ٻڪري.....!
هنن سان حالانڪ اڳ ۾ رستو اچ وڃ جو هوندو هُيو. پر هي نئون گهر بلڪل ڀرسان ٺهرائي سيٽل ٿيا. اسان جي ناني ۽ هنن جي ڏاڏي پاڻ ۾ سهيليون هُيون. اچ وڃ کي سڪ وارا ڳوٺن۾ چيو ويندو هُيو ۽ احترام به هوندو هُيو. هنن جو والد مشڪل سان پيٽ گذر ڪندو هُيو. هنن جي اولاد نمبر وار حميره، ثميره، شيرين ٻه ڇوڪرا فواد ۽ جواد هوندا هُيا.
انهن جو گهر جو ڪم ڪار هلڪو ڦلڪو، سودو سلف، مهمانن ايندي وقت رلهيون ڏيئي اچڻ، پاڻي پهچائڻ شامل هوندو هُيو. ان کي ڇڏي ڇوڪريون ۽ ماءُ سڪينه مڙس جي پچار ڪندي چوندي هئي. ته: ”بس اسان جو خيال نٿو رکي“ جو رينگٽ هوندو هُيس باقي محلي جي ٻين ڇوڪرين کان فيشني ڪپڙا پهريل هوندا هُين. شهر کان سواءِ مٽن مائٽن ڏي ايندي ويندي ۽ اونهاري ۾ گرميءَ جا ڏينهن ڪوئيٽا، خضدار وڃي رهندا هُيا.
پر سڪينه توڙي ڌيئر پيءُ جي شڪايت جام ڪنديون هُيون. منهنجي ماءُ چوندي هُين، ”ڇوريون الله جي مارَ پوِيوَ. اها آزادي، تعليم ڀريل گهر ٻيو گهر ويهو ئي ڪونه. ڪڏهن ڪهڙي شهر ته ڪڏهن ڪٿي؟ اهي سهولتون ڪو ٻيو ٿو ڏئي وڃي ڇا؟“
موٽ ۾ جواب هوندو هُيو ته: ”نه بس پوءِ هينئن، پوءِ هُون، ماسي توهان ڳالهه نٿيون سمجهي سگهو؟“
اهي ڇوڪريون، جنهن ۾ ثميره جو خاص ڪري سڄي شهر جي ڇوڪرين کان وڏو حلقو موجود هوندو هُيس. ان جي خوبي اها هوندي هئي ته جيئن چنڊ جي چؤطرف تارا روشني ۾ هن کي وڌيڪ رونق بخشيندا آهن. ائين هيءَ به پنهنجي سهيلين جو چنڊ هئي.
ثميره پنهنجي قدبت، چال گفتگو ۾ به سنجيده نظر ايندي هئي. لٽي ڪپڙي کان ميڪ اپ، ان کان پوءِ ته دنگ هوندو هُيو، سراپا سانورو سلوڻو سونهن جو سنگم. ان ۾ وار اهڙا جو هڪ دفعو ڏسڻ کان پوءِ سڄي سونهن کي ڇڏي ڪري ڪاري گهٽا جهڙا وارا ئي پيو ڏسندو رهجي. باقي کاڌ خوراڪ توڙي ٻيو ڪم ڪارنه پڄندو هُيس.
ثميره راڻي انٽر ڪري ورتي هئي. وڏي ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي چڪي هئي ۽ ٻيو نمبر وار ميٽرڪ، ٽيون نائين ۾ ٿي ڀينر پڙهيون. هن جي لکڻ پڙهڻ ۾ دلچسپي نه هوندي هُيس.
گهر ۾ ايندي امڙ کي اڪثر ابتيون سُبتيون پٽيون پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. حالانڪ اها منهنجي امڙ بنيادي ڳوٺ جي سادي سودي عورت هئي جنهن کي هي نئين نسل جون الهڙ نٽ کٽ نوجوان ناريون ڄٽ، بيوقوف سمجهي مٺو ڳالهائي نڪري پنهنجي پر ۾ خوش ٿي هليون وينديون هُيون ته ڪراڙي ماسيءَ کي ڇا خبر؟ پر منهنجي امڙ خالي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندي هئي. وڌيڪ ان جي ڪا به دلچسپي ٻين عورتن وانگر نه هوندي هئي. ته پوءِ جيڪي عورتون آيون خبرون چارون شروع ڪري ڏينديون هُيس ته هيءَ خالي ٻڌندي رهندي هئي.
اهو سلسلو هلندو رهيو جو ثميره هڪ ٻئي ڇوڪري هنن سان گڏجي آئي. ائين ڳالهائيندي هُنن منهنجي ماءُ کي چيو.
