ڪھاڻيون

مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

” عبدالواحد سومري ڪهاڻي کيتر ۾ هي ڪتاب ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ آندو آهي، واحد جي ڪهاڻي ٽائيٽل اسٽوري ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ ئي پڙهندڙن جو پهرين ڌڪ ۾ ئي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿي ته، جتي وڏيرڪي، ڀتي خوري، لٽ مار ۽ اغوائن جي بازار گرم هجي، جتي ڪوبه نفس سک جو ساهه نه کڻي سگهي، تنهن سنڌ گهمڻ لاءِ وڃي به ڇا ڪنداسين؟ معاشري ۾ رشتن جي ڀڃ ڊاهه بابت جنهن ريت عبدالواحد سومري پڙهندڙن کي احساس جا نوان گس ڏيکاريندي اگهاڙو سچ لکيو آهي، تنهن انداز کي اختيار ڪندي اسان جي اديبن جو وڏو انگ ڪن لاٽار ڪندو آهي، اسان جي هاڻوڪي ٽهيءَ جي لکارين جي اڪثريت رومانوي ۽ ذاتي تاثرن تي ٻڌل ڪهاڻيون لکي رهي آهي پر عبدالواحد سومرو نئون گس اختيار ڪندي سنڌ جي سماجڪ سياسي ۽ معاشرتي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو آهي.“
Title Cover of book مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

خاموش قيدي ...... !!

هي ٿلهو متارو، قيدي ڪجهه وقت کان جيل ۾ رهندو آهي، ”هن کي ڪڏهن به ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نه ڏٺو آهي، اها ڳالهه پنهنجي ڪمپائونڊر رفيق ٻڌائيم.
جڏهن پهرين دفعي جيل جي اندر قيدين جي وزٽ ڪيمم ته تنهن خاموش قيدي شفيق بابت ٻڌو. اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن مون اڃان نئون نئون جيل ۾ ڊاڪٽر جي ڊيوٽي سنڀالي ان کان اڳ مون کي عملي زندگيءَ ۾ قيدين بابت ڪا خاص ڄاڻ نه هئي، مان روزانو پنهنجي ڊيوٽي دوران قيدين کي کنگهه زڪام، بخار، بت جو سور، وغيره جون دوائون جيڪي اسان وٽ موجود هونديون هُيون ڏيندو هيس. ڪن کي دير سوير انجيڪشن هڻڻ جي نوبت به ايندي هئي، اڪثر ڪري قيدين کي معدي جي خرابيءَ اها شڪايت رهندي هئي. چڱو کاڌو نه ملڻ ڪري، قيدين جو منهن اٻل ۽ هيڻائيءَ وچان هيڊو نظر ايندو هو.
اڪثر ڪري ڪمري ۾ قيدي دوا وٺڻ جي لاءِ ايندا هئا، جيڪڏهن ڪو سخت تڪليف ۾ هوندو هُيو ته پوءِ وڃي کولي ۾ ڏسي، دوا ۽ انجيڪشن هڻي واپس اچي آفيس ۾ ويهبو هُيو.
آفيس جو ڪمرو چڱو خلاصو هيو ۽ سامهون بينچون پيل هونديون هيون جنهن تي قيدي مريض دوا درمل وٺڻ جي لاءِ ويهندا هئا، ڀت تي هڪ اداري جي طرفان ڏنل گهڙيال، ڪجهه مرضن بابت ڪمپنين طرفان مليل پمفليٽ سي ڀتين تي لڳل، ريفريجريٽر منهن جي ٽيبل، ڪجهه عدد ڪرسيون ، الماري، گول اسٽول..... جنهن تي مريض کي ويهاري چيڪ اپ ڪندو هُيم.
اچي فارغ ٿي ڪرسي تي ويٺم ته ٿڪاوٽ سبب ٻه چار ٿڌا ساهه کنيم ۽ ڪمپائونڊر کي آواز ڏنم جيڪو سُرڪي سامهون اچي بيٺو، ساون ڪپڙن ۾، پيرن ۾ڪارو سينڊل، سنهڙو سڪو بلڪل لڪڻ جهڙو، چهري ۽ بدن تي گوشت جي بجاءِ بس خالي کل هجيس، پر چست ۽ تجربيڪا به هيو. پٽيوالو موڪل تي هُيو.
” جي سر !“
بابا رفيق پاڻي جو گلاس پيئار .. !
”حاضر صاحب ! “ چئي هليو ويو.
گلاس ٽيبل تي کڻي رکيو، پاڻي جو گلاس پي سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي هڪڙو ان مان دکايو، ان مان ڪش هڻن لڳم، اوچتو خاموش رهندڙ قيدي شفيق بابت خيال ذهن ۾ تري آيو، مون سگريٽ جو ڪش هڻندي وري ڪمپائونڊر کي سڏ ڪيو ۽ ان خاموش رهندڙ قيدي شفيق بابت پڇا ڪئي، جنهن تي رفيق جواب ڏيندي چيو : ” صاحب ان قيدي کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان ڳالهائيندي نه ڏٺو آهي، باقي ٻين قيدين جي بيماري جي وقت تي خدمت ڪندو آهي..“
هوڏانهن منهنجو سگريٽ پورو ٿي ويو، ان ٿلهي قيدي بابت ڪا وڌيڪ ڳالهه ٻولهه يا وڌيڪ معلومات نه ملي سگهي، پر ان وچ ۾ هڪڙو ڀيرو هڪ قيدي اندر کولي ۾ گهڻو بيمار هيو، جيڪو ٻاهر اچڻ کان لاچار هيو، جنهن ڪارڻ وڃي اندر انجيڪشن، دوائون گوريون، ڏيڻ سان گڏ هدايتون ڏنم ته ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪهڙي وقت تي اهي مريض کي کارايون وڃن ته جيئن طبيعت ۾ سڌارو ايندو “ .
خاموش رهندڙ شفيق قيدي به مريض قيدي جي مٿان اڀو بيٺو هو، ۽ وڏي ڌيان سان اهي گوريون، دوا جو وزن ڏسي ۽ پڇي رهيو هيو ۽ ان بيمار قيدي جي خدمت به ڪري رهيو هيو منهنجي وڃڻ وقت به صرف منهن مٿي ڪري ڏٺو جنهن ۾ ڪا گرم جوشي نه هئي، پر مون کي هن جي خدمت ڪرڻ وارو جذبو ڀانئي ويو، اتان آهستي آهستي ونگ مان واپس ايندي وقت قيدين جو زور زور سان سلام جو نرميءَ سان جواب ڏيندي ٻاهر آفيس ٿي موٽيم ۽ منهنجو هڏائين پڃري جهڙورفيق ڪمپائونڊر به ساڻ هيو.
آفيس ۾ اندر اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي خاموش رهندڙ قيدي بابت سوچيندو رهيم ته آخر ان قيدي سان ڪهڙي واردات ٿي هئي جو ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو اٿائين، پاڪيٽ مان گولڊ ليف جو سگريٽ دکائي ڪش هڻڻ لڳم ته ٿورو من تي بار محسوس ڪيم، شايد رات جو بجلي جي اک ٻوٽ سبب ننڊ پوري نه ٿي هجي، سو سوچيم ته چانهه جو ڪپ پي وٺجي !
رفيق ڪمپائونڊر کي چانهه آڻڻ جو چيم، مون وري ويٺي وڏا وڏا ڪش ٿي هنيا ۽ دونهون مٿي ڇلن جي صورت ۾ هليو ٿي ويو.
چانهه اچي ويئي ته سِپ سِپ ڀري،چانهه جي ڪپ خالي ڪرڻ سان ڪجهه سڪون محسوس ٿيو ته مريض به اندر اچي ويهڻ لڳا، تن کي مون نمبروار ڏسڻ شروع ڪيم ته اوچتو اهو خاموش قيدي به اچي ويٺو، جيترو وقت ويٺي مون مريضن کي پئي تپاسيو ته هي بلڪل مهن جو دڙو جو ڪنگ پريسٽ ٿي لڳو، جڏهن ٻيا سمورا قيدي هليا ويا ته اچي اندر ۾ پيل بيمار مريض جي طبيعت بابت ٻڌايو ۽ ڪجهه طبيعت بهتر ٿي اٿس، وري هلي اندر ڏسڻ جو چيو.
