ڪھاڻيون

مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

” عبدالواحد سومري ڪهاڻي کيتر ۾ هي ڪتاب ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ آندو آهي، واحد جي ڪهاڻي ٽائيٽل اسٽوري ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ ئي پڙهندڙن جو پهرين ڌڪ ۾ ئي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿي ته، جتي وڏيرڪي، ڀتي خوري، لٽ مار ۽ اغوائن جي بازار گرم هجي، جتي ڪوبه نفس سک جو ساهه نه کڻي سگهي، تنهن سنڌ گهمڻ لاءِ وڃي به ڇا ڪنداسين؟ معاشري ۾ رشتن جي ڀڃ ڊاهه بابت جنهن ريت عبدالواحد سومري پڙهندڙن کي احساس جا نوان گس ڏيکاريندي اگهاڙو سچ لکيو آهي، تنهن انداز کي اختيار ڪندي اسان جي اديبن جو وڏو انگ ڪن لاٽار ڪندو آهي، اسان جي هاڻوڪي ٽهيءَ جي لکارين جي اڪثريت رومانوي ۽ ذاتي تاثرن تي ٻڌل ڪهاڻيون لکي رهي آهي پر عبدالواحد سومرو نئون گس اختيار ڪندي سنڌ جي سماجڪ سياسي ۽ معاشرتي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو آهي.“
Title Cover of book مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

ڪلاس فيلو

گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويٺل مهوش هاڻي بيزار ٿيڻ لڳي هئي، جيڪو محسوس ڪرائڻ لاءِ هن اکين تان ڪارو چشمو لاٿو ۽ شيشي مان نظر ڦيرائي جلوس تي وڌي. ڳاڙها جهنڊا کنيون هڪ قومپرست پارٽي جا ڪارڪن احتجاج ڪري رهيا هئا. احتجاج جو سبب ڪجهه ڏينهن اڳ سانگهڙ باکي موري وٽ قومي ڪارڪنن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ لاش ساڙيا ويا هئا، پوليس رينجرز وارا الرٽ بيٺا هئا.
قومپرست ڪارڪنن جي نظر جيئن ئي رياستي ادارن جي اهلڪارن تي پئي تيئن ئي سندن نعرن ۾ جوش ايندو ويو، پوليس ۽ رينجرز جا ڏنڊا به آزادي جي نعرن کي روڪي نه سگهيا.
ڄامشورو به عجيب شهر آهي. مهوش آهه ڀري سوچيو هو ڪنهن سچ ڪٿي چيو آهي ته هتي وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي سي ماڻهن جا مزاج الڳ ، رويا به جدا پر ڄامشورو جي هوائن ۾ ائين رڱجي وڃڻ اصل هتان جو ڪمال آهي. مهوش جو به ڄامشورو سان هڪ خاص رشتو رهيو هو ، هن پنهنجي زندگي جا چار خوبصورت سال هن پٿرن جي شهر ۾ گذاريا هئا.
اڳئين سيٽ تي ويٺل ڊرائيور جي مُنهن جو رنگ انتظار سبب پيلو ٿي ويو هيو، نيٺ درکولي هيٺ لهندي چيو ته، ”آئون ٻاهر ڏسي ٿو اچان ته ڇا صورتحال آهي.“ مهوش هائو ڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو هو. سمجهي ته وئي هئي ته ڊرائيور کي سگريٽ جي ٻاڙ لڳي اٿس، ڊرائيور ڪار مان لهي ٿورو پرڀرو ٿي سگريٽ پيئڻ لڳو.
