رانگ نمبر
”هل ته تنھنجي دماغ مان دينداريءَ جو ڀوت ڪڍان“. عليءَ کي روم مان ٻاهر ڪڍندي چيائين.
مان سمجهي ويس ته وري هنن جو ڪنھن ڳالهه تي بحث ٿيو هوندو ۽ سھيل کيس مڃائڻ لاءِ ڪا شيءِ ڏيکارڻ گهرندو هوندو.
اسين سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي آخري سال ۾ پڙهي رهيا هئاسين ، ٽئي روم ميٽ به هياسين ته فائينل پروجيڪٽ ۾ به گڏ هئاسين، منھنجو سڄو ڌيان پراجيڪٽ ۾ هو پر هي ٻئي هئا جو هنن جا بحث کٽن ئي ڪونه پيا.
علي هُن کي ديني اصول سمجهائي دين ۽ الله طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته وري سھيل هُن کي ديندار ۽ دين جي ٺيڪيدارن جا ڪرتوت ڏيکاري، دين کان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. وري جڏهن کان عا مر خان جي فلم ”پي ڪي“ رليز ٿي هئي، تڏهن کان ته ڄڻ سھيل جي عيد ٿي ويئي هئي ، هر ڪنھن کي رانگ نمبر، هر عمل کي رانگ نمبر چئي ٺٺوليون ڪندو هو،.هندن ويچارن سان ته آزار ڪري ڇڏيو هئائين پر علي کي به چڱو سوڙهو ڪيو هئائين.
اڄ خبر ناهي ته ڇا هن جي ذهن ۾ آيو هو, کڻي عليءَ کي ڇڪي روم مان ٻاهر ڪڍي آيو،.مان به هنن جي پويان نڪري پيس . رمضان جو مھينو هو، جاڏي ڪاڏي ديني ماحول گرم لڳو پيو هو، هن ڀلاري مھيني ۾ مسجدن ۾ رونق ۽ ماڻهن ۾ نماز جو شوق ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ نماز صرف رمضان جي مھيني لاءِ فرض ڪئي وئي آهي.
ظھر جي نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو، ٿوري دير ۾ آذانن جا آواز بلند ٿيڻ لڳا، هو اسان کي پھريان هڪ مسجد ڏانھن وٺي ويو جتي آذان الله اڪبر کان شروع ٿي وري ٻئي مسجد ڏانھن وٺي ويو جتي آذان درود شريف کان شروع ٿي.
”جڏهن دين جي مسجدن جي آذانن ۾ ئي فرق آهي ته اهڙي آذان جو سڏ مان ورنايان“ هن علي کي چيو.
ٿورڙي دير ۾ هن اسان کي ٻن ٽن مسجدن جا چڪر هڻائي ورتا، جتي ظھر جي نماز پڙهي پئي وئي. ڪٿي نمازي هٿ دن کان مٿي ٻڌي پيا پڙهن ته ڪٿي دن کان هيٺ ، ڪٿي ته وري بلڪل هٿ ڇوڙي پيا پڙهن.
”مونکي ڪھڙي نماز پڙهڻي آهي ڪھڙي نه، ڪنھن جو ثواب ملندو ڪنھن جو گناه، ڪا خبر ڪانھي؟ ان نماز کان ته مان بي نمازي ڀلو آهيان“. سھيل عليءَ ۽ مونکي مختلف مسجدون گهمائڻ کان پوءِ چيو.
علي ۽ مونکي روزو هيو سھيل ڪنھن هوٽل تي ماني کاڌي ۽ پاڻ ٻنهي نماز پڙهي ورتي سين. سھيل اتان اسان کي سڌو ڪنھن مولويءَ ڏانھن وٺي ويو ،
کانئس پڇائين ” سائين! اوھان پياري پيغمبر حضرت محمد ﷺ جن کي نور ٿا سمجهو يا بشر“
” سبحان الله سائين پاڻ نورئي نور آهن، ان ۾ ڪو شڪ آهي ڇا“ مولوي صاحب پنھنجي موقف ۾ قرآن ۽ حديث مان دليل پيش ڪندي اسان کي سمجهايو.
سھيل اتان وري هڪ ٻئي مولويءَ ڏانھن وٺي ويو ۽ ساڳيو ئي سوال هن اڳيان رکيائين، هن مولويءَ وري قرآن ۽ حديثون ڪٺيون ڪري حضور ﷺ جن کي بشر ثابت ڪري ڏيکاريو.
”جڏهن اسان اهو فيصلو نه ٿا ڪري سگهون ته نبي ﷺ نور آ يا بشر ته باقي دين جي ٻين ڳالهين کي ڪيئن سمجهنداسين؟“ سھيل اتان نڪرندي ئي علي جي مٿان ٻيو سوالي حملو ڪيو.