مون هن جي دل رکڻ جي لاءِ به واقعي هن جي طبيعت ۾ بيقراري هئي، ان بهاني سان ڪجهه گهڙيون انهن سان گڏجي گذارڻ سان هن جو اعتماد به بحال ٿي سگهندو، بيگ هن وٺي پاڻ کنيو ۽ اسان ٽيئي منهن جي ڪمپائونڊر سان اندر ويندي ڪي اخبار پڙهي رهيا هئا ته ڪي ميڙ جي صورت ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، ڪنکي برداشتي زور ٿي ڏنا، ڪي عشق فرمائي رهيا هئا، ڪي ريڊيو تي گانا ٻڌي رهيا هئا، ڪن کي بس پوتڙو ۽گنجي پاتل هئي، هي سورهيه بادشاهه کولي طور مشهور آهي، هن هڪ کولي کي بم ڌماڪا گروپ جي کولي ڪري سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ چڱو ڳاڻيٽو قومپرستن جو موجود آهي.
نيٺ گهربل مريضن واري کولي اچي وئي، ان جي ٻاهر ونگ ۾ همراهه ويٺو هُيو، ڏينهن کان بند هيو جو اڄ هي ڪجهه گهڙيون هوا کائڻ جي لاءِ ٻاهر ويٺو هُيو، اسان مٿان وڃي بيٺاسين، اٿڻ جي ڪيائين ته مون هڪ هٿ جي اشاري سان روڪي ورتو ۽ اتي هڪ ميري رلهي مهينن کان جيڪا ڌوتل نه هئي، ڀرسان پاسي ۾ پئي هُيس.
اسان کي ڏسي ڪجهه چهري تي خوشي ظاهر ٿيڻ لڳس، پهرين کان هاڻ ڪجهه بهتر هَيو، ڪجهه وري گورين جو انگ ۽ دوا جو وزن گهٽائي ڏيئي اتان اٿي آياسين ته اهو خاموش قيدي شفيق به واپس ڪڍڪڍ رليو آيو، آفيس اچي ويٺاسين ته سامهون پيل بينچ تي ويٺو رهيو، ڪڏهن ڇت کي ته ڪڏهن پکي کي ڏسي رهيو هُيو، بعضي گوڏو لوڏي رهيو هُيو، اهو سڀ آئون اک ٽيٽ سان ڏسندو رهيس.
مون ڪمپائنڊر کي پنهنجي لاءِ پاڻي جو گلاس گهريو .. ” اهو جي صاحب چئي هليو ويو.
ڪمپائونڊر پاڻي جو گلاس اچي ٽيبل تي رکيو کڻي ٻي ڳالهه مون شروع ڪرڻ جي بهاني سان هڪدم مريض بابت پڇندي چيو :
” اهو مريض توهان جو ڪو اڳ جو دوست آهي يا بس هتي کان ... ؟ “
شفيق قيديءَ لبڪشائيءَ ڪندي مونڏانهن نهاريندي جواب ڏنو :
” نه ڊاڪٽر صاحب بس وقت گذارڻ لاءِ اهو ڪم ڪندي ڪندي هاڻي عادت سان گڏ هڪ سڪون خاطر جڏهن ڪو منهن جي خدمت ڪرڻ سان خوش ٿي ويندو آ ته هڪ سڪون ملي ٿو، دل باغ بهار ٿي پوندي آهي، بنا لالچ، لوڀ جي خدمت جو عمل ان جي ڳالهه ئي ٻئي آ...
” ڀلا اهو قيدي ڪهڙي سزا ۾ آيل آهي ؟ “
هن جو اب ڏنو : ” خون جي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ملي اٿس .. “
” ان ڪنهن جو خون ڪيو هُيو ؟ “
”ڊاڪٽر صاحب، هن شهمير جي زباني ته ڳوٺ مٿان رات جو ڌاڙيلن حملو ڪيو تنهن به جي موٽ ۾ بندوق جا منهن کوليا، هڪ ٻه ڌاڙيل زخمي ٿي پيا ۽ هڪ اتي ئي گولين جو ڌڪ نه پچائيندي ڍير ٿي پيو، ڌاڙيلن جو اهم ماڻهو هُيو، ان جي خون جي عيوضي جي پرچي اماڻي پر هن انهن کي ڪنهن کاتي ۾ نه آندو ۽ ٻيهر به حملو ڪيائون ته ٻئي پاسا جانين جونقصان ٿيو ۽ ائين پوءِ هن همراهه به پنهنجو تيار ٿي مقابلي سوچي ويٺو هيو جو هڪ ڏينهن باگڙجي کان گذرندي مٿس وري حملو ڪري وڌائونس جنهن ۾ ننڍو ڀاءُ مارجي ويس.
ان واقعي کان پوءِ هي شهمير خان جي روپ ۾ اڳتي نڪري پيو، ان ٽولي جون ننڊون ڦٽايون ۽ ٽوتا چٻايا، نتيجي ۾ هي تڪ، تر ۾ به مڙس ماڻهو جي روپ ۾ مشهور ٿي پيو، نيٺ هڪ ڏينهن وري ذات پرستي جيڪا قبيلائي تڪرار جي صورت ۾هن علائقي ۽ ڪچي جي لوڪل ٻهراڙي جي عوام جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي، سو ان جي ڀنڀٽ ۾ ڪيسن ۾ اڙجي ويو ۽ هاڻ اڌ سزا شهميرڪاٽي چڪو آهي، باقي به ڪاٽي ويندو.“
خاموش رهندڙ قيدي شفيق کان پڇيو ته ”هن جو نالو ۽ ڪٿا ته ٻڌائي ورتئي، باقي ڀلا پنهنجي باري ۾ نه ٻڌائيندين ؟“
” صاحب اسان کي ٻڌي ڇا ڪندين، پراڻي اخبار وانگي.“
” پوءِ به ! “
” مان سڳيون ڀرسان رهان ٿو “ چئي موڪلائي ويو.
ڪجهه ڏينهن گذري ويا، هڪ ڏينهن معمول موجب ڊيوٽي تي ايندي جيئن ئي اندر ڪمري ۾ داخل ٿيم ته خاموش رهندڙ قيدي ۽ بيمار قيدي شهمير بينچن تي ويٺا انتظار ڪري رهيا هئا، اندر منهن جي داخل ٿيڻ سان ادب مان اٿي سلام ڪيائون، مون وڌيڪ سڪ مان هٿ ڏنو مان.
شهمير قيدي منهنجو شڪريو ادا ڪيو، ڇو جو وچ ۾ مون فروٽ، اينو، گلوڪوز جا ساشا، ڪجهه بسڪوٽن جا دٻا به اماڻي چڪو هيم، شايد ان جو شڪريو ادا ڪري رهيا هجن، بهرحال آئون وڃي پنهنجي ڪرسي تي ويٺس ! اسان جي ڪرسي سياستدانن، ملٽري توڙي سول بيوروڪريسيءَ وارن جي ڪرسيءَ جيتري اهميت واري ناهي، مون ٻنهي قيدين شفيق ۽ شهمير کان خيرو عافيت ڪئي، ٻئي خوش پئي لڳا، شهمير پاڻ سان مٺائي جو دٻو آندو هُيو، ان جو سبب پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ته : ”سندن پٽ ميٽرڪ ۾ اي گريڊ ۾ پاس ٿيو آهي ۽ ڌيءَ به سٺي نمبرن ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي آهي، هڪ پٽ، ان جو نالو دلبر ۽ ڌيءَ جو صحبت خاتون رکيو هيو، شايد انهن نالن جو چاليهه پتي ڪو اثر پوين ! ايئن چوندي وقت اکين مان ڳوڙها به ڳاڙهي رهيو هيو ۽ خاموش اداس ٿي رڪجي ويو، چپ جي مهر لڳي ويس.