مهوش ڪار جي پوئين سيٽ تي مٿو ٽيڪي اکيون بند ڪري ڇڏيون ڪنهن در تي آواز ڏنو ته اکيون کولي ڏٺو هائين ته هڪ سانوري فقيرياڻي ، ميرن ڪپڙن ۾، هنج ۾ ٻار کي کنيو بيٺل نظر آئي هيس ، فقيرياڻي آڱر آسمان ڏي اڀي ڪئي ته مهوش هٿ جي اشاري سان معاف ڪرڻ جو چيس پر فقيرياڻي بيٺي رهي ته مهوش ٻيهر اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، ڪجهه گهڙيون بيهڻ بعد فقيرياڻي هلي وئي ، مهوش ڪجهه لمحن کانپوءِ وري اکيون کولي ٻاهر ڏٺو هو ، هن ڀيري سندس اکيون رڪشا اسٽينڊ وٽ بيٺل سادي سودي پينٽ شرٽ ۾ ڪلين شيو نوجوان تي ڄمي ويون . خبر ناهي ڇو کيس اهو نوجوان ڄاتل سڃاتل لڳو هو. ڪجهه ڌنڌليون ڌنڌليون يادگيريون سندس ذهن ۾ رقص ڪرڻ لڳيون، دل ۾ هڪ نالي جي صدا ڪنهن ويران مسجد ۾ ڏنل آذان جيان بلند ٿي هيس.
”رحمت......!!!“ هن پنهنجي چپن ۾ ڀڻڪيو هو ته، ”اڄ سالن بعد هي نالو سندس لبن تي تري آيو هو ، من بيچين ٿي پيو هيس نه نه اهو ڪٽر ملو جيڪو کڙين کان پاچو هيٺ ٿيڻ نه ڏيندو هو سو وري ڏاڙهي ڪوڙائي نبي جي سنت سان هٿ چراند ڪندو ڇا”‎؟
هن پنهنجو پاڻ کي سمجهاڻي ڏيندي چيو هو سندس منهن تي آرٽس فيڪلٽي جو ورانڊو تري آيو هو جنهن ۾ گذرڻ دوران پنهنجي دوستن سان رحمت تي ٺٺولي ڪندي ويندي هئي ، هڪ دفعي ته سندس جملي تي خود رحمت به کلي ڏنو هو ان وقت هو سوشل ورڪ جي ڪلاس روم ٻاهران بيٺل هئي ته سندس ڏاڙهي تيل سبب چمڪي رهي هئي ۽ نيري سٿڻ جا پاچا کڙين کان مٿي هئا. مهوش به ٻن دوستن سميت مٿي چڙهي آئي هئي ونگ ۾ رحمت کانسواءِ ڪو به ڪونه هو . مهوش سندس پاچا ڏسي پنهنجي دوستن کي چيو هو ته، ”لڳي ٿو پاچا ٻڪري کائي وئي اٿس.“ ان تي سندس دوستن وڏو ٽهڪ ڏئي اڳيان وڌي ويون هيون. مهوش ٻئي هن مذاق تي مولوي صاحب مرڪڻ لڳو هو.هن هڪ يادگيري سبب مهوش جي گول چهري تي مرڪ وکري وئي هئي سج جي تپش هوريان هوريان وڌڻ لڳي هئي هن وري دري مان هڪ دفعو ان نوجوان ڏي ڏٺو هو جنهن جون نظرون جلوس وارن تي هيون ” نه نه “ هن ٻيهر پنهنجي دل کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هي شخص رحمت نه هوندو پر سندس دل سمجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ ارادو ڪيائين ته اهو ڪرڻ مناسب نه هوندو ، وري پنهنجو پاڻ کي روڪيندي چيائين ڦاٽڪ جو ماحول اهڙو ناهي جو بيهي ڪنهن اڻڄاڻ شخص اڳيان مرڪجي، ماڻهو ڇا سوچندا اجايو هرڪو ميرين نظرن سان ڏسي. ان سوچ سندس پيرن ۾زنجير وجهي ڇڏي هئي. پر هو اچانڪ غائب ڪاڏي ٿي ويو؟ هن وري پنهنجي ڪلاس فيلو رحمت بابت سوچيو... ”اف خدايا !!!“ آهه ڀري پاڻ سان ڳالهايو، ”مون سان جو پاڪ پيار جا وچن ڪيا هئائين اهو به چيو هئائين ته پاڪ پيار شريعت ۾ جائز آهي. تنهن بعد غائب ڇو ٿي ويو.؟؟؟“
سندس دل جي بيقراري وڌي وئي هئي، نيٺ در کولي هيٺ لٿي ته ڊرائيور تڪڙيون وکون کڻندو هن ڏي آيو هو، ميڊم ،.... ڊرائيور نرم لهجي ۾ چيو هيس، ”اڃا جلوس کي ڪلاڪ کن لڳي ويندو...“
”ٺيڪ آهي.“ مهوش بيزاريءَ مان اظهار ڪندي چيو هيس. ”آءٌ اخبار جي اسٽال تان ڪجهه رسالا ڏسي ٿي وٺان جي توکي چانهن پيئڻي آهي ته ڀلي پي اچ...“
”جي ميڊم“...... ڊرائيور جواب ڏنو هيس پٺاڻ جي هوٽل تي چانهن لاءِ ويو.
