ڪھاڻيون

مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

” عبدالواحد سومري ڪهاڻي کيتر ۾ هي ڪتاب ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ آندو آهي، واحد جي ڪهاڻي ٽائيٽل اسٽوري ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ ئي پڙهندڙن جو پهرين ڌڪ ۾ ئي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿي ته، جتي وڏيرڪي، ڀتي خوري، لٽ مار ۽ اغوائن جي بازار گرم هجي، جتي ڪوبه نفس سک جو ساهه نه کڻي سگهي، تنهن سنڌ گهمڻ لاءِ وڃي به ڇا ڪنداسين؟ معاشري ۾ رشتن جي ڀڃ ڊاهه بابت جنهن ريت عبدالواحد سومري پڙهندڙن کي احساس جا نوان گس ڏيکاريندي اگهاڙو سچ لکيو آهي، تنهن انداز کي اختيار ڪندي اسان جي اديبن جو وڏو انگ ڪن لاٽار ڪندو آهي، اسان جي هاڻوڪي ٽهيءَ جي لکارين جي اڪثريت رومانوي ۽ ذاتي تاثرن تي ٻڌل ڪهاڻيون لکي رهي آهي پر عبدالواحد سومرو نئون گس اختيار ڪندي سنڌ جي سماجڪ سياسي ۽ معاشرتي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو آهي.“
Title Cover of book مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!

تصوير

صبح جا ساڍا اٺ يا ڪي نو مس ٿيا هوندا جو ڊاڪٽر امجد ٿري پيس ۾ تيار ٿي معمول موجب اسپتال وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪري رهيو هُيو. ڊرائنگ روم ۾ پگهاردار ماسي ڇنڊ ڦوڪ پئي ڪئي. ڀت تي فريم ۾ هڪ تصوير لڳل آهي. بي دليءَ سان ڇنڊڻي هڻندي ماسيءَ کي ٽڪي جو به احساس نه هُيو ته اهو تصوير وارو شخص ڪير آهي؟
امجد اهو لقاءُ پئي ڏٺو ته ان صفائي ڪندڙ عورت کي تڪڙ ۾ چيائين: ”مائي ٿورو خيال سان، هڪ ته منهنجي اڳواڻ جي تصوير آ، ٻيو قيمتي فريم آ، توکي ذري جو به خيال ناهي، احترام ته ٺهيو پرتون ته جُٺ پئي ڪرينس؟“
”صاحب! مون کي ڇا خبر ته ڪنهنجي تصوير آهي ۽ اهو پوڙهو ڪير آهي؟“
”پوڙهو!“ ماسيءَ جي زبان مان نڪتل لفظ تي امجد ڇرڪ ڀريو. ”ڏسيس ته هيڏي عظيم انسان کي تون پوڙهو ٿي ڪوٺين؟“ هن دل ۾ سوچيو.
دروازي سان ٽنگيل چاٻين جو ڇلو لاهي ڦڙتيءَ سان امجد ٻاهر نڪري ٿو. جيڏا تڪڙا قدم پئي کنيائين، تيڏا تيزيءَ سان تصوير بابت خيال ذهن ۾ ڊوڙڻ لڳس.
تصوير....! هو سوچي ٿو. پسند ۽ وابستگي جو توڙي نفسيات جو پتو پوي ٿو. ايئن پوءِ ڪو مسجدن جون تصويرون، مزارن جون، اداڪارن فنڪارن جون ته اديبن، سڌارڪن جون ته برهان الدين، آغا پرنس کان پاڳاري جون شامل آهن ته ڀٽن جون باغن جون، گلن ڦلن جهڙن ٽڙندڙ ٻارڙن جون تصويرون. ان ۾ هڪ امجد جي پسند جي تصوير آهي! سنڌ جو سيد، سنڌ جو مفڪر! ان جي تصوير به شامل آهي.
امجد ڪالمسٽ! پنهنجي حلقي ۾ دانشور ايئن سوچيندو سوچيندو ڪار هلائيندي اسپتال پهچي وڃي ٿو.
امجد جو گهر! ننڍڙي ڪائنات ٽي ٻار ۽ سپنن جي راڻي سپنا پهرين دفعي ڏٺو ته اهو هن جو خواب ۽ سپنو بڻجي پيو ته سپنا کي حاصل ڪري رهبو. جيڪو سپنو تبديل ٿي. حقيقت جي شڪل ۾ ٻار ۽ زال جي صورت ۾ باتوني ۽ فضول خرچ!