” ڪو واقعو ياد اچي ويو ڇا ؟ “
” ڊاڪٽر صاحب ! دل ڪنڀر جي آوي آ جيڪا پئي مئي ماري دکندي ۽ وقت به وقت ساڙيندي ٿي رهي، اسانجي ڀلاري ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي سٽ ٿي پئي آهي، ”سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍي،“ هاڻ دل تي ڪنهن برسات ۽ موسم جو اثر ئي نه ٿو رهي، دل مڪلي جو قبرستان بڻيل آهي، جنهن ۾ پنهنجن ۽ پراون جون ڳالهيون دفن ٿيل آهن، ڇو ته هڪ بند جهان آ، ان جي چوديواري ۾ وري هڪ کولي... ! دٻلي جي اندر دٻلي، ورهين جا ورهيه گذاريندي خواهشون پنهنجو دم ٽوڙي چڪيون آهن.“
” ٻن ٻارن جي ڳالهه کانپوءِ ڏکارو ڇو ٿيو آهين، اها ته هڪ خوشي جي ڳالهه آهي، توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي“
هڪ ٿڌي آهه ڀري : ”ڊاڪٽر صاحب اسان جي دل جو قتل ته هتي اچڻ سان ٿيو هو، پر هاڻ پل پل ٻاهر وارين ڳالهين تي هنداڻي جي ڦاڪ وانگر وڍجي، ڪٽجي ٿو اندر ۾، وڍ ٿا پون، در اصل هٻڪندي لفظ ساٿ نه پيا ڏينس، چپ ڦڙڪڻ لڳس ته ڳالهه اها آهي ته منهنجي زال رحمت خاتون، صاف سٿري هڪ عام عورت هئي، قد بت ۽ وصف جي پوري پني، پر گڻن جي ڪا کاڻ هئي، ڊاڪٽر صاحب ! حسن کي ڇا ڪبو، سگهڙائپ، سلڇڻائپ ۾ بي مثال هئي، رڌ بچاءُ، هنر ڀرت وارو ڪم ڏسي ته ٻيهر پاڻ ڪري وٺندي هئي، گهر ۾ هڪ رحمت، کلي ته راحت، سدائين ڪم ڪار ۾ مصروف پر ... پر ڊاڪٽر صاحب پڙهيل به هئي ۽ پڙهڻ جو شوق به ڏاڍو هيس، والدين انٽر کانپوءِ نه پڙهائي سگهيس، سچ پچ ته جيڪي سال گڏ رهياسين، شڪايت رهي نه ويچاري لٽي ڪپڙي جو چوندي هئي نه ڪا فرمائش ! پر هڪ دفعي اڃان به ڀانيان ٿو ته ڪتابن وٺي اچڻ جو چوندي هئي نه وٺي آيم، پر گهر ايندي سٽ ٻه چار چنبا وهائي ڪڍيا مانس.
ڊاڪٽر هنن بدنصيب هٿن سان ماريو هُيومانس، اهڙي سيبتي منهنجي زال هيڏانهن منهن جي جيل ۾پوڻ کان پوءِ منهنجي مائٽن، ڪجهه سازشي عنصر جيڪي خاندان ۾ عادتن کان مجبور وڇون ۽ نانگ جهڙي فطرت رکندا آهن، انهن کان مجبور ٿي منهنجي زال ! رحمت طلاق تي پهتي، عورت ذات هئي، منهنجي ڀائرن به رنن جي چوڻ تي ڇو ته هن جي پڙهڻ سبب ساڙ ڪنديون هيس، تنهن جو جيئن حرام ڪري الزام هڻنديون رهيس، سال سوا برداشت ڪرڻ کانپوءِ هتي جيل ۾ملڻ آئي، روئي پٽي مون کان قانوني ڌار ٿيڻ جي اجازت ورتي، اهو ڳالهائيندي وقت ڳوڙها وهنس پيا.
ڊاڪٽر صاحب ! ان وقت ڪاوڙ لڳم، پر بندي خاني ۾ ته اڳ ۾ ئي هيم، پوءِ موقعو مناسبت اها لڳي ته هن ڪهڙو گناهه ڪيو ۽ زهر جدائي جو ۽ ٻارن جو برداشت ڪيم، ٻيو ڪو چارو به نه هُيو، نيٺ هن وڃي هڪ اهڙي شخص سان شادي ڪئي، جنهن جي زال به مري چڪي هئي، ان شخص سان شادي کان اڳ ۾ هن کي اعتماد ۾ ورتو ته ڪٿي ڪنهن اسڪول ۾ پڙهائڻ جو موقعو مليو ته هوءَ ڪندي، ان ريت هن جي انٽر ڪيل هئي، پهرين ڪنهن پرائيويٽ اسڪول ۾ بعد ۾ سرڪاري اسڪول ۾وڃي نوڪري ڪئي اتي خوش گذاري رهي آهي، اهو سڀ ڳوٺ مان ڇڏي وڃي سکر جا وڻ وسايا.
سال پهرين رحمت مون سان ٻارن سميت ملڻ آئي هئي، ڊاڪٽر صاحب ! اهوئي چوڏهين جو چند ! رسيلا چپ، ڇا اڄ به لڳي رهي هئي، منهن جي زندگيءَ جون ڪجهه پيار جون راتيون، سي سڀ ارمانن جو قبرستان ۽ جنهن ۾ چٻرن پنهنجو آستانو بڻايوآهي،
ڊاڪٽر صاحب ! وڏي لاڏڪوڏ مان مون کي رحمت خاتون سان پرڻائي آيا، هوءَ سگهڙائپ جو مجسمو هئي، جنهن سان منهنجو جيون جو ڪجهه وقت تائين ساٿ جو سفر جڙيل رهيو ۽ اڳتي هلي ٻه مسافر ٿي پنهنجو ڌار ڌار رخ ورتو . پر هوءَ هاڻ به منهن جي لاءِ پهرين کان وڌيڪ حيثيت ماڻي چڪي آهي، هڪ عظيم هستي ٿي پئي آهي.
هن پنهنجي ٻارن کي پيءُ جي کوٽ محسوس ٿيڻ نه ڏني، ڳوٺ ۾ به ٻار پڙهندا هئا،پر شهر وڃي رهندي احساس محروميءَ جي بجاءِ ٻارن ۾ منهنجي لاءِ عزت برقرار رکي، نه ته اهو سڀ ممڪن نه هُيو، اولاد جي نظرن ۾ منهنجو احترام بحال رکيو ۽ سيکاريو نه ته اڄ جي اولاد سا به وري قيديءَ جو ڪٿي احترام ڪندا، اهو سڀ هڪ وفادار شايد ڪا پدمڻي عورت جو ڪم آ، مون تي ٿورو ڪري ڇڏيو ........ !
مريض به گڏ ٿي چڪا هئا، مٺائي جو دٻو به مون کڻي پاسي تي رکرايو ۽ هو ٻئي اٿي ويا ۽ مان مريضن کي چيڪ ڪندو رهيم ۽ اها آيل مٺائي به سڀني ويٺل مريضن ۾ ورهائڻ لڳم، مريضن مان فارغ ٿي چانهه جو ڪمپائونڊر کي چيو، ڪجهه منٽن ۾ چانهه اچي ويئي، پاڻي جو گلاس پي چانهه جون چُسڪيون ڀري پوءِ سگريٽ جا ڪش هنيا، قيديءَ جي زندگيءَ جي بند ٿيل بابن مان ڪجهه باب ٻڌڻ جو موقعو مليو، هاڻ خطرناڪ موڙ تي ڳالهه پهچي چڪي هئي، اتي وري شهمير جي اولاد وٽ والد لاءِ دل ۾ احترام پيدا ڪيو، قدرت جو جهان آهي اهو غيب ٿو ڄاڻي ! ڊيوٽيءَ جو وقت پورو ٿي چڪو هيو بيگ کڻي مان روانو ٿي ويم.
صبح جو شهر ۾هڙتال هئي، ڪنڊ پاسن کان اچي جيل جي گيٽ وٽ پهتم، اچي آفيس جو رخ ڪيو ۽ اخبار به قدرتي گهران نڪرندي ورتي هئي سا به ڪجهه نه ڪجهه موجوده صورتحال کان آگاهي ڏيندي، اندر داخل ٿي اچي ڪرسيءَ تي ويٺم، اخبار کي به ڏسڻ لڳس، صرف عورتن جي تشدد پوءِ وري ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گم ٿيل جسمم جي ڪارڪنن جا شهرن ۾ ڌرڻا هيا، ڪن شهرن۾ وري نام نهاد جمهوريت ۽ قبرن جي مجاورن جا ڪارڪن پيسن تي نوڪريون وڪڻيندا رهن ٿا،انهن جي خلاف شهرن ۾ احتجاج کي اخبار جي خبرن جي زينت بڻيل خبرن تي مان مايوس ۽ حقارت ڀري احساس سان اخبار کي بند ڪري اڃان سگريٽ دُکائي ڪش هيم ته هڪ ڪلاس فيلو هُيو....... طفيل .. ! جنهن سان انٽر تائين گڏ پڙهياسي، هو تعليم کاتي ۾ استاد آهي، اچي ملڻ پهتو ؟
” اڙي طفيل ! هتي ڪيئن اوچتو ڀلجي آيو آهين ؟ “
” ڇو نه اچان ها ڇا ؟ “
” نه .... نه.......... چوڻ جو اهو مقصد نه هيو،منهنجي بدلي کي هتي ٿورووقت ٿيو آ سو ڪيئن بنا موبائيل نمبر جي اچي پهتين ؟
” خير هڪ ته ڪافي عرصو توهان سان ملاقات نه ٿي هئي ۽ ٻيو وري هڪ شاگرد هيو منهنجو دلبر، ان چيو هيو ته ايئن پڇا ڪندي ڪندي، پوءِ ڪهي آيم “ .