مهوش اخبار جي اسٽال تي بيهي هڪ ٻه رسالا نظر مان ڪڍيا ۽ پوءِ رڪشا اسٽينڊ تي بيٺل نوجوان کي تڪيو هيو. هن دفعي نوجوان به ڪنڌ ڦيري هيڏي هوڏي ڏٺو، ٻنهي جون نظرون مليون، پريان بيٺل نوجوان جي منهن تي پاڻمرادو مرڪ اچي وئي، ڄڻ هن کي سڄاڻي ورتو هجيس.
مهوش جو اعتماد بحال ٿيو، دل ۾ خوشي ٿي هيس ته سندس نظر دوکو نه کاڌو آهي. اکيون کڻي اسٽال ڏي ڏٺائين وري ٻنهي جون اکيون مليون هيون. گرم ماحول ۾ حسين مرڪ ٻنهي جي چهري تي اچي وئي، هئي مهوش اسٽال تان لهي اچي پنهنجي گاڏي وٽ اچي بيٺي هئي پريان بيٺل نوجوان هوريان هوريان هلڻ لڳو هو. آس پاس هر ڪو جلسو ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ هو ڪنهن کي به ٻئي ڪنهن ڳالهه جي پرواهه ڪونه، نوجوان گاڏي جي ويجهو آيو ۽ آهستگي سان نالو کنيو هيو.
” مهوش “
”هون“ هن ڪنڌ لوڏي مرڪي جواب ڏنو هيس ته ان نوجوان زمين کي ڏسندي چيو هو .
توکي چاهيون ٿا، توکي چاهيون ٿا.
بحث.... ان تي ڪرڻ اجايو آ.....
”ته توهان مون کي سڃاڻي ورتو؟“ مهوش پنهنجي وارن جي لٽ ۾ آڱريون ڦيريندي پچيو هيس.
”جنهن سان روح جو رشتو هوندو آهي. ان جي قدمن جي آواز تي دل ڌڙڪي پوندي آهي.“
اڄ مهوش مرڪندي چيو هيس. ”ستن سالن کان کانپوءِ ملي رهيا آهيون. ...“
” ها “ هن پينٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهندي جواب ڏنو هيس ”هي ڪهڙا حال ڪيا اٿئي پنهنجا؟“ مهوش کيس ڏسندي سوال ڪيس، هن هڪ دفعو اکيون کڻي ويران نظرون مهوش تي وڌيون هيون ته هن صفائي ڏيندي چيس.
” منهنجو مطلب آهي ته مذهبي سوچ رکندو هئين ۽ هاڻي وري ڪلين شيو...“
هاڻي هن آهستي جواب ڏنو هيس. ”سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ايڪ در هزار ڳڙکيون .“ هڪ دفعو وري ٻنهي جون نظرون مليون هيون. ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٻئي خاموش ٿي ويا هيا.
فضا ۾ هڪ وڏو آزاديءَ جو نعرو بلند ٿيو هو
”اڄڪلهه ڇاڪندو آهين؟“ مهوش پڇيو هيس..