چار بجه ٿيا هوندا جو گهر امجد واپس اچي بيڊروم ۾ جوتو لاهي، پوشاڪ تبديل ڪندي زال کي چيو: ”جلدي ڪپڙا استري ڪري ڏي، تيستائين باٿ مان ٿي اچان؟“
”ڪپڙا استري ٿيل! هينگر ۾ جو ٽنگيل اٿئي.“ سپنا تڪڙ ۾ جواب ڏنو.
”اڇا.... اڇا......! مان ڌيان نه ڏنو هو.“ امجد چوندو ٽوال کڻي باٿ روم هليو ويو ۽ اندران ڳائڻ جو آواز اچي ٿو.
سپنا ننڍڙي ٻار کي چولو مٿي ڪري، هڪ بُبي کي انگي مان ڇڪي ڪڍي، پاڻ مٿان وڏو رئو ويڙهي ٻار کي ٿڄ ڏئي پئي جو ڪال اچيس ٿي. ڀرسان موبائيل کڻي اسڪرين تي نمبر ڏسي ڪال اٽينڊ ڪري ٿي.
هيلو...... هيلو.....!!
ها... شبا نه!
جي ها....!
ٺيڪ آن .....
ها ٺيڪ آهيان پر.... سپنا ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي
”اڙي ڇا ٿيو؟“ شبانا ٿيندي ۽ پڇيس ٿي
”بس! مون کي ٻه ڏينهن پهرين جمعي تي مار ڏني هئي. ان کان اڳ مهيني جي پهرين تاريخن ۾ گذريل خرچ چيڪ ڪندي سٽڪو ڪڍيو هُيو. هاڻ منهنجي گفتگو کي پسند نٿو ڪري ته مان گهر هر آئي وئي مهمان توڙي سياسي اڳواڻن کي پنهنجي مار ڪُٽ جو ذڪر ڪيان ٿي.“ سپنا ٻڌايس.
هوڏانهن ڪال تي شبانه همدردي ڪندي سمجهائيس ٿي ته: ”مار کائين يا کڻي ڪيڏو به تنگ ڪرئي پر گهر نه ڇڏجانءِ. ڇو ته سس، نڻانن جي اها ئي خواهش آهي ته تون گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿين. اڪيلي سر بادشاهه بڻي ويٺي آهين. اڳ ۾ جيڪو نرسن کان به نه مڙي هاڻي تنهنجي نه رهڻ سان هن جو ئي فائدو آهي.“
”هاڻي به نئين ڊاڪٽرياڻي ڏانهن ئي ويو هوندو. ڪلنڪ جي بهاني اڌ رات جو ٿو واپس اچي. سيد جي تصوير واري جا ڪوڙا پيو قسم کڻندو رهندو ۽ چوندو ته بس اسپتال ۾ ڪليگ آهيون، وقت گڏ گذارڻو ٿو پوي؟“ سپنا ڏکارو ٿيندي چيس.
”ڀلا سس، سهرو ڇا ٿا چون؟“ شبانه پڇيس.
”اهي شروع کان پيار جي پرڻي خلاف هيا. شادي به سيد جي ڪري ٿي هئي. ٻيو ڊاڪٽرياڻي جي پگهار ۾ نظر اٿن؟“ سپنا ٻڌائيس ٿي.
هوڏانهن ٻارڙو ڦٿڪندو ٿڃ پوري ڪري ٿو. ماءُ منهن اگهيس ٿي. چولو ٺاهي ٻار کي هيٺ فراسي وڇايل آهي، ان تي پيل ڦلڪي تي سمهاريس ٿي ۽ امجد جي لاءِ چانهن ٺاهڻ لاءِ بورچيخاني جو رخ ڪري ٿي.
”ڀلا پوءِ تنهنجي نڻانن جو ڇا حال آهي.“ شبانه پڇيس ٿي.
”ڌوڙ اٿن منهن ۾.... جتي وڃن ته منهنجي گلا ڪن. پاڻ وري ستيون جتيون ساڌ ٻيلي جون.... اڙي صاحب جي چانهه لاهي ڏيئي اچانس، سو پي پوءِ ڪلينڪ تي ويندو.“
گهر ۾ شور وڌي وڃي ٿو. ڇو جو ٻارن جي ٽيوشن پوري ٿئي ٿي، ۽ پڙهائيندڙ استاد پڙهائي هليو ويو. اتان بورچيخاني مان رڙ ڪندي ٻار کي چوي ٿي، ”گڊو جو خيال ڪجو. جيستائين چانهه ڪمري ۾ رکانس. ايئن چانهه ڪاري رنگ جي وڏي مگ ۾ کڻي ٽيبل تي رکي ٿي. هوڏانهن امجد ڪپڙا اڇي رنگ جا پائي، پيرن ۾ ڪاري سينڊل سان اچي ويهي چانهه پيئي ٿو.