” شاگرد وري ڪيرآهي ۽ ان جو هتي وري ڪهڙو ڪم ؟ “
”هڪ قيدي آهي ڪو شهمير خان، ان جو پٽ ۽ ڌيءَ اٿس، پر ڏاڍا ذهين شاگرد آهن “
” مون توهان جي ڳالهه نه سمجهي ؟ “
” مان پنهنجي ڳالهه ٻيهر ٿو ڪيان، هتي خون جي ڪيس ۾ شهمير قيدي آهي، ان جا ٻار آهن “
” پر ٻارن سان تنهنجو ڇا ؟ “
” انهن جو ڪم هُيو ؟ “
” ها . ها ڪجهه ڄڻڪ ڊاڪٽر کي ياد اچي ويو، ها هاڻ ياد آيم، هڪ قيدي شهمير آهي “
” توهان کي قيدي ڇا ٻڌايو هُيو ؟ “
” جيڪو توهان ٻڌايو ٿا “
” ڇا قيدي شهمير توهان کي اهو به ٻڌايو هيو ته زال ٻئي هنڌ شادي ڪري ڇڏي اٿس ؟ “
” ها بابا ......... ها قيدي ڏاڍي تڪليف کانپوءِ اهو ڏڪندي ڳالهه ٻڌائي هئي. “
” خير....... مونکي ان سان ملڻو آهي ؟“
” ها ان جي پٽ جو فوٽو اخبار ۾ ڇپيل آ ۽ هڪ خط به آندو آهي، جيڪو ٻارن جو آهي.“
” فوٽو ڏيکار ؟“ هڪ مشهور اخبار ۾ سندس پٽ دلبر جي تصوير ڇپيل هئي، جنهن ۾ ته بورڊ جي پوزيشن کنيل اٿس ...!“
” قيدي شهمير ته اي گريڊ جو ٻڌايو هيو.“
”ڊاڪٽر صاحب ! ڏاڍا ڀاءُ ڀيڻ ذهين آهن، انتهائي محنتي، هوشيار، باڪردار، جنهن پيءُ سان رهن ٿا ان جو به احترام ڪندا آهن، چڱن ڀلن ماڻهن جا ٻار ڪڍ هوندا اٿن، پر هو وري پر خلوص ! نرم مزاج جا، دلبر هن عمر ۾ به ٽيوشن پڙهائيندو آهي.“
”اها ته سٺي ڳالهه ٻڌايئي.“ ڊاڪٽر جو پٽيوالو ٻن مهينن کان بيمار هيو، اهو به اچي ويو هيو، ان کي چانهه بسڪٽ جو چيو ۽ پهرين شفيق ۽ شهميرکي مونڏانهن اچڻ جو ٻڌائيس ته توهان جو ڪو مهمان مون وٽ ويٺل آهي.“
ڊاڪٽر ۽ طفيل ڪجهه حال احوال اوري ورتا، ايتري ۾ ٻئي قيدي ايندي سلام ڪري سامهون بيٺا.
مون تعارف ڪرائيندي چيو : ” هي منهنجو ڪلاس فيلو رهيوآهي، اڄڪلهه سکر ۾ استاد آهي، اهو به وري دلبر ۽ صحبت وارن جو ... !“
بس ٻڌڻ جي ديرهئي، شهمير قيدي هڪ ڇرڪ ڀريو هان...... ! منهنجي ٻچن جو استاد آيو آهي، سڌو استاد جي پيرن ۾ ويهي رهيو ۽ استاد جا هٿ چمڻ لڳو.
” اڙي بابا....... اڙي بابا هي ڇا ٿو ڪرين ؟ “ اٿ ته توسان ڀاڪر پائي ملان جو اهڙا ذهين ٻار مون به گهٽ ڏٺا آهن.“
قيدي شهمير ٿورو پرڀرو ٿي وات پٽيل ڏسندو رهجي ويو، پنهنجي زندگيءَ ۾ڪا خواهش نه ڪا ڪشمڪش رهي هُيس، مهيني ڪو ٻئي مٽ مائٽ، ڀاءُ ملڻ آيو ته خير ٿيو، اتي پٽ جي نيڪي ٻڌي شهمير جو سينو خوشي مان ڪشادوٿي ويس.
”هي توهان جي پٽ جو فوٽو اخبار ۾ ڇپيوآهي.“ ڪڍي کولي اخبار ۾ فوٽو ڏسي ان کي چرين وانگر ڏسندو چمندورهيو.
استاد طفيل ٻارن جو خط ڏنس ۽ اهوهن وٺي چميون ڏيئي کيسي ۾ رکي ڇڏيو، اهو لقاءُ ٻيا قيدي ڊاڪٽر وٽ علاج سانگي ويٺل سي به ڏسندا رهيا.
مان مريض چيڪ ڪندو دوا ڏيندو ويم، اهي ٻئي قيدي موڪلائي ويا، مان مريضن کي ڏسندو رهيم، طفيل سان ڪجهه وڌيڪ حال احوال، چانهه بسڪوٽ جي دور بعد هو به موڪلائي ويو.
مريضن مان فارغ ٿيم، ان ڳالهه تي مون کي به خوشي ٿي رهي هئي ته سڀ کان وڏو صدمو اولاد جو خراب ٿيڻ هوندو آهي، ساڳئي اولاد هينئن سُڌري نالوپيدا ڪري ته ڪيئن نه ماڻهو خوش ٿيندو،۽ ٻارن جي ماءُ جو اهو ڪمال سمجهيم، جنهن محنت سان هنن ٻارن ۾ گڻ پيدا ڪيا آهن ۽ ايئن بيگ کڻي ٻاهر جي لاءِ نڪتم ته ٽريفڪ ٿوري هلڻ شروع ڪيو هيو.
ايئن وري هفتو به مشڪل سان گذريو هو جو ان طفيل استاد جو شڪريو ادا ڪري هلياويا، هاڻ خاموش رهندڙ شفيق قيديءَ بابت ٻڌڻ جو تجسس وڌي چڪو هُيو،ڪيئن ان کان پڇان، ڪير آهي ؟ ان جو قصو آخر ڇا آهي جو هو خاموشي جي مهر پنهنجي مٿان ثبت ڪري ڇڏي اٿائين.
نيٺ مون سوچيو ته اخبارون، ڪجهه رسالا ۽ فروٽ وغيره ۽ ڪجهه ضرورت جو سامان ڏنو، پهرين ته هنن وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر مون نابري واري ڇڏي ٻيو منهنجي رويي مان به ڪجهه مطمئن هُيا، هاڻ ٻنهي اچي ٻين ڪتابن ۽ رسالن ڏيڻ جو چيو ۽ وقت پڙهڻ سان سٺو گذري وڃي ٿو.
منهنجي اچرج جي انتها نه رهي ته ٻنهي پڙهڻ شروع ڪيو آهي، خاص ڪري شفيق، جيڪو گهڻو خاموش رهندو آهي، مون به ڪتاب هتان هُتان ڪجهه نوان، ته ڪجهه پراڻا ڪجهه سنگت ساٿ کان وٺڻ شروع ڪيا ۽ ڪارٽون ٻڌي وڃي ڏنا، بس پوءِ ته هو سڄو ڏينهن واندا هوندا هئا، هڪ پڙهندو هيو ٻيو ٻڌندو هيو، ٽي ٽي ڪتاب به پڙهي ويندا هئا، هاڻ هنن سان گڏ ٻين قيدين تائين به پڙهاڪو قيدي طور مشهور ٿي پيا، اها ڳالهه مون کي به سمجهه ۾ نه آئي ته هنن هينئن پڙهڻ تي زور ڇو ڏنو آهي، ان پڙهڻ جي ڪري نوجوانن ۾ به مشهور ٿي پيا، ويندي هڪ کولي بم ڌماڪا طور مشهور هئي.
ڪتابن جي دنيا ۾ داخل ٿيندي هنن مٿان ڪٽ سالن جي مٿس لهڻ شروع ڪيو،جيڪو خاموش رهندڙ قيدي شفيق هيو، تنهن وري لکڻ شروع ڪيو، تنهن شهمير کي به نئين سري سان لکڻ پڙهڻ شروع ڪرايو، هڪ لهر هنن ٻن قيدين ۾ پيدا ٿيڻ سان ٻين تي به سٺو اثر پوڻ شروع ڪيو، شفيق قيدي هاڻ وقت به وقت شاعري به ڪندو وري ڇپرائيندو رهيو ۽ تيزيءَ سان ڪالم اخبار ۾ ڇپجڻ لڳس.
