روما
”هاڻي هِن ٿيسز جو انتساب ڪنهن سان ڪجي؟“ ڪرسي کي ٽيڪ ڏيئي پاڻ کان سوال ڪيائين. سندس زندگي ۾ ڪجهه ڪردار اهڙا هئا، جن جي نالي هيءُ پنهنجي پوري زندگيءَ جو هيءُ پورهيو ڪري ٿي سگهيو. پهريان سندس والدين سندس ذهن ۾ آيا، جن کيس تاتي نپائي وڏو ڪري، تعليم ڏياري هِن مقام تي پهچايو هو.
پر هن سوچيو ته،”هر ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد جي بهتر مستقبل جو خواهشمند هوندو آهي؟“ .....ائين سوچي هيءُ چپ ٿي ويو. کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. ڪرسيءَ تان اٿي دريءَ وٽ اچي بيٺو ۽ لنڊن جي جرڪندڙ ۽ جڳمڳ ڪندڙ وسيع شهر تي هڪ نظر وڌائين، هو هڪ طويل ۽ ڏکيو سفر طي ڪري هتي پهتو هيو. سالن جي جستجوءَ بعد هاڻي تعليم جي ميدان ۾ ماهر طور ڄاتو سڃاتو ويندو. شايد هن ڏينهن لاءِ ئي هِن پنهنجين اکين ۾ اوجاڳا ٽاڪيا هئا. ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي هئائين. دريءَ وٽ بيهي جيئن ئي شهر تي نظر وڌائين ته کيس سنڌ جو خيال آيو.
اُن ئي لمحي سندس مَن ۾ ڪنهن جي ياد جو ڪنڊو چُڀي پيو......ڪنهن جو ڏنل واعدو…!! ڪنهن کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي تمنا…
هيءُ پنهنجي يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ جي نظرن ۾ هڪ سٺو ۽ سنجيده شخص هو، جيڪو سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ جي لاءِ جاکوڙي رهيو ۽ جيڪو هاڻي پروفيسر جو لقب ماڻڻ کان بس ڪي ٻه قدم پري هو.
هن ٿڌو شوڪارو ڀريو..... پنهنجي ماضيءَ ۾ ٻڏي ويو. کيس روما ياد آئي. روما....سندس پهريون پيار، جنهن کي ڏسي فرشتا به شايد دعا گهرندا هوندا ته، ڪاش اسان به بشر هجون ها…!!
روما جا ريشمي زلف نانگ جيان هن جي سوچن کي ڏنگڻ لڳا. هن پنهنجا ٻئي هٿ ٻڌي ڇڏيا. روما سان آخري ملاقات ۾ ڪيل واعدو ياد آيس. ان ڏينهن هن پاڻ کي دنيا ۾ هيکلو ڀانئيو هو. سندس من اندر ايتري طاقت نه هئي، جو هُو اکيون کڻي پنهنجي پيار کي ڏسي سگهي ها. هي ٻئي يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ ڪافي دير تائين خاموش ويٺا رهيا هئا.
”روما،“ هن سندس نالو کڻندي چيو هو. اهو سڀ ڪوڙ آهي، تون مذاق ڪري رهي آهين.“
”نه حبيب، اهو سچ آهي،“ روما ٿرڪندڙ چپن سان هوريان چيو هيس ته، ”منهنجي گهر وارن منهنجو رشتو طئي ڪري ڇڏيو آهي.“
”پر تو ته مون سان گڏ جيئڻ مرڻ جا قسم کنيا هئا،“ حبيب احتجاج ڪندي چيو هيس. روما خاموش رهي هئي.
”ڪجهه ڳالهاءِ روما،“ هن دفعي هن التجاڻي انداز ۾ چيو هو. ”ڪجهه ٻڌاءِ، نه ته منهنجي دماغ جون رڳون ڦاٽي پونديون،“ حبيب وري به منٿ واري انداز ۾ چيو هو.
”منهنجي،“ روما خالي ڪرسين ڏي اداس نظرن سان ڏسندي چيو هو، ”منهنجي بابا جو سمورو سياسي ڪيريئر منهنجي شادي تي ئي مدار رکي ٿو.“
حبيب کيس گهوري ڏٺو هو، ته روما ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو.... ۽ پوءِ گهڙي کن جي خاموشيءَ کانپوءِ چيو هئائين،”جي مون اِن رشتي کان انڪار ڪيو ته، بابا تي داخل ڪيترا ئي ڪيس ٻيهر کلي پوندا، پوءِ ائين نه ته بابا جي باقي عمر جيل ۾ گذري.“ حبيب جو مَن ٻڏڻ لڳو هو. هن محسوس ڪيو ته، ’هو اڪيلائيءَ جي اونهي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهي.‘
”پر تون ڪو قرباني جو ٻڪرو ته ناهين،“ حبيب ٻڏندڙ لهجي ۾کيس سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو هو. سندس اکيون ڀرجي آيون هيون.
”اسان جي معاشري ۾،“ روما ڏکاري لهجي ۾ چيو هيس،”عورت جو ٻيو نالو ’قرباني‘ ئي ته آهي. اها ڪڏهن ريتن رسمن جي نالي تي قربان ڪئي وئي آ، ڪڏهن مرد جي آن ۽ شان لاءِ ڪُٺي وئي آ، ته ڪڏهن خاندان جي عزت بچائڻ لاءِ ماري وئي آ… “
”مان اهو سڀ نٿو مڃان،“ حبيب ناڪار ۾ڪنڌ لوڏيندي چيو هيو. روما ڪينٽين جي ڇت کي ڏسي آهه ڀريندي چيو هُيس، ”مڃڻ نه مڃڻ سان ڇا ٿيندو. ڪجهه فيصلا اسان جي وس ناهن هوندا.“
”جي تون،“ هن ذري گهٽ روئندي چيو هُيس، ”جيڪڏهن تون ساٿ ڏين ته مان سمورن فيصلن جو رخ موڙي سگهان ٿو.“
”حبيب،“ روما سندس اداس منهن ۾ ڏسندي چيو هيو،“ اهو هاڻي ممڪن ناهي رهيو. خانداني عزت تي مون پيار کي قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي هئي.
