بلب
کڻي ڏسجي ته رات جي هن اوکي پهر ڪير آيو آهي. پر سوڙ مان نه چاهيندي به اٿي جيئن تيئن ڪري چپل پاتي. ورانڊي در کولي ٻاهر ڏٺم ته نيري لوئي ۾ ويڙهيل منهنجو دوست شهزاد در تي سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هُيو.
هن جو منهنجو تعلق ننڍپڻ کان هُيو. اسان جي گڏ هئڻ جا چار سبب هئا، هڪ ته سندس ماسات سان تمام گهڻي اچ وڃ هئي. ٻيو اسان جي پاڙي جي ڀرسان شهزاد جو ناناڻو گهر ڇا حويلي هئي. جتي هو اڪثر ايندو ويندو هو. منهنجي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل هو ته کيس پوڙهي ناني جي سڪ روز پنڌ ڪرائيندي هئي. يا ماروٽ ۽ ماساتيون جيڪي ٻالڪپڻي جي پڃري مان نڪري اڙيل جواني جي پٽڙي تي هلڻ لڳيون هُيون. سندس مهڪندڙ جواني جي ڪشڪش کيس ناني جي گهر ڇڪي ايندي هئي.ٽيون راند جو ميدان جتي شهر ۽ اوڙي پاڙي جا نوجوان رانديگر خاص ڪري فٽ بال جا بهترين رانديگر ”گدا“، ”بلو“، ”ميان“ ۽ بگڙ کيڏندا هئا. شهزاد به انهن سان راند کيڏندو هو ته متاثر به هُيو. چوٿون شادي غمي ۾ به ملاقات ٿيندي هئي.
شهزاد قد بت ۾ سنهڙو، سڪو، ڊگهو ۽ شايد اسان جي ننڍي شهر جو پهريون نوجوان رانديگر هو جيڪو ڏاڙهي، مڇن تي به ريزر گهمائيندو هو. پنهنجي دور جي ننڍي عمر وارن رانديگرن ۾ بهترين فٽ بال جو رانديگر هُيو. دير سوير. شادي غمي ۾ به، ملاقات ٿيندي هئي. باقي هن جو مشروب ساوڪ هُيو.
”جاني“ شهزاد ڏڪندڙ چپن سان ڳالهايو. وات مان سردي سبب ٻاڦ نڪتي هئي. ”نڪر ته ڪاڏي هلڻو آهي؟“
”پر اڌ رات جو هن پاڙي ۾ ڇا ياد آيو اٿئي؟“ جيڪيٽ جي کيسي مان هٿ ڪڍي اکيون مهٽيندي پڇيم.
”هل ته سهي“ هن پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو هو. ”بس ڪيڏانهن هلڻو آهي. گهر ٻڌائي اچ. باقي قصو رستي ۾ ڪيون ٿا. “
بنا ڪجهه سوچي سمجهي گهر موٽي آيس. پوڙهي امڙ جي ڪنن تي ڳالهه وجهي ڪنن کي مفلر سان ويڙهي وري ٻاهر وريس ته شهزاد سردي کان بچڻ لاءِ در جي اوٽ ۾ لڪو بيٺو هو. بنا ڪنهن منزل جي سڌو هن جي پويان هلڻ لڳس. هلندي هلندي هوا به ڄمائي ڇڏيو هو...!!
سمورو رستو ويران گهگهه اوندهه ۾ وڪوڙيل هو. ها باقي پڇ لوڏيندڙ لوسي ڪتا ليٽيل ته ڪي وري گهٽين ۾ بيٺل نظر آيا هئا مٿي آسمان تي چمڪندڙ تارن تي نظر وڌي، وري سيءَ جي لهر اندر کي ڏڪائي وئي. تڪڙيون وکون کڻندي اڳتي وڌي رهيا هئاسين.
”ڀٽائي آباد پاڙي ڏانهن هلڻو آهي.“ شهزاد نيٺ ڳالهايو. ڪنن تي مفلر ٺيڪ ڪندي پڇيم.