هڪ ڏينهن شهمير کان پٽ جي خط بابت پڇا ڪيم ته غمگين ٿي ويو، هاڻ هٻڪي هٻڪي خط پڙهي ٿي ويو، پر مون به اهو مناسب نه سمجهيو ته هو تڪليف مان گذري مون کين خط پڙهڻ کان روڪي ورتو ۽ هن وري خط وڌائي ڏنو، اهو خط هر وقت کيسي ۾ رکيل هوندو اٿس، ڇو ته ان ۾ هن جي پٽ جي خوشبوءَ آهي، خط وٺي مون هڪ نظر سرسري ڏسي واپس ڪيو ! .
خط ۾پٽ لکيو هيس ته، ڏاڏا سائين ۽ چاچا سائين وارن سان ملڻ وياسين، مان ۽ ادي پر هنن احترام عزت ڪرڻ بجاءِ ٻار سمجهي خيال ڪرڻ ته ٺهيو ماءُ جا طعنا هڻي، گهٽ وڌ چئي ڌڪاري ڇڏيو...... !
پر پوءِ خبر پئي هو اسان جي تعليم ۽ ترقيءَ مان خوش ناهن، ! بهر حال اسان پنهنجو رستو تلاش ڪري ورتو آهي.
وڌيڪ خير - توهان جا ٻارڙا
پٽ ۽ ڌي
ايئن هو موڪلائي ويو،
موسم ۾ تبديلي اچي رهي هئي، گرميون ختم پئي ٿيون جو هڪ ڏينهن شفيق صبح صبح سان پنهنجي طبيعت ڏيکارڻ آيو.
” اڙي شفيق توکي ڇا ٿيو آهي ؟ “ چيڪ ڪيم ته ننڊ گهٽ ڪئي اٿائين، لکڻ پڙهڻ ۽ سوچ ويچار سبب ... !!
جنهن تي مون چيومانس بابا چنڊ سان شاعر ۽ اديب ڳالهيون ڪندا آهن سو هڪ ڀيري هڪ شاعر گل جنهن جا ناناڻا به شاعر غفار تبسم جا پاڙيسري آهن ۽ گل جيڪو خود به شاعر آهي اهو به ڪراچي ۾ شاعر تبسم جي ڀرسان ڪالا پل وٽ به گڏ رهندو اٿس.
هڪ ڏينهن هو شاعر جا اتي ڳوٺ ۾ علائقي ۾ اڳ ۾ ئي جهيڙا فساد هئا، هي شاعر گل به ڳوٺ ۾ سج لٿي چنڊ جو ڏٺائين ته شاخ ۾ ترندڙ چنڊ جو ڇا عڪس ڏٺو ته هلندي هلندي رات جو شاخ سان ڪلاڪ سوا جو وقت ڪو پنڌ ڪندو اڳتي نڪري آيو، پويان مٽن مائٽن ۾پويان شور ٿي ويو ته وارو ڪيو، وارو ڪيو گل کي کڻي ويا، گاڏيون، اسڪوٽر هٿيار ساڻ ڪندا پڇندا پڇندا آيا ته اوندهه ٿي چڪي هئي، تارا ٽم ٽم ٿي ڪندا رهيا، رات جي چادر چوطرف وڻن تڻن، پکين کي پنهنجي آکيرن تائين آندو هيو، مٿي آسمان تي تارن جي چمڪ دمڪ من کي راحت بخشي رهي هئي هو شاعر گل پاڻي ۾ چنڊ ۽ تارن جي عڪس کي وهندڙ پاڻي ۾ ڏسندو، دنيا جهان کان بي نياز اڳتي پنهنجي ڌن ۾ ڳائيندو، گنگنائيندو، سيٽيون وڄائيندو پئي ويو جو مٿس ماما اچي پهتس ۽ اچي کڻي گاڏي ۾ ويهاريائونس.
پويان سڄي ڳوٺ ۾ توڙي گهر ۾ ٻڙڌڪ متل هو.
هن جي پريشاني ۾ ماني ڪنهن نه کاڌي هن کي جڏهن گهر ڀاتين سامهون ڏٺو ته سک جو ساهه کنيو ۽ پوءِ گڏجي سڀني ماني کاڌي، سو اڄڪلهه توهان مٿان شفق جي شام جا خمار چڙهي پيا آهن، هاڻ اهي توهانجي روز جي ڪرت سبب بي آرامي، اوجاڳي سبب تڪليف ٿي اٿو ؟ ٻيو ڪجهه ناهي“
هڪ زبردست ٽهڪ ڏنو، جيڪو پهريون جيل ۾ هن جو ٽهڪ هيو.
” واهه ڊاڪٽر صاحب، واهه جي ڳالهه ٻڌائي اٿو ؟ “
” هاڻ بس ننڊ گهٽ ٿو ڪرين ؟ “
” ها ڊاڪٽر صاحب ... پر هڪ ..... هڪ ڳالهه ٻڌايانو ؟ “
” ها........ ها .. هڪ ڇو ؟ وڌيڪ ٻڌاءِ ؟ “
” هڪ پبلشر منهنجي شاعري جو ڪتاب ڇپرائڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ ٻيو ادارو ڪالمن ۽ مضمونن تي مبني ڪتاب ڇپرائڻ جي حامي ڀري آهي ؟ “
” اها ته ڏاڍي سٺي ۽ خوشي جي ڳالهه آهي “
مون ڪجهه گوريون دوا ڏيندي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنومانس ته موٽ ۾ قيدي شفيق چيو : ” ڊاڪٽر صاحب هاڻ ته ذهن وري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ٻيو ته گهڻو آرام ڪري چڪا آهيون، باقي آرام قبر ۾ ملندو ؟ “
مون چيو : ” ٽيون جڏهن وري آزاد ٿي ڳوٺ ويندين ؟“
منهنجي ڳالهه تي منهن جو رنگ ئي لهي ويس،ڄڻڪ ڇوڏا هيس جيڪي ڇڻي پيس، بهر حال جيئن تيئن ڪري سنڀاليندي چيو :
” ڊاڪٽر صاحب ڪٻاڙ خاني ۾ وڃي ڳالهيون رهيون آهن تن ۾ ڇا رکيو آهي “
مون به ٺهه پهه جواب ڏنو : ” جيڪو تنهنجي شاعريءَ ۾ رکيوآهي“ !
” چئبو ته منهنجي شاعري کي به پڙهيو اٿو ؟ “
” نه ڊاڪٽر ڇا ڄاڻن شاعري مان، باقي واقعا ڏنل آهن ته اهي ته تنهنجا هوندا نه “ ؟
”واهه ڊاڪٽر صاحب ! ڪمال آ توهان سمجهي ويا.“
شفيق ميان نفيس شاعر ! لکڻ وقت پهريون ذات اڳيان ايندي آهي، پوءِ غبار ختم پوءِ مطالعو، مشاهدو، شوق، نئون عزم، نئون ارادو گڏجي ڪم کي اڳتي وڌائيندو آهي، “
” اها ته ڳالهه ڊاڪٽر صاحب سورهن آنا درست آهي، پر مون وٽ ٻئي وکر موجودآهن.
نئين سڏ اڃا سٺي ڳالهه آهي، ان سان تنهن جي تحريرن ۾ دوام ٿيندو ؟ “
”ها ڊاڪٽر صاحب ! پنهنجي ڪهاڻي بابت ڪجهه غزل شروع وارا آهن، پوءِ ميل ملاقات وارا ....... پوءِ آس پاس جا تجربا ..... تڪ تر ۽ ايئن اچي هتي سالن کان سڙي رهيو هيم جو توهان پنهنجي شفقت واري رويي ٿورو احساس پيدا ڪري ورتو .... ! “ قيدي ٻڌايو.
وڌيڪ چيو :
” هي ڊاڪٽر صاحب توهان جو حسن ڪمال آ جو اڄ هينئن هي ماحول ۽ موقعو مهيا ڪري ڏنو اٿوَ، ڊاڪٽر صاحب ..... اسان به ڪچي جي علائقي سان مقصد ته هزارين سالن کان درياهه بادشاهه سان جڙيل رهيا آهيون، ميد هجن، جيڪي يونانين سان وڙهيا هئا، ملاڻا، مير بحر، ملهڻ، ملاڻو اهي سڀ اڳتي هڪ دراوڙي نسل سان جڙندا، ڇو ته اهي ذاتيون اڄ به موجود آهن ۽ اڄ به ملهڻ ٻين ۾ رشتو نه ڪندا آهن، پوءِ اهو صحيح آهي يا غلط پر ممڪن آ ته اهو خانه جنگي جي دوران بقا هنن ان ۾ڏٺي هجي.
