ڪھاڻيون

مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

” عبدالواحد سومري ڪهاڻي کيتر ۾ هي ڪتاب ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ آندو آهي، واحد جي ڪهاڻي ٽائيٽل اسٽوري ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ ئي پڙهندڙن جو پهرين ڌڪ ۾ ئي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿي ته، جتي وڏيرڪي، ڀتي خوري، لٽ مار ۽ اغوائن جي بازار گرم هجي، جتي ڪوبه نفس سک جو ساهه نه کڻي سگهي، تنهن سنڌ گهمڻ لاءِ وڃي به ڇا ڪنداسين؟ معاشري ۾ رشتن جي ڀڃ ڊاهه بابت جنهن ريت عبدالواحد سومري پڙهندڙن کي احساس جا نوان گس ڏيکاريندي اگهاڙو سچ لکيو آهي، تنهن انداز کي اختيار ڪندي اسان جي اديبن جو وڏو انگ ڪن لاٽار ڪندو آهي، اسان جي هاڻوڪي ٽهيءَ جي لکارين جي اڪثريت رومانوي ۽ ذاتي تاثرن تي ٻڌل ڪهاڻيون لکي رهي آهي پر عبدالواحد سومرو نئون گس اختيار ڪندي سنڌ جي سماجڪ سياسي ۽ معاشرتي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو آهي.“
Title Cover of book مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

مان سنڌ گهمڻ نه ويندس....!!

شام جا پڇاڙڪا پاڇا ڊگها ٿيندي ٿيندي الوپ ٿيڻ جي تيارين ۾ هئا. يارهن سالن جوگيانچند هوم ورڪ ۾ ايئن ٻڏل هو، ڄڻڪ هڪ ئي ڏينهن ۾ سمورو گيان تعويذ جيان پاڻي ۾ ملائي پي ويندو. هن جي وارن ۾ پيل ڪوڙي تيل جي مهڪ سڄي هال ۾ اچي رهي هئي. ڏاڏي ڪاٽن جي ساڙهي پاتل هندوري ۾ لڏندي ٽي وي جا چينل مٽائي مٽائي من ٿي وندرايو. 35 سالن جي ڪويتا بت ۾ ڀريل، مٿي ۾ ڳاڙهي سندور جي ليڪ ۽ ڪارو منگل سُتر ڳلي ۾ پيل. رات جي ڀوڄڻ لاءِ ڀاڄي ڪٽي رهي هئي. پتي اڃان آفيس کان نه موٽيو هيس. ايتري ۾ ٻاهرين درجي گهنٽي وڳي ته هندوري ۾ لڏندڙ پوڙهيءَ گيانچند کي سڏيندي چيو، ”لال وڃي در کول تنهنجو پتا هوندو؟“
گيانچند ڪاپي ۾ پينسل رکي در تي آيو ۽ جيئن ٻاهر نهاريو ته سوٽ بوٽ ۾ هڪ اوپري شخص تي نظر پيس.
”جي!“ حيرت مان سندس ڪلهي ۾ لڙڪندڙ بيگ ڏسي هن چيو.
”رام جو گهر هي آهي؟“ اوپري نوجوان مرڪندي پڇيو.
گيانچند پنهنجي پتا جو نالو ٻڌي جواب ۾ چيو، ”جي ها!“
”مون کي شانتي ڪاڪيءَ سان ملڻو آهي؟“ پنهنجي ڏاڏءَ جو نالو ٻڌي گيانچند جو تجسس وڌي ويو.
”اوهين ڪير؟“ گيانچند هوريان پڇيو.
”لال!“ اندر کان عورتاڻو آواز آيو، ”ڪير آهي؟“ گيانچند ڪنڌ ورائي اندر نهاريو ۽ چيائين، ”دادي ڪو اوپرو آيو آهي، اوهان جو پڇي رهيو آهي.“
شانتي ديوي پنهنجي سفيد ساڙهيءَ جو پلئه ٺيڪ ڪيو، گوڏن تي ٻئي هٿ ٽيڪي اٿي دروازي تي آئي.