”هن تهه پاري ۾ اڌ رات جو وري ڪهڙو ڪم ياد آيو اٿئي؟“
”جاني“ هن چيو. ”جڏهن دل جو جهان جڙي پوندو آهي. ته پوءِ عاشق نه ڏسندو آهي سردي نه گرمي. من اندر ۾ لڳل عشق جي باهه هر احساس کي جلائڻ لڳندي آهي ۽ عاشق پروانو بڻجي شمع مٿان ڦيرا ڏئي انهن جي تپش ۾ سڙي مري خاڪ ٿي ويندو آهي.“
مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هو سيءَ سبب عشق وارو فلسفو فضول لڳو هو.
”ان سائنسدان جا لک ٿورا جنهن بلب جهڙي عظيم تخليق ايجاد ڪئي.“ شهزاد مرڪي منهنجي منهن ۾ ڏسندي چيو. حيرت مان کيس ڏٺو هُيو نڪ جي چوٽي برف جيان ٿڌي ٿي وئي هئي.
”ڪل ته نه ٿڙي وئي اٿئي؟“ کانئس حيرت مان پڇيم.
”ميان اهو بلب ئي ته ملاقات لاءِ اشارو آهي.“ هن ٻيهر مرڪندي چيو.
”ته آخر تون ڇا ٿو چوڻ چاهين ۽ ڇاٿو ڪرڻ چاهين.“
”آهي هڪ جل پري، جنهن جي ملاقات ۽ ديدار ڪشٽ ٿو ڪرائي.“ هن اک هڻندي چيو.
”ڇا!“ ڇرڪي کيس چيو هُيم، ”رات جو هن اويلي وقت سياري ۾ ڪنهن ڇوڪري سان ملاقات لاءِ سنڀريو آهين. ۽ آءٌ اتي ويهي تماشو ڏسندس ڇا؟“
”يار هو ٻڌو نه اٿئي ٻه ته ٻارهن“ هن بيحيائي منجهان مرڪندي چيو هو آءٌ پنهنجي قسمت تي من ئي من ۾ روئڻ لڳو هُيس.
”ڇا ته بلا جي جواني اٿس. ڇا ته حسن اٿس.“ هن چيو ته ويران نظرن سان کيس ڏٺم.
”هڪ ڏينهن دڪان تي . مهيني جو سيڌو ٿي ورتم جو حسن اچي ڪڙڪيو. نقاب هيٺ لٿل هُيس. جيئن سندس گول سهڻي مک تي نظر پئي ته هوش حواس ئي خطا ٿي ويا. دل ۾ چڻنگ دکي وئي. من اندر کيس حاصل ڪرڻ لاءِ آرزو جاڳي پئي. منهنجي ذهن ۾ هن بابت پهريون رايو اهو ئي هو ته هن مطلب پرست دنيا جي انسان نه پر اها پرسڪون جنت جي ڪا حور آهي. بس اهو ڏينهن اهو شينهن ڪڍ لڳي پيس. هن جي پويان.“ ٿڌ سبب تڪڙو هلڻ نٿي پڳو. ڪٿي ڪٿي ڪتن جي ڀونڪ، چڪ ۽ حملي جو ڊپ هُيو ته ڪٿي ڪتن جو رولو ٽولو، ڪتيءَ جي قيادت ۾ اوچتو ڪٿان حملو ڪري چيري ڦاڙي نه وجهي.