رڪيل گفتگو جاري ڪن ٿيون ۽ ٻار کي ڪڇ ۾ کڻي رکي ٿي.
”اڙي ها... هي مون وارو امجو مئو ان جون پنج، گنج ڀينر اهڙيون جو زهر به اثر نه ڪندن. ڇيڪ دنيا ۾ ڪوڙيون ٻيون نه ڏٺيون ۽ نه ٻڌيون. ڳالهه ڳالهه ۾ قرآن جا قسم کڻن. ٽن جو طلاق جو مسئلو هلي رهيو آهي. جيتريون گهڻيون اوتريون چالاڪ لومڙي جهڙيون، هميشه بهاني سان هڪ رهي وڃي ته ٻئي وري اچي رهي.“ سپنا اهو تفصيل سان سهيليءَ کي ٻڌايو.
ڊاڪٽر امجد چانهه پي ڪار تي ڪلنڪ ڏانهن نڪري ويو. درجي گهنٽي وڳي. هڪ عورت! سادن سودن ڪپڙن ۾ چهري ۾ ڪجهه گهنج، وڏيون اکيون موچارا نقش، سا اچي سپنا جي اڳيان سلام ڪري بيهي ٿي. سندس نالو حاجران اٿس، جيڪا ڀرسان واري گهر ۾ ڪم ڪندي آهي. کٽو وڌو سودو سلف سان گڏ سپنا جي سهيلي بيگم شمشاد وٽان آئي آهي.
سپنا موبائيل تي پنهنجي ڳالهه جاري رکي آ ڪنڌ مٿي جو ڪري ڏسي ته ماسي حاجران بيٺي اٿس. ڳالهائڻ ۾ سلام جي خبر ئي نه پيس.
ڪال تان ڌيان هٽائي ماسي حاجران کي چيو: ”ماسي چئو چئو ڇا ڳالهه آهي؟“
”ميڊم شمشاد چيو آ ته جيڪڏهن سڀاڻي شهر وڃين ته پوءِ ساڻ وٺي هلجو؟“ ڪم واري ماسي حاجران چئي جواب جوانتظار ڪرڻ لڳي.
”سڀاڻي شام جو جيڪڏهن ويس ته حاضر ميڊم شمشاد کي به ڪار تي وٺي هلبو“ سپنا جواب ڏنو. هوڏانهن ڪم واري ماسي حاجران لڏندي ٻاهر نڪري ويئي ته در بند ٿيڻ جو آواز به آيو.
رڪيل گفتگو وڌي ٿي.
”ها... هاڻ مان ٻڌايانءِ ٿي.... مون واري ڊاڪٽر سان ڊاڪٽرياڻي ڄور ٿي اهڙي چنبڙي اٿس جو جان ئي نٿي ڇڏيس!“ سپنا چيس.
”اها مردن جي پراڻي عادت آ.... ٻاهر ڀونئرا بڻجي ڀون ڀون ڪندا آهن. ڇو ته پڪ هوندي اٿن ته گهر ۾ جوءِ ويٺي هوندي. ڀل ماريو ڪُٽيو ته به ڇا؟ اولاد ان جي مجبوري آهي. ان جو ناجائز فائدو ٿا وٺن.“ شبانه چيس.
”اڙي! حيرت جهڙي ڳالهه آ ته جنهن جو پوئلڳ آهي، ان انسان ته عورتن مٿان هٿ کڻڻ جي بجاءِ حقن ۽ تعليم جي ڳالهه ڪئي ۽ سيد ٿي نياڻي پڙهائي.“ اڙي پيڪيج جو وقت پورو ٿو ٿئي جو ڪال ختم ٿي وڃي ٿي.
سپنا بيڊ تي ڪجهه گهڙيون ليٽي پوي ٿي. ڪجهه منٽ ساهي پٽي هٿ منهن ڌوئي اچي رات جو کاڌو ٺاهي بعد ۾ ڪمپوٽر تي ويهي ٿي.
رات ٿي چڪي آهي. ٻار راند روند ڪري ڪمري ۾ وڃي آرامي ٿيا آهن. سپنا پلنگ تي ليٽي هٿ ۾ هڪ ڪتاب کڻي پڙهي رهي هئي جو خبر ئي نه رهي جو امجد اچي ڪپڙا تبديل ڪري ٽريڪ سوٽ ۽ وڏي شرٽ پائي سپنا جي کٻي پاسي کان سمهي پويس ٿو.زال ڀرسان سمهندي ڏسي چويس ٿي. ”ماني!“
”طلب ناهي. سنگت وارن برگر کارايو هُيو ۽ ها سڀاڻي ڪجهه ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون اينديون، انهن جي ماني ٿيندي؟“ مڙس چيس.
