه ته پنھنجي ذات کان آزاد، پرٻئي پاسي پاڻ کي انهن سڀني زندانن جو قيدي ٿو ڀايان، ڇاڪاڻ ته آءٌ پاڻ بيوقوف بڻجندو رهيس، ڪڏهن فطرت جي هٿان ته ڪڏهن خواهش جي هٿان، ڪڏهن سماج جي رنگينين هٿان ته ڪڏهن پنھنجي ذات جي مستيءَ هٿان ۽ پنھنجي بيوقوفيءَ کي عقلمندي سمجهندي وجود جي حقيقت ئي وڃائي ويٺس ، اهو به وساري ويٺس ته آءٌ هڪ انسان آهيان ۽ انسان آخر آهي ڇا؟
پنھنجي ذات جي کليل ميدان ۾ خواهشن جا مست گهوڙا ڀڄائڻ ۾ ائين مشغول رهيس جو ارادن جي ٽٽڻ ۽ مقصد تان هٽڻ جي ڪل ئي ڪانه پئي ۽ جڏهن ڪل پئي اٿم، ته هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي. آءٌ هاڻي پنھنجي زندگيءَ جي ڪتاب مان ڪي چڱان مضمون چونڊڻ جي ڪوشش پيو ڪيان، پر ڪتاب ۾ لکيل هر مضمون بي اثر ۽ بي مقصد پيو نظر اچي. آءٌ ماضيءَ جي ورقن تي لکيل پنھنجي اکر اکر کي، حال جي خالي ورقن تان ڊاهڻ جي ڪوشش پيو ڪيان. آءٌ هاڻي نه رڳوپنھنجي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل باب ڊاهڻ جي سگهه وڃائي ويٺو آهيان پر ڪو نئون باب تخليق ڪرڻ جھڙو به ناهيان رهيو.
پر وري ٻي طرف تنھنجي زندگي منھنجي اڳيان هڪ اهڙي ڪتاب وانڱر کلي پئي آهي جنھن جي هر باب ۾ تنھنجي ڪاميابيءَ جا تذڪره آهن جنھن جو اکر اکر گواهي ٿو ڏي ته تون هڪ ڪامياب شخص آهين.
تنھنجي علمي صلاحيت ۽ اڻٿڪ محنت هميشه تو کي ٻين کان ممتاز رکيو، تون انهن ماڻهن مان نه هئين جن کي ادارا هلائيندا آهن، پر تون انهن ماڻهن مان هئين، جن جي ڪري ادارا هلندا آهن. تو جي ٻين وانڱي رشوت نه ورتي هئي ته انهن وانڱي پنھنجا بي جا اخراجات به نه وڌايا هئا، تو هميشه پنھنجي وسائل مطابق هڪ خوشگوار زندگي گذاري ، پنھنجي اولاد جي اها تربيت ڪئي، جو هنن علم ۽ صلاحيت جي بنياد تي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃايو.
اڄ تون پنھنجي با اخلاق، باڪردار پٽن سان گڏ هڪ شفيق ۽ مھربان دوست جيان منھنجي طبيعت پڇڻ آيو آهين ۽ آءٌ پنھنجي پگهاردار ۽ وفادار نوڪرن سان گڏ تنھنجي سامهون بي وس ۽ لاچار هن ويل چيئر تي ويٺو آهيان.
آءٌ اڄ تنھنجي اڳيان اهو اعتراف ٿو ڪرڻ چاهيان ته جنھن نافھميءَ ڪارڻ توکي بيوقوف سمجهندو رهيس، اها ئي نافھمي منھنجي بيوقوفيءَ جو ڪارڻ بڻي ۽ وري وڏو افسوس اهو اٿم ته رڳو پاڻ بيوقوف نه بڻيم پر هڪ بيوقوف نسل ، قوم ۽ سماج جو بنياد به رکي ڇڏيم جنھن جو هر فرد تو جھڙي انسان شناس کي بيوقوف سمجهندو رهندو.
ها! مان اڄ مڃان ٿو ته بيوقوف تون نه پر مان آهيان.