”ڪير آهين؟“ حيرت ۾ سوٽ بوٽ ۾ بيٺل شخص کي ڏسندي پڇيائين. اوپري جي منهن تي پر سڪون مُرڪ اچي وئي. ڄڻ ڪنهن ديويءَ جو درشن ٿي ويو هُجيس....! جهڪي پوڙهيءَ جا پير ڇُهي پرڻام ڪيائين. پوڙهيءَ ڏڪندڙ هٿ مٿي تي رکيس...
”ڪاڪي آئون“ هن ڀريل لهجي ۾ ڳالهايو. اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويس. ”ستيه آهيان گولارام جو پٽ.“
”سکر جو ستيه“ پوڙهي مٿي کي هٿ رکندي چيو. ”ڪير گولارام“ ڪاڪي اوهين هاٿي در ۾ پاڙيسري هئا. آئون شڪارپور کان آيو آهيان.“
ستيه ڪوٽ جي ٻانهن سان ڳوڙها اگهندي چيو. پوڙهي جي دل جو ڌڌڪو تيز ٿي ويو. اکيون آليون ٿي ويون هُيس. ورهين پڄاڻان ڪو سنڌ کان هنن ڏي مهمان ٿي آيو هو. ڪجهه گهڙين لاءِ ته پوڙهي بت بڻي بيٺي رهي ۽ ستيه جي سرير مان سنڌ جي پوتر مٽيءَ جي مهڪ کي سنگهڻ جا جتن پئي ڪيا.
شانت ديوي اَشانت ٿي وئي. سار جو بيٺل گهڙيال هلڻ لڳو. ورهاڱي جا ڦٽ ساوا ٿي ويا. ماتر ڀوميءَ تان تڙجڻ واري شام اکين آڏو تري آيس. جنهن شام هن هاٿي در جي گهٽين ڏي آخري دفعو نهاريو هو. شڪارپور کان نڪرڻ مهل زمين تان مٽيءَ جو ٻُڪ ڀري پنهنجي سينڌ ۾ وڌو هئائين. هن جي اکين مان لڙڪ ڳڙي ڳلن جي گهنجن ۾ اٽڪي پيا.
”سنڌڙي!“ اهو نالو سندس ڏڪندڙ چپن مان هڪ آهه وانگر نڪتو . هڪ اهڙي آهه جنهن سان نه ڪي زمين ڌڏي ۽ نه آسمان ڦاٽو.
”ها ڪاڪي!“ ستيه اداس لهجي ۾ ٻڌايس. ”مائي سندري منهنجي ناني آهي. هن ئي توڏي اچڻ لاءِ چيو هو. سنڌ مان نڪرڻ کان ٻه ڏينهن اڳ اسان جو ڪٽنب ساڌ ٻيلي پوڄا لاءِ ويو هو ته، داديءَ تنهنجي ڪٽنب لاءِ به پرشاد ورتو هو ۽ جنهن وقت هن ديار لاءِ سنڀريو هيم ته، پرشاد ڏيندي چيو هئائين ته، ”تو تائين اهو پهچايان.“
”اچ...... اچ....... راڻا.....“ هن ستيه کي ڀليڪارڪندي چيو. گيانچند تپرس مان اوپري ۽ داديءَ کي ڏسندو رهيو. هن سيٽلائيٽ سنڌي چينلن تان سنڌ جو نالو ته ٻڌو هو پر هن نموني اتان آيل مهمان کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. ستيه کي ڏسندي سُرٻاٽن ۾ داديءَ کي چيائين. ”دادي هي شخص ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“ ڏاڏيءَ ڪاوڙ ڀري نظرن سان ڏٺس.
”هي جي سنڌ مان اچي ها ته، ضرور ڪلهي تي بندوق يا ڪهاڙي هجيس ها. وڏيون مڇيون هجنس ها ۽ رڙ ڪري چوي ها وڏيرا! مان تنهنجو رت پي ويندس جي پنهنجي ڀيڻ جو هٿ مون کي نه ڏنئي.“
ستيه کي گيانچند جي معصوم لهجي ۾ چيل ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي. پر تنهن هوندي به هو مرڪي پيو. ٽيئي هال ۾ اندر آيا. پوڙهي شانتي ۽ ستيه اتي ئي ويٺا رهيا گيانچند هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ ڪمري ۾ هليو ويو.