”آرام“ هن بنا کيس ڏٺي مختصر جواب ڏنو هو
”مذاق نه ڪر...“ مهوش چيس.....
”سچ ٿو چوان.“ نوجوان کيس ڏسندي جواب ڏنو....
”رحمت....!!!“ مهوش هوريان هن جو نالو کنيو هو.
”هي سڀ ڇا؟؟؟؟ ايتري تبديلي ڪئين..؟؟؟؟“
”بس...“ هلڪو ندامت جواحساس.....
”اهو سڀ ممڪن ته نه هيو. سو به هن جنم ۾ ، سو مون کي ته ڪو اڻ ٿيڻي ڳالهه ، ڪو خواب ٿي لڳو. هي ڪلين شيو ڏاڙهي غائب ، هن نئين حليي تي اکين کي اعتبار ئي نٿي لڳو. توهان ڏانهن وڌندي ڇڪ ۽ ٻيو وسوسو ته ڪٿي ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ته اجايو نٿي سڏ ڪيان.“ مهوش هڪ ساهيءَ ۾ چيو.
”بس هي نئون روپ ۽ حالتن جي ڪري ٿيوآهي.“ رحمت جواب ڏنو.
”اهو هن صديءَ ۾ ته ممڪن ئي نه هيو.“ مهوش چيو.....
ايتري ۾ بسن جو شور ۽ هڪ ٻه فقيرياڻي خيرات گهري اڳتي نڪري ويئي.....
”بس ڇڏ ان ڳالهه کي، ڇو نه سامهون واري هوٽل تي هلي ويهجي؟“ رحمت التجا واري انداز ۾ چيو.
مهوش فيصلو نه ڪري سگهي هئي نيٺ ” ها “ ۾ مهوش سنهڙن چپن سان آهستي جواب ڏنو......
رحمت مرڪي ڏنو ۽ هوٽل ڏانهن ٻئي وڌڻ لڳا. هوٽل جي آڳر تي ، توڙي اندر ڪافي ماڻهو ٽيبلن تي ٽوپين سان ڪن جي ڪلهن تي اجرڪ ۽ ڪي وري سگريٽ پيئندي نظر آيا مهوش جيڪا اڄ به پنهنجو حسن جواني سا به بلڪ پهرين ڏينهن وانگر برقرار هيس، وڏي اک سنهڙا نازڪ گلاب جي پنکڙين جهڙا رسيلا چپ، ڳٽن ۾ پوندڙ چگهه ، هڪ لٽ وارن جي اڳيان نرڙ تي پوندڙ ، ساڳئي ادا ساڳئي چال، ساڳيو اعتماد، هڪ مضبوط قد آور، ڀرپور جاذبيت نسوانيت جو هڪ شاهڪار نمونو جيئن پهرين ڏينهن کان ڪلاس ۾ رحمت ڏٺي هئي. مهوش ذرو برابر به تبديل نٿي هئي خبر ناهي، ڪهڙي چڪي جو اٽو ٿي کاڌو ، رحمت دل ۾ سوچيو.
ائين هلندا آهستي آهستي روڊ پار ڪندي هوٽل جي فيملي پورشن ۾ وڃي در کوليو ته در چيڪٽ ڪيو ۽ هي وڃي هڪ پاسي ٿي ويٺا.
جيئن ئي ويٺا ته رحمت سالن جو اڃايل خالي بس ڏسندو رهيو ۽ ڏسندو ئي رهيو سندس دل ئي نٿي ڍاپي ، ايتري ۾ آلو ڪپڙو ڪلهي تان لاهي بيري ٽيبل صاف ڪئي.
رحمت جي نڙي ۾ مهوش کي سامهون ڏسندي لفظ اٽڪي پيا چانهه هلندي؟
مهوش خمار جهڙي نهار سان رحمت کي ڏٺو ته ڄڻڪ ٿر بر برسي پيو هجي، مور جا ٽهوڪڙا هجن ، رحمت جو تن من ٺري پيو.