اسان کي واپس ڪيمپس پھچندي پھچندي مغرب جو ٽائيم ٿي ويو، سڀ افطاري جي تيارن ۾ لڳي ويا سين. سھيل روزو رکندو نه هو پر افطاريءَ ۾ گڏ هوندو هئو. يونيورسٽيءَ جي مسجد ۾ سڀ گڏ افطار ڪندا هئاسين، هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ سني،شيعه سڀ گڏ جمع ٿيندا هئا ۽ پنھنجي پنھنجي ٽائيم مطابق افطار ڪندا هئا. جيئن ئي سنين جي آذان آئي، سھيل وڃي شيعه دوستن مٿان بيھي رهيو.
” کوليو نه، اوهان ڇو نه ٿا کوليو؟“
هنن ٻڌايس ته اسان ٿوري دير سان کولينداسين ، ته وري هو وڃي سني دوستن مٿان بيھي رهيو .
”اوهان ٿورو ترسو نه ٿا ته شيعه دوستن سان گڏ افطار ڪيو“. هنن ٻڌايس ته اسين دير ڪنداسين ته روزو مڪروه ٿي ويندو.
پوءِ ته سڄي رات هو عليءَ جو مٿو کائي ويو. ” سڀ رانگ نمبر! مذهبن ۽ فرقن هميشه ماڻهون منجهايا آهن، جنھن ڏي وڃ ته چوي ٿو رڳو مان سھي آهيان، باقي ٻيا سڀ غلط . مڃجي ته ڪنھن کي مڃجي. ڪو ميلاد ۾جهمريون هڻندي ٿو نظر اچي ته ڪو ان کي بدعت ٿو سمجهي، ڪو محرم ۾ ماتم ٿو ڪري ته ڪو شھيدن کي زنده سمجهي ماتم کي غلط ٿو سمجهي. ڪو پاڻ کي مقلد ٿو سڏائي ته ڪو عقل کي بنياد بڻائي، ڪنھن جي تقليد کي غلط ٿو سمجهي. ڪو وحدت الوجود جو قائل آ ته ڪو وري وحدت الشھود جو مڃيندڙ، اهڙي دين، اهڙي اسلام ۽ اهڙي مسلمانن کان اسان ائين ڀلا آهيون ، جنهن سان اسان مونجهارن ۾ پئون ۽ اهو سمجهي نه سگهون ته ڪھڙي شيءِ صحيح آ ڪھڙي غلط ، ڪنھنجي پويان لڳجي ڪنھنجي پويان نه ، هي سڀ رانگ نمبر آهن. جي الله جو تعين ڪيل دين اسلام هڪ آهي ته پوءِ هي سڀ هڪ ڇو نه آهن ، انهن سڀن رانگ نمبرن کان اسان آزاد ڀلا آهيون نه اسان کي دين کپي نه دين جا ڏنل قاعدا، اسان ائين ئي چڱا آهيون. “
ان ڏينھن کان پوءِ عليءَ هن کي دين طرف مائل ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. ڇاڪاڻ ته هن ڄاڻي ورتو هو ته سھيل اجاين بهانن جي اهڙي ڪُن ۾ ڦاٿل هو، جنھن ۾ گهڻن طريقن سان نماز پڙهي وڃڻ، هُن لاءِ نه پڙهڻ جو جواز هو ۽ مختلف اوقات تي روزو رکڻ، هن لاءِ روزو نه رکڻ جو سبب هو. هو ان مسافر وانگر هو جيڪو منزل ڏانھن ويندڙ گهڻن رستن مان هڪ صحيح رستو چونڊي منزل ڏانھن وڌڻ بدران منزل کي پٺي ڏئي بيٺو هجي.
اسان پنھنجي فائينل پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ ۾ لڳي وياسين، جيڪو اسان کي امتحانن کان اڳ ۾ جمع ڪرائڻو هو. اسان ٽنهي اهو فيصلو ڪيو ته پروجيڪٽ کي يونيورسٽي جي IT EXHIBITION ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ سٺو ليپ ٽاپ وٺڻ گهرجي، جيڪو جديد سسٽم سان ليس هجي، ته جيئن اسان IT EXHIBITION ۾ پوزيشن حاصل ڪري سگهون.
هڪ ڏينھن عليءَ کي وري الائي ڇا ٿيو، اچي سھيل کي ٻانھن کان وٺي چيائين هلو ته ليپ ٽاپ وٺي ٿا اچون، EXHIBITION ۾ ٽائيم ٿورو بچيو آهي . پاڻ ٽئي شھر جي وڏي ڪمپيوٽر مارڪيٽ ۾ آيا سين.