ان ڳالهه کي ڪو گهڻو وقت نه گذريو آهي شهزاد جو آواز وري ڪنن تي پيو هو ته گذريل ٽن مهينن کان ڪڍ آهيانس. پوءِ اک ٽيٽ شروع ٿي. سو هڪ ڏينهن دل ٻڌي اندر جي سڄي اُساٽ ڪوري ڪاغذ تي لکي رسول بخش جي پٽ گلڻ هٿان کيس موڪليم. هڪ لمحي جي لاءِ ڳالهائڻ بس ڪيو هو ۽ پوءِ وري چيائين: ”سندس هڪ جهلڪ منهنجي مردي جسم ۾ روح ڦوڪي وئي هئي. پر جنهن پل نه ڏسان ته مڇي وانگر پاڻي کان ٻاهر ڦٿڪڻ جهڙي حالت هئي.“
هڪ ڏينهن پيغام اماڻيو مانس ته: ”اي حسن جي ديوي مون کي پنهنجي طلسمي ڪاڪ محل جو ڪڏهن سير ڪرائيندينءَ ايئن نه ٿئي جو آئون راهن ۾ رلي ڀلجي ختم ٿي وڃان. انهي شام گلڻ هڪ پرچي ڏئي ويو، جنهن جي مٿان لپ اسٽڪ سان گلابي چپ ٺهيل ۽ پني جي وچ تي هڪ سٽ لکيل هئي ته بلب ٻري ۽ بند ٿئي ته اندر اچڻ جو اشارو سمجهي وڃجانءِ. دل باغ بهار ٿي وئي. خوشي ۾ نچي پئي. هن پرچي کي سيني سان سانڍي رکيم. وري هڪ لمحي جي مختصر ساهي جي بعد شهزاد وري ڳالهايو هو. رحمت کي پاڻ سان ڪري رات ويل هن جي ماڙي هيٺان بيٺس. ڪجهه لمحن جي انتظار کان پوءِ بلب ٻريو هو ۽ پوءِ هن جي چاندي جهڙو مک، ڪجليون اکيون، گلابي چپ ۽ مست هوا ۾ لهرائيندڙ ذلف ظاهر ٿيا هُيس. اسان جو عشق مس آني مان نڪري رهيو هو جو منهنجي ڀائرن جو ڦڏو ٿي پيو هو.
شهزاد خاموش ٿي ويو. مان هن سان گڏ گڏ هلندو رهيس ڳالهيون ٻڌندو رهيس. اکر نٿي ڪڇيم ڄڻ نڙي ۾ برف ڄمي وئي هئي.
ٻئي پاسي عشق جي باهه هن بنديءَ جي من ۾ ٻري رهي هئي. جيڏي منهنجي سيني ۾ . سو هفتو کن مونکي نه ڏٺائين ته رحمت ڏي نياپو موڪليو ته، ”اڄ رات جو ساڍي نائين وڳي سرڪاري اسپتال ۾ مون سان ملي وڃ.“ اسان ڀٽائي آباد پاڙي ۾ داخل ٿيڻ وارا هئاسين. سامهون وارو چوڪ پار ڪرڻو هو.
ان اسپتال ۾ هلندي رحمت کان پڇيم. ”منهن جو ديوانو ڪٿي آهي. پاڻ وارو رحمت به آ سادو سو چيائين وڌيڪ خبر ناهي باقي ڪجهه ڏينهن کان گم آهي.“
”منهن جو هڪ ڪم ڪندا؟“ هُن همت ڪندي چيو.
”جي!“ رحمت جواب ڏنس.
”هو جيئن توهان سان رابطو ڪري ته مون سان ملڻ جو نياپو ڏجوس.“ اهو چئي نقاب منهن تي هڻي هلي وئي. رحمت ٻڌايو ته ڄڻ اوچتو ڌرتي تان سموري روشني چورائي ڇڏي هجي ۽ سمورو وايو منڊل اونداهو ٿي ويو هجي. اها پدمڻي عورت ڊيل جي چال هلندي پنهنجي گهر موٽي وئي. رحمت کان سيسراٽيون نڪري ويون ۽ اسپتال جي ونگ ۾ بيٺي وقت واقفڪار طارق سلام ڪيس ته هُن جي آواز تي ڇرڪ ڀريو ۽ سحر ٽٽس ته مس هوش ۾ آيو. هن هڪ ملاقات سبب رحمت تي منهنجي محبوبه جي سونهن جو جادو طاري ٿي ويو. پوءِ منهنجي پڇا ڪرڻ لاءِ منهنجي گهرجا لاڳيتا چڪر هڻڻ لڳو. صبح شام تان جو امان بيزار ٿي چيس: ”ڇورا رحمو! ٻيو ڪو ڪم به اٿئي يا نه؟“
اسان هاڻ چوڪ پار ڪري پاڙي جي پهرين گهٽي ۾ داخل ٿيڻ وارا هئاسين. سواءِ ڪتن جي ٻيو ڪير به گهٽيءَ ۾ نه هُيو. شهزاد وري ڳالهايو.