” ڪافي سفر ڪري آئي آهيان. چانهه جي طلب آهي.“ هڪ جملي ۾ هڪ وڏو درد ۽ سالن جي مسافت جو سفر شامل هجي.....!!!
بيرو، ”جي صاحب...!!!!“ چئي هليو ويو.....
ڪجهه پل هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا مهوش پهل ڪندي سنهڙا چپڙا کوليا ۽ چيو ته ”رحمت زندگي ڪيئن ٿي گذري..؟؟؟؟“
”بس گذري پئي.....“ هڪ مايوس ٻڻڪ صدا رحمت جي دل مان نڪتي.....
”ان جو مطلب ڇا آهي؟؟؟“ مهوش ڀڙڪو کائيندي پڇيو....
” اهو ته تون سمجهي وئين هوندينءَ منهنجي روپ مان، سمجهي وئين هوندين؟“ رحمت آهه ڀريندي چيو......
” مان مقصد نه سمجهي سگهي آهيان.“ مهوش چيس
”ڳالهه منهنجي هن نئين روپ جي آهي نه جنهن منهنجي زندگي کي لوڏي ٽڪرا ٽڪرا ڪري وڌو.“ رحمت ڏکارو ٿيندي چيو
”ها اڃا آخري ٽرم هيو جو تون گم ٿي ويئن، گم به ايئن ٿي وئين جو هن ڌرتي تي تنهنجو ڪو وجود ئي نه هيو.“ مهوش پڇيو ....
”ها بس ايئن ئي ٿيو هيو.“ رحمت ويران اکين سان ڇنڀندي چيو...
”پر آخر ڇا ٿيو هيو“ مهوش هڪ دفعو ٻيو تجسس مان سوال ڪيس ...
ڪو ٻيو هجي ها ته شايد رحمت جواب نه ڏيس ها پر مهوش جي پڇڻ تي اهو بند ٽٽي پيو.
”دراصل آئون پهرين ۽ ٻئي سال ته مذهبي خيالن جو هيم، پر چوٿين سال تائين هڪ انتهاپسند مذهبي جماعت سان گهڻو مٿي اندر وڏن اڳواڻن تائين رسي چڪو هيو اهو اڃا آخري ٽرم جو دور هيو.“ رحمت ٻڌايو.
” اهو ته ٺيڪ آهي پر پوءِ گم ڪيڏانهن ٿي وئين؟“ مهوش اڻ تڻ مان وري پڇا ڪئي.
”انهن مذهبي اڳواڻن سان افغانستان تائين ۽ لال قلعي تي جهنڊي کوڙڻ جو خواب کڻي نعري تڪبير کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو هيم. هڪ ٻاهرين ملڪ جو ماڻهوهتي پاڪستان ۾ غلطي سان پڪڙجڻ وقت تي منهنجو نالو کنيو. ادارن اهو سمجهيو ته آئون ڪو وڏو پارٽي جو ليڊر هجان...“ رحمت راز افشان ڪندي ٻڌايو
”پر اهو ايترو وقت ڪٿي رهيا؟ مهوش پڇا ڪئي.
بيرو بسڪوٽ پاڻي جو جڳ ۽ چانهن رکي ويو.......
”بس جيلن ۾ ٿي رهايو، پتو نه پوندو هيو لڳ ڀڳ ڏيڍ سال دنيا جهان کان گم هيم ، گهر وارن به سمجهيو ته...“ وڌيڪ لفظ رحمت کان نڙي مان نه اڪلي سگهيا.
”پر آخر ڇو؟؟؟“
”در اصل هڪ انتها پسند جماعت سان سلهاڙيل هيم، جنهن شخص سان ملاقات ٿي هئي اهو پرل ڪيس ۾ گهربل هيو. هتان وارن ادارن جي همراهن جو اهو ٻڌو ته ڄامشورو يونيورسٽي جو شاگرد آهي. ته کڻي کنڀي گم ڪري ڇڏيائون.“ رحمت ٻڌايو......
