ڪافي ۳۸ - عاشقن اثبات ڪيو، آھي، امانت ڪنھن ڪنھن،
ثابت صورت سير جي آھي، سلامت ڪنھن ڪنھن.
۱- زاھد زماني ۾ ٿيا قيدي ڪروڙين ڪيترا،
ھن حقيقت حال جي، آھي ھدايت ڪنھن ڪنھن.
۲- سير ساري کي ڪندا، صادق سراسر ڪي سھي،
انحدي اقرار جي، آھي عنايت ڪنھن ڪنھن.
۳- الله کي اثبات ڪيو، اصل کان عاشقن،
وحدتي ويساہ جي، آھي ولايت ڪنھن ڪنھن
۴- نُور کي نروار ڪيو، نانگن نظاري نام سان،
’مھدي‘ مھدار جي، آھي ملاوت ڪنھن ڪنھن.