مريضن کي به ڏسندو رهيم ته اڄ هي بندو به پنهنجي ڌن ۾ ڄڻڪ ڪو خرش هجي. دل باغ بهار هجيس، ڪا لهر هئي جنهن هن جي خاموشيءَ کي ٽوڙي بند وانگر وهائي ڇڏيو.
”ڊاڪٽر صاحب آئون اسڪول ۾ ٽيچر هيس، سوهڪ ڏينهن بس ۾ اچ وڃ دوران هڪ نقاب پوش سان اک اکڙجي ويئي ۽ پوءِ ته دل ۾ بيچيني ٿي پئي، ڦٿڪندي هئي،مڇي جيئن پاڻي بنا، منهن جي ڪار به اهڙي هئي، پوءِ ته بس هوا ۾ هيم، ڌرتي تي ڪٿي هوندو هيم، ڌرتي مان مراد نه گهر جو نه گهاٽ جو ... اهو نازڪ نازنين جي ڪجلين ڪارين اکين جو متوالو ٿي جام پيئڻ لڳس، اهو جام هُيو هن جي نيڻ مان نهاريل قاتل ته ڪڏهن ٻا جهاري ادا. اهو بس کان سفر هلندي هلندي اسڪول وڃڻ جي بجاءِ جتي وڃي بيهندي هئي، لهندي هئي، چڙهندي هئي، پوءِ وڏي مٿا ڪٽ کانپوءِ هوءَ به محسوس ڪري ويئي ته ڪو آئون هن جو ديوانو آهيان.
ڊاڪٽر صاحب هاڻ پيڇو ڪندي هن جي اسڪول تائين وڃي پهتم وڏي دل ڪندي، تڙپ مان ڦٿڪندو ڪڏهن دل وسامي ٿي ويئي ته ڪڏهن دلبر جي ديدار تي ڦوڪجي ٿي ويئي، هي چئن پنجن مهينن جي ڪشالن بعد حاصلات جو اهو ثمر هئي جو صرف، ملڻ جو شرف نصيب ٿيو، غزالا جو هڪ هڪ اداجو هڪ هڪ غزل لکندو ويس ڪجهه تصحيح بعد ڇپجڻ به لڳي ويا، ويندي ريڊيو تي هڪ ٻه ڪلام ڪنهن فنڪار ڳائي وڌا.
ڊاڪٽر صاحب هڪ هته مان ُيس شاعر، ۽ هوءَ غزلن جو مجموعو هئي. ڪلاسڪ به ته جديد به!
اهو ڪمال ، هڪ ئي نالو هيو غزالا... !
پوءِ غزاله چيو : ” ڀلا غزلن جا شاعر ڪجهه خدا جي جهان ۾ پنهنجي باري ۾ به لک نه ..!“ ان جي ان نازڪ مذاق تي ڪُسجي پيم.
اي عشق ! سڀ تون ئي تون آهين، به تون ! اها ئي رمز آهي،پر پوءِ ان جو ڪو اتو پتو، ڪا پوسٽ آفيس، باڪس نمبر ته هوندو يا بس ! اهو بس اسٽاپ تي لهندي چيو هئائين.
پوءِ چوڻ جي دير هئي، نالو ذات، عادتون سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيم .. !
تنهن تي هن پنهنجي نهار سان ڏسندي چيو : ” بس ايترو ڪجهه هُيو، هي ته ڪجهه به ناهي، شڪر ادا ڪيائين ۽ مسڪرائي ڏنائين، پر ان کان ڪجهه وڌيڪ ته نه هوندو ؟“
جبل ان لفظ تي پاڻ مٿان ڪرندي محسوس ڪيم.
موٽ ۾ سڌو ٺهه پهه چيم ” هي شفيق جي زبان آهي، انسان خطا جو گهر آهي، باقي دل جو دفتر بلڪل خالي آهي ؟
” نه بابا نه .. ڀل دل خالي هجي، اڳ ئي شاعري جو ديرو ڄمايون ويٺي آ “ ؟
ان جملي به مون کي لاجواب بڻائي ڇڏيو.. !
انهن ملاقاتن ۾ غزالا ٻڌايو ته هوءَ هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ ۾ آهي، نائين ۾ به اي گريڊ هيس ۽ هاڻ به ايتروئي رزلٽ هوندو، ان ڳالهه ۾ منهن جي ڪا به دلچسپي نه هئي.
ايئن پکين جي لاتين وانگر اسان جون پيار جون ڳالهيون هلنديون رهيون، ميٽرڪ ٿي ويئي، شادي جي آفر ڪئي مانس ته اهو چئي انڪار ڪيائين ته انٽر بعد شادي ڪندي مانءِ ۽ ٻيو اهو ٻڌائي ڇڏيان ته متان ڪو لالي پاپ سمجهندو هجين، پيار به توسان ڪيان ٿي، ايئن کير کنڊ ته ڪڏهن پيار جي ماکي واري لار اسان مٿان ته ڪڏهن ڪڪر گهاٽا اسان مٿان رهيا، ٻئي پاسي منهنجا سوٽ جيڪي ڳوٺ ۾ ۽ زمين جو آباد ٽڪرو به اٿن پر فساد جو ڪو لائيسنس مليل هجين ... !
منهنجو ڳوٺ پڪو آهي. ان ۾ هاءِ اسڪول گرلس هاءِ اسڪول، پرائمري توڙي ڪجهه مسجدون، مڇي جا فارم، کجين جا وڻ وغيره
منهنجي سوٽن جو راڄ ڀاڳ- جيڪي هاڻ به ڏنگا ۽ علائقي ۾ڪڪڙن جون ميلون ڪرائڻ جي حوالي سان مشهور آهن، هي چار ڀائر آهن، جنهن مان هڪ حيدرآباد وڃي سيٽل ٿي جان ڇڏائي ويو آهي، ٽي هتي رهن ٿا، ننڍڙي نام نهاد سياسي پارٽيءَ وانگر هتي هنن جي ڳوٺ ۾ زمينداري ننڍيون نوڪريون، ٻه چار پوءِ به ڇاڙتا ۽ جيپن ۾ وتندا لامارا ڏيندا، ڪارا دونهان ڪڍندا ڦرندا، ٻه سوٽيون آهن تازو چاچو وفات ڪري چڪوآهي، چاچي حيات آهي، هنن سان منهنجو به سٺو رستو آهي ۽ گڏجي فساد جوبه حال احوال ڏيئي وٺندا آهن.
منهنجو گهر ٿورو هنن کان سڏ پنڌ تي آهي، منهنجو گهر ۽ اوطاق گڏوگڏ آهن، مون کي ٽي ڀائر آهن ۽ ٻه ڀينر آهن، ڀينرن وڃي پنهنجا گهر وسايا آهن، هڪ مون کان وڏو آهي، باقي نوڪري نه ڪئي، اهو گهر، زمين ٽڪرو آباد ڪندو آهي، آزاد سوچ جو مالڪ آهي، ڪنهن به سياسي گروپ ۾ نه نعرا هڻندو ۽ نه وري جهنڊا ....... !!
عام سادي سودي زندگي گذاريندو آ، باقي هڪ مون کان ننڍو آهي، منهنجو والد ۽ والده حيات آهن، اهي ڇپر ڇانو اسان مٿان آهن.
مان مريضن کي چيڪ ڪندي شفيق کي ٻڌندو رهيم، ۽ آفيس جو وقت پورو ٿيو هيو جو هي به اٿيو، پر هن کي اهو احساس ئي نه رهيو هو ته هي هيترو سارو وقت سو به پهريون دفعو ٻاڙ ڪڍي، ڪو بند ٻڌل هُيو اهو وهي پيو...
مون ڪنهن به بيزاري جو اظهار نه ڪيو، نه منهن ۾ گهنج نه ڪا ٿڪاوٽ ..... !!
ٻه ڏينهن به نه گذريا جو منهنجو چاچو گذاري ويو سو ٽن ڏينهن کان پوءِ آفيس جو رخ ڪيو، آفيس ۾ اچڻ جي خبر قيدين تائين پهچي چڪي هئي، اها منهنجي نه اچڻ تي ڪمپائونڊر ڪري ٻڌائي هُين، ٻيوجيئن مان اندر داخل ٿيس ته ڪجهه نوان ڪجهه پراڻا ڪتاب اڳ ۾ئي وٺي رکي ڇڏيا هئا، سي به هڪ ڪنڊ تي رکيم ته جيئن ڊيوٽيءَ تي ايندم ته ڏيندوسان ۽ مريض توڙي ٻيا قيدي اچي پهتا پوءِ مون سان همدرديءَ جي طور دعا جا قُل چاچي جي دعا مغفرت لاءِ پڙهيا،
ڪجهه قيدي هليا ويا ۽ ڪجهه جن کي دوا درمل گهربل هئي سي ويٺا ۽ دوا وٺندا نڪرندا ويا، پر شهمير ۽ شفيق ويٺا رهيا.