چانهه جي سپ سپ هلندي رهي هڪ ٻيو جوڙو به اچي اندر ويٺو پر اهو پورشن جي بلڪل پوئين ڪنڊ تي ويٺو ته گفتگو ۾ ڪا به رڪاوٽ نه آئي،
”مهوش..ٰٰ!!“ رحمت چيو...
”جي ....!!!“ مهوش چيس...
”سگريٽ پيئڻ جي اگر اجازت هجي ته “ رحمت نماڻي انداز ۾ چيو....
هلڪي مسڪراهٽ سان ڏسندي مهوش چيس ”ها ...ها....“
سگريٽ دکائي ٿو.. هڪ وڏو ڪش هڻي مهوش کي ڏسي ٿو...
”پوءِ ڪيئن ڇڏيائون؟...“ مهوش پڇيو....
”ان ملاقات ۾ ملندڙ اڳواڻ سان شڪر آجو ڪچهري ڪابه نٿي هئي جبلن مان گذرندي رستي ۾ صرف هڪ ٻئي کي هٿ ڏنو هيو، مان هڪ پاسي وڃي رهيو هيس ۽ هو ٻئي پاسي. انهن جبلن ۾ ڪئمپ هوندا هئا. اتي ان شخصيت سان هٿ ڏيندي اصلي نالو ٻڌائي غلطي ڪئي. اها خبر ئي نه هئي ته اڳتي هلي ڪو اهو اڳواڻ پاڪستان ايندو ۽ پڪڙجي پوندو. ان سبب اڙجي ويم.“ رحمت تفصيل سان ٻڌايو....
”جي خراب نه لڳي ته هڪ ڳالهه پڇان...“ مهوش نماڻي انداز ۾ پڇيس.....
”ها پڇ....!!!!“ رحمت خالي ڪپ کي ڏسي جواب ڏنو...
”تون ٿڪل ٿڪل پيو ڏسجين ...“ مهوش آڱر سان ٽيبل کرڙيندي چيس.......
”هن جيون ۾ اڪيلو جو ٿي پيو آهيان.“ رحمت همت ڪندي چئي ڏنس......
”ڏس تنهن جي ان جنونيت واري لاڙي مون کي مايوس ڪيو هيو.“ مهوش ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي.....
رحمت هڪ ڪش هڻندي مٿي ڇت ڏانهن ڏٺو. ”ها تون ٺيڪ پئي چئين .. نعري جي اثر ۽ جنت جا خواب .....!!!“ رحمت جواب ڏنس.
”پر هڪ ٻئي ڳالهه ڪيان .....؟“ مهوش نماڻي انداز ۾ پڇيو.
” ها...“ رحمت مسڪرائيندي چيس....
”دراصل مون.. مون ڪجهه عرصو تنهنجي گهر ڀاتين سان رابطو رکيو هيو. منهن جو به ايئن بنا ڪنهن اتي پتي جي انتظار تي ماءُ پيءُ ڪجهه وقت ته خاموش رهيا پوءِ نيٺ..“ مهوش ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو...
”ڪنڌ مٿي ڪر... تنهنجو مسئلوئي ناهي، قدرت جو اٽل قانون آهي..... جيل مان واپسي تي ماءُ جڏهن لڙڪن سان ڀاڪر پائي رني هئي ته ڪي پل پنهنجي ڀاڪر ۾ چمندي رهي ته سڏڪندي روئيندي بس ايترو چئي سگهي ابا رحمت...!!هن کي معاف ڪجانءِ......!!! هن کي مون اجازت ڏني هئي ۽ منهنجي ماءُ هر هر تنهنجو نالو کڻندي پاڳل ٿي پئي هجي.... ارڙهن مهينا هڪ ماءُ کان ٻچو گم هجي ... بس ماءُ ....“ ايئن رحمت جون اکيون آليون ٿي ويون هيون.
مهوش سمجهيو ته جيل ۽ جدائي کان وڌيڪ هن ڳالهه تڪليف پهچائي اٿس.....