بستري ۾ سپنا ستي ڪتاب پاسي تي رکيو جو مڙس جي واتان ايترن ماڻهن جي ماني جو ٻڌي ڇرڪ نڪري ويس ۽ پڇيو: ”ڪيترا مهمان هوندا؟“ هن سمجهيو ته متان تعداد واتان وڌيڪ نڪري ويو هجيس.
”ڏهه ٻارهن، جنهن ۾ ڊاڪٽرياڻيون به شامل آهن.“ امجد ٻڌايس
”نه بابا نه... مون کان ايترن مهمانن جوڪم نه پڄندو. ٻيو توهان ته دعوت ڪلچر جا مخالف آهيو. ٽيون بجيٽ مهيني جي پوري ساري آهي. هن مهيني ادي ڪهول سميت رهي پئي هئي ٻيو ته ايترن مهمانن جي لاءِ طعام ٺهندا ته هڪ ڌڪ ۾ مهيني جي بجيٽ خلاص.“ سپنا چيس.
امجد زال کي چمي ڏيندي چيس: ”بجيٽ جا طعنا مهمانن جي وقت ته نه هڻ!“
”نه بابا نه... ايتري ڪم جو بت ۾ ست ناهي؟ ٻيو ڀلا اچن ڪيئن پيا؟“ سپنا سوال ڪيس.
”اڳيان ڳوٺ آهي، اتي ڊاڪٽرياڻي رهندي آ، ان جي تعزيت جي سلسلي ۾ ويندا ته پوءِ آئون انهن کي رستي ۾ ٿي آيم ته پروگرام ٻڌايائون سو ڪيئن انڪار ڪيان.“ ڊاڪٽر امجد وضاحت ڪندي چيس.
”توهان جو ئي گهر رستي ۾ هُين ڇا؟“ سپنا چڙمان چيس.
”بس تعزيت ڪندي، واپسي تي هتان ماني کائي اڳتي ويندا. آخر ڪليگ به ته آهن.“ ڊاڪٽر امجد عاجزي ڪندي چيس.
”ڪڏهن کان توکي ڪليگ ياد اچڻ شروع ٿيا آهن.“ زال ٽوڪيندي چيس.
”ننڍي ذهن جي آن. شڪ نه ڪبو آ.“ ڊاڪٽر ڳل تي چمي ڏيندي چيس.
”مسڪا نه هڻ... هيترن ماڻهن جي کاڌي ٺاهڻ ۾ بيک ئي نڪري ويندي. ٻيو ته صبح جو ڪم واري بيمار آهي. ٽيون دعوت ته بهانو آ پوءِ ڪلنڪ تي ڪچهري ڪبي مان سڀ سمجهان ٿي، چري ناهيان.“ زال انڪار ڪندي چيس.
”راشن به سڄو وٺي ايندس. ٻيو ماسي حاجران کي وٺي ايندس. ان جو ذمو مون تي آ.“ ڊاڪٽر امجد چيس.
”اهو ته سڀ ٺيڪ آ، پر توهان هاڻ اهي نه رهيا آهيو؟“ سپنا ڏک مان چيس.
”قسم تصوير واري جو، اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي.“ ڊاڪٽر آٿت ڏيندي چيس.
”ڪوڙا قسم نه کڻ.“ زال ٽوڪيندي چيس.
”توکي خبر آ ته آئون ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهيان.“ ڊاڪٽر ڀروسو ڏياريندي چيس.
”هون! ڪوڙا، ڪيترا دفعا قسم کڻي چڪو آهين. ٻيو تنهنجي کنيل قسمن کانپوءِ حرڪتون ساڳيون هِن ڊاڪٽرياڻي سان گهمين ڇا بلڪ شادي ڪري. ڇڏي اٿئي. هاڻ ته ڌيءَ به جوان ٿي اٿئي. ڀينرن کي ته چپاٽ به نه هڻين، مون کي وقت به وقت مارين ڪُٽين، ٻيو ته طلاق جون ڌمڪيون ٿو ڏين؟ آخر توهان مان، مون کي ڪهڙو فائدو. جڏهن تو وٽ ڪجهه به نه هُيو ته مون ساٿ ڏنو. اڄ ڊاڪٽر، سياسي گروپ ۾ دانشور ٿو ليکجين. تنگ به مون کي ٿو ڪرين، بي عمل انسان.“ زال به چئي ڏنس.