”ياد اٿئي،“ روما چيو هُيس،”تو هڪ هنڌ لکيو هو ته، ’ محبت منهنجو جنون آهي، ان ۾آئون احترام جو قائل آهيان ۽ وڇوڙو منهنجي محبت جو جمال آهي…“ هو هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي وئي هئي- ۽ پوءِ چيو هئائين،”پنهنجي محبت جي جمال جو وقت اچي ويو آهي حبيب، “ حبيب بس ڳوڙها پيتا هئا. کيس ڪجهه به چئي نه سگهيو هُيو.
”مون سان هڪ واعدو ڪر،“ روما اٿندي چيو هُيس. هو ٻئي ڪينٽين کان ٻاهر نڪري کليل ميدان تي هلڻ لڳا هئا. پويان روما جي پيراڊو گاڏي سندس انتظار ۾ بيٺل هئي. هن حبيب کي ڏسندي چيو هو، ”واعدو ڪر ته تون منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڪوبه جذباتي قدم نه کڻندين ۽ اهو به واعدو ڪر ته، سنڌ جي تعليم لاءِ هڪ نه هڪ ڏينهن وڏو ڪم ڪندين. جي اهو ڪيئي ته مان سمجهنديس ته تو پنهنجي محبت جو قرض ادا ڪري ڇڏيو.“ هو خاموشيءَ سان پينٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهي ڪنڌ هيٺ ڪيو هلندو رهيو هو.
”چڱو، هاڻي ٿي سگهئي ته مون کي معاف ڪجانءِ،“ روما چيو هيس. پوءِ هُوءَ پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي هلي وئي هئي.
حبيب ڳورن قدمن سان اچي هاسٽل تي پهتو هو. مَن اندر طوفان برپا ٿيل هُيس. ڪيتري دير تائين پنهنجي بستري تي ليٽي روئندو رهيو هو. دماغ سُن ٿي ويو هيس. جنهن ڇوڪريءَ سان هن پنهنجي سموري حياتي گذارڻ جا خواب ڏٺا هيا، سا اڄ ڪنهن ٻئي جي ٿيڻ لاءِ هن کي ڇڏي هلي وئي.
اُهو ڏينهن هِن لاءِ قيامت کان گهٽ نه هو. رات جو به دير تائين هيءُ روما سان گهاريل گهڙين کي ياد ڪندو رهيو هو. پوءِ هِن اُن ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو، جيڪا روما؛ ويندي ويندي کيس چئي هئي ته،”واعدو ڪر ته تون منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڪوبه جذباتي قدم نه کڻندين ۽ اهو به واعدو ڪر ته، سنڌ جي تعليم لاءِ هڪ نه هڪ ڏينهن وڏو ڪم ڪندين. جي اهو ڪيئي ته مان سمجهنديس ته تو پنهنجي محبت جو قرض ادا ڪري ڇڏيو.“
هِن سوچيو،”روما مون کي جيڪا صلاح ڏيئي ويئي، اُن تي عمل ڪرڻ هاڻي منهنجي زندگيءَ جو مقصد هئڻ گهرجي. اِهو ئي منهنجي جيئري رهڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو.“ هِن بڪ شيلف تي اڇاتري نظر وجهي، وري سوچيو،” اڳئين زماني ۾ عاشق پنهنجي محبت جي ياد ۾ محل، ماڙيون ۽ مقبرا اڏائيندا هئا، پر مون کي پنهنجي محبوب جي ياد ۾اهڙي تعليمي تحريڪ جو حصو بڻجڻ گهرجي، جيڪا روما جي والد جهڙا انسان پيدا نه ڪري، جيڪي پنهنجي شخصي مفاد جي لاءِ روما جهڙين ڌيئرن کي قربان ڪيو ڇڏين.“
پوءِ هيءُ پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ پهرين پوزيشن کڻي، پهرين ليڪچرار ٿيو. بعد ۾ کيس پي ايڇ ڊي لاءِ اسڪالر شپ ملي ته، هيءُ برطانيا هليو آيو. هينئر پي ايڇ ڊي جي ٿيسز به مڪمل ڪري ورتي اٿائين.
هو دريءَ کان هٽي پنهنجي اسٽڊي ٽيبل ڏي آيو. هڪ ڳالهه سوچي سندس مُنهن تي هڪ پرسڪون مرڪ تري آئي. هڪ نالو سندس ذهن ۾ ڪنهن تازي گل جيان ٽڙي پيو. هِن ليپ ٽاپ آن ڪري، ٿيسز وارو ڊاڪيومينٽ کولي، اُن ۾ لکيو هئائين:
”ارپنا، روما جي نانءِ، جيڪا منهنجي زندگيءَ مان ته هلي ويئي، پر هوءَ منهنجي زندگيءَ جي جستجو ۽ اتساهه کي جياري ويئي. مان اڄ جنهن جاءِ تي پهتو آهيان، اُهو صرف اِن جي ڪري ئي پهتو آهيان.“