ان ڪيفيت کي سمجهندي رحمت جي هٿ مٿان پنهنجو نرم هٿ رکي ڇڏيو هيو....
”مهوش...! رحمت چيو...
” هون “ مهوش چيو...
”ڇڏ منهنجي ڳالهه کي پنهنجي باري ۾ ٻڌاءَ ...“ رحمت پڇيس.
”رحمت.!!! سچ پچ ته توسان يونيورسٽي جا گذاريل ٻه سال به يادگار جتي هيا اتي ٿورو تنهنجي جنوني لاڙي به منجهائي وڌو هو. پوءِ وري پنهنجي پيار تي ٿوري اميد جو ڪرڻو پيدا ٿي پوندو هيو ته تو ۾ منهنجو پيار تبديلي آڻيندو. پر .. پر... آخري ٽرم ۽... اهو موقعو نه مليو؟...“ مهوش اداسيءَ مان وڏو ساهه کڻندي چيو،”پوءِ تنهنجو هي نئون روپ.“ مهوش چيو.....
”ان ٽارچر بعد پڪ ٿي چڪي هئي ته نه ڇڏيندا، پوءِ نئين رحمت کي حالتن جنم ڏنو پر ، گهڻي دير ٿي چڪي هئي.“ رحمت چيو.......
”مهوش تنهنجي زندگي ڪيئن پئي گذري.“ رحمت پڇا ڪيس
”تنهنجي گم ٿيڻ بعد مايوس رهيم نيٺ پوءِ شادي ڪري ڇڏيم، بس عام سادي زندگي گذري پئي.“ مهوش ٻڌايس...
”عام سادي زندگيءَ مان ڇا مقصد آ؟“ رحمت اتاولو ٿيندي پڇا ڪئي. ...
”مڙس صاف سٿرو انسان آهي، پيار ڪندڙ به آهي. ٻه ٻار ٿيا آهن وڏي ڌيءَ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي. ٻيو ننڍڙو پٽ آهي ستن سالن جي زندگيءَ جدائي کانپو ءِ جي ڪهاڻي آهي. .... سٺي پگهار ۽الڳ گهر ۾ رهان پيئي، ڪو سس نڻان وارو جهنجهٽ ناهي منهنجو مڙس ڳوٺ به شادي غميءَ ۽ عيد تي ويندو آهي. رب جو شڪر آهي. جهيڙي جهڳڙي جو اڃا تائين ڪو موقعو نه آيو آهي.“ مهوش کيس ٻڌايو. ٻئي هڪ ٻئي سان اکيون ملائي نه سگهيا...
هڪ لمحي جي خاموشيءَ کانپوءِ مهوش ڳالهايو، ”هاڻي ڇا تون مون سان رابطي ۾ رهندين.“ رحمت هڪ دفعو کيس ڏٺو هو. ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائيندي چيائين، “جي تنهنجي مڙس کي ڪو اعتراض نه هجي ته....!!!“
”منهنجو ...“ مهوش ٻئي طرف ويٺل جوڙي کي ڏسندي جواب ڏنو کليل ذهن جو انسان آهي کيس ڪو به اعتراض نه هوندو...
”مهوش...“ رحمت چيو....
”جي ...“ هن هوريان چيس.......
”هڪ دفعو پنهنجي ٻارن سميت منهنجي گهر ايندينءَ؟“ رحمت چيو.............
مهوش جا چپ ڏڪڻ لڳا هئا. رحمت شيشي کان ٻاهر ڏسندي چيو هيس.... ”جي منهنجي ڪري نه ته امان جي ڪري هڪ دفعو ضرور اچجانءِ. کيس خوشي ٿيندي....“
”ها ضرور...“ هن ٻڏندڙ من سان جواب ڏنو هيس ٻئي اٿيا ، رحمت پيسن ڏيڻ لاءِ دخل تي ويو. ٻاهر جلسو هلڻ سان گڏ ماحول اڃا به وڌيڪ گرم ٿي ويو هو......
*