”ڪويتا... او ڪويتا....“ پوڙهي پنهنجي نَنهن کي سڏ ڪيا هوءَ ساڙهيءَ جي پلئه سان هٿ اگهندي ٻاهر آئي.
”هي“ شانتي نرم لهجي ۾ ستيه ڏي هٿ سان اشارو ڪندي چيس: ”هي گولارام وارن جي ڪٽنب منجهان آهي. شڪارپور ۾ اسان جا پاڙيسري هئا. توسان سندريءَ جون ڳالهيون ڪندي آهيان نه. اڄ هن مون ڏي پرشاد موڪليو آهي.“ ڪويتا مهمان کي ڏسي مُرڪي ته ستيه ڪرسي تان اٿي هٿ جوڙي نمسڪار ڪيو. هوءَ وئي ۽ پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچي هن اڳيان رکيو . ”ڌنيواڌ“ ستيه چيو. هوءَ وري رڌڻي ڏي وئي. ”هُن پار سڀ چڱا ڀلا ته آهن نه؟“ شانتيءَ پڇيو.
”ايتري ۾ ڪويتا چانهه ۽ بسڪيٽ ستيه آڏو رکي وري رڌڻي ۾ هلي وئي.
”هِن پار ڪيئن پير پاتو اٿئي؟“ شانتيءَ پڇيو.
”ڪاڪي!“ ستيه چانهه جي سُرڪي ڀريندي چيو. ”آئون مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جو استاد آهيان. هتي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيو هُيس.“
ستيه چانهه پي پوري ڪئي. ڪي پل ويهي سنڌ جا حال ڏنا پوءِ اٿندي چيائين.
”ڪاڪي هاڻي اجازت ڏي. ڪانفرنس ۾ وڃڻو آهي. چانهه جو وقفو هو ته، هيڏي هليو آيس. پرڀوءَ ڪانفرنس جي بهاني مڙئي درشن جو موقعو ڏنو. پنجهٺ سالن کانپوءِ ئي سهي سرحدون کوليون اٿن. ثقافتي ميڙاڪا ٿي رهيا آهن.“
”نه پٽ!“ شانتي سڪ ۽ ارمان وچان چيو. ”روٽيءَ بنا نه وڃجانءِ.“
”نه ڪاڪي ٻاهر گاڏي بيٺي آهي.“ ستيه اٿندي. ”وڌيڪ ويهي نه سگهندس.“ شانتيءَ جو منهن هيڊو ٿي ويو. اندر ڪمري ۾ وئي. ڪجهه ساڙهيون ٿيلهيءَ ۾ وجهي کڻي آئي ۽ ستيه کي ڏيندي چيو: ”هي سندريءَ کي ڏجانءِ.“
”ڪاڪي!“ ستيه چپن تي ڦڪي مرڪ آڻيندي چيو. ”ان جي لوڙ ناهي.“
”سمجهه ته اها آخري اڇا اٿم.“ شانتيءَ ٿيلهي ڏيندي چيو .
گيانچند حيرت مان پڇيس.”ڪاڪا! سچ پچ سنڌ مان آيو آهين؟“
گيانچند ساڳي نموني حيرانيءَ مان پڇيو. ”سنڌ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو به رهندا آهن ؟“
”ها بلڪل!“ ستيه جواب ڏنس ته وري گيانچند ورجايو. ”سنڌي چينل ته ڌاڙيلن چورن ۽ صرف وڏيرن جون وارتائون ڏيکاريندا آهن؟“ ستيه لمحي، جي لاءِ ته خاموش ٿي ويو . ڇو جو سنڌي ميڊيا جي ان بيحسيءَ جو وٽس ڪوبه جواب نه هو. بس ڦڪي مرڪ سان گيانچند کي چيائين. ”تون سنڌ ڪڏهن گهمڻ ايندين؟“
”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“
اهو ٻڌي گيانچند جي مُنهن جو پنو ئي لهي ويو.
*