”پڪ ٿئي وئي آ ته تو وٽ عقل جي کوٽ آهي.“ ڊاڪٽر به ٽوڪيندي چيس.
”ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو.“ زال ڦهڪو ڪري چئي ڏنس.
”ڇا... ڪهڙو ڪم... تون ته جيون ساٿي آهين؟“ ڊاڪٽر چيس.
”ڪوڙا ڪٿان جا؟ سکڻا چينلن تي چٽپٽا ڊائلاگ ۽ ياحسين سنڌ، ياحسين سنڌ جو ماتم ڪندي ٿڪندو ناهين، اهي انڌن ڪارڪنن کي ته بيوقوف ٺاهڻ لاءِ درست آهي. انٽرويو يا مناظري بعد ميسيج به پاڻ ڪندو آهين.“ زال ڪاوڙ مان چيس.
”چئبو ته ڳالهائڻ سکي ورتو اٿئي.“ مڙس ٽوڪيندي چيس.
”پهرين مان به عشق ۾ انڌي هُيس. ايندڙ ڪالون، ڀريل پرس، شراب ڪباب ۽ سرڪار جي جي حضوري مان سمجهي چڪي آهيان.
توکي ويڙهاڪن جي ڪارڪن سان کنڀي گم ڪيائون، مهينو جيل ۾ رکڻ کان پوءِ توکي ڇڏي ڏنائون، جيڪو به مشهور معروف دانشور اڳواڻ آهي. نڪرندي تو شيطان جي آنڊي جيڏو بيان جاري ڪيو ته ڀل ۾ کنيائون ۽ ڪارڪن اڃان سوڌو ظاهر ناهي.“ زال انڪشاف ڪندي چيس.
”لڳي ٿو فياض مخالف اڳواڻ جون فيشن باز ڇوريون گهر آيون هونديون؟“ ڊاڪٽر شڪي ٿيندي چيو.
”فيشن باز ڇورين جي چوڻ جي ڳالهه ناهي؟“ زال دفاع ڪندي جواب ڏنس.
”پوءِ توکي ڪيئن خبر پئي؟“ مڙس لڄارو ٿيندي چيس.
”فيس بوڪ تي ٿيندڙ تبصرن ۾ پڙهي ورتم. هاڻ اليڪشن جي سياست جا حامي، ٻيا ڌرڻا هڻندڙ، ٽين گروپ ٻوٽا مهم جي ڳالهه ٿي ڪئي ته ڪن جا جهنڊا ئي تبديل، ”ٻيا رڪ جي راند وارا“ انهن ڌڙن کي سمجهي وئي آهيان.“ زال ڇيد ڪري ٻڌايس.
”اهو سڀ مخالفن جي پروپيگنڊا جي ڪري پيو ٿئي. تون سازش سمجهي نٿي سگهين؟“ امجد زال کي چمي ڏيندي چيو.
”جيڪو تنهن جو حال ڏسان ٿي ته ان مان تنهنجو عشق سلامت يا ايمان سلامت سمجهه ۾ اچڻ لڳو آهي.“ زال ٽوڪيندي چيس.
”وري سائين جو جملو (جيڪو جيل مان ڪارڪن ٻاهر ايندو هُيو ته سيد ان کي ملڻ وقت چوندو هو) طعني طور چئي ڏنئي. اهو سڀ سپنا مال اپنا سياست جو حصو آهي.“ مڙس سڌو اعتراف ڪندي چئي ڏنو.
”ٺيڪ آ... اهو تون وڃي پاڻ ڄاڻ... باقي دهمان مون مٿان ڇو؟“ زال چيس.
”سپنا جان بنگلو تولاءِ ٺهي پيو.“ ڊاڪٽرچهنڊي پائيندي چيس.
”تنهنجون تصويرون تحريرون تون ۽ ڪارڪن ڄاڻن. باقي طعنا، مارڻ اهو سڀ تون ان رن جي ڪري پيو ڪرين. نه مُڙين- ته پوءِ تون اڪيلو اڳواڻ ناهين. گهڻا ٻيا به آهن ته سن وارا خود باڪردار اڃان زنده آهن. هاڻ انهن کي دانهن ڏينديس.“ زال ڪاوڙ مان چئي منهن ٻئي پاسي ڪري ٿي ڇڏي.
”پياري سپنا. اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي...“ مڙس پاڻ ڏانهن منهن ڪندي ڀاڪر ۾ ڀريس ٿو.
”هون!“ ڏٽائي.... زال چيس ۽ رات جي سانت ۾ ٻه ٻکين پيل بدن ننڊ جي حوالي ٿي وڃن ٿا.
*