”ها ... شاعر شفيق تنهنجي شاعري ڪيئن پئي هلي؟“ جنهن تي هن ٻڌايو ته ” ڪتاب ڪمپوز ٿي چڪو آهي بس ڇپائي جي لاءِ ويل آهي “ ٻئي قيدي ڪجهه گهڙيون ويهي هليا ويا، خير سان ٻه ٽي ڏينهن ٻيا به مس گذريا هوندا جو اچي شاعر پهتو . شاعر شفيق جنهن جي دل جا ڪجهه باب، زندگيءَ جو هڪ بند باب ۽ سنڌ جي تاريخ وانگر اهڙا بند هئا جو ويجهڙ جي تاريخدانن کان ڳالهه اوکي هئي، جيئن سڀني ذاتين کي عرب ۽ جيڪي رهيا ته اهي سڀ سيد ۽ ٻروچ، بلوچ، سنڌ جي ذاتين جو ڪو ڏس پتو ئي ناهي.
بهر حال هڪ ڏينهن حيرت جي حد نه رهيم جو اهو ڪتاب جنهنجي ارپنا منهنجي نالي زال ۽ ٻن ٻارن جي نالي سان ٿيل هئي، پر افسوس ۽ تجسس اهو ٿيو جو انهن جي نالي سان مرحوم لکيل هُيو.
اهو ڪتاب مون اٿي شاعر قيدي شفيق سان وري ٻيهر ڀاڪر پائي ورتو ۽ جو هن شڪريو ادا ڪيو ۽ مون کي وري پنهنجي نالي ارپنا هجڻ تي هڪ خوشيءَ جو احساس ٿيو، ايئن هو باڪس ڪتابن وارو به کڻي ويو.
هي ڪتاب مون هڪ ٻن شاعرن کي به تحفي ۾ ڏنو، اهي به حيران هُئا ته هي جيل ۾ هوندي ايتري سٺي شاعري بنا ڪنهن ماحول جي جنهن ۾ مطالعي جي اڻ هوند هوندي سو به هڪ بند کولي ۾ ڪيئن ڪئي اٿس ... ! “
ٻئي شاعر به مليل جليل رايو ڏنو ۽ پوءِ ان مان ٻه ڪلام وري ڪنهن ڳائڻي نئين ڪيسٽ ۾ ڳايا، جيڪو پوءِ هن اچي ٻڌايو هُيو، هاڻ هو ٽڙي پيو هجي، نکار اچي ويس، هن کي جيل ۾ به ڪافي خط آيا، جيڪي اچي مون کي ڏيکاريا ۽ پاڻ سان گڏ بين قيدين ۾ به مشهور ٿيو ۽ سڀني ۾ عزت جي نگاهه سان ٿي ڏٺو ويو.
جيل جي اندر هڪ منجهيل، بند دنيا آهي، ڇو ته انتهائي محدود ۽ ٻئي جي رحم ڪرم تي .. ڄڻڪ ڪو خيرات تي گذاريندو هجي، منهنجي اکين کي اعتبار ئي نه ٿي آيو جو ٻئي قيدي شهمير به شوق ۾ پٽ ڏي خط لکيا، خطن سان هُو نئين جهان ۾ داخل ٿي ويو ٻن گلڙن، نازڪ ٻارن جو والد سو به هينئن جيل ۾ شاعر لکڻ پڙهڻ سيکاريس.
هڪ ڏينهن خاموش قيدي شاعر شفيق آيو ” صاحب عرض آهي.“
” ها .. ڇا آهي .. ٻڌاءِ، ..... ٻڌاءِ، ...... “
پهرين ته ڪجهه اسڪيچ ٺهيل ڏيکاريا بعد ۾ اهو چيو ته : ”صاحب هي قيدي تصويرون ٺاهي ٿو، ان جي لاءِ ڊرائنگ جو شيٽون، پينسل، رٻڙ گهرجن “
مون پر اعتماد انداز ۾ جواب ڏنو ” جي شاعر ! سڀاڻي اچي کڻي وڃجانءِ “ ۽ اهو خوش ٿيندو واپس هليو ويو.
ٻئي ڏينهن تي آفيس منهنجي پهچڻ جي دير هئي، سامان ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهو وٺي اتان موڪلائي چهري تي شڪريي جا آثار کڻي ڪمري مان هليو ويو.
اندر هنن جو نئون حلقو قائم ٿي چڪو هُيو، هڪٻئي سان رويي ۾ به فرق اچي ويو هُين، اهو سڀ پڙهڻ جو ڪمال هيو، منهنجي دوستن جو اهو شوق ڏٺو ته قيدين جي لاءِ ٿو ڪريان ته پوءِ ڪتاب، پراڻا رسالا جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتاب به شامل هيا، پوءِ خبر پئي ته ٻه چار قيدي انگريزي به پڙهي وٺن ٿا ۽ مون ڪجهه شاعرن سان ملي جيل جي انهن همراهن جو ذڪر ڪيو ۽ اهي همٿائڻ جي لاءِ اچي پهتا، مليا ۽ ادبي ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ بحر وزن قانيو، رديف شامل هيو.
اهو ميلاپ به ڏاڍو اتساهيندڙ رهيو جو مشهور شاعر اچي جيل ۾ قيديءَ شاعر سان ملي ويا، هاڻ ٽيون همراهه ويٺو تصويرون ٺاهيندو هيو، ان جو نالو ناماچاري جي واهه واهه ٿيڻ لڳي، سو هيو جاويد کڏا مارڪيٽ ڪراچي جو رهندڙ هيو،
ڪجهه ڏينهن ٻيا مس گذريا ته شفيق جو ٻيو ڪتاب ڪالمن ۽ مضمونن جو به ڇپجي ويو، اچي ان جون به ڪاپيون ڏيئي ويو.
هڪ ڏينهن شاعر آيو ته مون ان کان بنا ڪنهن هٻڪ جي پڇي ورتو ...
ڊاڪٽر صاحب ! هاڻ زبان ۽ دل جو مير لهي چڪو آهي، جنهن جو ڪريڊٽ توهان ڏانهن ٿو وڃي سو مون ڳالهه ڪٿي روڪي هئي منهنجا سوٽ، منهنجو گهر ۽ ايئن پنهنجي منهن سان ڀڻڪندي ياد ڪندي چيو : ” ها منهنجا سوٽ ! انهن ۾ وڏو ممتاز، دمساز ۽ سردار نالا هُين.“
ممتاز پهرين پنهنجي ماميءَ جي ڌيءَ سان انٽر جي دوران شادي ڪئي هئي جنهن جو نالو سلميٰ هيو، اها به اٺ درجا پڙهيل ۽ سيبتي سلڇڻي سگهڙِ ڇوڪري هئي پر شادي کان وٺي هنن جي پاڻ ۾ پوت ڪا نه هُين، اها ڳالهه ته شروع شروع ۾ سمجهه ۾ نه آئي اهو راز راز رهيو، هلندي هلندي ٻه ٻار به ٿي وين، ڌماڪو تڏهن ٿيو جو شوق شڪار جي طبيعت سبب هڪ ٻئي رن سان ميل جول شروع ڪري ڏنو ۽ پوءِ تضاد وڌي ويا، هاڻ زال کي ڪٽي ڪٽي اڌ مئو ڪري ڇڏيائين ۽ اها خوبصورت ڇوڪري ٻن ٻارن جي ماءَ مان هڪ لاچار، بيوس عورت جي روپ ۾ هڏائون پڃرو ٿي پئي، اڳتي هلندي زال کي طعنا، ٽوڪ ڪندي بدچلن سڏڻ لڳو، جنهن هن جي جيئري جاڳندي زندگيءَ ۾ ڪاري قيامت ڪري ڇڏي. !
هوڏانهن سلميٰ جو قصو سمجهه ۾ نه آيو، هيڏانهن مون به شادي ڪري ڇڏي اها سلميٰ سان آخري ملاقات هئي، نيٺ هڪ ڏينهن ٻاهر ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي وٺي وڃي ڪارو ڪري ماري ڇڏيائيون ۽ ٻئي رن سان خوش پيو گذاري.