”ماسي مان ڪچن ۾ ڪم ٿي ڪيو سو ثميره واريون توهان ڏانهن ٿي آيون.مون به سوچيو ته ماسيءَ سان ملي اچان؟“
جنهن تي منهنجي سادي سودي ماءُ منهن تي چئي ڏنس ها بلڪل ڌيءَ تون ڪچن ۾ به ايئن اهڙن ڪپڙن ۾ ڪم ڪندي آهين؟“
آيل ڇوڪري لڄاري ته ٿئي پئي پر ڳالهه ڪندي چيس: ”ماسي طبيعت ڪيئن آهي؟ ادا پروفيسر ڪيئن آهي؟ ادا ننڍو ڪيئن آهي؟“
جنهن تي منهنجي ماءُ چيس، ”پروفيسر پنهنجو يونيورسٽي آ. ننڍو ٻاهر نڪري ويو آهي. جيڪڏهن آيو ته پوءِ ثميره کي تنگ ڪرڻ شروع ڪندو. ان ڳالهه کان بهتر آهي ته نه اچي؟“
”هي جو سڄو ڏينهن وڙهندا رهندا آهن. ته پوءِ ڪڏهن ناراض نه ٿينديون آهيو.“
آيل ڇوڪري گهر ۾ هيڏي هوڏي لوڻا هڻي ڏسندي چيو.
”آئون ڇو ناراض ٿينديس. ٻالڪپڻي کان هڪٻئي سان ايئن آهي. ها اڳتي هلي ثميره جي شادي ۾ پري ٿيڻو پوندس؟“ امڙ چيس.
منهنجي ڀيڻ چانهه بسڪوٽ ڊش تي کنيل رکي هلي وئي.
هنن چانهه پيتي ۽ پوءِ هڪ ٻه ڪتاب ثميره کڻي نڪري ويئي ٻه ڏينهن به نه ٿيا هوندا جو ثميره اچي ٻڌايو ته: ”ماسي بابا پيسا نٿي ڏنا سو مون پنهنجي ڳوٺ ۾ آڌيري ڏنل ٻڪري کپائي هاڻي هي ڪپڙا ۽ سهڻي زنجيري ورتي آهي. جيڪا هن جي ڇاتي تي جهنڊي وانگر لهرائي مزا ماڻي رهي هئي.
وري ڪو هفتو مس ٿيو هوندو جو بمبئي بيڪري جو ڪيڪ کڻي آئي. منهنجي ماءُ رڙ ڪندي چيو: ”ڇوري ثميره هي ڪٿان آندئي؟“
”ماسي! سهيليءَ جي يونيورسٽي ۾ داخلا جي سلسلي ۾ گڏجي ويئي هُيس. سو ڪيڪ اتان وٺي آئي آهيان.“ خوش ٿيندي ٻڌايو.
پوءِ جنهن تي منهنجي ماءُ رڙ ڪندي چيس: ”ثميره هي ڪرايا ڀاڙا پيءُ ته ڪونه ڏنا هوندئي؟“
”ها ماسي! سچ ٿي چوين... بابا ته نه ڏنا... پوءِ بيٺل آڌيري ٻڪرين مان هڪ ٻڪري کپائي سهيليءَ جي مدد ۾ ته لازمي وڃڻو هُيو نه.... سو ڪم ڇڏائي موٽي آيم...“ وضاحت ڪندي ٻڌايو.
مهينو کن گهر نه آئي. هڪ ڏينهن ڊيل وانگر ٽلندي ذلف وکيريندي آئي. ته: ”ماسي .... ماسي... ادا... وڏي سان ملي آيم ۽ سهيليءَ جو ڊگري سرٽيفڪيٽ به وٺي آيم. سو هي کارڪون توهان لاءِ ڏنيون اٿائين ته وڃي امڙ کي ڏجانءِ ۽ هي لفافو جنهن ۾ ڪجهه توهان جي لاءِ پيسا ڏنا اٿائين.“
امڙ کارڪون ۽ لفافو کٽ جي سيرانديءَ کان ڪري رکيو.
ننڍين ڀينرن سان لڏندي لمندي چادر کڻي نڪرڻ جي تياري ڪندي وقت وار، رئو ٺاهيندي وقت منهنجي ماءُ چيس: ”ته پوءِ پيسا ته ٻڪري ئي کپائي پوءِ وئي هوندين؟“
تنهن بعد ثميره چيو: ”بابا جو دوست ڳوٺ چُکيءَ ۾ رهندو آ... ان وٽ به منهنجون ٻڪريون آهن.“
”ان مان هڪ کپائي پوءِ وئي هوندين؟“ امان منهنجي ڪن ته اها ٻڪري کپائڻ واري ڳالهه وجهي ڇڏي. منهنجي اندر جي ڇهين حس اشارو ڏنو ته ضرور دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. ۽ پنهنجي تسلي لاءِ ثميره تي ڪڙي نظر رکڻ لڳس. جا ڏي نڪري سندس پيڇو شروع.