هڪ مشھور ڪمپنيءَ جي اسٽال تي ويا سين جتي هنن ڪجهه ليپ ٽاپ ڏيکاريا، سھيل ليپ ٽاپ ڏسڻ ۾ مصروف هيو ئي ته عليءَ سيلز مين کان پڇيو.
” هي جيڪو ليپ ٽاپ آهي ان جي اسڪرين ڪھڙي آهي؟“
” سر هن ۾ LCD آهي پر وائيڊ اسڪرين آ ۽ رزوليوشن به ڀلي اٿس.“
” ۽ هو جيڪو بليڪ ڪلر ۾ پيو آهي ان جي اسڪرين ڪھڙي آ؟“ علي سيلز مين کان وري پڇيو.
” سر ان ۾ LED آهي ۽ هو جيڪو پريان پيو آهي ان ۾ ڪرسٽل اسڪرين آهي.“
علي سھيل ۽ مونکي اٿاريندي چيو.
” ڪنھن ۾ LCD ته ڪنھن ۾LED ته وري ڪنھن ۾ ڪرسٽل اسڪرين ڇا مذاق آهي اسان ڪھڙو ليپ ٽاپ وٺون. هل سھيل هي سڀ رانگ نمبر آهن، اسان کي هنن کان ليپ ٽاپ ناهي وٺڻو.“
هو اسان کي اسٽال مان ٻاهر ڪڍي آيو، اسٽال وارا اسان کي ۽ اسان عليءَ کي حيرت وچان ڏسڻ لڳاسين. هو اسان کي وري ٻئي اسٽال تي وٺي هليو. هُنن جديد ماڊل جا ليپ ٽاپ ڪڍي، اسان جي سامهون رکيا. سھيل ليپ ٽاپ غور سان ڏسڻ ۾ گم هو ته عليءَ وري سيلزمين کان پڇيو
” ادا! هنن ۾RAMڪھڙي لڳل آهي؟“
” سر هي جيڪوTHINKPAIDآهي، ان ۾ 2GB DDR پيل آهي ۽ هن ڊيل واري ۾ DDR2 آهي. هي HP جو نئو ماڊل آهي ان ۾DDR3 3GB آهي.“ سيلز مين کيس ٻڌايو.
هڪ دفعو وري عليءَ سھيل کي ڇڪي اٿاريو .
” نه وٺنداسين اوهان جا ليپ ٽاپ، جنھن ۾ RAM به هڪ جھڙي ناهي اسان وٺون ته آخرڪھڙي RAM وٺون توهان اسان کي منجهائي ڇڏيو آهي. هل سھيل هي به رانگ نمبر آهن، نه کپي هنن جو ليپ ٽاپ.“ علي اسٽال مان ٻاهر ڪڍندي چيو.
سھيل ۽ مان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳاسين ته هن کي ڪھڙو بيوقوفيءَ جو دورو پيو آهي،
وري هو اسان کي ٻئي اسٽال تي وٺي آيو.
” يار اوهان جا ليپ ٽاپ ته ڏاڍا سٺا آهن، پر هنن ۾Operating System ڪھڙا آهن.؟“ هن مختلف ليپ ٽاپ ڏسڻ کان پوءِ کانئن پڇيو.
” سر! هي ايپل جا ليپ ٽاپ آهن، هنن ۾MACجو سسٽم آهي ۽ هيDel۽HPجا ليپ ٽاپ آهن، هنن ۾WindowsجوOperating System آهي.“ ان کان اڳ جو هو ٻنهي جون خوبيون ۽ خاميون ٻڌائن ها، علي وري رانگ نمبر چئي اتان اسان کي اٿاريو.
اسين بغير ڪنھن ليپ ٽاپ وٺڻ جي روم تي اچي پھتا سين، سھيل جو منھن صفا ڳاڙهو ٿي ويو هو،
” هي ڪھڙي جاهلن واري حرڪت آهي، هيڏا سارا ليپ ٽاپ هوندي ، تون هڪ به ليپ ٽاپ چونڊي نه سگهين، هيترو وقت يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽرن جي وچ ۾ گذاريو اٿئي، تو کي اها خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪھڙو سسٽم تو لاءِ صحيح آهي ڪھڙو نه . ڪھڙيRAMجي توکي ضرورت آهي ڪھڙيءَ جي نه ، جيڪڏهن تون پنھنجي جھالت جي ڪري مونجهاري جو شڪار هئين ته کڻي اسان کان پڇي وٺي هان ؟ اسين توکي ٻڌايون ها ته ڪھڙو ليپ ٽاپ وٺڻو آهي، ڪھڙو نه، ائين خالي هٿين ڪو نه موٽي اچون ها. جاهل! ڏس ته سڀاڻي مان ڪيئن ٿو هڪ سٺو ليپ ٽاپ وٺي اچان.“
سھيل ڪاوڙ مان عليءَ کي جاهل ثابت ڪندي چيو.