ايئن ٻئي ڀاءُ به پنهنجي زال ثمينه کي ڪارو ڪري ماري ڇڏيو، پر اهو ته وري منهنجي اکين جي سامهون ٿيو جو مون کي وچتي ڳالهين ڪندي بهاني سان ٻاهر ٻني تي وٺي ان سان ڳالهائيندي ان تي سڌا ريوالور جا فائر ڪري ختم ڪري ڇڏيو ۽ سامهون ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويئي.
پر ڊاڪٽر صاحب اهو عورتن سان به عذاب هوندو هيو، ايئن ته هيو ته عورت پيار، ۽ انجام نه ٿي ڪري، حد اها به پار ڪري ٿي، مارڻ بجاءِ طلاق ڏيئي ڇڏيو، اسلام ۾ چئن زالن جي ڳالهه ڪيل آهي ته اها مرد کي بليڪ ميل جي هر وقت تي چاٻي وٽس موجود آهي،
بهرحال ان واردات کانپوءِ اسان جو ٻيو رشتيدارن جو ڪهول آ، انهن به پنهنجي گهر جي آڳر تي ئي ماري ڇڏيائونس، ان کي به وڃي ڏسي آيم، هاڻ سوٽن ڳوٺ ۽ تڪ ۾ به حرڪتون ڪيون، چورن کي به ايندي ويندي رهايو، ڪنهن جي به ڳالهه نه ٿي لڪي، اها به مخبري ٿيندي پوليس تائين پهتي، نيٺ رات جو رنڱي هٿن سان ڌاڙيل پڪڙيا ويا ۽ وڃي جيل پهتا، اهو سلسلو اڳتي وڌي ويو... !
هوڏانهن مان مريض کي تپاسي چڪو هيم، آخري ويٺل شاعر ويٺو رهيو هُيو.
ايئن مون پٽيوالي کي چانهه جو چيو ۽ جيستائين چانهن اچي رهيل ڳالهه اڳتي وڌائي ٻه سوٽ ڪال ڪوٺڙي ۾ وڃي پهتا.
ان دوران هڪ دفعي سکر مان ڪٿان وڃي رهيو هيس جو سلميٰ جو ماءُ پيءُ مليا، گهر وٺي ويا، سلميٰ جا ٻه ٻار ڏيکاريائون، اهي انتهائي خاموش نظر آيا، ٻيو حال احوال ڪندي سلميٰ جا هڪ پيٽي مان خط ڪڍي اچي رکيا، ماءُ پيءُ ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيو.. !
” هي پٽ خط گهر وڃي پڙهجانءِ ! “ اسان جي سامهون نه پڙهجانءِ جو اسان کي به شرم ٿو اچي، مون چانهه پيتي، خط کڻي گهر واپس آيم.
بس خطن تي منهن جو رت ٽچڪڻ لڳو، انسان ايترو گندو، ڪريل ٿي سگهي ٿو، ” ان ۾ اهڙو ڇا لکيل هيو ؟ “ مون پڇا ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب خط ڪافي تفصيل سان لکيل هيا، پر ... پر ان ۾ اهو لکيل هيو ته رات جو انگريزي بازارو فلم کان به بدتر طريقا استعمال ڪندو هيو، نه اڳ نه پٺ، نه وري ڪو ٻيو هنڌ سلامت هيو، بس جڏهن جيئن دل گهري .. ! “
” نه نه ايئن نه هوندو ؟ “
ڊاڪٽر صاهب هڪ خط نه بلڪه ٻن ٽن خطن ۾ ذڪر هيو، ڇوڪري مڙس جي والدين کي به ٻڌايو هيو، ڪنهن به ڪجهه نه ڪيو ؟ ۽ ايئن تڙپي تڙپي سلميٰ جيئندي ۽ مرندي ڳرندي ڪاري ٿي حياتي گذاري ويئي. !!
”ڊاڪٽر صاحب توهان به بور ٿيا هوندا ۽ وڌيڪ ٻيهر ملبو ؟“ ڳالهائي وٺبو ۽ ايئن موڪلائي ويو.
ٻه چار ڏينهن گذري ويا ته جيل ۾ قيدين جي ڪارڪردگي رپورٽ هوم کاتي گهري هئي جن قيدين جي چال چلت ۽ سٺي روش سبب اها رپورٽ صدر ڏانهن اماڻي ويندي ان ۾ شفيق شاعر، شهمير ۽ جاويد جونالو اماڻيو ويو، اها ڳالهه جيل سپريڊينٽ ٻڌائي هئي.
انهن ڪتابن کان پوءِ شفيق ٻڌايو ته ڊاڪٽر صاحب ” ڀاءُ ۽ هڪ ٻه ڳوٺ جا ماڻهو ملي ويا آهن، جڏهن ته هڪ ڀاءُ ايندو هيو، ان تي ڏاڍو خوش هيو.
ڪجهه ڏينهن گذري ويا.
هڪ ڏينهن ملندي شفيق ٻڌايو ته : ”علائقائي قبيلائي ڪوس وغيره، جهڙا تڪرار به هلندا هئا، منهن جي جان ۽ روح جيئن ديو ۽ پريءَ جو پڃري ۾ پيل پکيءَ ۾ هوندو آهي. سو منهنجو به غزاله ۾ هيو، ايئن جهيڙي جي دوران غزالا ۽ ٻارڙا به ان جو بک بڻجي ويا ته منهنجو وجود سڄو ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو هيو، نه صرف اهو پر ڳوٺ به ساڙي ڇڏيائيون، ڪافي مال، مينهون، ٻڪريون، رڍون، ڪڪڙيون، ان جا ديرا، پيل گندين ۾ اَن به ساڙي ويا، ڄڻڪ محمد بن قاسم جو ديبل تي حملو هيو، بس هڪ قيامت هئي، نه صرف منهنجو گهر تڙ پر سڄو ويڙهو لٽجي سڙي خاڪ ٿي ويو، ارمانن جو قبرستان.
پوءِ ڪي ڏينهن مون کي سُڌ نه رهي، مون ڳوٺ ڇڏي وڃي ڪجهه وقت ڊيوٽي ۽ شهر ئي تبديل ڪري ڇڏيو، پر ڪو نڀاڳ جو در بند ٿيڻ بجاءِ منهنجي ڪڍ لڳل هُيو.
انهن جهيڙن کانپوءِ اسان جي ذات وارن به وڃي حملو ڪري چار پنج ماڻهو ماري آيا، ۽ هڪ مائٽ اسڪول ۾ اچي ٻڌايو هيو ته ان ۾ هڪ سرڪاري ماڻهو به مددگار هيو، جنهن تي حيرت به ٿي هئي، پوءِ جيل ۾ خبر پئي ته پرو کان جانو آرائين ۽ 30 سيپٽمبر جو واقعو اصل ۾ ڇا آهي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجي مٿان ايف آءِ آر ڪٽرائي ويئي ۽ هاڻ هتي ويٺو جيل جي هوا کاوان.
ڊاڪٽر صاحب ! هر پل منهنجي پيار جي ديوي ۽ ٻه معصوم ٻارڙا اکين اڳيان ٿي سڙيا، سو منهنجي زبان ئي بند .. ! اها بندش اچي عامل جي بجاءِ توهان ٽوڙي ۽ موڪلائي ويو.
ٻه ڏينهن به مشڪل سان گذريا هوندا جو منهنجو ٽرانسفر ٿي ويو، سڀني قيدين پاٻوهه، پيار سان ته ڪن ڀنل اکين سان موڪلايو ۽ مون اچي ٻئي هنڌ جوائنگ ڏني.
نئين آفيس ۽ نئون ماحول اهي ويچارا قيدي ئي وسري چڪا هئا جو هڪ اتفاق هيو يا ڪو معجزو، پٽيوالي ٻڌايو ته ڪو مهمان توهان سان ملڻ آيو آهي.
مون چيو : اندر موڪليوس، پٽيوالو جي صاحب چئي ٻاهر ويو.
اکين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو، ساڳيو شخص شفيق شاعر ڪي پل ته ڏسندو رهجي ويم کلي کيڪاريندي پيار مان ملياسين، منهن جي لاءِ تحفا تحائف به آندل هُيس ” اڙي هي سڀ ڇا لاءِ ؟ “
ڊاڪٽر صاحب ! صدر صاحب ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي سزا معاف ڪرڻ سان گڏ ڊيوٽي جوائن جو حڪم جاري ڪيو، جوائننگ کانپوءِ گهر کان شهمير جي ٻارن کان ٿيندو توهان سان ملڻ بعد جيل وڃبو.
سٺي نموني سان ڪچهري ٿي ۽ انتهائي نياز نوڙت سان ملي موڪلائي ويو ۽ منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي هئي هن جي آزادي تي .. !!
*