ايئن هڪ رات جو دوستن کان موڪلائي گهر موٽي رهيو هُيس جو اوچتو نظر هن جي گهر ڏي وئي. در مٿان پردو لڳل هو. اهو پري ڪري ڪو ٻاهر نڪتو هو. ۽ هيڏي هوڏي جهاتي پائي تڪڙن وکن سان هلڻ لڳي. منهنجي شڪ کي پڪ لاءِ رستو مليو. شڪ جاڳي پيو. چادر ۾ ويڙهيل هوءَ ٻئي ڪانه پر ثميره هئي. پويان جهاتي پائيندي هو هلندي ٿي وئي. مان به نظرون بچائيندو هن جي پويان پويان هلندو رهيس. تان جو هوءَ اوطاق ۾ گهري وئي. آئون پويان ڦري ننڍي ڀت هئي سا ٽپي اچي نظارو ڏسڻ لڳس. جيئن ئي ثميره اندر داخل ٿي ته هن پٺيان سيٺ بخشل جيڪو چانورن جو واپاري هو عمر ۾ چاليهن کان مٿي جو هوندو ۽ اڪثر حڪيم صاحب کان جنسي قوت لاءِ پيو ڪشتا ٺهرائيندو هو. هو ٻن شادين جي باوجود به پيو نوس نوس ڪندو هُيو. پٺيان اچي هن ٻک وڌس ته هوءَ ٻهڪي پئي هئي. سيٺ بخشل کيسي مان سونيون واليون ڏنيون هُيس ۽ پوءِ هو پنهنجي جنت ۾ داخل ٿيڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن شام جو جڏهن ثميره اسان جي گهر آئي ته اهي ساڳيون ئي سونيون واليون ڪنن ۾ پاتل هُيس. ڪجهه دير گهر ويٺي رهي. وقفي وقفي سان نظرون بچائي مون کي ٿي ڏٺائين. هڪ دفعو هن سان نظرون مليون ته مرڪي اک هنئي. آئون لڄي ٿي منٽو جا سؤ افسانا ڪتاب بند ڪري کٽ تي رکي ٻاهر وڃڻ لڳس. ان وقت امان ۽ ادي اندر هُيون.
”وڏو ڪو بيحس آهين؟“ هن ناز ڏيکاريندي چيو. حيرت ڀري نظرن سان ڏٺو هُيم ته چيائين: ”هتي مان تنهنجي لاءِ ايندي آهيان ۽ تون آهين جو مون کي سکڻو ڏسندو به ناهين؟“
”مان ان قسم جو ناهيان.“ سندس هٿ ڇڏائيندي چيم.
”ته پوءِ ڪهڙي قسم جو آهين؟“ هن مرڪندي پڇيو هو. پوءِ به ڪو به جواب نه ڏنو هُيم.
”صفا ڪو ظالم آهين.“ هن وري وارن جي لٽ ڪن پويان ڪندي چيو هو.
”امان جي کنگهڻ جو آواز ڪنن تي پيو ته هڪدم ٻاهر وڃڻ لڳس ته هن چيو هو ”يقين ڪر منهنجي زندگي ۾ توکان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي“. ڪنڌ جهڪائي ٻاهر هليو ويس.
انهي رات وري کيس چادر ويڙهيل، ساڳي اوطاق ڏي ويندي ڏٺم ته وري ساڳئي هنڌ. لڪي اندر پويان ساڳئي اوطاق جي ڀڳل ڀت کان ٽپي ويو هيم. حيرت جي ڪا حد نه هئي جو هن دفعي هو سيٺ بخشل بدران ان جي ڀائٽي افضل جي ٻانهن ۾ هئي. سندس مک تي هٿ ڦيري منهن تي مڪاري جي مرڪ سجائيندي چيو هائين: ”منهنجا جاني تون شهر کان ٻاهر ڇو ويندو آهين، توکي خبر به آهي ته توکان سواءِ منهنجو ڪير آهي؟“
”منهنجي شهزادي ڪم ڪرڻ به ته لازم آهي نه.“ سانوري ۽ ننڍي عمر جي باوجود گنجي چيو هُيس ته پيلا ڏند ظاهر ٿيا هئا.
ڀلا هن ڀيري شهر مان منهنجي لاءِ ڇا وٺي آيو آهين؟ ثميره سيني تي ڪنڌ رکندي چيو هُيس.
”دل ته..... افضل سندس وارن ۾ هٿ ڦيريندي چيس. گهريو ٿي ته پورو شهر ئي تولاءِ خريد ڪيان. پر هن وقت هي چوڙيون وٺي آيو آهيان.“ افضل سندس ٻانهن ۾ چوڙيون پارائڻ لڳو ۽ ڪيتري دير تائين ٻه جسم هڪ ٿي ويا.
جنهن کان پوءِ مون کي خبر پئي ته هو هر ٻين ٽين ڏينهن حقيقي ٻڪري ٿي پيسن تي مرد ٻڪر سان ملي ايندي آهي. پوءِ پاڻ کي ٻڪري جي صورت ۾ ٻڪر وٽ جنسي لذت لاءِ ڪلاڪن جي قيمت جي حساب سان سودو ڪري واپسي تي دل کي خوش ڪرڻ لاءِ چوندي آهي ته ٻڪري کپائي آئي آهيان.
***