” ان جو مطلب اهو ٿيو ته تون صرف دين ۾ اٻوجهه آهين، باقي دنياجي معاملات ۾ ڏاڍو عقلمند آهين.“
عليءَ هن جي ئي ٺاهيل جاهليت جي چادر سندس عقل جي قبر مٿان چاڙهيندي چيو.
”ڇا مطلب؟ مان اٻوجهه به آهيان عقلمند به، مونکي ته تنھنجي عقل تي کل ٿي اچي.“ سھيل مٿان ٺٺول ڪندي پڇيس.
”ڇو هڪ ئي اسٽال تي هڪ ئي ڪمپني جي ليپ ٽاپ ۾ مختلف قسم جا سسٽم، مختلف سائيز جي ريم ۽ گهڻن قسمن جي اسڪرين هجڻ باوجود به تون منجهين نه ٿو ۽ پنھنجي مرضي جو ليپ ٽاپ وٺي ٿو سگهين پر دين جي نماز ۽ عبادتن ۾ مختلف طريقا ڏسي دين نه ٿو وٺين سگهين ۽ مونجهاري جو شڪار ٿي دين کي ڦٽي ڪري ٿو اچين.“ مان سھيل جي منھن تي شرمندگيءَ جا تاثرات صاف ڏسڻ لڳس.
” ڇا تون به پاڻ کي پي ڪي فلم جي عامر خان وانگر ايلين ٿو سمجهي، جنھن ويچاري کي اوچتو هن ڌرتيءَ تي ڦٽو ڪيو ويو ۽ هو ماڻهن جي ٺاهيل مختلف ريتن رسمن ۽ رواجن کي ڏسي مونجهاري جو شڪار ٿي ويو. هو ته ويچارو هزارين سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ماڻهن کي پٿرن ۽ خود ماڻهن جي آڏو جهڪندي ڏسي پريشان ٿي ويو. هزارين سالن جي علمي ۽ تمندني ترقيءَ باوجود ماڻهون پٿرن ۽ قبرن تي اونڌا پيل ڏسي ايلين ته ڇا پر ملائڪ به پريشان ٿي ويندا، ته خدا انسان ذات کي ڪمال تائين پهچائڻ لاءِ ڪهڙو نه سڌو ۽ صاف رستو پنهنجي نبين ذريعي ڏنو ، پر ماڻهون ڪھڙن گمراھ رستن تي هلي، پاڻ کي بڇڙائين ۽ براين ۾ ڦاسائي ڇڏيو. پر تون ته يار هن ڌرتي تي 22 سالن کان رهين پيو ۽ تو وٽ هزارين سالن جو مشاهدو مختلف ڪتابن گيتا ، ويد، بائيبل ۽ قرآن شريف جي صورت ۾ موجود آهي. حقيقت ۾ انسانيت جو ڪمال ان ۾ ئي ته آهي ته هو رانگ نمبر ۽ رائيٽ نمبر ۾ تميز ڪري سگهي ،کيس چونڊ جي آزادي آهي، حيوان وانگر نه جيڪو جبري طور هڪ اهڙي زندگي گذاري ٿو، جنھن ۾ هن کي رهڻ، کائڻ ۽ پيئڻ ۾ انسان وانگر چونڊ جي آزادي نه آهي“. هن وڌيڪ چيو
”مونکي حيرانگي ان ڳالهه تي آهي ته جيڪا خوبي ۽ صلاحيت ڏئي ڪري الله تعالى توکي اشرف المخلوقات بڻايو، اها خوبي اها صلاحيت استعمال ڪري الله تعالى جي راضپي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪرين پر ويتر مونجهاري جو شڪار ٿو رهين، پر وري ٻئي پاسيدنياداريءَ ۾ ان ئي صلاحيت جو ڀرپور فائدو وٺندي دنيا ۾ پنھنجي تسڪين جو سامان گڏ ڪندو ٿو وتين ۽ وري عجيب ڳالهه ته مونجهاري جو شڪار به نه ٿو ٿين. سڀ کان وڏو رانگ نمبر ته تون پاڻ آهين جيڪو دين ۾ ته اٻوجهه آهي پر دنيا ۾ چالاڪ “.
اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سھيل اٻوجهه ۽ چالاڪ جو فلسفو سمجهي سگهيو هو يا نه پر سندس چھري تي پريشاني ڏسي اهو صاف ظاهر هو ته هو اڄ کان پوءِ وري ڪنھن کي رانگ نمبر نه چوندو.