جيئن ئي رحمت مليو ته پهرين سٽ ۾ نياپو ڏنائين ۽ پوءِ سونهن ديوي جي تعريف جي مڌ منجهان جام پيئڻ لڳو. ۽ پوءِ هن انڪشاف ڪيو ته، ”گذريل ڏينهن ۾ هو سونهن ديوي جي جاچ ڪندو رهيو آهي ۽ سندس اطلاع موجب هوءَ شادي شده آهي. تازو ڪجهه مهينا اڳ شادي ڪئي اٿس. سترهن ورهين جي ٿيندي. هٿ لاءِ ته نشان ٿي پوندس. “
”پر مڙس ڪٿي اٿس؟“ مون رحمت کان پڇيو ته هن ٻڌايو: ”اهو پيسن تي رشتو وٺي شادي ڪري ڪجهه وقت رهي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. عمر چاليهن کان مٿي ٿيندس. پهرين زال مري چڪي اٿس. جنهن مان چار ٻار اٿس. وڏي ڌيءَ جو مون واري حسينه جي هم عمر هوندي. شادي به ٿي چڪي اٿس.“
اسين شهزاد جي محبوبه جي گهر ٻاهران اچي بيٺاسين. هي گهر سندس مڙس وٺي ڏنو هُيس. سياري جي رات جا ساڍا ٻارهن کان مٿي جو وقت ٿيو هوندو. گهر ڀاتي ٽي وي ڏسي ٿڪي ٽٽي ننڊ جي حوالي ٿي چڪا هوندا. اسان جون اکيون ماڙيءَ جي دريءَ ۾ اٽڪيل هُيون. بلب ٻرڻ ۽ بند ٿيڻ ان ڳالهه جو اشارو هو ته ماحول صاف آهي. رڳو ٻري ته اڃان صبر ڪيو. جيئن ئي شهزاد کي بلب ٻرڻ ۽ بند ٿيڻ جو اشارو ملندو ته هو اندر ويندو. مون کي هن جي سموري قصي تي پڪ ئي نه آئي. قدرتي اسان جي مک تي مرڪ اچي وئي. منهنجو وات ڦاٽي ويو.“
”جاني!“ هن چيو: ”تون ڪجهه دير لاءِ ڪنڊ پاسي ۾ انتظار ڪر ته آئون پنهنجي عشق سان ملان.“ آئون وات ڦاڙي بنا ڪجهه چوڻ جي ڀرسان دڪان جي اوٽ ۾ بيهي رهيس. در هن جي لاءِ کليل هو. آهستي قدمن سان اندر ٽپي ويو.
اڌ ڪلاڪ بعد وري در کلڻ جو آواز آيو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ڀانيم ڪو گهر ڀاتي جاڳي پيو. منهنجي يار کي پڪڙي وڌو اٿن. هاڻي هن سان گڏ شهر ۾ منهنجي عزت به نيلام ٿيندي. پر اهي سڀ منهنجا وهم هئا جيڪي خوف سبب هر عزتدار جي ذهن ۾ ناجائز ٻار جيان پيدا ٿيندا آهن. در مان شهزاد ٻاهر نڪتو. پنهنجي سونهن راڻي کان آسودگي ماڻي، پگهر ۾ شل، سهڪي وڏا وڏا ساهه کڻندو اچي منهن جي پاسي کان بيٺو ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا وري آهستي آهستي گهر ڏانهن وڌڻ لڳاسين ۽ هو فاتح بڻجي هلڻ لڳو ۽ چيائين:
”جاني ڪڏهن به عورت جي ڄار۾ نه ڦاسجانءِ.“
”ڇو ڇا ٿيو؟“ مون حيرت مان سوال ڪيو.
”فرمائش ڪئي اٿائين؟“ شهزاد مٿو کنهيندي ٻڌايو.
”چئي ٿي!“ هن ڳالهايو. جي ايندڙ ملاقات ۾ مهانگي ڪئميرا واري موبائيل هن لاءِ نه وٺي ويم ته پاڻ ڏي اچڻ نه ڇڏيندي.
اهو ٻڌي مٿي کي چڪر اچي ويو هجي. شهزاد مون کي گهر وٽ ڇڏي هو اڳتي پنهنجي گهر ڏانهن هليو ويو.
*