ڪھاڻيون

مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

” عبدالواحد سومري ڪهاڻي کيتر ۾ هي ڪتاب ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ آندو آهي، واحد جي ڪهاڻي ٽائيٽل اسٽوري ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ ئي پڙهندڙن جو پهرين ڌڪ ۾ ئي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿي ته، جتي وڏيرڪي، ڀتي خوري، لٽ مار ۽ اغوائن جي بازار گرم هجي، جتي ڪوبه نفس سک جو ساهه نه کڻي سگهي، تنهن سنڌ گهمڻ لاءِ وڃي به ڇا ڪنداسين؟ معاشري ۾ رشتن جي ڀڃ ڊاهه بابت جنهن ريت عبدالواحد سومري پڙهندڙن کي احساس جا نوان گس ڏيکاريندي اگهاڙو سچ لکيو آهي، تنهن انداز کي اختيار ڪندي اسان جي اديبن جو وڏو انگ ڪن لاٽار ڪندو آهي، اسان جي هاڻوڪي ٽهيءَ جي لکارين جي اڪثريت رومانوي ۽ ذاتي تاثرن تي ٻڌل ڪهاڻيون لکي رهي آهي پر عبدالواحد سومرو نئون گس اختيار ڪندي سنڌ جي سماجڪ سياسي ۽ معاشرتي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو آهي.“
Title Cover of book مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

پنهنجي پاران

جنهن به ملڪ جي سيا ست ۾ استحڪام نه هوندو آهي ته ان جا مڙوئي شعبا به متاثر هوندا آهن. اهڙي بحراني ماحو ل ۾ فرد کان ادارن تائين بحراني ۽ هيجاني حالت ڇانيل هوندي آهي هر سوچيندڙ ذهن منجهه اهي ئي سوال هوندا آهن ته، ”هاڻ ڇا ٿيندو؟؟ هينئن ٿيندو ؟ الاءِ هونءَ ٿيندو؟“
تڏهن ان سماج ۾ ڪجهه دور انديش قلمڪارئي اهڙي مونجهه ۽ ٻوسٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ مٿا ڪُٽ ڪندا آهن.
اڄ سنڌ جو سماج به ان ئي دور مان گزري رهيو آهي. انڪري سنڌ جو سماجي ڍانچو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، اهڙا مڙوئي لقاءَ اڄ سمورن ساڃاهوندن جي اکين اڳيان گذرن ٿا. ۽ هو اهي ڀوڳي ٿو.
اڻانگو ۽ گهٽ ٻوسٽ وارو سياسي سماجي ماحول جمود جو شڪار ٿيل هجي ته اتي وري به قلمڪار کي پور پچار ڪرڻي پوي ٿي....
انڪري هر اديب قلمڪار کي اوکائين کي مُنهن ڏيڻ جو ڏس، گس ۽ نڪور راهون ڏيکارڻ گهرجن. ۽ ڪم ۾ ويتر وڌيڪ نت نئين انداز سان سماجي جمود کي ٽوڙن لا ۽ لکڻين ۾ جذبو ۽ اتساهه پيدا ڪرڻ گهرجي، نڪي ان بحث ۾ لڙهي وڃجي ته ڪهاڻي مري وئي آهي!!! مري رهي آهي!!! وغيره.
هونءَ اهو سوال به اهم آهي. ان کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي پر تعليم، ڌارين جي يلغار، قبضاگيري، امن امان جي خراب صورتحال، ميرٽ کان ڪنلاٽار، ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ پارٽي بازيءَ کان ويندي سنڌ جي نوجوانن جي کنڀجڻ، گم ڪرڻ ۽ جڏهن ۽ جتي به دل گهري ته ماري، ساڙي چچري چيري ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏن.... جتي اسيمبلين ۾ چو ويٺل انبن ۽ کٽاڻ تي بحث ڪندا هجن ۽ اهي چيف سيڪريٽري يا آءِ جي پوليس به سنڌي نه رکرائي سگهن. ته پوءِ اهڙي سماج ۾ تبديلي ڪيئن ٿي اچي سگهي ؟ جتي هرڪو ڀڀ ڀرڻ واري ڪرت ۾ پورو هجن، مٿان وري اهي ئي جن کي ماڻهن پنهنجا قيمتي ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ رسايو سي انهن ووٽ ڏيندڙن کي ئي کنڀي ڦاهيءَ چاڙهن ۽ انهن خلاف ڪارا قانون جوڙي سنڌ ورها ئڻ لاءِ ميدان دشمن کي خالي ڪري ڏين...
پوءِ اتي ڪهاڻيءَ جي ڀلا ڪهڙي اوسر ٿي سگهندي؟ نه ته ان لاءِ ڪي رسالا آهن ۽ نه ڪهاڻي کيتر۾ ڪي وڏيون ڪوششون ٿين ٿيون. ڪهاڻيءَ لاءِ هڪ ڪل وقتي جاکوڙ ۽ چرپر کپي نقاد کپن ۽ سٽ سٽ جي چيرڦاڙ ڪرڻ وارا عالم اڪابر کپن... هتي ته اڄڪلهه ڪاريءَ وارا ڪک رهيا آهن ڪي ٻه چار ماڻهو جيڪي ڪهاڻيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري ٿي سگهيا سي به الائي ڇو ڄڻ بيزار بيزار پيا لڳن ۽ ”هيئن به سڄڻ وهه واهه ته هونءَ به سڄڻڻ واهه واهه“ واري ڪار لڳي پئي آهي.
ڪهاڻيءَ جي سوڀ لاءِ اسان کي نوان تجربا ڪرڻا پوندا ۽ نون ڪهاڻيڪارن کي اتساهڻو پوندو ۽ پنهنجي سينارٽيءَ واري خول مان نڪرڻو پوندو تڏهن ئي ڪهاڻي پنهنجي ماڳ ڏانهن وک کڻڻ لڳندي....
ادب جي ترقي ان ۾ ئي سمايل آهي ته تنقيد تي ڌيان ڌريون ، تنقيد به معياري ، غيرجانبدار، نه ڪي ذاتي حملاگيريءَ واري ۽ سچي تنقيد کي برداشت به ڪرڻو پوندو. ۽ اهو سڀ محنت سان پيدا ٿيندو. محنت جيڪا اسان ۾ رهي ناهي، ان لاءِ اسان کي تنقيد کي به جاءِ ڏيڻي پوندي ۽ ان جي عزت وڌائڻي پوندي...
پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب تي آئون ڪهڙي راءِ ڏيان ؟ بس هر ڪهاڻيڪار پنهنجي پنهنجي مزاج ۽ ماحول جو عڪس هوندي آهي، اولڙو هوندي آهي.
ڪهاڻيءَ بابت ڪابه آخري راءِ اڃا ناهي آئي ، جڏهن ته، هڪ ڪهاڻيءَ کي نوا نوي نمونن ۾ لکي سگهجي ٿو ؟
منهنجي ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ اٺ ڪهاڻيون شامل آهن ، جن ۾ اوهان منهنجي ذات کان ويندي سياسي سماجي عڪس ملي سگهندا. پوءِ ڀل ته منهنجي ڪهاڻين سان انقلاب نه اچي پر جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪا لهر اٿي ته مان پنهنجي سڦلتا سمجهندس.
آخر ۾ پنهنجن ڪجهه دل گهرين دوستن نصير سومرو ۽، وحيد سمون جن هن ڪتاب جي پروفن ۽ ٻين مامرن تي پنهنجن سگهارن خيالن سان نوازيو.


[b]عبدالواحد سومرو
[/b]ڪراچي